ڪملا !
ڪملا سورنهن سالن جي ڄمار ۾ پير رکندي ئي پنهنجي سُونهن ۾ بي مثال بڻجي پئي هئي. ڳوٺ قاسم ڪوٽ جو هر ڳڀرو پاڻ سنواري ڪملا کي پاڻ وڻائڻ پئي چاهيندو هو پر ڪملا ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ به پسند نه ڪندي هئي. پر ڪالهه کان ڪملا جي هلت ۾ فرق اچي ويو. سهيلين سان ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ ۽ ويندي ويندي گنگنائڻ سڀ ڪجهه وسري ويو هئس. رات ته ننڊ به سولي ڪا نه آيس. ڄڻڪه ڪجهه وڃائجي ويو هجيس. سج نيزي پاند آيو ته ماني کڻي ٻني ڏانهن رواني ٿي، پڻس ڪالو پوڙهو هوندي به وڏيري جي ٻني تي هارپو ڪندو هو. ڪالو کي بس هڪ ئي نياڻي ٿي سابه اهڙي سهڻي جو هر ڪو ويندڙ بيهي رهي. ۽ کيس ڏسڻ کانسواءِ نه رهي. ڪملا ڳوٺ کان ٻاهر نڪتي ته سامهون اهو ئي ڪالهوڪو نوجوان نينگرايندي ڏٺس.... جنهن سندس نيڻ جي ننڊ ڦٽائي، چين آرام حرام ڪري ڇڏيو هو. ٻئي جڏهن هڪٻئي کي ويجها پهتا ته ڏسندا ئي رهجي ويا. ڪملا ڪنڌ جهڪائي رحيم بخش جي پاسي مان گذرڻ لڳي ته رحيم بخش ٻانهن کان جهلي چيس:
“سهڻا ماڻهو! ايتري لئي به چڱي ناهي، ڪجهه اسان پرديسين جو به حق آهي.” ڪملا ماٺ ڪيون بيٺي رهي.
“ڪملا... ! اڳتي ته ڪنهن کي ڳالهائڻ ۾ وارو نه ڏيندي هئين، گڏجي رانديون ڪندا هئاسين ته هرطرف کان تنهنجا ٽهڪ ٻُرندا هئا. اڄ هي ڇا ٿي ويو اٿئي !؟”
ڪملا وڏو ساهه کڻي چيو: “رئيس ننڍا ! اهي ننڍي وَهي جون ڳالهيون هيون، هاڻ اهو سڀ ڪجهه نٿو ٺهي...”
“ڇا چئي رئيس ....! اڙي تون ته مون کي ڪاوڙائڻ لاءِ رحيمون چوندي هئين.... ۽ اڄ نالو ته نٿي وٺين ماڳهين رئيس.....!!!”
ڪملا اڳتي وڌندي چيو: “رئيس گس ڏيو ته وڃان، ڪو ڏسندو ته ڇا چوندو ...!؟”
“ڇو ڪير ڇا چوندو !؟ ڪنهن جي ڪهڙي مجال جو مون کي ڪجهه چوي....”
“رئيس اوهان کي نه پر اسان غريبن کي ته هر ڪو مِهڻا ڏئي سگهي ٿو....”
“وري به رئيس.... ڪملا تون مون کي منهنجي نالي سان سڏ... ۽ ٻي ڳالهه ته ڪو به ڊپ نه ڪر آئون جو آهيان نه ....”
رحيم بخش ڪملا کي اشارو ڏنو ۽ پاڻ اچي ٻٻر جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺو. “ڪملا ويهه ...!”
“نه .... نه .....!”
“اڙي ويهه نه ....!” رحيم بخش ڪملا کي ٻانهن مان جهلي سامهون ويهاريو. پهريان ننڍپڻ جون ڳالهيون، پوءِ ڳوٺ جون خبرون چارون ۽ پوءِ رحيم بخش پنهنجي پڙهائي جو ٻڌايو ته آئون انٽر ۾ پڙهان پيو ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو بنگلو آهي اتي رهان پيو.
ڪجهه دير کانپوءِ ڪملا چيو:
“رحيم بخش ! ڀلا هاڻ وڃان، بابا انتظار ڪندو هوندو.”
