ڪھاڻيون

ڇڻيل گُل

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
Title Cover of book ڇڻيل گُل

ڀاءُ !

ڀاءُ !

ڪاليج کان گهر موٽيس ته ڪتاب ميز تي رکي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ جيئن ئي باٿ روم جي در وٽ پهتس ته سُتت ئي ڇرڪي پوئين پير هٽيس. ڏٺم هڪ نوجوان عورت منهنجي باٿ ۾ وهنجي رهي هئي. منهنجي سامهون اچڻ ڪري هوءَ به ڇرڪي پئي هئي. هن باٿ روم جو در اندران آئون به وڏي محنت کانپوءِ بند ڪندو آهيان سو هن کان ڪٿي ٿي بند ٿيو. هوءَ ڪير آهي؟ هيستائين ڪيئن آئي؟ انهي عورت بابت پڇڻ لاءِ ڀڄندو بورچيخاني ڏانهن ويس ته امان به پريان آئي. سو ملي وئي. مون کي ڏسي چيائين:
“اچي وئين پُٽ .... ! ”
مون ڪجهه پڇڻ چاهيو انهي کان اڳ امان غمزده ٿيندي چيو:
“ڏُک جي ڳالهه ته تنهنجو مامو گذاري ويو.”
“امان.....!” مون کان صرف اهو اُڪليو.
“ها پُٽ ! ” امان ڳالهه کي جاري رکندي چيو:
“هو گذريل ويهن سالن کان اسان کان پري هو. هن خانداني روايتن کي ڇڏي هڪ غير ذات جي عورت سان شادي ڪئي هئي. جنهن ڪري کيس خاندان وارن برادري مان ئي ڪڍي ڇڏيو هيو. نه هو مائٽن ۾ ايندو هو، ۽ نه ئي ڪو هتان ڏانهنس ويو ٿي. آئون هڪ دفعو ڏانهس وئي هئس. جڏهن سندس گهر واري گذاري وئي هئي.... ادا جي ڌيءُ اڃان سال جي مس هوندي. پوءِ تنهنجي مامي پنهنجي ڌيءُ کي ماءُ بڻجي پاليو. ڌي جوان ٿيس ته پاڻ کي نه ڄاڻ ڪهڙي بيماري اچي ورتس جو هلڻ کان به هلاڪ ٿي ويو. بيماري ۾ ئي ڌڻيس کي اسانجي گهر جو ڏس پتو ڏنو ۽ کيس چيائين ته تون منهنجي ڀيڻ جي گهر هلي وڃ، هو توکي ماءُ وانگي پيار ڪندي پر ڌي هنکي اهڙي حالت ۾ نه ڇڏيو. نيٺ ادا وفات ڪري ويو. اسان مان ڪنهن کي به خبر نه پئي ! اڄ هفتي کانپوءِ منهنجي ماءُ جي نشاني مون وٽ آئي آهي. ”
امان جو گلو ڀرجي پيو، اکيون ترٿي ويس. امان کي ڀاڪر پائي دلداري ڏنم ۽ پوءِ پڇيم:
“اها ڇوڪري آهي ڪٿي !؟”
لڙڪ اگهندي چيائين: ڪجهه دير ٿي آهي جو وهنجڻ وئي آهي.”
ڳالهه وڃي اُتي دنگ ڪيو ته اها وهنجڻ واري منهنجي مامي جي ڌيءُ منهنجي ماروٽ هئي. ايتري ۾ ماروٽ بليو رنگ جي وڳي ۾ آلن وارن کي هٿ هڻندي اچي پهتي. مون کي ڏسي ڇرڪي پئي. امان يڪدم تعارف ڪرائيندي چيو: !
“هي آهي تنهنجي مامي جي ڌيءُ روزينه”
۽ امان مون کي ڀاڪر ۾ وجهندي چيائين: “هي آهي منهنجو پُٽ شهزاد....!”
۽ مون مرڪندي چيو : تخلص “راهي ” اٿم.
مرڪي چيائين : “خوب ! چئبو ته ادبي ذوق به اٿو، مون کي ادبي شخصيت سان ملڻ جو شوق رهيو ئي رهيو آهي. ”
“هن تازو انٽر جو امتحان ڏنو آهي، بي اي لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندي.” امان هن جو وڌيڪ تعارف ڪرائيندي چيو.
“اوهه ! اها ته تمام سُٺي ڳالهه آهي.”
۽ پوءِ مون روزينه سان مخاطب ٿيندي چيو: “آئون به ڄامشورو ۾ پڙهان پيو، هڪٻئي کي ويجهو هونداسين. اميد ته توکي ڪنهن به دشواري جو منهن ڏسڻو نه پوندو.”
