ٽينڊر
ٽاڪ منجهند جو سخت گرمين جي موسم ۾ ڪلينڪ تي ٻين بجي ڌاري سمورن مريضن سان فارغ ٿي ڪمپائونڊر کي چيم ته: “ڪار کي ڪپڙي سان صفا ڪر ته وڃي ماني کائي اچان.”
ليڊيز ڪمپاٽمينٽ مان بيل وڳي، مان تپاسي ڪنڌ ۾ وجهي، بلڊ پريشر جو آلو ۽ ٿرماميٽر هٿ ۾ کڻي ليڊيز روم ڏانهن وڌيس. ڪونج بيل وڄائي بينچ تي کڻي زور سان پاڻ کي ڇڏيو. مٿي جو هڪ حصو ڀت ۾ لڳس، جنهن ڪري رت جي لار آهستي آهستي اڏي رهي هيس ۽ تيز هلڻ جي ڪري هانڀارو پئي لڳس. ڪونج اٽڪل هڪ سال کان مون وٽ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي دوا وٺڻ لاءِ ايندي هئي. مون هن کي هر ويلي پرشاني ۾ ڏٺو. هن کي ڪا بيماري نه هئي سواءِ ذهني دٻاءُ جي. هن جي علاج ۾ وٽامنز ۽ ٽرونڪلائيز تجويز ڪري کيس آرام جو مشورو ڏيندو هيس ته هي مرڪي طنزيه انداز ۾ اڪثر ڪري چوندي هئي ته :
“ڊاڪٽر هن دور ۾ آرام ڪنهن کي نصيب آهي؟ آرام ته موت کانپوءِ ملي سگهي ٿو.”
مون بلڊ پريشر جو آلو ۽ ٿرماميٽر بينچ تي رکيو ۽ ڪمپائونڊر کي جلد ڪپهه آڻڻ لاءِ چيم. ڪمپائونڊر جلد ئي زخم واري جڳهه تي ڪپهه رکي ته رت جي ٽِم ٽِم بند ٿي وئي. هٿ صاف ڪري زخم جي مَلم پٽي ڪري ڇڏيم. ڪونج جو بلڊ پريشر ۽ پلس ريٽ ۽ ٽيمپريچر چيڪ ڪيم، نارمل هئا. صرف دل تيزي سان ڌڙڪي رهي هئي. اکين ۾ غنودگي جي ڳهر هئس، ڪجهه دير ۾ اچي سُڏڪن ۾ پئي. اصل ماٺ ئي نه پئي ڪري، مٿي تي هٿ رکي چيومانس: “ڏِس ڀيڻ ! تون پنهنجي مرض جي مون کي نه ٻڌائيندي ته آئون تنهنجي مرض جي دوا ڪيئن ڪري سگهندس، مريض کي گهرجي ته ڊاڪٽر کي پنهنجي مرض جي پوري ڄاڻ ڏي ۽ تعاون ڪري ته جيئن ڊاڪٽر مرض جي صحيح علاج ڪري .”
ڪمپائونڊر کي پاڻي آڻڻ جو چيم. اهو پاڻي پيارڻ کانپوءِ تسلي ڏيندي چيومانس ته:
“ادي توکي خبر ڪهڙي تڪليف آهي. مون کي اها ٻڌاءِ جيئن ان کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.”
سُڏڪن مان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. آئون ان کي ڇڏي ٻيهر اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺس. هو ڀلي روئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري. ٿوري دير بعد وري مريض اچڻ شروع ٿي ويا ۽ آئون انهن کي ڏسڻ ۾ لڳي ويس. بُک به اچي ڏاڍي لڳي. ڪمپائونڊر کي چيم ته پڪوڙا وٺي اچ ۽ چانهه هوٽل تي چئي اچ ته جسم ۾ گلوڪوز جي ڪمي ڪجهه پوري ٿئي. مريضن مان فارغ ٿي پڪوڙا کائي، چانهه پيتم، پاڻ کي توانو محسوس ڪيم. مٿي ۾ بُک جي ڪمي ڪري ايندڙ چڪر ڪجهه گهٽ ٿي ويا. اڪثر ڪري جڏهن به ڪلينڪ ۾ رش هوندي هئم ته پڪوڙا کائي مٿان چانهه پي گذارو ڪندو هئس. اسان ڊاڪٽرن جي به ڪهڙي زندگي آهي؟ ٻين کي کاڌو وقت تي کائڻ جي تجويز ڏيندا آهيون ۽ پاڻ اڪثر ڪري ڪمهلو ئي کائيندا آهيون.
