پراڻو مال
ڏينهن آفيس ۾ ڪم وڌيڪ هو. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اليڪشن جا ڏينهن هئا. نمائندن طرفان مختلف خبرون فون تي اچي رهيون هيون. منجهند تائين اخبار جي اندرين صفحن جو مواد ڪمپليٽ ڪري ڇڏيو هو. هاڻي باقي صفحي تي پهرين ۽ ٻئي، ستين ۽ اٺين لاءِ مواد جي ترتيب فون تي ڪري رهيا هئاسين. اسان جو ڪم مواد کي لکي رکڻ جو هو. ان جي ترتيب رات جي شفٽ واراڪندا. اهي اڃا نه آيا هئا. انڪري فون تي خبرون لکندي لکندي دير ٿي وئي. آئون فون تي خبرون لکي رهيو هئس ته هڪ اڌ وهي جي خوبصورت عورت سليٽي رنگ جو پرس هٿ ۾ هئس، وارن کي ڦڻي ڏنل هئي. پر ان باوجود به کليل هئا. گلابي رنگ جي وڳي ۾ انتهائي جازب نظر لڳي رهي هئي. سلام ڪيائين، ويهڻ جو اشارو ڪيم. فون تي ڳالهائي دنگ ڪيم ته هن ڏانهن متوجه ٿيس جيڪا منهنجي اشاري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي منهجي سامهون پيل ڪرسي تي ويهي رهي هئي. مون کي پاڻ ڏانهن متوجه ٿيندي ڏسي مون کي سلام ڪيائين، چيائين ته:
“منهنجو نالو نجم آهي، ۽ آئون انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندي آهيان، توهان جي اخبار ۾ آيل ڪجهه تاريخن جي خبرن واريون اخبارون اسان کان مس ٿي ويون آهن، اگر توهان کي تڪليف نه ٿئي ته اهي اخبارون اسان کي مهيا ڪندا.”
مون هن کان پرچي وٺي پٽيوالي کي ڏني ته هنن تاريخن واريون اخبارون ڪڍرائي اچي. ان سان گڏوگڏ کيس ڀرواري هوٽل تان چانهه ۽ بسڪيٽ آڻڻ جو به چيم. پٽيوالو به سمجهو هو، چانهه ۽ بسڪيٽ پهرين وٺي آيو. چانهه ڪوپن ۾ وجهي بسڪيٽ اسان جي اڳيان رکي هليو ويو. هن ڍير ساريون ڳالهيون ڪيون. هن جا ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا. هن ڪافي مشڪلاتن کانپوءِ تعليم حاصل ڪئي هئي. هن کانپوءِ نوڪري خاطر ڪيترائي ڌڪا کائڻا پيا. پوءِ نيڪ دل آفيسر هن کي انفارميشن آفيس حيدرآباد ۾ نوڪري ڏياري. ان آفيسر جي نيڪي ڳائي ٿڪي نه پئي. ۽ ان کي خوب دعائون ڏيندي رهي. ڪافي دير تائين اسان جي ڪچهري ٿيندي رهي. هن جي ڪري مون کي به ڪافي دير ٿي وئي. پٽيوالو اخبارون کڻي آيو. هن اهي اخبارون سنڀالي پنهنجي ڪاغذن ۾ رکيون. مون کي هن جي ڳالهين ۾ مظلوميت محسوس ٿي ۽ من ۾ رحم جا جذبا پيدا ٿي پيا. هي اُٿڻ لڳي ته مون چيومانس:
“آئون به نڪتس پئي، توهان جي ڪري ويهي رهيس.”
ٻئي گڏجي پريس مان نڪتاسين، پريس مان نڪرندي، رستي تي پنڌ هلڻ لڳاسين، مون کي محسوس ئي نه ٿيو جو اسان ڪافي پنڌ ڪري چڪاهئاسين. هن جي ڳالهين ۾ ايتري ته چاشني هئي جو منهنجو من هن جي ڳالهين ۾ محو ٿي ويو. سامهون انڊس هوٽل اچي وئي. هن کان پڇيم ته:
“ توهان ڪيڏانهن وينديون؟”
چيائين: “منهنجو گهر ڪوٽڙي ۾ آهي، آئون اتي وينديس.”