“ٺيڪ ....” رحيم بخش ائين چئي اُٿيو. ۽ ڪملا کان وري سڀاڻي ملڻ جو واعدو ورتائين. ائين ڏينهن گذرندا ويا ۽ رحيم بخش، ڪملا جي قرب ڪچهرين جي ڪهاڻي ڳوٺ جي ماڻهن جي زبانن تي حرڪت ڪندي رهي. ۽ هوڏانهن رحيم بخش ۽ راتين جو راتيون جاڳي پيار ونڊيندي جڳ جهان کان بي خبر رهندي، الائي جو ڇا مان ڇا ڪندا رهيا.... هڪ ڏينهن ڪملا کي اُداس ڏسي رحيم بخش چيو:
“ڪملا! ڪجهه پريشان ٿي ڏسجين، ڪهڙو مسئلو آهي.؟”
“هونءَ.... ڪجهه به نه .... ”
“تڏهن به .....”
ڪملا ڳالهايو: “آئون سوچيان ٿي ته تون وڏيري جو پُٽ، سيد ذات ۽ آئون ڪالو جي غريب مسڪين گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪُولهڻ، پنهنجو ناتو گهڻو عرصو شايد نه هلي سگهي....!”
“اڙي چري ! ڪهڙيون ٿي خبرون ڪرين... آئون رڳو تعليم مڪمل ڪريان پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿا پنهنجو ميلو ڪريون....!”
ڪملا ڀڻيڪي.... “پر تيسيتائين....”
“پر تيسيتائين ڇا .....!؟” رحيم بخش پڇيو.
“تسيتائين آئون ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل رهنديس...”
“ڇو ڇا ٿيو ....!؟” رحيم بخش چيو
“ڇا وري ڇا ٿيڻو آهي، اهوئي ڪجهه ٿي ويو آهي، جيڪو مرد ۽ عورت جي ملڻ سان ٿئي ٿو.... ”
“ڇا ٻار .....!؟”
“ها.....”
“خير آهي آئون اڄ ئي بابا سان ڳالهايان ٿو، باقي تون ته مذهبي قرباني ڏيندينءَ نه ....”
“دل، جسم، جان ڏيئي ڇڏيم باقي مذهب بدلائڻ ۾ ڇا هي !؟”
“ٺيڪ ... پوءِ آئون هينئر ئي وڃي بابا سان ڳالهايان ٿو، تون پريشان نه ٿي.” رحيم بخش ويو، ڪملا پنهنجي منهن مرڪڻ ۽ من ئي من ۾ خوش ٿيڻ لڳي.
سج لهڻ تي هو، وڏيرو مير محمد اڃان گهر ۾ ئي هو. رحيم بخش سوچي رهيو هو ته ڪهڙي طرح بابا سان ڳالهايان!! مير محمد پٽس جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو:
“پُٽ تنهنجون موڪلون پوريون ٿي ويون هونديون....!؟”
پٽس ورندي ڏني: “ها بابا! سڀاڻي کان ڪاليج کُلي ويندا.”
“ته پوءِ پُٽ اڃان وڃڻ جي تياري نه ٿو ڪرين !؟”
“بابا هڪ مسئلو آهي.”
“ڪهڙو مسئلو آهي؟ مون کي ٻڌائي آئون ويٺو آهيان، پريشان ڇو ٿو ٿئين...!؟”
رحيم بخش هٻڪندي چيو: “بابا! آئون شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.”
پڻس جي چهري تي مُرڪ تري آئي. مسڪرائيندي چيائين:
“ته اهيا ڳالهه آهي، چئبو ته صاحب کي ڪا پسند اچي وئي آهي. ڀلا ٻڌائي اها ڪهڙي راڻي آهي. جيڪا منهنجي پُٽ جي تخت تي ساڻس گڏ ويهندي....!؟”
رحيم بخش ڊڄندي چيو: “ڪملا ....!”
“ڪملا ڪهڙي !؟”
“بابا هوُ ڪالو واري ڌيءَ !”
“ڇا.....!؟؟ دماغ ته ٺيڪ اٿئي، ڪولهڻ کي آئون پنهنجي ننهن ڪندس....!؟ سڄي جهان مان توکي بس اهائي نظر آئي ته ڪملا.... منهنجي جوُٺن تي پلجندڙ خاندان ڪولهي جي ڌيءَ.... واهه ڙي پُٽ واهه..... ” وڏيرو تپي باهه ٿي ويو.