ليڊيز واري ڪمري ۾ وري آيس ته ڪونج روئي روئي ٿڪجي پئي هئي ۽ ٻيون به ڪجهه مريض مايون اچي ويون هيون. ٻين مريض عورتن کي تپاس ڪري فارغ ڪيم، پوءِ ڪونج کي چيم ته:
“ادي تون پنهنجي تڪليف مون کي ٻڌاءِ ته آئون تنهنجي لاءِ صحيح علاج تجويز ڪري سگهان.”
ڪونج روئيندي روئيندي چيو: “ادا پنهنجي وڍيءَ جو ڪو ويج نه آهي. مون کي اگر مهرباني ڪري سگهين ته هڪ زهر جي سُئي هڻي موت جي منهن ۾ سمهاري ڇڏ ته تنهنجي احسانمند رهنديس. تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ آئون توکي پنهنجو همدرد ڀاءُ سمجهي ايندي آهيان ۽ تنهنجي همدردي پائي محسوس ڪندي آهيان ته دنيا ۾ ڪجهه همدرد ماڻهو موجود آهن. پر ادا منهنجي دردن جو درمان تو وٽ آهي ڪو نه.”
چيومانس: “ادي تون پنهنجي دل جو بار لاهڻ لاءِ پنهنجي دل اندر جو درد مونسان ونڊ ٿي سگهي ٿو ته توکي انهيءَ مان ئي آرام ملي سگهي ٿو.”
پوءِ چوڌاري ڏسندي مطمئن ٿيندي چيائين ته: “ادا توکي ته خبر آهي منهنجو مڙس ٺيڪيدار آهي ۽ هن جو هر ٽينڊر نڪرڻ کان پهرئين منهنجي جسم جو ٽينڊر نڪرندو آهي. جيڪو هاڻ منهنجي قوت کان، برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. آئون هن درديلي دنيا جي ڪٺن چوواٽي تي هلي هلي هاڻ ڪافي ٿڪجي ۽ ..... ٿي چڪي آهيان. رابيل ۽ سنڌو ڪافي وڏا ٿي چڪا آهن. آئون انهن ٻارن جي سامهون ايندي پاڻ کي ندامت ڀريو محسوس ڪيان ٿي. ڇاڪاڻ ته هي ڪجهه سالن ۾ ئي سمجهه لائق ٿي ويندا ۽ منهنجي فعلن کي هي مونکي ننديندا. هاڻ منهنجي قوتِ مدافعت به جواب ڏيئي چڪي آهي، سوچيان ٿي ته پنهنجو پاڻ خودڪشي ڪري پنهنجي وجود کي هن پاپي سنسار کان نجات ڏياريان، مونکي هن دنيا ۾ جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي. آئون پنهنجي پاڻ کي هن پاپي دنيا ۾ بار محسوس ٿي ڪريان. هن سنسار جي سُندرتا ۽ سُونهن تي مان هڪ بدنما داغ ۽ مها پاپ آهيان.”
