گِلا – اسانجو خاص شغل
هڪ نو مسلم يورپي عورت ٻڌايو ته هوءَ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪندڙ هئي. هن قرآن کي ان خيال کان چڱيءَ طرح پڙهڻ شروع ڪيو جيئن هوءَ مسلمانن سان بحث ڪري کين عيسائي ٿيڻ لاءِ مطمئن ۽ راضي ڪري ۽ هنن جي اسلام کان دل کٽي ٿئي. ۽ پوءِ جڏهن هن قرآن جو چڱي طرح مطالعو شروع ڪيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هيستائين هوءَ ڀٽڪيل راهه تي هئي ۽ هوءَ يڪدم مسلمان ٿي. هوءَ نه فقط مسلمان ٿي پر هاڻ هوءَ اسلام جي تبليغ ڪري ٿي.
اڄ کان چوٿون صدي کن اڳ فرانس جهڙي يورپي ملڪ ۾ سؤ کان به گهٽ مسجدون هيون. اڄ اتي هزار کان مٿي مسجدون آهن. رمضان جي تراويح نماز فرانس جي تقريباً هر شهر جي مسجد ۾ پڙهي وڃي ٿي.
سئيڊن جهڙو ملڪ جتي 1980ع تائين اسان سوچي به نٿي سگهياسين ته اتي ڪا مسجد ٺهي سگهي ٿي. اتي جي مڪاني ماڻهن جو ”عيسائيت“ ڏي ئي ڪو لاڙو نه هو. اڄ سئيڊن جي شهر: اسٽاڪهوم، گوتابرگ ۽ مالمو وغيره ۾ نه رڳو مسجدون آهن پر نمازين سان ٽٻ آهن. مالمو ۾ ٻه سال (93-1992ع) رهڻ دوران انهن مسجدن ۾ ڪي ٿورا ايشيائي ۽ آفريڪي ڏٺم نه ته رڳو گورا يورپي هئا: جرمن، يوگوسلاوين، ڊئنش، نارويجن ۽ مڪاني سئيڊش ماڻهو. هونءَ به هنن ملڪن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جا ماڻهو گهٽ آهن. مسجدون جي نمازين سان ٽٻ آهن ته هتي جي گورن يعني يورپين سان جيڪي هاڻ مسلمان ٿيندا وڃن. ڪيترا اهڙا آهن جن اسلام بابت تمام گهڻو پڙهيو آهي پر هنن مسلمانن ٿيڻ جو اعلان نه ڪيو آهي. اسلام جن ڳالهين لاءِ چوي ٿو هو دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جو اظهار ڪرڻ لاءِ اڃا ٻڏتر ۾ آهن. ڪيترن يورپي ماڻهن جو اسلام بابت مطالعو اسان پيدائشي مسلمانن کان وڌيڪ آهي. اسان ڀلي مغرب ۽ يورپ جي ماڻهن کي گاريون ڏيون پر ڏٺو وڃي ته هنن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن جن لاءِ اسلام زور ڏئي ٿو ۽ اهي اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن. سئيڊن ۾ رهڻ دوران مڪاني ماڻهن جون سٺيون عادتون: هميشھ سچ ڳالهائڻ، ٻئي جي مدد ڪرڻ، ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ، ٻئي جي گِلا کان پرهيز ڪرڻ، وقت تي نوڪري تي پهچڻ، پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ، بيمار، بيواهه ۽ پوڙهي جي مدد ڪرڻ، وغيره... ڏسي اسانجو مصري ڪئپٽن حنفي ته هميشھ اهو چوندو هو ته ”الطاف لڳي ائين ٿو ته مسلمان مصر ۽ پاڪستان ۾ ضرور آهن پر اسلام هتي سئيڊن ۾ آهي.“ يا وري چوندو هو ”يار هي ماڻهو رڳو ڪلمو پڙهن ۽ سوئر نه کائين ته اسان کان وڌيڪ سٺا مسلمان سڏجن.“ ۽ ”ٽيون شراب پيئڻ ڇڏين.“ مون سندس ڳالهه ۾ اضافو ڪيو.