رڪشه روڪيم، هن کان ڪرايو پڇيم 50 روپيه چيائين. منهنجو هٿ بي اخيتار منهنجي کيسي ڏانهن هليو ويو. ۽ رڪشه واري کي 50 روپيه ڏئي ڇڏيم. هن گهڻو ئي چيو ته ان تڪليف جي ڪا ضرورت ناهي. هو رڪشه ۾ ويهي رهي. ۽ آئون اتي بيٺو ڪافي دير تائين رڪشه کي ڏسندو رهيس. جيسيتائين اهو رڪشه منهنجي نظرن کان غائب نه ٿي ويو. هن۾ الائي ڪهڙو نشو هو...!؟ جو هڪ ملاقات مون کي مدهوش ڪري ڇڏيو. اخبار جي به عجيب نوڪري هوندي آهي. پر دعا سلام ۽ واسطو تمام وڏن وڏن ماڻهن سان پوي ٿو. هن ۾ ڪي اخبار وارا مختلف ماڻهن کان وڏا فائدا حاصل ڪندا آهن. پگهار کان ڏهوڻ تي خرچ ڪندا آهن. پر مون رڪشه واري کي 50 روپين جي باري ۾ سوچي پريشان ٿي ويس ته اڄ گهر پنڌ وڃڻو پوندو. ۽ سڀاڻ گوشت بجاءِ آلو جو ٻوڙ کائڻو پوندو. الائجي ڪهڙين سوچن ۾ هلندي هلندي الائجي ڪيڏي مهل گهر جي دروازي تي پهچي ويس. ٽن ڏينهن کان پوءِ نجم ٻيهر پريس ۾ پهچي وئي. چيائين:
“هي خبر پنهنجي اخبار ۾ هلايو. خبر ڏٺم ته ڪا خاص خبر نه هئي. لڳم ته هي ملڻ جو بهانو هيو. مون خبر ترتيب ڏئي، ڪمپوزنگ سيڪشن ۾ اماڻي چانهه جو آرڊر ڏنم ته فورن منع ڪري ڇڏيائين ته:
“اڄ چانهه انڊس ۾ پئينداسين. پريس جو ڪم جلدي ختم ڪريو.”
۽ ٻاهر نڪري هن سان گڏ رڪشه ڪرايم ۽ انڊس هوٽل تي پهچي وياسين. چانهه بسڪيٽن جي دور دوران اسان ڪافي ڪچهري ڪئي. ۽ واپسي ۾ هن کي رڪشو ڪرائي ڏنو ۽ اسان الڳ ٿي وياسين. اسان جو ملاقاتون هاڻ ڪافي وڌڻ لڳيون. ڪڏهن انڊس ته ڪڏهن المنظر تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن انڊس تي هن جي فرمائش تي ڪمرو بُڪ ڪرايوسين ۽ اسان ڪچهري ۾ ايترو ته محو ۽ مدهوش ٿي وياسين جو مون کي پنهنجي گهر جو هوش ئي نه رهيو. صبح جو انڊس جي ڪمري مان آئون تيار ٿي پريس پهتس. ۽ هو به اتان ئي تيار ٿي پنهنجي آفيس ۾ پهتي. هن اتي اهو ئي انڪشاف ڪيو ته هو مون کان سواءِ رهي نٿي سگهي. ۽ هن جي زندگي ۾ اچڻ وارو آئون ئي پهريون مرد آهيان. منهنجي من ۾ هن لاءِ بي انتها محبت پيدا ٿي وئي. محبت ڇا ٿي وئي آئون هن جي پٺيان چريو ٿي پيس. مون کي ويهندي، اٿندي، گهمندي، ڦرندي اکين اڳيان نجم ئي ڦري رهي هئي. اهڙي ريت اسان اڪثر ڪري پريس، المنظر، ۽ انڊس هوٽل ۾ راتيون گذاريندا رهياسين. آئون رات جو ٺري (ڪچي شراب) جو موالي هئس. پر نجم مون کي اهو به ڀلائي ڇڏيو هو. جڏهن نجم سان هوٽل جي ڪمري ۾ رات گذاريندو هئس ته ان ڏينهن ٺرو مون کي ياد ئي نه هوندو هو. پريس جي نوڪري ڪري ڪافي (ايم پي اي، ايم اين اي) ۽ وڏن وڏن آفيسرن سان ياري هوندي هئي. جيئن ته اليڪشن جا ڏينهن هئا انڪري ڪافي ايم پي اي، ايم اين اي ، سابق ڪائونسلر، سابق ناظم، چيئرمين وغيره جي پريس ۾ ٺٺي لڳي پئي هئي. نجم ۽ منهنجي ملاقاتن جي سلسلي کي ٻه مهينا گذري ويا هاڻ ته ڪا به رات نجم کان سواءِ گذارڻ ڏکي نظر ايندي هئي.
