منهنجو E-mail فرينڊ - الطاف شيخ (ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو)
آئون الطاف شيخ سان اڃان مليو ڪونه آهيان، ڪٿي گڏجي چانهه ڪانه پيتي اٿئون ڪنهن شادي يا ڊنر ۾ ملاقات ڪانه ٿي آهي. ڪڏهن پاڻي واري جهاز، هوائي جهاز يا پاڪستان ريلوي جي ٿڌين هوائن واري ڪمپارٽمينٽ ۾ گڏ سفر ۽ suffer ڪونه ڪيو اٿئون. اسان جي فيلڊ ۽ فن جدا، راهون ۽ رستا جدا. جذبا ۽ جنون جدا. ريت ۽ رسم جدا. اُمنگون ۽ آرزئون جدا. راز ۽ رمزون جدا، خواهشون ۽ خواب جدا آهن ۽ انهن جون ساڀيائون پڻ ڌار آهن.
الطاف شيخ جو ننڍپڻ شهر ۾ ۽ منهن جو ڳوٺ ۾ گذريو آهي. آئون روز شام جو ٻڪرين ۽ رڍن جو موٽندڙ ڌڻ، لهندڙ سج جي بئڪ گرائونڊ ۾، بند جي پويان هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي مٿي چڙهي وري اڳيان اچي ڳوٺ ڏي موٽڻ واري مال جو منظر وساري نه سگهيو آهيان. هاڻ به شادي وغيره ۾ سعيو ڪري دير سان وڃان ته جيئن اهو منظر ڏسان. شايد منهن جو من سودائي آهي. شام گهڻن کي ڊپريس ڪري پر مونکي ايڪسائيٽ.
الطاف شيخ جو فئورائٽ سبجيڪٽ مٿئس ۽ منهنجو انگلش آهي. چٽو ياد اٿم ته a-b اسڪوائر جا جزا ڪڍندي ٻرو چڙهندو هو. ڀانئيان ته ڪو ٻيو ڪري پر سائين ٻيو ڪير ڪري؟ هيرالڊ رابنس کي ڪئوٽ ڪندس every body has to take his own cross and fight his own war الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ۽ آئون لوڪل ڪاليج ۾ پڙهيو هوس. الطاف جو دور ايوب جو ۽ منهن جو ضياءَ جو (اهو واحد قدر ساڳيو آهي).
الطاف شيخ اسان کان گهڻو اڳ گريجوئيٽ ٿي ويو. تڏهن آئون الف دو زبر اَن پڙهندو هوس. اڃا تائين ڪير مون کي دو ڪونه سمجهائي سگهيو آ. اها رفوگري ڪهڙي لسانيت جي ماهر ڪئي آهي.
ڪيترن دوستن هينئر وزن وڌائي ڇڏيو آ ۽ وارن ۾ لابارو پوندي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن يا چاندي لهي آئي آ، پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي جو موبائل فاصلا وڌائي ڇڏيا آهن. هونئن جو بس ۾ به ٽائيم ڪڍي ملبو هو، هاڻي سي. اين. جي مهانگي ٿي وئي آهي. وڏي ڳالهه ته اهي فرصتون ڪٿي؟
(روز هڪ ٻئي سان ملڻ جو هو وچن
يا هاڻ سال ساهيون ٿيو وڃن).
الطاف شيخ منهنجو يا آئون الطاف جو ڳوٺاڻي آهيان. منهن جا ڳوٺائي شهيد، شهمير، غلام شبير ڇڄڙو، شهيد سيد سيف الله شاهه جيڪو منهنجن پيارن دوستن ڊاڪٽر مخمور بخاري (جنهن 29 سالن جي مختصر ڄمار ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي) ۽ ڊاڪٽر اسد الله جو مٺڙو ڀاءُ هو، مونکي به ڀائرن کان وڌ مٺو هو. لساني تنظيم هٿان شهيد ٿي ويا ۽ هالا جي تاريخ پنهنجي خون رنگين رقم ڪري ويا.