هن مرڪي چيو: “مهرباني ”
تيسيتائين امان اسان جي ڳالهين جو سلسلو ٽوڙيندي چيو:
“انهن ڳالهين لاءِ اڃان وقت پيو آهي، ماني تيار آهي، پهرين ماني کائو، پوءِ اوهان جي مرضي.”
“امان آئون هٿ منهن ڌوئي اچان....” ائين چئي جيئن ئي باٿ روم ۾ گهڙيس ته ڌيمي ڌيمي مهڪ ۽ ڀنل وارن جي خوشبو محسوس ڪيم. ذهن روزينه جي تصور ۾ غائب ٿي ويو.
ڏينهن گذرندا ويا، ۽ منهنجي من ۾ روزينه لاءِ محبت جيئن پوءِ تيئين وڌندي وئي، آئون روزينه کي پيار مان “روزي” سڏڻ لڳس. ۽ هو مون کي راهي ڪري سڏيندي هئي. پر جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو موجود هوندو هو ته هو “ادا شهزاد !” چوندي هئي ته ان پل منهنجي ذهن کي شديد جهٽڪو لڳندو هو ۽ پاڻ کي پاتالن ۾ ويندي محسوس ڪندو هئس.
روزينه اڪثر مون کي “راهي صاحب” چئي نئين شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندي هئي ۽ شعر ٻڌڻ کانپوءِ وري به اها ئي ڳالهه چوندي هئي:
“ڀلا توهان شاعرن وٽ درد، سوز، ڏک کانسواءِ ٻيو ڪجهه به آهي يا ...!!؟
آئون هر دفعي ڪوشش ڪندو هئس ته کيس چئي ڏيان :
“اهي منهنجي قلم مان نڪتل درد جا نوحا، منهنجي دل مان صرف تنهنجي ڪري ئي نڪرن ٿا.” پر هر ڀيري نه چئي سگهندو هئس ۽ روزينه اُٿي ويندي هئي. بي چين ، بي آرام ٿي پوندو هوس. چاهيندو هئس ته وڏي واڪي رڙيون ڪري سموري دنيا کي ٻڌايان ته مان روزي سان محبت ڪريان ٿو پر ائين ناممڪن هو. آئون جو هڪ روزينه سان ئي اظهار ڪري نه پئي سگهيس سو ڪٿي ٿي ساري جڳ اڳيان زبان کولي سگهيس !
هڪ ڏينهن بي چين ٿيندي يونيورسٽي پهتس. دل ۾ اهو ئي ارداو هو ته اڄ روزي کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس . گهر ۾ ته موقعو ئي نه ٿو ملي. ڪجهه دير جي تلاش کانپوءِ هوءَ مون کي آرٽس فئڪلٽي وٽ ملي وئي. ساڻس هڪ خوبصورت نوجوان ڏسي منهنجو من جلڻ لڳو. اها رقابت منهنجي محبت جي نشاني هئي. روزي ويجهو ايندي چيو:
“هيلو ادا .... ! ڪيئن هيڏانهن نڪري پيا؟”
اهي لفظ ٻڌي ڪارو ٿي ويس. بس ايترو چيم ته: “ڪنهن دوست سان ڪم هو، چڱو جو ملاقات ٿي وئي.”
۽ پوءِ روزينه نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو : “هي آهي امتياز منهنجو ڪلاس فيلو” ۽ امتياز ڏانهن منهن ڪندي چيائين:
“هي آهي مسٽر شهزاد راهي، اديب آهي ۽ منهنجو ڪزن ٿئي”
اتان جلدي واپس موٽيس. دل ۾ دردن جا دونهان دُکي پيا هئا. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. آخر مون کي ڇا ٿي ويو آهي. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيم ته هاڻي جلد کان جلد مان پنهنجي دل جي تڙپ روزي سان بيان ڪندس. کيس چوندس ته: “روزي مان توسان پيار ڪيان ٿو. اهو پيار جو مجنون ليلا سان، سسئي پنهون سان، سهڻي ميهار سان، راءِ ڏياج سورٺ سان ۽ وامق عذرا سان ڪيو هو. ” ٻئي ڏينهن ئي روزي گهر ۾ اڪيلي ملي وئي. امان پاڙي ۾ ويل هئي. سوچيم ته موقعو مناسب هٿن مان نه وڃايان. پنهنجي دل جو بوجهه لاهڻ لاءِ روزي کي سڏ ڪيم. روزي.....!!!