”ڀائو ڪٿي ٿا شراب پيئن“، ڪئپٽن حنفيءَ درستي ڪندي سمجهايو، ”تون پاڻ ڏس ته اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ تائين هنن ملڪن (سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره) جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مئخانا ۽ اُگهاڙا ناچ گهر هوندا هئا. هاڻ ڪي آهن؟ ورلي ڪي Bar يا Pub آهن جن ۾ به ايندڙن تي سختي ڪئي وئي آهي. رات جو جلدي بند ڪيا وڃن ٿا، محدود مقدار ۾ پيئڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو، نشي جي حالت ۾ ڪا غلط حرڪت ڪرڻ تي سخت سزائون آهن... سوئر کائڻ ۽ ڪتي پالڻ لاءِ به مڃين ٿا ته سٺي ڳالهه ناهي...“
هتي جي ماڻهن کي ڏٺو وڃي ته اسلام بابت ڏينهون ڏينهن ايڏي ڄاڻ ٿيندي وڃي جو اسان مسلمانن جي غلط ڪمن تان هو افسوس ڪن ٿا. هيءَ ڳالهه ”يورپ جا ڏينهن“ ڪتاب ۾ به لکي چڪو آهيان ته آئون پنهنجي ڪرسچن دوست سان گڏ يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ سفر ڪري رهيو هوس ته هوائي جهاز ۾ هڪ عرب، شراب جو گلاس هٿ ۾ جهلي، ايئر هوسٽس کي پريشان ڪري رهيو هو ته هن طرفان ڏنل سئنڊوچ حلال آهي يا پورڪ (سوئر) جي آهي. عرب جي دانهن تي ٻيا مسافر به پريشان ٿي رهيا هئا. آخر منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪرسچن دوست هن کان پڇيو: ”تون سوئر ڇو نٿو کائين؟“ هن جو پڇڻ ۽ اسان وارو عرب يار ويتر بگڙي ويو. ظاهر آهي هن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ اکيون ڦوٽاڙي پڇڻ واري عيسائيءَ کي چيو: ”ڇا توکي خبر ناهي آئون مسلمان آهيان ۽ هڪ مسلمان لاءِ خنزير حرام آهي؟“
عيسائي دوست سندس ڪاوڙ جي پرواهه نه ڪندي ويتر مرڪندي چيس: ”منهنجا ڀاءُ مونکي خبر آهي. آئون جيتوڻيڪ مسلمان نه آهيان پر توکان وڌيڪ اسلام بابت پڙهيو اٿم. مونکي خبر آهي ته مسلمان لاءِ سوئر حرام آهي ۽ مونکي اها به خبر آهي ته مسلمان لاءِ شراب به حرام آهي.“
اهو ٻڌي هو عرب همراهه ککو وکو ٿي ويو. وسڪيءَ سان ڀريل گلاس کڻي ٽيبل تي رکيائين.