انهيءَ وقت اڃا ذهني شعور ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي، اڃا قوم جي نياڻين سوڙها پاجاما پائي سرِعام ڊانس ڪرڻ کان اڳ سو ڀيرا سنڌوءَ ۾ سر ڏيئي سرهو ٿيڻ کي پسند ڪيو ٿي. اڃا ٿرڊ ورلڊ آرڊر ڪونه نڪتو هو. اڃا پاڪستاني رپئي ۽ گريجوئيٽ جي ٻاهر ايتري ڊي وئليو ڪانه ٿي هئي، اڃا پاڪستاني پاسپورٽ تي سڄي دنيا جي مهاجرن ٻاهر ڪرائيم ڪونه ٿي ڪيا. اڃا سيڪسي ڪپڙا پائي ڊيل وانگر هلڻ جو ڪنهن سوچيو به ڪونه هو. سڀني مردن جي نگاهن کي فحش هئڻ جو الزام هڻڻ وارا ۽ واريون اڃا ماءُ جي پليسينٽا ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيون هيون.
الطاف شيخ کي ماءُ سنڌي ۾ لولي ڏني. مونکي به امان جيجل سنڌيءَ ۾ لولي ڏني. الطاف کي پيءُ چيو ته نوڪري ڪرڻي اٿئي ته سولي ڪري ڪر، مونکي به هوبهو اهي لفظ منهنجي پيءُ چيا. شال ٻنهي جي والدين کي الله سائين جنت الفردوس ۾ جايون ڏي. آمين
آئون پنهنجي وچن تي قائم آهيان الطاف جي خدا کي خبر (هيترا پرستا) هوندي ڪير هن کان پڇي ته ڪيڏي مهل آئين ۽ ڪيڏي مهل وئين؟ ته سڀ گڏجي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري لوڙهي ڇڏينس.) ڪيترا ڏينهن الطاف جا آرٽيڪل ٻين وانگر پڙهان پيو. سوچيان ته ڪانٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪا سفارش ڳوليان باقي هيڏو وڏو آفيسر مونکي جواب ڏيندو الائي نه. ڪيترا ڏينهن سوچي پوءِ اي ميل ڪيم. ٻن ڏينهن کان پوءِ اِن باڪس کوليان ته مٿان ئي مٿان الطاف شيخ لکيو پيو آهي. ڪيترو وقت نالي تي اکيون کپائي ويٺو رهيس. پوءِ ڊڄي ڊڄي کوليم الائي الطاف آهي يا ڪو دوست مذاق پيو ڪري. کولي ڏسان ته الطاف جو جواب لکيل هو وضاحت سان ۽ مٿان thanks يعني مهرباني وري منهنجي. اهي جراثيم پڪ الطاف انگريزن وٽان کڻي آيو آهي نه ته ننڍا آفيسر منهن سامهون هروبرو جواب سڌو ڪونه ڏين، پوءِ ته جيڪي به جواب ڏنائين سي محفوظ ڪري رکيم، اهو منهن جو خزانو آهي ڪنهن کي ڪونه ڏيکاربو. مخمور کي به نه شهيد کي به نه. صفا نه!
ائين پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ وقت آڪسفورڊ جي ڊائريڪٽر سان لکپڙهه رهي. ڪهڙو به خط لکبو جواب ضرور ملندو. الائي ڪيترا هنن کي خط لکندا هوندا. ظاهر آهي انهيءَ لاءِ گورنمينٽ جي طرفان ڪا بجيٽ ته رکيل نه هوندي. هو پنهنجي خرچ تي مونکي جواب لکندو رهيو هدايتون ڏيندو رهيو. اڃا مون وٽ اهي خط محفوظ آهن. الطاف به ٻاهر رهندي اهي وصفون اپنائي آيو آهي.
