ارمانن جو محل
ملوڪ خوشين ڀريا ڏينهن گذاري رهيو هو. مائٽن کان مليل ٽي جريب زمين جو پاڻ هاري ۽ پاڻ ئي زميندار هو. محنت ۾ عظمت هوندي آهي. انهي ڪري ئي هي سُکيو ستابو، مڇي ماني وارو هو. ڳوٺ ۾ هن جي سڀاءَ ۽ شرافت جي ڪري تمام گهڻي عزت هئي. هن جي زال روپاوتي هن جي ڏکن سکن جو سهارو هئي. ڌڻيس راڻي، جهڙي خوبصورت ته تهڙي هئي نيڪ سيرت. ملوڪ لاءِ ڌيءُ هانءَ جي ..... هئي. هن جو قوت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. خبرناهي هن جي خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي. اوچتو سندس زال روپاوتي بيمار ٿي پئي. ملوڪ کيس علاج لاءِ ويجهو شهر جي مشهور ڊاڪٽر هوندراج ڏانهن وٺي ويو ته هوندراج اهو چئي ملوڪ کي اسپتال ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ته “مائي جي بيماري جو علاج داخل ڪرائڻ کانسواءِ ڪو نه ٿيندو. ڪجهه ڏينهن اوهان کي اسپتال ۾ رهڻو پوندو. وڌيڪ مرضي وارا آهيو.” ملوڪ ڳوٺان آندل پئسا هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي خرچ ڪري چُڪو. پر روپاوتي وئي ٿي سُڪندي ۽ پيلي ٿيندي. ڊاڪٽر هوندراج داخلا، علاج، ڪمري جي في ۽ ٽيسٽن تي ئي ملوڪ کي خالي کيسي ڪري ڇڏيو ۽ ڏٺئين ته ڪٿي مريض منهنجي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي سو ملوڪ کي چيائين ته:
“مون پنهنجي وسان ڪو نه گهٽايو آهي، پر مرض وڏو ٿو ڏسجي، هن کي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ته سٺو ٿيندو.”
ملوڪ ، ڊاڪٽر جي اها ڳالهه ٻڌي حيران ، پريشان رهجي ويو ته هوندراج پهرين اها ڳالهه ڇو نه ڪئي !؟ هاڻ مون وٽ آهي به ڇا جو روپا کي وڏي اسپتال ۾ وٺي وڃان....!؟ ملوڪ مايوس ٿي واپس ڳوٺ موٽيو ۽ ڳوٺ پهچندي ئي وڏيري ولي محمد وٽ ويو، وڏيري کي ڪمدار اڳ ۾ ئي ملوڪ جي پريشانين جو ٻڌائي ڇڏيو هو. ۽ وڏيرو به انهي انتظار ۾ هو ته ڪڏهن ٿو ملوڪ ڄار ۾ ڦاسي..... ملوڪ کي ايندي ڏسي ولي محمد وڏي قرب سان مليو ۽ پڇن لڳس:
“ڏي خبر ملوڪ ! ٻڌو هئم تو واري زال ٺيڪ ناهي، هاڻي ڪيئن آهي؟”
ملوڪ به ڏٺو هاڻ اڌارا پئسا گهرڻ جو به موقعو آهي. سو هٻڪندي چيائين:
“وڏيرا ! انهي ڪري تو وٽ آيو آهيان، منهنجي زال کي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو آهي، ڪجهه ڏوڪڙ گهرجن. ”
اتي وڏيري ٿوري ماٺ ڪئي ته ملوڪ چيس: “ڪجهه ڏينهن ۾ ئي سموري رقم موٽائي ڏيندس، صرف پنجاهه هزار گهرجن.”
وڏيري چيس: “ملوڪ ! ڏسين پيو ته هيل نڪي پاڻي سولو ٿو ملي، وارا بندي پئي هلي ۽ نه ئي وري ڪو ڪمند جو اگهه آهي. مون وٽ به پنهنجي پورت مس آهي. سو سڀاڻي تون نه ڏين يا دير ڪرين ته آئون پنهنجو ڪاروبار ڪيئن هلائيندس، سو تون (وڏيرو قسم نامو، ملوڪ جي اڳيان رکندي چيو) هن ڪاغذ تي صحيح ڪري ڇڏ.”
