بيٺل ماڻهو
ڪمري ۾ ويٺي هڪ ڪتاب جو مطالعو ڪيم ته در تي ٺَڪ ٺَڪ ٿي، اُٿي دروازو کوليم، هڪ اوپرو همراهه اڌڙوٽ عمر وارو بيٺل هو. ڪمري اندر هليو آيو. مون کيس ويهڻ جي صلاح ڪئي، پاڻ ڪرسي تي ويهي رهيو هيس. هو ڪرسي تي ويهڻ جي بجاءِ منهنجي ڀر ۾ بيٺو رهيو. مون خير عافيت پڇي ته چيائين:
“پُٽ تو وٽ هڪ ڪم سان آيو آهيان.”
مون چيو: “فرمايو، مان توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟”
ته بيٺل اوپري شخص سنجيده ٿيندي چيو:
“مان اوهان کي پسند ڪريان ٿو....”
“جيءُ....!!!؟؟؟” مون حيرانگي مان چيو. “توهان جو مطلب ڇا آهي ؟”
بيٺل ماڻهو وڌيڪ سنجيده ٿيندي چيو: “مطلب آسان آهي ته آئون توکي پنهنجي فرزندي ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.”
مون چيو: “مان ته اوهان کي سُڃاڻان به ڪو نه.....”
هن وراڻيو: “مان توهان لاءِ نئون آهيان، توهان جي ضلعي جو ناهيان پر مان توکي چڱي طرح سُڃاڻان ٿو. نهايت لائق ۽ فرمانبردار نوجوان آهين، تنهنجي نالي کان واقف آهيان، سُٺو ليکڪ به آهين.”
“توهان جو اصل مقصد ڇا آهي؟ مان سمجهي ناهيان سگهيو.” مون عجب ۾ پوندي پڇيم.
وراڻيائين: “پُٽ منهنجي ڌيءُ انٽرپاس ڪيو آهي، تون جي تعاون ڪندين ته ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي ويندي.”
مون ڳالهه کي ڪجهه سمجهندي چيو: “تعاون مان اوهانجو مطلب ڇا آهي !؟”
“منظور صاحب! صفا سولي ۽ آسان ڳالهه آهي، اوهين جيڪڏهن منهنجي ڌيءُ لاءِ “ها” ڪندو ته منهنجي ڌيءُ سان منهنجي پُٽ جو مسئلو به حل ٿي ويندو. انهي جي به ميڊيڪل ۾ سليڪشن ٿي ويندي.”
مون ڳالهه سمجهي ورتي، پوءِ به ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ چيم: “پر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي؟ مون کي کولي سمجهايو.”
بيٺل اوپرو ماڻهو ڪجهه قدر سنجيدگي مان نڪري مرڪڻ لڳو، چپن تي هلڪي مرُڪ هيس. “معنى ته اوهين منهنجا فرزند ٿيڻ لاءِ تيار آهيو ته جڏهن اوهان منهنجي ڌيءُ جا وَر ۽ منهنجي پُٽ جا ڀيڻيا ٿي ويندا ته منهنجي ڌيءُ جو ڊوميسائيل به هن ضلعي جو ٺهي پوندو، پي آر سي ملي ويندي، انهي کانپوءِ ظاهر آهي ته سندس ڀاءُ جي مدد تون ڪندين، انهي جو ڪم ٿي ويندو ۽ ٻئي ميڊيڪل ۾ هن ضلعي جي ڪوٽا تي کڄي ويندا. ڇو ته !؟ هن ضلعي جي ڪوٽا اڪثر خالي رهي ٿي. سيٽون وڌيڪ هجن ٿيون ۽ شاگرد گهٽ اچن ٿا....”
مون بي اطمناني مان چيو: “ته آئون اڳ ۾ ئي شادي شده آهيان ٻيو ته مون کي نئي شادي ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي.”
بيٺل ماڻهو مون ڏانهن معصوميت مان ڏسندي ڌيرج سان چيو:
“خير آهي، تون عارضي طور منهنجو ناٺي ٿي وڃ، ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڀلي تون منهنجي ڇوڪري کي ڇڏي ڏجانءِ، انهي ۾ منهنجي ٻارن جي مستقبل جو حل آهي.”
مون ڪاوڙ مان چيو: “مهرباني ڪري مون کي مطالعو ڪرڻ ڏيو، ۽ اجايو پنهنجو وقت وڃائي مون کي تنگ نه ڪريو، آئون ڪنهن به عارضي شادي جي موڊ ۾ ناهيان، اوهين وڃي سگهو ٿا، آئون اوهان جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگهان.”
ڪجهه دير جي ماٺار کانپوءِ بيٺل اوپري شخص ڳالهائڻ شروع ڪيو: “مون به چاهيو پئي ته اوهين ڪجهه وقت لاءِ سُڪون حاصل ڪريو، ۽ ان جي بدلي منهنجي نسل جو مستقبل ٺهي پوي، پر شايد اوهين اهڙن مزن کان اڳ ۾ ٿڪل آهيو. سو هي وٺو....!!!”
ڳاڙهن نوٽن جي سَٿي منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکيائين. مون منهن مٿي ڪري کيس نهاريو ته مُرڪي چيائين: “ڇا اهي به ٿورا آهن ته پوءِ ٻيڻا ٿي ڪيون....”
ائين چئي ٻي دستي به ٽيبل تي رکندي چيائين: “هاڻ ويهه هزار پورا آهن، بس رڳو تون ڊوميسائيل ٺهرائڻ ۾ ڪجهه پوانئٽن تي اسان جي مدد ڪندين.”
مون نوٽن ڏي نهاريو، اهي ڳاڙها نوٽ مون کي منهنجي ضلعي جي اٻوجهه ماڻهن جو خون نظر آيو. مون ڪاوڙ مان اهي نوٽ دروازي ڏانهن اُڇليا ۽ بنا نهارڻ جي چيم:
“اسان گهر آئي جي عزت ڪندا آيا آهيون، مهرباني ڪري هاڻي هليا وڃو نه ته ......... !!!؟”
ڪجهه دير کانپوءِ نگاهه مٿي کنيم ، اهو اوپرو ماڻهو ڪمري ۾ نه هو.