مهربانيون شڪريا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا،
پيار ۾ ليکا پرين ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
(شهيد)
ڄام شورو (امداد حسيني چوي ٿو ته ٻه الڳ الڳ لفظ آهن انڪري الڳ ڪري لکو! هوندو، آئون جهنگ جي بلا مونکي ڪهڙي خبر) ڪافي سال ڪراچي وڃڻ وارن جي راهه هوندو. هو ڪي اتي اسٽاپ ڪري چانهه پاڻي ڪن، ڪي ٿرو وڃن. لنگهي وڃڻ وارن به. ڄامشوري تي ڪافي لکيو. ڪن کي ٻه چار مهينا يا سال کن نوڪري ملي، رڳو پيا ڄامشورو ڄامشورو ڪندا. گيت، غزل ۽ ڪهاڻيون لکندا. آهي ڪجهه ڪونه! ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ وانگر ٻين بجي تائين رونق رهي پوءِ صفا سڃ! پٿريلو علائقو آهي رات سو ٺري ٿي باقي خير. الائي ڪهڙو سڀاڳو ڏينهن هو (شايد موڪل هئي) جو الطاف شيخ ڄامشوري ۾ هڪ رات رهيو. صبح جو وهنجڻ مهل ڦوهاري جي سڀني سوراخن مان پاڻي تيزي سان وهي رهيو هو. (يادن جي انڊلٺ) آئون ته پنجن ڇهن سالن ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه سنڀران. چوٿين پنجين ڏينهن پاڻي بند. بالٽي دٻا کڻي ڪڏهن هن هاسٽل ڪڏهن هُن هاسٽل. وهنجڻ ته ٿيو پري وضوءَ لاءِ پاڻي ڪونه ملندو. اهي ڏينهن ڪاليج مس ڪري، جهڙا تهڙا منهن کي ڇنڊا هڻي، سڄو ڏينهن تاس يا ڪو ڊائجيسٽ پڙهيل هجي، وري پڙهبو هو. ٻي ڪا انٽرٽين ڪانه هئي. (ٿي سگهي ٿو الطاف شيخ استادن وارن هاسٽل ۾ رهيو هجي. اتي ڪا ڪرم فرمائي ٿي هجي. باقي شاگرد ته يتيم هئاسون.) شام جو ڦاٽڪ تي چانهه پيئڻ وڃبو، هٿ ڪوپ ۾ اکيون ڪراچي واري بس جي اڳئين پورشن ۾.
الائي ڪيترا سوين، جن ۾ اپر سنڌ عموماً ۽ ٿر وارا خصوصاً، جن ڪڏهن بنا چادري جي عورت ڪانه ڏٺي، تن جو من وائڙو، واڇ گودو ۽ وايون بتال هونديون هيون، شاگردياڻيون ان وقت پڇاڙيءَ تائين نو لفٽ جو بورڊ منهن تي هنيو هليون (اڃا وي سي آر تي بندش هئي ڪئبل جو نالو ڪنهن ٻڌو ڪونه هو، ماحول صفا ٽائيٽ هو.) سٺن خاندانن جي اعليٰ ذات وارن جو نزلو ڪرندو هو، انهن ڪارين نرسن تي جن لاءِ ڀٽائي فرمايو:
ڪاري ڪوجهيون ڪينريون مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي ککي هاڻيون کاريون.
پاڻ کي ڄام جو بابو سمجهندي جن تي پنهنجو ٽائيم، پئسو ۽ توانائي وڃايائون، جن جي جهان کي خبر هوندي ته اهي ڪهڙيون خانداني آهن. نوي سيڪڙو عيسائي هونديون هيون. گهڻن اتان شادي ڪئي. ڪيترن مري اتي ميوا شاهه مقام ۾ قبر ٺهرائي ڳوٺ جو منهن ڪونه ڏٺو ڪيترن جي پٽن کي عيد براد حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ پنهنجي بابن کي ڳوليندي هنن اکين ڪيترا ڀيرا ڏٺو. اٽو ۽ لٽو ته ٿيو پري، عيد جي خرچي يا نصيب. گهڻن پنهنجون ننڍپڻ جون منڱون ڇڏي، (ڪن طلاقون ڏيئي ٻي جي ڪوشش ڪئي پر ڪانه ٿي، خدا هي ملا نه وصالِ- صنم) اتان شادي ڪري اتي جا ٿي ويهي رهيا. ڀينر هن ڀنڀور ۾ اڃا هي گنهگار اکيون بند ٿيڻ کان اڳي ڪيترا منظر ڏسنديون.
تفو برتو اي پرخِ گردان تفو.
الطاف شيخ جو هالا جي نجم جو آرٽيڪل مون ويب تي ڏنو آهي پڙهي ڏسو.
ڪس سي انصاف مانگون ڪسي منصف ڪهون.