ملوڪ پڙهيل هو ئي ڪو نه سو آڱوٺو هڻي ڪاغذ وڏيري حوالي ڪيو. وڏيري پنجاهه هزار ڏئي ڇڏيس. ملوڪ وڏي شهر جي اسپتال ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ ڌڻيس راڻي کي سام طور وڏيري جي حويلي تي ڇڏيائين ڇو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪو مائٽ مٽ نه هو. وڏي شهر پهتو، جتي ڊاڪٽر مختلف ٽيسٽن کانپوءِ چيس ته:
“دل کي رت سپلاءِ ڪندڙ هڪ نلي بند آهي، جنهن جو آپريشن ٿيڻ ضروري آهي. تون پهرين ئي دير ڪري پهتو آهين، پوءِ به ڪوشش ڪريون پيا.”
وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ۾ ته مريضن کي تپاسڻ ۽ آپريشن لاءِ تاريخون ملنديون آهن، جيسيتائين آپريشن جي تاريخ اچي تيسيتائين روپاوتي جو علاج هلندو رهيو. آپريشن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اسپتال جي انچارج سندس هٿ تي هيترن ڏينهن جي رهائش ۽ خرچ جو چٺو هٿ تي رکيو. ملوڪ جنهن اها رقم به ادا ڪئي ته وٽس باقي ڪجهه هزار بچيا.... ۽ آپريشن اڃان سڀاڻي ٿيڻو هو. خرچ ته وڏو سڀاڻي کان شروع ٿيندو . اهو سوچي ملوڪ ڳوٺ وڏيري ڏانهن ويو. گس ۾ ڳوٺاڻا مليس جڏهن هي اڳتي وڌي ويو ته انهن ڳوٺاڻن چيو:
“بيوقوف ! زال جي ڪري پنهنجي زمين وڏيري کي لکي ڏئي ڇڏي ۽ اڄ به وري وڏيري وٽ وڃي پيو ۽ وڏيرو وري به ڪجهه لکائي وٺندس.”
ڳوٺ پهتو ته بنگلي ۾ وڏيرو ڪمدار سان ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. ملوڪ کي ايندو ڏسي ماٺ ٿي ويا. ملوڪ سڄي وارتا وڏيري کي ٻڌائي ته وڏيري لکيل نامو ملوڪ کي ڏيندي چيو ته: “هن تي صحيح ڪر ته پنجاهه هزار ٻيا به ڏيانءِ.”
ملوڪ ڪاغذ تي ڪجهه لکيل ڏسي پڇيو:
“وڏيرا ! هن ۾ ڇا لکيل آهي !؟”
وڏيري چيس ته : “ هن ۾ لکيل آهي ته آئون پنهنجي زمين هوش و حواس سان وڏيري کي پنجاهه هزار ۾ لکي ٿو ڏيان.”
ملوڪ مايوسي مان چيو : “سائين اهو ظلم نه ڪريو.”
وڏيري ڪاوڙجندي چيو: “ملوڪ ! پنهنجي ڪا مائٽي ڪانهي جو مفت ۾ ٿورا ڪريان، صحيح ڪرين ته پئسا ڏيان نه ته ڀلي واپس هليو وڃ.”
اتي ملوڪ کي روپاوتي جو چهرو نظر اچڻ لڳو. ڄڻ روپاوتي چئي رهي هئي مون کي هن عذاب مان ٻاهر ڪڍ، مون کي زندگي گهرجي. ملوڪ صحيح ڪري ڇڏي، پئسا وٺي ويندي وقت ملوڪ چيو:
“وڏيرا ! منهنجي نياڻي جي پارت اٿو.”
وڏيري چيس: “ملوڪ ڪا به ڳڻتي نه ڪر، سمجهه ته پنهنجي گهر ويٺي آهي.”
ملوڪ بنگلي کان ٻاهر نڪتو ۽ وڏيرو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته:
“ڪمدار ڪئين ڏٺئي زمين به ورتي مانس ۽ ڇوري به لکي ڏنائين.”
ملوڪ انهي ڏينهن واپس وڏي شهر نه پهچي سگهيو. واٽ ۾ رات پئجي ويس. صبح سوير وڏي شهر پهچي اسپتال ۾ داخل ٿيو. پري کان پنهنجي زال کي سُتل ڏٺائين دل ۾ خوش ٿيو ته مس وڃي روپاوتي کي ننڊ آئي آهي. پاڻ وڃي زال جي سيراندي کان بيٺو. نرس آئي ۽ چيائين ته:
“توهان دير ڪري ڇڏي، توهان جي زال دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري وئي.”
ملوڪ جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪو بم ڪريو، ڌماڪو ٿيو ۽ سندس ارمانن جو محل ڊهي پٽ وڃي پيو. انهيءَ گهڙي ڳوٺ ۾ شرنايون وڳيون، دهل لڳاءُ، ملوڪ جي 16 سالن جي معصوم ڌي جو 60 سالن جي وڏيري ولي محمد سان لانئون لڌيون ويون.