هڪ دفعي ڊئنمارڪ ۾ ڪجهه مسلمان ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جا اسين جهازي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ Life Raft جو ڪم ۽ ان جو استعمال سکي رهيا هئاسين جنهن بعد اسان کي جهاز ۾ کلئي سمنڊ ۾ وڃي لائيف رئفٽ سان گڏ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻو هو. اسانکي سيکارڻ واري انسٽرڪٽر اسان کي ڪناري تي ويهي ڪجهه وڌيڪ پرئڪٽس ڪرڻ لاءِ چيو. اسانجي گروپ ۾ موجود اڪيلو يورپي (فرينچ) جهازي پڻ اسان کي ان لاءِ خبردار ڪندو رهيو پر اسين باقي ڄڻا جن ۾ عرب ۽ اسان بنگلاديش ۽ پاڪستان جا جهازي هئاسين سستي کان ويٺا رهياسين ۽ فرينچ کي اهوئي چوندا رهياسين ته ”اسان مسلمان آهيون. اسان جو الله تي ڀروسو آهي مرڻو هوندو ته هڪ ڏينهن مري وينداسين.“
نڄاڻ اهو فرينچ گورو جهازي پاڻ به مسلمان هو. هن اسان جي ان ڳالهه کي رد ڪندي درستي خاطر حديث ٻڌائي ته حضور ﷺ جن جو چوڻ آهي ته پنهنجي اُٺ کي مضبوط ٻڌ ۽ پوءِ الله تي ڇڏ. سو اسان کي به پنهنجي حساب سان چڱي طرح پرئڪٽس ڪرڻ کپي ۽ پوءِ الله تي ڇڏڻ کپي. جنهن جي حياتي هوندي اهو بچي ويندو جنهن جي نه هوندي اهو مري ويندو.“
بهرحال انهن ڳالهين مان يورپين جو اڄڪلهه اسلام ڏي وڌندڙ لاڙي ۽ اسان جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي کين ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي مذهبي طرح توڙي اخلاقي طرح خراب سمجهيون وڃن ٿيون پر اسان علمي يا لاعلمي ۾ اهي ڪندا رهون ٿا. سئيڊن ۾ ٻه سال رهائش دوران اسان پنج ڇهه پاڪستان هر وقت ٽولو ٺاهي هلندا هئاسين. اسان سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن ٻيا به جهازي آفيسر هئا. اسان پاڪستاني عادت کان مجبور جيئن پنهنجي ملڪ ۾ به هر وقت هڪ ئي ڳوٺ، ضلعي يا صوبي جا ڌار ڌار ٽولو ٺاهي هلون. سو هتي ولايت ۾ به ٻين سان رلي ملي هلڻ بدران پنهنجي ملڪ جو ٽولو ٺاهي هلياسين ٿي. وڌ ۾ وڌ پاڙي جي ايشيائي ملڪن (بنگلاديش ۽ ايران) جي ماڻهن سان يا عرب ملڪن (سعودي، ڪويت، مصر، آلجيريا وغيره) جي ماڻهن سان ويٺاسين ٿي. هر وقت پنهنجي راءِ کي نه فقط صحيح سمجهيوسين ٿي پر ٻين تي ٿاڦڻ جي به پوري پوري ڪوشش ڪئي ٿي. هر ڳالهه ۾ پاڻ کي اُتم ۽ هر پنهنجي ڪم يا عادت کي صحيح سمجهيوسين ٿي ۽ ٻين کي هيٺاهون يا غلط قرار ڏيڻ جي ڌن ۾ رهندا هئاسين. دنيا اسان لاءِ ڇا ٿي رايو ڏئي اهو feed back وٺي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پاڻ کي اهو اعليٰ انسان سمجهندا هئاسين جيڪو اسان پاڻ پنهنجي لاءِ راءِ رکي ٿي. اسلام جي به جيتوڻيڪ چڱي طرح ڄاڻ نه هئي پر پنهنجي هر ڪم ۽ هر عمل کي عين اسلامي سمجهيو ٿي. ان معاملي ۾ دنيا جي سڀني مسلمانن کان پاڻ کي بهتر مسلمان تصور ڪيو ٿي. اسان ڳچيءَ ۾ ٻڌل تعويذن، قبرن ۽ درگاهن تي وڃڻ جي ڳالهين، الله سان گڏ انسانن کي داتا گنج، حاجت روا، مشڪل ڪشا ۽ الائي ڇا جو ڇا سڏڻ تي ڀلي اسان جا ٻيا مسلمان ڀائر (عرب، ملئي، آفريڪي) توبه توبه ڪندا رهن پر اسان پاڻ کي اسلام جا وڏا پوئلڳ سمجهندا رهون ٿا.