اليڪشن گذري وئي. اليڪشن ۾ سائين ڏکيو شاهه کٽي ويو. سائين سان به منهنجي سُٺي ياري باشي هئي. سائين اڪثر ڪري جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته مون کي لطيف آباد واري بنگلي تي گهرائي ولايتي شراب ضرور پياريندو هو. سائين ڏکيو شاهه سان منهنجي دوستي ڪافي پراڻي هئي. سائين اڪثر اليڪشن ۾ حصو وٺندو هو. سائين پنهنجي نالي جيان ڏکيو، بکيو شاهه هو. اوچتو ئي حڪمران جماعت ۾ اچي ويو. ۽ اليڪشن کٽي ويو. ان اليڪشن کٽڻ کانپوءِ هن خوب ڪمايو. حيدرآباد، ڪراچي ۾ بنگلن سان گڏوگڏ ڳوٺ ۾ به ڪافي زمين خريد ڪيائين. هاڻي سائين کي سياست جو گُر اچي ويو آهي. اڪثر ڪري کٽيل پاسي ئي هوندو آهي. اڪثر نمائندن جا موڪليل بيان جي سائين جي خلاف هوندا هئا. اهي آئون ڦاڙي ڇڏيندو هئس. انڪري سائين مون مان ڪافي خوش هو. ۽ مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. انبن کان وٺي هر تحفو مون لاءِ خريد ڪري ضرور موڪليندو هو. تازي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ سائين موڊ ۾ هو چيائين:
“ڀوتار اڄ ته توکي ولايتي شراب سان گڏ ٻيو ڪجهه به کارائيندس، ڇاڪاڻ ته تو به پريس ۾ ويهي اسان جي خوب خدمت ڪئي آهي.”
سائين سندس پيجارو ۾ ويهاري سندس لطيف آباد واري بنگلي تي وٺي آيو. چيائين ته:
“اڄ اسان جو خاص مال تو لاءِ گهرايو اٿم، منهنجي لاءِ هي مال پراڻو آهي. اڄ منهنجو موڊ خالي پيئڻ جو آهي. اهو مال تنهنجي لاءِ آهي.”
نوڪر ٽيبل تي ولايتي شراب کي سجائي رکيو. سائين نوڪرن کي حڪم ڪيو ته:
“اڄوڪو اسپيشل مال اسان اخبار واري دوست لاءِ مخصوص آهي. ان کي وٺي اچو.”
اهو چوندي سائين شراب جي بوتل منهن تي لڳائي ۽ اڌ بوتل پي ويو. نوڪر چادر ويڙهيل عورت کي وٺي آيو. سائين ڏکيو شاهه اڳيان وڌندي عورت جي مٿي تان چادر لاهي چيو ته:
“منهنجي من موهڻي پوپري! اڄ اسان جو نه پر اسان جي هن صحافي دوست جو دل وندرائي.”
مون جڏهن عورت کي ڏٺو ته منهنجو وات ڦاٽي ويو. منهنجي سامهون نجم بيٺي هئي.