ڄڻ ڪو وڏو ڪم ڪري وڌم، دل ڌڙڪي پئي، چپ رڦيا پئي، روزي ڪجهه ويجهو ايندي چيو:
“راهي صاحب ! خيرته آهي نه !؟”
روزي شرارتي لهجي ۾ ڳالهايو ته مون پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪندي چيو ته:
“اوهان سان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي. ”
“جي فرمايو !” روزي وري به سنجيده نه ٿي.
مون چيو: “مذاق ڇو ٿي ڪرين !؟”
روزي چيو: “اڄ سائين جن کي ڇا ٿيو آهي !؟”
“وري به شرارت !” روزي مون ڏانهن نهاريندي رهي ۽ مون همت ڪيو. چوڻ شروع ڪيو:
“روزي ....!”
۽ ٻاهريون در کُليو. آئون چپ ٿي ويس. امان گهر ۾ گهڙي آئي. ته ايندي چيائين:
“ڪهڙيون پيا ڪچهريون ڪيو...؟”
ته روزي مون کي چيڙائيندي چيو ته: “اڄ صاحب جن کي الائي ته ڇا ٿي ويو آهي...؟”
ته مون کوکلي مرڪ مرڪندي چيو: “امان مون ٿي چاهيو ٿي ڪجهه روزي کي سنجيده ڪريان پر هن تي ڪو اثر ئي نه ٿو ٿئي. اها ئي مشڪري بس !”
۽ آئون اتان اُٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. الائي ڪيسيتائين سوچيندو رهيس روزي تي، پنهنجي بيوسي تي. پر مايوس نه ٿيس بس موقعي جي تلاش ۾ هئس. هڪڙو موقعو مليو مس ته امان عين وقت تي پهچي وئي. نه ته جيڪر روزي سان اظهار ڪري چُڪو هجان ها. وقت گذرندو ويو. درد وڌندا ويا. روزينه ڊاڪٽري جو امتحان ڇڏيو. اڄ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس ته امان چيو:
“پُٽ ! اُٿي هل ! مهمان آيا، انهن سان مل.”
ته مون چيو: “امان ڪير !؟”
ته امان چيو : “پُٽ روزينه جو ڪلاس فيلو امتياز، سندس پيءُ .....” اهو ٻڌندي ئي زمين منهنجي پيرن هيٺيان کسڪندي محسوس ٿي.
مون چيو: “ نه امان ! آئون نه ٿو ملان منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي.”
“ابا ! ڇا ٿيو ٿئي؟”
“بس امان وڃ ، چيم ته نه ٿو هلان !”
“پر پُٽ ! هو ته چون ٿا اسان کي روزينه جي ڀاءُ سان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي.”
“ڪهڙي ضروي ڳالهه....؟” مون بيزار ٿيندي چيو .
“پُٽ ! روزينه ۽ امتياز هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ روزينه هنن کي تنهنجي نالي ٻڌايو آهي ته اهو منهنجي ڀاءُ وانگي آهي. رشتو به اهو ئي طئي ڪندو.”
منهنجي نرڙ مان پگهر وهي نڪتو. سڄو بدن رڦڻ لڳو. ماٺ ۾ ڏسي امان چيو: “امتياز جو پيءُ هلندي پڄندي وارو آهي، پنهنجا ڪاروبار اٿن، گاڏيون، موٽرون ڌار... اسان جي روزينه سُکي رهندي. ٻيو ته سندس مرضي جو به خيال رکڻو آهي.”
آئون سوچن جي پاتالن مان نڪري اٿيس ۽ پنهنجي دل تي پٿر رکي روزينه جي شادي جي سلسلي ۽ سندس خوشي خاطر هڪ ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيم ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کي هڪ خواب هڪ ڊرامو لڳو.