اهو مثال به ڪنهن ڪتاب يا ڪالم ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ نو مسلم يورپي، موڪلن ۾ ڊئنمارڪ کان پاڪستان گهمڻ ويو. ٻاهر جي ماڻهن لاءِ پاڪستان هڪ Ideal اسلامي ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، ڇو جو پاڪستان اسلام جي نالي ۾ ٺهيو. جڏهن هو پاڪستان واپس آيو ته حال احوال ورتومانس. پنهنجي نڪ کي گَهندي چيائين توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟ پڇيومانس: ”ڇو؟“ وراڻيائين: ”آئون جڏهن مسلمان نه هوس (يعني عيسائي هوس) ته منهنجا فقط ٽي خدا هئا: هولي فادر، هولي گوسٽ وغيره وغيره. مسلمان ٿيڻ بعد منهنجو هڪ خدا ۾ ايمان آهي جنهن سڄي ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي. هو اسان سڀني جو رب آهي. هوئي سڀ ڪجهه اسان کي ڏئي ٿو ۽ اسان جا ڏک درد لاهي ٿو. پاڪستان پهچي مونکي افسوس ٿيو ته توهان مسلمانن الله کان علاوه ٻيو ڪنهن ڪنهن کي کڻي ان داتا بڻايو آهي. رڳو ساحلِ سمنڊ تي ئي ڇهه ست درگاهون ٺهيون پيون آهن جن کان حاجتمند دل جون مرادون پيا گهرن.... وغيره وغيره.
هڪ دفعي اسان جي هڪ پاڪستانيءَ هڪ يورپي (شايد يوگوسلاويا پاسي جو هو) سان اجايو مذهب تي بحث ڇيڙي هن کي شراب لاءِ چيو ته توهان غير مسلم شراب جهڙي خراب شيءِ واپرايو ٿا.
هن ڪا دير اسان جي منهن ۾ چتائي ڏٺو ۽ پوءِ چيو: ”اسان ته ڪڏهن ڪڏهن شام جو پيگ چاڙهيون ٿا توهان جو سڄو ڏينهن ويٺا پرائي پچار ڪريو يعني گِلا ڪريو- اها ڪهڙي سٺي ڳالهه آهي؟ آئون مسلمان نه آهيان پر منهنجو اسلام بابت ايترو مطالعو ضرور آهي ۽ مونکي خبر آهي ته حديث ۽ قرآن ۾ ان ڳالهه کي ڪيترو ننديو ويو آهي.“
مونکي ان وقت محسوس ٿيو ته اسان ۾ اها ڪيڏي غلط عادت آهي جو اسان پرائي پچار ڪندا رهون ٿا- جيڪا مذهبي نقطي نگاهه کان عرب توڙي ملئي ۽ انڊونيشي مسلمانن ۽ اخلاقي طرح انگريزن ۽ يورپين ۾ بنهه ناهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ’ڪاوش‘ يا شايد ’ڪوشش‘ اخبار ۾ اها خبر پڙهيم ته انٽرنيٽ ذريعي قاسم آباد جي هڪ سنڌي نوجوان جو ملائيشيا جي ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو ۽ شاديءَ لاءِ هوءَ پاڪستان هلي آئي ۽ ڇوڪر سان نڪاح ڪيو. ان بعد ڇوڪر ملئي ڇوڪريءَ کي ڀٽ شاهه چڪر تي وٺي ويو جتي ملئي ڇوڪريءَ نوجوان کي قبر کي هٿ لائڻ ۽ ٻڪ کڻي قبر کان دعا گهرڻ کان منع ڪئي ۽ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته مسلمان ٿي ائين قبر پرستي ڇو ٿا ڪريو. ٻي ڳالهه جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ کي عجيب لڳي ته اسان ماڻهن ۾ پرائي پچار گهڻي آهي. مرد توڙي عورتون پنهنجي فرصت جو وڏو حصو گِلا ۾ گذاري ٿو.
