ڪھاڻيون

ڇڻيل گُل

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
Title Cover of book ڇڻيل گُل

ڪِريا ڪاڪ محل !

ڪِريا ڪاڪ محل !

ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو ٻئي ڪراچي جهڙي خوبصورت ۽ بين الاقوامي شهر ۾ ڄاوا، نپنا ۽ پڙهيا. هائوس جاب به ڪراچي ۾ ئي ڪيائون. سرڪاري نوڪري جي ٻئي خلاف هئا. ڊاڪٽر ماڻڪ جو پيءَ پنهنجي دور جو ڪامورو هو. مال به سُٺو ميڙيو هئائين. ڪراچي ۾ سُٺي نموني ڪاروبار به ڦهلائي چڪو هو. ۽ سندس سرڪاري کاتن ۾ چڱي رهائي رسائي هئي. انهي ڪري سندس خيال هو ته پُٽ ۽ ننهن کي جلد کان جلد نوڪري وٺرائي ڏيان. جڏهن ڊاڪٽر ماڻڪ جو خيال هو ته هو ڪراچي ۾ ئي ٽاپ ڪلاس جي اسپتال جوڙي پر ان جي برخلاف سنڌو جي خواهش هئي ته هو پنهنجي ناناڻي ڳوٺ سائين شاهه ۾ اسپتال کولي. ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته ٻهراڙي جي ماڻهن جون دليون جبل جيڏيون اوچيون ۽ سمنڊ وانگي گهريون هونديون آهن. جيڪي مهمان اچڻ تي پنهنجو مان مٿانهون سمجهن ٿا. جن جي زندگي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ختم ٿيو وڃي. ماڻڪ کي سنڌو جي خدمت واري جذبي جو احترام هو پر هو سائين سکئي شاهه جي افعالن مان واقف هو. جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو بي تاج بادشاهه آهي. ڳوٺ ۾ هر ڪاري اڇي جو مالڪ آهي. ماڻهو مارائڻ کان ڳوٺ جي نياڻين جون عزتون لُٽڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. آخرڪار سُهري ۽ وَر ڊاڪٽر سنڌو اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. ڊاڪٽر ماڻڪ مجبور ٿي پنهنجي ڪلينڪ سائين سکئي شاهه جي ڳوٺ ۾ کولي. ويندي وقت ڊاڪٽر ماڻڪ جي پيءَ، پُٽ ۽ ننهن کي سمجهائيندي چيو ته:
“سُکيو شاهه ڏنگو ماڻهو آهي، مون اڳواٽ ئي اتي جي چڱن ماڻهن ۽ بالا آفيسر کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي. سُکيو شاهه ڪُڇندو ڪو نه پر پوءِ به احتياط ضروري آهي. انهن وڏيرن کي تعليم ۽ صحت سان دشمني تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن عام ماڻهو تعليم وٺڻ لڳن يا عام ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملڻ لڳن.”
سائين سُکيو شاهه خانداني وڏيرو آهي. سو پنهنجي علائقي ۾ هلندي پُڄندي وارو ماڻهو آهي. ٽي شاديون ڪيائين، هڪ ڏاڏي پوٽي، ۽ ٻه لاهوري عورتون هٿ ڪيون اٿس. لاهوري زالن مان ڪو به اولاد نه اٿس. شايد انهن مان نسل وٺڻ ئي ڪو نه ٿو گهري. باقي ڏاڏي پوٽي زال مان پنج ٻار ٿيا، پنجئي ڄمڻ کانپوءِ جلد گذاري ويا آخر ۾ پُٽ ٿيو، جنهن جو نالو الله بچايو رکيائون ۽ بچي ويو. الله بچايو 20 سالن کان مٿي آهي. انهيءَ جا افعال به پڻس کان گهٽ ڪونهن. ڳوٺ جي نياڻين ۾ هٿ وجهڻ ته معمول اٿس. جاڙي جي ڪنوار جي ٻه ڏينهن ئي لڄ لُٽي هئاسين ته جاڙي وڃي خودڪشي ڪئي. سوڍي جي ڀيڻ جي عزت تار تار ڪيائين، سوڍي جهنگ منهن ڪري اڄ تائين ڪنهن ڪونه ڏٺو. ماڻس چري ٿي وئي.گهڻين نوجوان نارين کوهن ۾ ٽپا ڏئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جي ڪنهن سُکئي شاهه کي بچل شاهه جي دانهن ڏني ته ايترو چئي دانهن آڻيندڙ کي ماٺ ٿي ڪرايائين:
“بابا! اميراڻو ٻار آهي، مڙئي رونشو ڪندو هوندو، هروڀرو کڻي ماڻهن کي ڳالهين ٺاهڻ جو شوق ٿيو آهي. پر منهنجو پُٽ اڃان ٻار آهي، وڏو ٿيندو ته ٺيڪ ٿي ويندو.”
سنڌو جڏهن سُکئي شاهه جي ڳوٺ ۾ پهرين ڏينهن ڪلينڪ ۾ ويٺي ته کيس ماءُ ياد اچڻ لڳي. جيڪا پنهنجي ننڍپڻ جون يادون ٻڌائيندي ڳوٺ سُکئي شاهه جا حالات بيان ڪندي روئي پوندي هئي، چوندي هئي : “ڌيءَ اسان جي ڳوٺ ۾ بيمار جو علاج ڪو نه ٿئي، ڦرئي جو فرياد ڪو نه ٿئي، مُئي جو داد ڪو نه ٿئي....”
“ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين....!؟” ڊاڪٽر ماڻڪ سنڌو اڳيان هٿ هلائيندي چيو.
“ڪجهه نه.....”
۽ پوءِ ٻئي لڳي ويا، مريضن جي چيڪ اپ ۾. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندن اسپتال جون خبرون ٻين ڳوٺن تائين پهچي ويون. پوءِ سکئي شاهه جي ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا مرد ۽ عورتون به هنن وٽ اچڻ لڳا. ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ سنڌو جي خوش خلقت ۽ مهربان رويي جي ڪري اڌ مريض اسپتال مان ئي تيار ٿيو وڃن.
ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو مٿان کان پرائمري گرلس اسڪول به منظور ڪرائي ورتو. جنهن جي ردِ عمل ۾ سُکئي شاهه کي ٽانڊا لڳي ويا. ۽ ڪمدار کي چوڻ لڳو :
“اڙي انهن ڊاڪٽرن کي سمجهائي ته سُتل نانگ تي لت نه رکن، نه ته پوءِ ڏکيا ٿيندا.”
ڪمدار چيو: “وڏيرا مون ته ٻڌو آهي هي پاڻ وارو ڀانڊو به اسڪول ۾ ويندو هليو.”
“چريو آهين ڇا....!؟” وڏيرو تپي ويو.
“اهو به ڇوڪرن جو اسڪول هو، سو به بند ڪرائي ڇڏيم، ڪيئن ٿو کلي، اسان جنهن شيءَ تي قبضو ڪندا آهيون ته اهو سدائين لاءِ هوندو آهي....پر ......!!؟”
“پر بابا پر ڇا ....؟” پُٺس اوطاق ۾ گهڙندي ئي پيءَ کي پريشان ڏسي چيو.
“ابا الله بچايا ٻُڌو اٿئي ته هاڻ اسانجي هارين، نوڪرن جون ڇوڪريون به پڙهنديون.....”
“ بابا اهو وري ڪيئن....!؟” بچل چيو.
ڪمدار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. الله بچائي پيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو: “ڏسو بابا ايترا ڏينهن اوهان مون کي جهليو نه ته اهيا ڊاڪٽرياڻي ته...... پوءِ به هاڻ آئون ٻنهي جي اسپتال پٽرائي اهڙي حالت ڪندس جو جهان ڏسندو.....”
“نه بابا نه ، ائين نه ڪبو، تون ڪجهه نه چئجان، آئون پاڻهي سمجهائيندوسان .....“
پُٽ اوطاق مان ويندي چيو: “بابا سمجهائيو نه پر آئون هينئر ئي وڃي آخري دفعو چتاءَ ڏيان ٿو، جيڪڏهن عقل هوندو ته ماٺ ڪري، ٽپڙ ويڙهي هليا ويندا، نه ته پوءِ جيڪو ٿيندو، اهو اوهين به ڏسندا....”
“پٽ...... پٽ.......!” سُکيو شاهه سڏيو پر پٽس ويو هليو.
هوڏانهن ماڻڪ ۽ سنڌو پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، شام ٿي وئي هئي، مريض به ڪو نه هو. تيستائين جيپ مان وڏيري جو پُٽ الله بچايو لٿو. ايندي شرط ئي هٿياربند ساٿين کي چيائين:
“کڻو ڇوريءَ کي ....!”
ڊاڪٽر ماڻڪ ڊپ وچان رڙ ڪئي: “سائين! ڪو ڏوهه، گناهه ته ڏسيو....؟”
“ڏوهه اهو جو هتي اسپتال کوليو ۽ اسپتال کولڻ کانپوءِ وري سائين ! ڇورين جي پڙهڻ لاءِ اسڪول به منظور ڪرايو. ڀلا اڳ ۾ منظور ٿيل ڇورن جو اسڪول هليو هو جو هاڻ اهو ڇورين جو اسڪول هلندو....؟؟”
سنڌو سڄي هيسجي وئي، ماڻڪ به ڊنل هو. ماڻڪ چيو:
“ٺهيو سائين ! اسان اسڪول تان هٿ کنيو، اسان جو اوهان جي معاملن ۾ ڪجهه ڪو نه اچي.”
سائين الله بچايو چيو: “ ته پوءِ ٺيڪ آهي، اڙي ! ڇڏيوس ڇوري کي، (سنڌو جي ٻانهن مان هٿ نڪتا ته اچي ماڻڪ جي ڀر ۾ بيهي ڏڪڻ لڳي) پر هڪ ٻي ڳالهه صبح جو سج اُڀرڻ کانپوءِ اوهان ٻنهي کي هتي نه ڏسان.... سمجهو !!!”
ائين چئي وڏيري جو پٽ جيپ ۾ چڙهيو ۽ جيپ ڌوڙ اڏائيندي هلي وئي. ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو مايوس بيٺا حيرانگي ۽ خوف وچان جيپ کي ويندي ڏسي رهيا هئا.
سنڌو جا سُکئي شاهه جي ڳوٺ جي تبديلي جا ڏٺل خواب ۽ سپنا وڏيري جي جيپ جي ڌوڙ ۽ دز ۾ گم ٿي ويا....!