يادن جا صليب
پياري صنوبر !
آئون هي خط اندر جي آرزوئن ۽ ارمانن کي سميٽي دل جي آنڌ مانڌ کي روڪي پنهنجي سُندر سپنن جي اڻپوري تڪميل تي روئي لکي رهيو آهيان.
جان ! توکي کوڙ خط لکيا هئم پر انهن خطن ۾ سلطان صباح صاحب جو ذڪر نه ڪيو هئم، جي اهو نيڪ بخت ماڻهو نه ملي ها ته هتي آئون درد جون ٺوڪرون کائي ٿانوَ ٻهاري ڪري ڪري مري وڃان ها. مان سلطان جي ٿورن هيٺيان دٻيل آهيان، ايتري تائين جو هن مون کي پنهنجي فرم ۾ برابر جو ڀائيوار ڪري ڇڏيو آهي. تون سوچ ته جيڪو ماڻهو هوٽلن تي، ٻاهر واري بيراگيري ڪرڻ لاءِ تيار هجي انهي کي هڪ بهترين فرم ۾ نوڪري ملي ۽ پوءِ ڪم کان متاثر ٿي فرم مالڪ پنهنجي فرم ۾ اڌ حصي جو مالڪ بنائي ڇڏي ... ڇا ڪو ماڻهو اهڙو هوندو جيڪو اهڙي فرم مالڪ جو نافرمان ٿيندو ....!؟ پوءِ سلطان صباح صاحب مون کي گهر جو فرد بڻائي ڇڏيو، کيس هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، نهايت ئي سهڻي، پر توکان گهٽ !
سلطان صباح هڪ ڏينهن مون کي چيو:
“ڏس گلاب ! مون توکي ترقي ڏياري اِتي پهچايو آهي، هاڻ تو ۾ هڪ ڪم ڦاٿو آهي، انڪار نه ڪجانءِ ....”
سو مون يڪدم چيو: “انڪار ڪيان ته ڪافر ٿيان ....”
هن مسڪرائيندي چيو: “منهنجي ڌيءُ جي مرضي آهي ته تون اسان جي خاندان جو حصو بڻجي وڃ.... يعني منهنجي ڌيءُ سان شادي ڪر...”
۽ مون به “ها” ڪئي. انهي وقت سلطان صباح جي چهري تي خوشي جا بادل ڇائنجي ويا ۽ آئون وڌيڪ ڪجهه نه ڪُڇيس. بس ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اسان جي شادي ٿيڻ واري آهي. هاڻ منهنجي ايڊريس به تبديل ٿي وئي آهي. تون مهرباني ڪري خط نه لکجانءِ، ڪٿي سلطان صاحب کي دل ۾ نه ٿئي ته آئون نمڪ حرام آهيان.
مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ باقي هر مهيني تنهنجي ضرورت جيترا پئسا تو وٽ موڪليندو رهندس. اميد ته منهنجي ترقي ۽ خوشحالي کي بيوفائي جو نالو نه ڏيندينءَ ...
پيار مان آخري دفعو تنهنجو گلاب !
گلاب جو خط نه هو ڄڻ ته غمن جو پهاڙ هو، جيڪو صنوبر جي خوشين مٿان ڪِري سڀئي خوشيون چيڀاٽي ويو. انهي خط صنوبر جي پيامِ محبت ۽ خلوص جو جنازو کڻي ڇڏيو ، انهي هڪ خط هن جي مستقبل، حال مٿان وڄ ڪيرائي سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو. خط صنوبر جي لڙڪن سان ڌوپجي ويو ۽ لفظ ڊهي ويا پر صنوبر جي دل جي زخمن کي ڪير مٽائيندو .... ڪير به نه !!!
صنوبر سُڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ سُڏڪن ئي سُڏڪن ۾ صنوبر ماضي جي گهڙين ۾ گم ٿي وئي.
هن جڏهن فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي هئي ته سوين ڇوڪرا هن جي سُندر صورت ۽ من مهڻي سيرت ڏسي مٿان ڳاهٺ ٿي، ڀؤنر وانگي پيا ڦرندا هئا. ڪنهن ڏي مجال جو ڌيان سان ڏسي پر گلاب جي پاڻ ارپڻ جي ائڪٽنگ به عجيب هئي ! صنوبر جا سڀ ڌڙڪا ڌڪا سهي پوءِ به ماٺ ئي ماٺ ۾ صنوبر جي ڪڍ لڳو وتو هوندو هو. صنوبر جي دل به پٿر جي نه هئي جو ڪنهنجي هيڏي ساري پيار، سڪ، سڪ ۽ سهپ کي نظر انداز ڪري ڇڏي. نيٺ صنوبر گلاب سان ڳالهائڻ لڳي، ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ گلاب صنوبر کي پاڻ ڏي متوجهه ڪري ورتو.
ٻنهي جي پيار جي ڪهاڻي ڪاليج جي ڪلاسن کان ٿيندي گلاب ۽ صنوبر جي مائٽن تائين پهتي. انٽر جو امتحان ٿيندي ئي ٻنهي جي شادي طئي ڪئي وئي. صنوبر جي شادي 27 جون تي سندس چاچي جي پٽ ڦتو سان جيڪو مال چاريندڙ ڌنار هو ۽ گلاب جي سندس ماسات مومل سان جيڪا اڃان 13 سالن جي مس ٿي هئي.
صنوبر جي اشڪبار کي سڀني نظرانداز ڪندي چيو ته:
“ڪجهه به نه ٿيندئي، اسان پنهنجن کانسواءِ ٻاهر ڏينداسين ڪو نه، هو سمان گلاب ڪٿي ۽ اسان ٻروچ ...”
ڪجهه ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ 25 جون جي اخبار ۾ گلاب ۽ صنوبر جي مائٽن جي سموري عزت ۽ مرتبو هڪ ننڍڙي ڌيان طلب ۾ نمايان هئا. هنن جي سول مئرج ڪرڻ کانپوءِ هي ڪراچي اچي رهيا. ڪراچي جتي هزارين گريجوئيٽ پاس جتيون پالش ڪندا هجن اُتي هڪ انٽر واري کي ڪهڙي نوڪري ملندي ....!؟
ڪجهه ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ صنوبر جو پاڻ سان آندل سمورو سون وڪڻي سٺ هزارروپيا هڪ دلال حوالي ڪري ڏيئي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. انهي شخص بغير ڪنهن قانوني ڪاغذن جي گلاب تي ٻيڙي رستي دبئي پهچايو هو. ۽ صنوبر کي هڪ مهيني کانپوءِ گلاب جي هٿن جو لکيل خط مليو هو جنهن ۾ نوڪري ملڻ جي خوشخبري درج ٿيل هئي ۽ ڪجهه پئسا به هئا.
ائين خط ايندا رهيا ۽ پئسا به ايندا رهيا. پهرين هڪ هزار ۽ پوءِ هر مهيني 20 هزار اچڻ لڳا. پر هي گلاب جو آخري خط مڙني تمنائن جوخون هو ۽ صنوبر کي هاڻ صرف ۽ صرف يادن جي صليب تان گذرڻو هو.