رحيم بخش ڪجهه دير ماٺ کانپوءِ ڳالهايو:
“بابا ! اوهان به ته هڪ ڪولهڻ ويهاري هئي .”
“ها مون هڪ ڪولهڻ ويهاري هئي، ڪو نڪاح ته نه ڪيو هو. پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ شريڪ نه ڪيو هئم”
“پر بابا! آئون ته هن کي مسلمان ڪري پنهنجي زال بنائيندس.”
“هئي .... هئي ..... ڊيڊ..... پوءِ به ڊيڊ ! کڻي دريائن ۾ ڌوئينس، سڏجي وري به ڪولهي ڪالو جي ڌيءَ...!”
“بابا.... ڪملا کي مون مان پيٽ ٿي ويو آهي. ۽ اسان هڪٻئي سان بيحد پيار ڪيون ٿا. مون واعدو ڏنو آهي سو هاڻ مون وٽان بيوفائي ڪا نه ٿيندي .”
وڏيرو مير محمد چُپ ٿي ويو. ڪجهه ٿڌو ٿيندي چيائين:
“تون اڄ ئي ڪراچي وڃ هليو، پويان مسئلي کي آئون پاڻهي منهن ڏيندس.”
“بابا مون چيو نه هاڻ مونکان پُٺي ڏني ڪا نه ٿيندي ..”
پُٽ جو فيصلو ٻڌي وڏيرو سوچ ۾ پئجي ويو. آخري فيصلو ٻڌائيندي چيائين:
“ته تون ضد تان نه لهندين .... پوءِ اڄوڪي رات ڇڏي، ٻي رات تنهنجي رشتي لاءِ ڪالو کي گهرائيندس.”
وڏيرو ڪاوڙ، غصي ۾ اوطاق تي پهتو. کوڙ ماڻهو سلامي هئا. وڏيري ڪمدار سڀني کي واپس موڪلي ڇڏيو. ۽ ڪمدار سان ضروري ڳالهيون طئي ڪري ٻني تي روانو ٿي ويو. رات جو پيءُ پُٽ ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ نه ئي ڪملا سان رحيم بخش ملي سگهيو.
رات جي ٻئين پهر ۾ هڪ فائر ٿيو، ڪُتا ڀونڪيا ۽ رات جي اونداهي ۾ خاموشي ٿي وئي .
ڪمدار صدوري کي چيو:
“ڏسجانءِ.... متان ڪولهين مان ڪو جاڳندڙ نه هجي ۽ احتياط ضروري آهي. ڇو ته وڏيري جو چوڻ آهي ته ننڍي رئيس کي کُڙڪ به نه پئي ته هي سڄو ڪم مون ڪرايو آهي.”
“ٺيڪ ڪمدار ..... ٺيڪ ” ائين چئي تازي رت وهندڙ لاش کي ٽنگن کان ڪمدار پڪڙيو ۽ ٻانهن کان صدوري .... ڪالو جي گهٽي جو ڊينگهر لاهي، ٻئي ڄڻا لاش گهليندا گهر ۾ داخل ٿيا ڏکڻ کان ڪالو جي کٽ پيل هئي. ۽ اُتر طرف ڪملا گهري ننڊ ۾ هئي. ڪمدار اشارو ڪيو ۽ لاش کي ڪملا جي کٽ تي اُڇلي، فائر ڪيائون.... ڪملا ريهه ڪئي ۽ ڪملا جو پيءُ ڇا آهي .... ڇا آهي؟ چوندو اُٿي کڙو ٿيو.
ٻه لاش ڪالو جي گهر ۾ کٽ تي پيا آهن. ڳوٺ مڙي پيو آهي، ڪالو ڪنڌ جهڪايو پَٽ تي ويٺو آهي. وڏيرو اچي ٿو ساڻس رحيم بخش به آهي. رحيم بخش بُت بڻجي ڪملا جي کٽ کي ڏسندو رهي ٿو . وڏيرو ڪمدار کان پُڇي ٿو.
“ڪاري جي خبر پئي يا نه ؟ ڪٿان جو ۽ ڪير آهي؟”
“نه سائين صرف ماڻهو اهو ٿا ٻڌائن ته ڪجهه ڏينهن کان اهو ماڻهو ڪالو جي ٻني وٽ ڏٺو ويو هو !”
“پوءِ ٻنهي کي ڀر واري ٻيلي ۾ اُڇلي اچ ....!”