مولائي جي ڪاوڙ
بي اي ۾ بار بار فيل ٿيڻ کانپوءِ اڄ اهو احساس ٿيم ته يار پنهنجي زندگي اجائي وڃائي ڇڏيم، پر وري اندر مان آواز آيو، يار زندگي اڃان گذري ڪٿي آهي. مان ته 25 سالن جو ڇوڪرو مس ٿيو آهيان. اها وهي ته عشق ڪرڻ جي اٿم. عشق نه پڇي ذات جي اصول تحت الائي ته ڪيترين عورتن سان اک اٽڪائي اٿم ۽ پيچ لڙايا اٿم پر منهنجي پيار جو لغڙ هر دفعي ڪو ٻيو شاهينگ ڪاٽا ڪريو وڃي !
مون ڪنهن به عورت کان ذات نه پڇي ڇو ته عورت ڪهڙي به ذات جي هوندي پوءِ به سڏجي عورت ۽ رهندي عورت...! پر جيڪي به عورتون مونسان مليون انهن کي منهنجي ذات نه آئڙي پوءِ مون مغل ۽ مينڌرو سڏايو پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو. مونکان ننڍو (وچٽ) ڀاءُ آهي مولائي. اصل ڀوڪ آهي ، ڀوڪ. هو ريلوي اسٽيشن تي ڇولا وڪڻي سموري گهر جو بوجهه ڪُلهن تي کنيو هلي ۽ مان جو بي اي ۾ بار بار فيل ٿيو آهيان ۽ مختلف اسڪينڊل منهنجي نالي سان مشهور آهن سو آئون کيس ڏٺي ڪو نه وڻان پر وڏو هئڻ ڪري ڪجهه حيا ڪريو وڃي نه ته گهر ۾ ئي رهڻ ڪو نه ڏينم. مونکان مولائي ننڍو آهي، تڏهن مون کي وڻندو آهي ٻيو وڻڻ جو سبب اهو به آهي جو گهر جو خرچ سان گڏ ڪڏهن مونکي به خرچي ڏيو ڇڏي. مون به پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو آهي. دل چوي ته ڪا 11 يا 12 اسڪيل ۾ نوڪري ملي ته واهه واهه ٿي وڃي، پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو ٿي وڃان پر اڄ تائين مولائي جي پيرن تي بيهندو اچان. جمال مولائي کان به ننڍو آخري ڀاءُ آهي، هن کي پيار مان جمال گهوٽو سڏيندو آهيان. نائين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. اداڪاري جو بي انتها شوق اٿس ۽ ليڊري به ڪندو آهي. جنهن تان هڪ ٻه دفعا احتجاجن ۽ هٽ تاڙي ڪندي صوبيدار مار به ڏني آهي. پر نٿو مڙي، چوي ٿو ته سنڌ جو وڏو ليڊر ٿيندس ڇو ته سنڌ ۾ وڏا ليڊر سڀ مون جهڙا اداڪار ٽائيپ آهن، وقت تي اداڪاري به ڪندا آهن.
پيءُ جي اسان شڪل ئي ڪا نه ڏٺي ته ڪهڙو هو، پر ماڻهو چون ٿا شرابي هو ۽ هو مئو به پراڻي شراب پيئڻ ڪري هو. ماءُ به جمال گهوٽي کي هن دنيا جي حوالي ڪري پاڻ راهه رباني وٺي رواني ٿي وئي. جمال گهوٽي کي پاڙي جي مائي ملوڪان پاليو ۽ اڃان تائين اُتان ماني ٽڪر کائيون اچي ۽ اڄ ڪلهه ملوڪان جي ڌيءُ گُلان سان اک ٻوٽ ڪري پيو.
