ڪھاڻيون

ڇڻيل گُل

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
Title Cover of book ڇڻيل گُل

کلڻي...!

کلڻي...!

منهنجي بدلي ٻهراڙيءَ جي لبيڪ هيلٿ يونٽ ۾ ٿي ته اتي ڪافي مريض ديندار هئا. پر هڪ مريض عورت جڏهن به دوا لاءِ ايندي هئي ته سدائين کلندي رهندي هئي. ڪڏهن پاڻ بيمار هوندي هئي ته ڪڏهن ٻار بيمار ٿيندا هيس. دوا وٺڻ ايندي هئي ته پڇندو هيومانس: “ڇا تڪليف آهي؟”
کلندي رهندي هئي. کلندي کلندي پنهنجي ٻارن جي تڪليف ٻڌائيندي هئي. هڪ ڏينهن آئي ته اکين ۾ لُڙڪ هيس. پر کلي رهي هئي. مون چيومانس ته:
“ادي تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ڇو آهن؟”
کلندي رهي چيائين ته: “ڪا به ڳالهه نه آهي.”
هن سان گڏ آيل عورت چيو ته :
“سر هن کي سندس مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي.”
مون مٿي تي هٿ رکي چيومانس :
“ڀيڻ جيڪا الله جي مرضي! الله جي رضا تي راضي رهو. ”
کلڻ لڳي پر هن جي اکين ۾ آيل لڙڪ هن جي ڏک کي لڪائي نه سگهيا. منهنجي بدلي وري شهر جي اسپتال ۾ ٿي وئي. هڪ ڏينهن ڪمپائونڊر ڊوڙندو آيو ته :
“سر ايمرجنسي ۾ هڪ عورت جو لاش پيو آهي. انجي اٽينڊيٽ عورت کي چيو اٿئون ته پوڙهي گذاري وئي آهي. پر هو عورت اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. چوي ٿي ته سر کي وٺي اچو. اهو هن جي موت جي تصديق ڪري.”
آئون ڊوڙندو ايمرجنسي ۾ آيس ڏٺم ته کلڻي لاش وٽ مرڪي کلي رهي هئي. پر هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مون کي ڏسي هن کي آٿت مليو. مون يڪدم مريض جي پلس، بلڊ پريشر چيڪ ڪيو جيڪو نِل هيو. اکين ۾ ڏٺم ته ماڻڪي ڦهليل هئي. جسم ڪافي ٿڌو هيو. لڳو ته موت کي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. کلندي چيائين:
“سائين منهنجي ماءُ کي سُٺي نموني سان ڏسو، هي سڀ چون ٿا ته تنهنجي ماءُ مري چڪي آهي. مون کي اڪيلو ۽ بي سهارا ڪري منهنجي ماءُ مري نه ٿي سگهي.”
منهنجو گلو ڀرجي آيو، هن جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا. چيومانس ته:
“ڀيڻ هي صحيح پيا چون، تنهنجي ماءُ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي. ”
ڏٺم ته هن جي اکين مان لڙڪ زاروقطار وهي هليا پر چهري تي هلڪي مرڪ هئس. ڄڻ کلي رهي هجي. پوءِ اڪثر شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ مون وٽ دوا لاءِ ايندي رهندي هئي. پنهنجي، پنهنجي ٻارن جي دوا لاءِ پر چهري تي اڪثر مُرڪ ۽ کِل هوندي هئس. اڄ ڪلهه غريب جو ڪير به نه هوندو آهي. ڪيئن وقت گذرندو هوندس....؟ ننڍڙي پُٽ جنهن جي عمر پڙهڻ جي هئي ان گهر جي معاش جو ذمو پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کنيو. پوءِ ڪافي عرصو هي دوا لاءِ نه آئي. هن جي ڳوٺ جي عورت دوا لاءِ آئي ان ٻڌايو ته : “سر کلڻي جي ٻئي ضلعي ۾ پنهنجي ڳوٺ کان پري ٻي شادي ٿي ويئي آهي.”