انهي ڄام شوري لاءِ ماڻهن آهون ڀريون، دانهون ڪيون، لڙڪ لاڙيا، ڳچ ڳاريا. انهي ڄامشوري گهڻا گهر ڦٽايا، گهڻيون دليون ٽوڙيون، گهڻن جون منڱون اڻ ڇهيون اڻ ڏٺيون جن ڪڏهن ڪنهن غير مرد جو منهن ڪونه ڏٺو، اهي در ۾ نهاري نهاري، طعنا تنڪا سهي سهي، ٽي بي جون مريض ٿي، رت اوڳاڇي، مري دفن ٿي ويون. چڱا مڙس ڪلهي ڪانڌي ڪونه ٿيا. گهڻن جو اولاد هميشھ لاءِ يتيم ٿي ويو. ان کي چئبو آهي لڳي کي لعنت آهي؟
ڪنهن چيو الطاف تبليغ ڪونه ٿو ڪري ڇو سائين؟ هيڏا سارا ٻه وڏا ڪتاب، ڀلي پار تان ڀيرو آئون سمجهان ٿو سڀني کان ٿلهو واليوم آهي ۽ اي روڊ ٽو مدينه سڄي جا سڄا تبليغ، دعائن، آزين نيزارين معافين تلافين، آهُن ۽ دانهن سان ڀريا پيا آهن. سچي مومن سندي ميراث آهي جيڪو اتي پهچي رب کان پنهنجي خطائن جون معافيون وٺي ٿو. پاڻ به روئي ٿو اسان کي به روئاڙي ٿو.
اللهم عفو وتحب عفو فاعف عنا
مونکي پڪ آهي ته جيڪر الطاف پهرئين يا ٻئي سال عمري يا حج تي وڃڻ ٿئيس ها ته گهڻو سفرنامن ۾ فرق محسوس ٿئي ها پر قدرت کي ايترا سفرناما لکائي پوءِ الطاف کي حج ڪرائڻو هو.
هر ليکڪ پنهنجي ليک ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي الطاف پڙهندڙ کي پاڻ سان وٺيو هلي، ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ٿري ڊي جي فلم پئي ڏسجي. ڪافي ڪتاب پڙهيا اٿم پوءِ به گهٽ ٿو چوان پر اها پڪ اٿم ته ڪنهن به اديب جا سڀ ناول يا شاعري ايترو مقبول نه ٿي هوندي جيترا الطاف جا سڀ ڪتاب. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا سنڌي، ڪتاب خريد ڪري پڙهن ٿا. هن عمر ۾ پڙهندڙ کي نئون سفرنامو ڏيڻ لاءِ الطاف پنهنجي خرچ تي ست سمونڊ پار وڃي ٿو. آمريڪا جهڙي مهانگي ملڪ ۾ پنهنجي خرچ تي، ڪو سرڪاري ڊيليگيشن يا پبلشر کان ائڊوانس نه ٿو وٺي. الطاف کي شهرت جي ضرورت ڪونهي ڪا، هي سڄو مواد الطاف جو ئي آهي ائين سمجهو ته چانهه ۽ شربت (اسلامي ملڪ ۾) الطاف جو ڪوپ ۽ گلاس منهنجا آهن
گر قبول افتدزه- عزوشرف
ڪتاب ۽ اخبار جي وڌيڪ مقبول آهن ته جلد مارڪيٽ مان گم ٿي وڃن ٿا پر انٽرنيٽ گم ٿيڻ جهڙي شيءِ ڪانهي ڪا. رڳو اسان کي وقت ملي ته ٻين سان گڏ پنهنجي مادري ٻولي کي ٽائيم ڏيون.
ڪو گهر ويٺي چوي ٿو فلاڻي جو ايمان لوڏن ۾ ڪونهي ڪو.
ڪو چوي جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾
ڪو چوي آئون بهترين بوالهوس رهيو آهيان
ڪو چوي آئون نماز پڙهان پر گوڏن ۾ سور ٿو پوي
ڪو چوي مومل نه سهي سومل ئي سهي
ڪو چوي خدا بهيج ديتا هي حور صهبا کي لئي
ڪو چوي مون زندگيءَ ۾ صرف ارڙهن عشق ڪيا ٽرين ۾ زال ويٺي هوندي ۽ مسافرخاني ۾ محبوبه
ڪو چوي مان هيڏو وڏو ليکڪ سڄو ڏينهن ويٺو يس يس سر ڪيان
ڪو چوي لوڪ ستي مس ڪال ڪري ٿي.