سچ ڳالهه اها آهي جو ان گلا جي عادت ڪري ولايت ۾ پڻ اسان پاڪستاني پنهنجو پاڻ ۾ به وڙهيل رهون ٿا ته ڌارين سان به. رب پاڪ معاف ڪري اسان ان معاملي ۾ ڪيڏو گنهگار ٿيون ٿا. دوستن جي سنگت ۾ جيڪو غير حاضر هوندو ان جون ويٺا گلا ڪنداسين ۽ پوءِ مٿان وري اهو به ٿڌو ٿورو ڪنداسين ته گلا نه پر سچي ڳالهه ٿا ڪريون. پر حقيقت اها آهي ته هر اها ڳالهه جيڪا ٻئي کي رنج رسائي (پوءِ ڀلي کڻي صحيح هجي) گِلا ۾ شمار ٿئي ٿي. جيئن حديث ۾ آهي. ۽ اها ڳالهه جي ڪوڙ آهي ته پوءِ اها ڳالهه گِلا نه پر بهتان ٿي جيڪا اڃا به خراب ڳالهه آهي.
سورة الحجرات جي ٻارهين آيت ۾ رب پاڪ ارشاد ٿو فرمائي: ”اي مومنؤ! اڪثر گمانن کان پري رهو. بيشڪ ڪي گمان گناهه جي برابر آهن ۽ جاسوسي نه ڪيو (يعني لڪي ڇپي ٻين جا احوال معلوم نه ڪيو) ۽ توهان مان ڪو ڪنهن جي گِلا نه ڪري (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ). ڇا توهان ۾ ڪو اهڙو آهي جو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسندو ڪندو؟ توهان کي خود ان کان نفرت ٿيندي. خدا کان ڊڄو (۽ انهن ڳالهين کان باز اچو). بيشڪ خدا باز اچڻ وارن جي توبهه قبول ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.“
گِلا جي Definition اها آهي ته ”ماڻهو پرپٺ ڪنهن ٻئي جي متعلق اهڙي ڳالهه ڪري جيڪا جيڪڏهن هن کي معلوم ٿئي ته هن کي ناگوار لڳي“ اها Definition خود رسول الله ﷺکان نقل ٿيل آهي. حضرت ابوهريره کان روايت ٿيل جنهن کي مسلم، ابودائود، ترمذي، نسائي ۽ ٻين محدثين قلمبند ڪيو آهي ته حضور ﷺ جن غيبت يعني گِلا جي اها وصف بيان فرمائي ته ڪنهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله ﷺ جيڪڏهن اها خرابي ان ماڻهوءَ ۾ موجود هجي جنهن جي ڳالهه پئي هلي ته ان صورت ۾ توهانجو ڇا خيال آهي؟“
پاڻ ﷺ فرمايو جيڪڏهن ان ماڻهوءَ ۾ اها ڳالهه آهي ته پوءِ توهان هن جي گلا ڪئي ۽ جيڪڏهن نه آهي ته پوءِ توهان هن تي بهتان هنيو.
سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ رهائش دوران اتي جي مسجدن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا عالم ۽ مولوي جمعي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن عنوان تي ليڪچر ڏيندا هئا. انهن ۾ گهڻو ڪري سائوٿ آفريڪا جا، پاڪستان جي پنجاب پاسي جا ۽ آمريڪا (USA) جا نو مسلم هوندا هئا- يعني اهي اسلام مان متاثر ٿي مسلمان ٿيا آهن ۽ هاڻ تبليغ جو ڪم ڪن ٿا. ائين ته ترڪي جا به مولوي ايندا هئا پر مٿين ملڪن جا انگريزيءَ ۾ واعظ ڪندا هئا. ڌارين زبانن ۾ هن پاسي انگريزي بعد ترڪي هلي ٿي ڇو جو هن پاسي يوگوسلاويا، البانيا، بلغاريا ۽ ٻين بلقاني رياستن جا ماڻهو ترڪي سمجهن ٿا. هڪ دفعي گِلا ۽ پرائي پچار جي عنوان تي واعظ ڪندي هڪ نو مسلم مولويءَ قرآن مجيد جي مٿين آيت جو ترجمو ۽ سمجهاڻي ڏني جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
وَّلَاتَحَسَّسُوْا وَلَايَغْتَبْ بَّعْضُکُمْ بَعْضًا
(تجسس يعني جاسوسي نه ڪيو ۽ توهان مان ڪو ڪنهن جي گِلا نه ڪري).