ڪونج جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. مون هن جي لڙڪن کي ڏسڻ بدران ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو جيئن هو لڄي نه ٿئي. پنهنجي ڪهاڻي کي جاري رکي، هٿ کي زور زور سان بينچ تي هڻندي چيائين:
“ڊاڪٽر ! آئون هن پاپ جي دنيا ۾ پاڻهي ڪونه آيس، پر ان شخص جيڪو منهنجي زندگي جي ڏُک سُک جو ساٿي چوائيندو آهي ۽ مونسان بي انتها پيار ڪرڻ جو دعويدار به آهي، اهو آهي عامر جيڪو منهنجو شريڪِ حيات مڙس آهي. عامر هڪ عام ماڻهن جيان پيار ڪندڙ مڙس آهي، پر هي منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي. آئون کيس اڃان تائين سمجهي نه سگهي آهيان. يا اهو ته ڪڏهن به سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. اڄ کان ٻارنهن سال پهرين جڏهن ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر جي شاگرد هئس ته هي اڪثر ڪري ڪاليج جي گيٽ کان ٻاهر مون کي هڪ پان جي ڪئبن اڳيان سگريٽ ڇڪيندو نظر ايندو هو. سگريٽ ۽ ٻيڙي کان نفرت ڪرڻ جي باوجود به هن جي سگريٽ پيئڻ جي ادا الائجي ڇو وڻندي هئم. مون اهيو محسوس ڪيو ته هي اڪثر ڪري موڪل مهل منهنجي رڪشا جي پٺيان منهنجي گهر تائين پيڇو ڪري ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو منهنجو وهم هجي. ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به پنهنجي ڪا به ڳالهه نه چئي هئي. هڪ ڏينهن آرهڙ جي سخت گرمين جي ڏينهن ۾ منهنجو رڪشا خراب ٿي ويئي. رڪشا جي ڊرائيور لهي ڪافي منهن مٿو هنيو پر رڪشا نه ٺهي هئي، سا نه ٺهي. مان رڪشا تان لهي ٻي رڪشا جو انتظار ڪرڻ لڳس. الائي ڇو ان ڏينهن مئا رڪشا وارا خبر ڪٿي مري ويا هئا...؟ جو ڪافي دير گذرڻ جي باوجود به اتان ڪنهن به رڪشا جو گذر نه ٿيو، اڌ ڪلاڪ گذري ويو. آئون پنهنجي گهر جي رستي تي پنڌ هلڻ لڳس ڪجهه چند قدم هليس ته هڪ موٽر سائيڪل تيز چيڪاٽ واري بريڪ سان بيٺي. ڪنڌ ڦيري ڏٺم ته ان موٽر سائيڪل تي عامر هو. ڪنڌ هيٺ جهڪائي نهايت نياز نِوَڙت ۽ ادب سان چيائين: “محترمه اگر دل ۾ نه ڪريو ته آئون توهان کي توهان جي گهر تائين ڊراپ ڪريان.” الائي ان ڏينهن ڇا ٿيم، مردن جي چالاڪي جا قصا ٻڌا هئم. پر عامر جي الائي ڪهڙي قوت جنهن مون کي موٽر سائيڪل تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪيو. گهر پهچي پاڻ کي بروڀلو چيم. پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ به آئي، جذبات تي قابو ڪري ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو عزم ڪيم. ٻئي ڏينهن جڏهن ڪاليج مان نڪتم ته عامر اڳيان موٽر سائيڪل کي بيهاريو ۽ ان تي غيرارادي طور ويهي رهيس. اهو سلسلو روز هلندو رهيو ۽ انٽر جي امتحانن کانپوءِ عامر ۽ منهنجي شادي تي ختم ٿيو. منهنجي ماءُ پيءُ هن شادي جي ڏاڍي مخالفت ڪئي. جنهن ڪري مون مجبورن عامر سان ڪورٽ مئريج ڪرڻي پئي ۽ مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي سهاري کان هٿ ڌوئڻا پيا. شادي کانپوءِ آئون عامر جي گهر اچي ويس. عامر جا ماءُ پيءُ زنده نه هئا. هي اڪيلو ئي فرد هو. ايم اي پاس هو ۽ روزگار جي تلاش ۾ هو. هن کي پنهنجي دوست انجنيئر جي مدد سان ٺيڪو مليو. ان ٺيڪي جي شروعاتي پئسي جي مدد انهي انجنيئر دوست ڪئي. ان انجنيئر دوست جي فرمائش تي عامر سندس دوست جي دعوت عامر پنهنجي گهر ۾ ئي ڪئي. دعوت کانپوءِ هي ٻئي دوست ايترا مدهوش ٿي ويا جو انهن ٻنهي جي بسترن جي زينت مون کي ئي بڻجڻو پيو. صبح جو عامر جي انجنيئر دوست جي ويندي ئي مون راتوڪي ساري حقيقت عامر کي سڻائي. هن ڪاوڙ بجاءِ مون کي ڌمڪي ڏيندي چپ رهڻ جو چيو. “انهيءَ انجنيئر دوست واعدو ڪيو آهي ته تمام جلد هڪ ٽينڊر ويهن لکن ۾ منهنجي نالي سان کوليندو. جنهن ۾ پاڻ کي ڏهن لکن کان مٿي بچت ٿيندي. انهيءَ معمولي ڳالهه جو ڪو به اُلڪو نه ڪر. مان توکي بي انتها چاهيان ٿو. مان چاهيان ٿو ته تون خوش ۽ هيرن، جواهرن ۾ ڇڄيل رهين.” پاڻ کي اندر ۾شرمندو محسوس ڪيم. ماءُ پيءُ کان ناتو اڳ ۾ ئي ڇڄي چڪو هيو، مڙس جو سهارو هئم ته جنهن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪنديس اهو اهڙو بي غيرت نڪرندو... اندر ۾ غيرت جي باهه ڀڙڪندي به منهن سان ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيس، سواءِ نيڻن مان چند نير وهائڻ جي ۽ ان کانپوءِ باقاعدگي سان عامر جا ٺيڪا کلندا رهيا هر ٽينڊر نڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين مون کي ان انجنيئر جي گهر وڃي هن جون جائز ناجائز گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون هيون. هن جون مون لاءِ جائز گهرجون ڪهڙيون هيون، سموريون گهرجون ناجائز هيون. مڙس جي بي غيرتي ۽ منهنجي بي حيائي جي ڪري اسان جو معمولي گهر ڪجهه سالن ۾ محل ٿي ويو، ۽ دنيا جي ضروري ۽ غيرضروري شيءَ ان ۾ موجود هئي. شادي جي ٻن سالن کانپوءِ رابيل پيدا ٿيو ۽ ساڍن ٽن سالن کانپوءِ مرڪ هن ڌرتي تي قدم رکيو. آئون محسوس ڪريان ٿي ته اهي ٻئي ٻار عامر جا آهن يا نه پر منهنجي جگر جا ٽُڪرا ضرور آهن. انهن جو صحيح پيءُ ڪير آهي؟ ان جي ته مون کي خبر ڪونهي.....!!!”
اهو چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. مٿي تان هٿ ڦيريندي چيومانس ته:
“ڀيڻ هن دنيا ۾ ڪيترائي ڪٺن مرحلا اچن ٿا انهن سان منهن ڏيڻ ئي جهاد آهي. خدا ڪا نه ڪا بهتر راهه ضرور ڏيندو. توهان ڪجهه منٽ همت سان ڪم وٺو.”
سُڏڪندي سُڏڪندي چيائين: “ادا آئون عامر کان شديد نفرت ڪيان ٿي، جنهن ئي مون کي هن پاپي راهه تي آندو آهي ۽ جڏهن به آئون هن جي ناجائز تعاون کان جواب ڏيان ٿي ته هي اهو ئي چوي ٿو ته : “جاني هي سڀ ڪجهه تنهنجو آهي، ۽ آئون به تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪريان ٿو.” هي سموري جائيداد به منهنجي نالي خريد ڪري پيو پر مون کي اهو سڀ ڪجهه نه گهرجي، مون کي سُڪون گهرجي، هاڻ منهنجا ٻار سمجهه ڀريا ٿي چڪا آهن. اهي به انهن ڪارنهن واري ڪم جي پروڙ پوندي مون کي ضرور ننديندا ۽ مون کان نفرت ڪندا. آئون اهو سوچي پريشان ٿي وڃان ٿي ته ٻارن کي خبر پوڻ کان پهرئين آئون خودڪشي ڪري ڇڏيان.... پنهنجو پاڻ کي ذهني ولوڙ مان نجات ڏياريان ته جئين اڳتي لاءِ ڪو به ٽينڊر ڀرجڻ کان پهرين منهنجو ٽينڊر ڀرجي نه سگهي.....!!!”