هلو سائين هڪ ٻن کي ڇڏيو
امير خسرو کان اياز تائين، نائيٽ اينگل کان نورجهان تائين، حافظ کان حميد شهيد تائين، مايا انجلو کان مخمور بخاري تائين، جين آسٽن کان مارٽن لوٿر ڪنگ تائين، عمر خيام کان عبيد راشدي تائين، سعدي کان سانگي تائين، فردوسي کان فراز تائين، شيلي کان شاڪر تائين، بودليئر کان بيدل تائين، هيرالڊ رابنس کان هري موٽواڻي تائين، موهن ڪلپنا کان منشي ابراهيم تائين، پئبلونرودا کان پوپٽي هيراننداڻي تائين، رابندر ناٿ کان رجنيش گرو تائين.
ڪنهن ڪنهن جو ايمان پرکيو آهي؟
۽ ڪهڙي ڪسوٽي تي؟؟
۽ ڇو؟؟؟
فرانس جا ڪوپ ڪراڪري، باٽا جا جوتا، انڊيا ۾ ٽاٽا ۽ برلا، نوڪيا، سوني ۽ مرسيڊيز سٺي ۾ سٺيون ڪمپنيون آهن. ڪنهن سوچيو آ ته انهن جا مالڪ مسجد يا پگوڊا ۾ چلا ڪاٽيندا هوندا؟ پوءِ ڇو اسان ليکڪ ۽ شاعر کي ايمان جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون؟
گهڻائي سنڌي ليکڪ ۽ شاعر جن جو بئڪ گرائونڊ غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ رهيو آهي، پوءِ خدا جي قدرت هنن کي مٿي آڻي ٿي پر هنن کي اهو ننڍپڻ جو احساس هر وقت ڏنگ هڻندو رهندو آهي. رفليڪس ائڪشن ۾ سائيڪي طور، هر ڳالهه ۾ پنهنجي سڃائي جو اظهار ڪندا رهندا يا پنهنجن هيرو کان چوائيندا رهندا يا ائنٽي ڪلائيميڪس تي پهچي سڄو وقت ڊپريشن کي لڪائڻ لاءِ نان تڪن، شرابن ڪبابن، اوچين واچن، قيمتي پرفيومن ۽ ڪارن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا. نتيجي ۾ پڙهندڙ جي دل ۾ محبت وڃائي ويهن ٿا. الطاف شيخ ۾ خدا تعاليٰ اهڙي ڪابه سپيريارٽي يا سٽيٽس ڪامپليڪس ڪونه رکيو آهي. هو غريباڻي هوٽل ۾ رهي، گاڏن تان نان وغيره کائي، مڙيئي هانءَ جهل ڪري، اسان کي به سيکاري ٿو ته ٿورن پئسن ۾ گهڻو ڪئيين گهمي سگهجي ٿو. چاهي ها ته ملائيشيا ۾ رهي پوي ها. پاسپورٽ ڪو مسئلو نه هو. پر هن محب وطن ماڻهوءَ کي وطن جي خوشبوءِ ڇڪي آئي. هن جون پاڙون هتي، دوست احباب هتي، يار اغيار هتي، سمنڊ درياء هتي، ڍنڍون ڍورا هتي، ٻنيون ٻارا هتي، باغ بستان هتي، ٻولي لولي هتي، پرڻو مرڻو هتي، ابا ڏاڏا هتي، مٽيءَ جي خوشبوءِ هتي، محبتون هتي، راحتون هتي، باغ ۽ بهار هتي، گل ۽ بلبل هتي، ساغر مينا هتي، ساقي پئمانا هتي، تاج بلوچ هتي، هدايت بلوچ هتي. ڇا ڪونهي هتي؟ سڀ ڪجهه ته آهي ها! صبر ناهي، شڪر ناهي، محبت ناهي، جفاڪشي ناهي، احساس ناهي، ايمان ناهي، پئمان ناهي، وفا ناهي، جفا ناهي، همت ناهي، حميت ناهي، محبت ناهي، برداشت ناهي، ايثار ناهي وڏي ڳالهه ته ڌرتي لاءِ پيار ناهي.
نه ته ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته الطاف سونو چمچو وات ۾ جهلي پيدا ٿيو. پر امارت جي خوشبوءِ ڪنهن هڪ جملي يا ڊائلاگ ۾ نظر ڪانه ٿي اچي. ننڍا هئاسين ايترو شعور ڪونه هئو. پاڻ ۾ بحث ڪندا هئاسين ته يورپ وڃڻ وارو وهندڙ پاڻيءَ ۾ هٿ ڌوئڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو نه ته چکيو ضرور هوندائين! زندگيءَ جي تمام حسين زاوين، گولائين، گنبذن ۽ محرابن کان ڪيئن وانجهو رهيو هوندو!