آئون رات جو دير سان گهر وڃان ٿو، جڏهن ٻئي ڀائر گهري ننڊ ۾ هوندا آهن. مولائي ڇولا وڪڻڻ کانپوءِ گهر ۾ اچي ماني پڇائي، جمال گهوٽو پاڻ ملوڪان جي گهران پيٽ ڀريو اچي، ۽ پنهنجي حصي جي ماني منهنجي لاءِ لڪايو رکي. باقي صبح جو ناشتو اسان ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي،
خالده ڏي وڃڻ انهي سان ملڻ اڄ ڪلهه منهنجي ڊيوٽي ۽ عشق ۾ شامل آهي. پر خالده پاڻ کي سڏائي خالد. مرد ٿيڻ جو شوق ننڍي هوندي کان اٿس. پر هاڻي وهي چڙهي آئي اٿس، صفا نازڪ سنهڙي، چلولي ڇوڪري آهي. مان هن کي پيار مان ڀولي سڏيندو آهيان. هي جڏهن به مونسان ملي ٿي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته مونسان ڪا صدين جي محبت هجيس. هن کي ڏسي اهو احساس ٿئي ٿو ته شايد سهڻي ٻيهر پيدا ٿي وئي آهي. ۽ هي ڀولي مونکي ميهار سمجهي تار درياءَ ۾ به ٽپي پوندي. ڪنهن مهل سوچن ئي سوچن ۾خالده کي سسئي بنائي پاڻ پنهون بڻجي عشق جي عميق ۾ گم ٿيو وڃان ته ڪنهن وقت وري هن کي مومل ۽ پاڻ کي راڻو تصور ڪري صدين جا ورق ورايو ماضي ۾ گم ٿيو وڃان ائين ڄڻ ته اسان ٻئي شاهه جي رسالي جي سمورن (سُرن) داستانن جا هيرو، هيروئين بڻجو وڃون.
اڄ خالده مون کي ڪجهه قدر پريشان ۽ غم زده محسوس ٿي ۽ مون کي چيائين :
“ڊيڻا! (اهو نالو هن مون تي قرب مان رکيو آهي) .
مون وراڻيو: “ڇا هي ڀولي !؟”
هن چيو ته: “ڊيڻا! هڪڙي ڳالهه توکي ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجهان .”
“ها ٻُڌائي، ٻڌائي .”
ٿورو شرمائيندي چيائين: “هو تنهنجو ڀاءُ آهي نه مولائي ...”
“ها... ڇو ڇا ٿيو مولائي کي، ويچارو ڏاڍو نيڪ ۽ شريف....”
منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين:
“هون ! ڌوڙ آهي شريف، هن ته ..... ”
“ها ها چئو... ڇا ڪيو مولائي .....؟”
ڀولي منهن ڀيلو ڪندي پوتيءَ جو پلئه ڏندن ۾ ڏيندي چيو:
“هُن رات مون ۾ هٿ وڌا ....!”
“هان ! ڇا ٿي چوين ڀولي ...!!!؟”
مون يڪدم محمد علي جو ڊائيلاگ هڻندي چيومانس:
“هُن کي اهيا همت ٿي ڪيئن جو منهنجي ڀولي سان ائين پيش اچي، بس آئون هينئر وڃي ٿو سبق سيکاريان.... ”
مون پُٺ ڏئي، شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ ته ڀولي پويان رڙيون ڪندي چيو: “اڙي مولائي ته گهر هوندئي ...”
مون کي شڪ پيو پر پوءِ سوچيم ته هي ٽائيم ته هن جي ڇولن وڪڻڻ جو آهي ۽ ريلوي اسٽيشن تي هوندو. آئون ريلوي اسٽيشن وٽان لڪندو لڪندو مَٽيس، شڪر ٿيو ته مولائي نظر تي نه چڙهيو نه .... آئون ڪجهه به ڪري ٿي سگهيس. اُتان گهر پهتس ته دروازو ٻيڪڙيل هو اندران آواز ٻڌم .....
“مولي ! هو تنهنجو ڀاءُ آهي نه ڊيڻي ...”
“ها ... ڇا ٿيو ؟”
“انهيءَ اڄ مونسان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.”
اڙي ! اها ته ڀولي !
مولائي ڪاوڙ مان گجگوڙ ڪري اُٿيو ۽ مُڏي ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي چيائين: “تون ويٺي هُج... سانجهي ايندو ته ڏسجانءِ ڪهڙو ٿو حشر ڪريانس، منهنجي ٽڪرن تي پلجڻ وارو منهنجي ڀولي ڏي مير اک ٿو کڻي....!!!”
منهنجا وائيسر ئي ڍلا ٿي ويا ۽ پوئين پيرين ڀڄي هتي پهتو آهيان. هاڻي فٽ پاٿ تي منهنجو گهر آهي. ڇو ته مون کي اڃان به عشق ڪرڻو آهي ۽ مون کي مولائي جي ڪاوڙ اڳيان حرام ڪونهي ٿيڻو .