مولانا صاحب ان بابت سمجهائيندي چيو: ”ماڻهن جا راز ۽ لڪل ڳالهيون نه ڳوليو، هڪ ٻئي جي عيبن کي وائکو نه ڪريو، ٻين جي حالات ۽ معاملات جي کوجنا نه ڪريو. اهو ڪم چاهي بدگماني جي بنياد تي ڪيو وڃي يا صرف پنهنجي Curiosity دور ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي، هر حال ۾ شرعي طرح منع ٿيل آهي. هڪ مؤمن جو اهو ڪم ناهي ته هو ٻين جي حالتن تي پيل پڙدي پويان ليئا پائي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ٻين ۾ ڪهڙا عيب آهن يا ٻين ۾ ڪهڙيون ڪوتاهيون آهن. ماڻهن جا ذاتي خط پڙهڻ، ٻن ماڻهن جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين کي ڪن ڏيئي ٻُڌڻ، پاڙيسرين جي گهر ۾ نظر ڊوڙائڻ ۽ مختلف طريقن سان ٻين جي ذاتي زندگي يا انهن جي ذاتي معاملن کي اُکيلڻ هڪ وڏي بداخلاقي آهي، جنهن سان ڪئين قسمن جا جهيڙا ۽ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون.“ مولوي صاحب ٻڌايو ته ان ڪري نبي ﷺ جن هڪ دفعي پنهنجي خطبي ۾ تجسس ڪرڻ وارن لاءِ فرمايو:
”اي مسلمانو! جن جي زبان تي ايمان آيو آهي پر دلين ۾ اڃا ايمان نه آيو آهي، مسلمانن جي لڪل حالتن جي کوج نه ڪريو، ڇو ته اهو شخص جيڪو مسلمانن جا عيب ڳولڻ جي پٺيان لڳندو الله ان جي عيبن پٺيان لڳي ويندو ۽ الله جنهن سان ناراض ٿئي ٿو ته اهو گهر ۾ به منهن کڻڻ جهڙو نٿو ٿئي.“
هڪ ٻي حديث ۾ به آهي ته جڏهن ڪنهن شخص بابت توهان جي دل ۾ ڪو خراب گمان پيدا ٿي پوي ته هن جي تحقيق نه ڪريو.
مولوي صاحب اسان ٻڌندڙن کي خبردار ڪندي صاف صاف ٻڌايو ته ”ڪنهن جي به غير حاضريءَ ۾ هن لاءِ خراب ڳالهه ڪرڻ قطعاً حرام آهي. اها خراب ڳالهه (بدگوئي) جيڪڏهن سچي آهي ته اها ”گِلا) (غيبت) ۾ شمار ٿئي ٿي، جي ڪوڙ آهي ته ”بهتان“ ٿيو ۽ جي اها ڳالهه ٻن ماڻهن کي ويڙهائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي ته ”چغلي“ ٿي. شريعت ۾ اهي ٽئي شيون حرام آهن.“
رب پاڪ شال اسان کي سنئين راهه تي هلائي ۽ روزمره جي ان قسم جي گناهن کان بچائي ۽ هرهڪ کي اهوئي تجربو هوندو ته Long run ۾ انهن ڳالهين مان ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي ۽ هن جهان ۾ ئي ان جا اگرا نتيجا سامهون اچن ٿا. والدين ۽ اسڪول ٽيچرن کي جڳائي ته هو ٻاراڻي ليول تي ئي گِلا جهڙي برائيءَ کي نندين ۽ چاهه سان گِلا ٻڌڻ بدران گِلا ڪرڻ واري کي دلشڪستو ڪن جيئن برونائي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مسلمان فئملين ۾ ڪيو وڃي ٿو.