زندگي جي سفر ۾ نشيب و فراز، ڪرب ۽ لذت، رنگ ۽ بوءِ کان بي نياز ٿي گذري وڃڻ وڏي حوصلي همت ۽ جگر جي ڳالهه آهي. پر الطاف شيخ جي تاج بلوچ کي ڏنل انٽرويو ۾ جڏهن الطاف شيخ پنهنجي مائن ڀينرن، چاچين ماسين وغيره جي ڳالهه ڪئي ته منهنجي من ۾ الطاف شيخ جو قد بت ڏهوڻو وڌي ويو. آئون پنهنجي ناڪاري سوچ جو (ٿوري وقت لاءِ ئي سهي) الطاف کان لکت ۾ ايڪسڪيوز ڪيان ٿو. اُميد ته دامن، عفو ۾ پناهه ملندي.
مرزا قليچ بيگ کي ان وقت جي انگريز ڪمشنر گهرائي پڇيو.
”ويل مسٽر مرزا، هيترا ڪتاب لکيا اٿئي تون سمجهين ٿو ڏهه سيڪڙو سنڌي به تنهن جا ڪتاب پڙهندا هوندا.
مرزا جواب ڏنو، ”ويل ميسر ڪمشنر جيڪر هڪ سيڪڙو به پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهيا ته اسين غلام آهيون ۽ غلامي عذاب آهي ته منهن جو لايو سجايو ٿيندو.“ انهي مصداق هي منهن جي ڪوشش هڪ سيڪڙي سنڌي ۾ اهو اتساهه پيدا ڪري سگهي ته هو پنهنجي پسنديده ليکڪ، ليکڪا اديب، اديبا، شاعر، شاعره، نقاد، نقادا (نقاده جي مادي) ڪرڪيٽر مرد توڙي عورت (هاڻ ته سڀني فيلڊن ۾ چونڪا، ڇڪا ۽ فلائنگ ڪڪ واه جون پيون هڻن) ملهه ۽ مولودي (سنڌ جي وسرندڙ ثقافت) تي ڪجهه نه ڪجهه لکي انٽرنيٽ تي موڪلين ته منهنجو لايو سجايو ٿيندو.
ليڊي ڊائنا جي بورچيءَ ڪتاب لکيو ”ماءِ لائف وٿ ڊائنا.“ آئون سوچيان ٿو الطاف جي گهر مٿيون ڪم ڪرڻ وارو بواءِ هجان ها، هن پرزم جهڙي شخصيت کي ويجهي کان هر رنگ ۾ مشاهدو ڪيان ها، پوءِ اهو ڪتاب ”ماءِ لائف وٿ الطاف شيخ“ لکان ها. خبر ناهي ڪيتريون ڪاپيون ڇپائڻيون پون ها. پبلشرجي چاندي ٿي وڃي ها.
هزارون خواهشين ايسي که هر خواهش په دم نکلي
بهت نکلي ميري ارمان ڦر ڀي کم نکلي
مون جهڙا ڪيترا سڀ پسند جا ڪتاب وٺي ڪونه سگهندا انهن لاءِ الطاف شيخ (۽ سنڌي ٻوليءَ جي) شان ۾ ڪو قصيدو لکڻ کان قاصر آهيان. جيڪي سي رنڊا روڙيا اٿم، جيڪي پارکن وٽ ترڻ کان پوءِ به اگهامڻ جي اميد خير ڪي آهي. انسان هوندي غلطين کان مبرا ڪير ڪونهي. نشاندهي ڪرڻ پڙهندڙ جو فرض آهي.
لغزشون انسان آهيون ٿيو وڃن
پاڪ پوتي پاڻ ناهيون ٿيو وڃن
چاهتون چاهيون نه چاهيون ٿيو وڃن
پنهنجي وس ۾ يار ناهيون.............. (شهيد)
هن ڪم ۾ ننڍن ڀائرن ۽ شبير ڪنڀر جو ٿورائتو آهيان جن جي مدد کان سواءِ هي ڪم مڪمل نه ٿئي ها. ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو
ڄام شورو باءِ پاس (قاسم آباد)
03003088892