ڪجهه ياد رکڻ جون ڳالهيون
• چنڊ تي وڃڻ وارو آخري ماڻهو يوجين چرنان هو جنهن پنهنجي ساٿي هئريسن سان گڏ 13 ڊسمبر 1972ع تي چنڊ تان قدم کنيا. ان بعد اڃا ڪو ٻيو وري چنڊ تي نه ويو آهي.
• هو ڇا چوندا آهن ته It is a small world. اها واقعي حقيقت آهي ته اسان جي ڌرتي ڪائنات جي ٻين شين جي مقابلي ۾ خاص وڏي ناهي. سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ ڌرتيءَ جهڙو هڪ ٻيو سَيارو Jupiter (جنهن کي اسان مشتري سڏيون ٿا) اهوئي ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ اسان جي دنيا جهڙا هڪ هزار گولا سمائجي وڃن.
• ڪجهه ٻين سَيارن جي چوڌاري به ڇَلا (Rings) آهن پر ڌرتيءَ تان اسين فقط زحل (Saturn) سَياري جا ئي ڇلا ڏسي سگهون ٿا.
• سج جي چوڌاري ڌرتيءَ وانگر مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter)، عطارد (Mercury) ۽ ٻيا سَيارا گردش ڪندا رهن ٿا. زحل (Saturn) سج کان ايترو ته پري آهي جو ان تي، ڌرتيءَ تي پوندڙ روشنيءَ جو اسيهون (80) حصو پوي ٿو ۽ ظاهر آهي زحل تان سج به ننڍو نظر اچي ٿو.
• سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ سَيارن ۾ سڀ ۾ وڏو مشتري (Jupiter) آهي ۽ ٻئي نمبر تي زحل (Saturn) آهي.
• سج جي بلڪل ويجهو عطارد (Mercury) سَيارو آهي ان بعد زهره (Venus) ۽ پوءِ اسان جي ڌرتي آهي. ان بعد مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، يورينس ۽ نيپچون سَيارا آهن.
• زحل سَياري جي چوڌاري ڦرندڙ چَنڊن مان ٽائٽان چنڊ عطارد (Mercury) ۽ پلوٽو سَيارن کان به وڏو آهي.
• سج ۾ ايڏي باهه ۽ تپش آهي جو سج جي ٻاهرين حصي جي ٽپال جي ٽڪلي جيتري ايراضي جي چمڪ به ايتري طاقتور آهي جيتري 15 لک ڏيئن جي.
• جيڪڏهن اسان جو نظام شمسي (سج، ڌرتي ۽ ٻيا گردش ڪندڙ سَيارا ۽ انهن جا گهيرا (Orbits) هڪ رپئي جي سِڪي برابر سمجهون ته ان ۾ سج جي ماپ ايتري گهٽ ٿيندي جو مائڪرو اسڪوپ سان ڏسي سگهبو ۽ ويجهي ۾ ويجهو تارو 300 فوٽ پري هوندو.
• ۽ جيڪڏهن توهان ڌرتيءَ جي سائيز هڪ رپئي برابر ٿا سمجهو ته سج جي سائيز ان بال جيڏي ٿيندي جنهن جو قطر 9 فوٽ هجي ۽ اهو بال ڌرتيءَ واري هڪ رپئي کان فٽ بال گرائونڊ جيترو پري ٿيندو. ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 330,330 دفعا وڏو آهي.
• نيرو چنڊ (Blue Moon) ڇا آهي؟ اسان انگريزيءَ ۾ اڪثر اهو جملو ٻڌون ٿا ته “Once in a blue moon” معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن يا ورلي. اهو بِلو چنڊ ڇا آهي؟
انگريزي (جارجين ڪئلينڊر) جي مهينن ۾ اسلامي مهيني کان هڪ ٻه ڏينهن گهڻا ٿين ٿا. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جولاءِ يا آگسٽ جهڙي ايڪٽيهين مهيني جي پهرين تاريخ چوڏهين تاريخ ٿي پوندي آهي. اهڙي صورت ۾ ان مهيني جي آخري ڏينهن ۾ هڪ دفعو وري چوڏهين تاريخ (سڄي چنڊ جي رات) اچي ويندي آهي ۽ ان ٻي دفعي آيل چوڏهين جي چنڊ کي انگريز “Blue Moon” سڏين ٿا.
• چوڏهين جو سڄو چنڊ (Full moon) جڏهن توهان جي بلڪل مٿي آهي ته توهان جي تور اصل وزن کان ڪجهه گهٽ رهي ٿي.
دراصل تور يا وزن ڇا آهي؟ اها زمين جي ڪشش (ڇڪ) آهي. جيڏو وڏو سيارو اوڏي گهڻي ڇڪ (Gravitational Pull). چنڊ جڏهن اسان جي بلڪل مٿان ٿو اچي ته ان جي ڪجهه ڇڪ جي ڪري اسانجي تور گهٽجيو وڃي. ان ڇِڪَ (Pull) ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ويرون ٿيون پيدا ٿين. اهي ويرون (لهرون) چوڏهين جي سڄي چنڊ واري رات هيڪانديون وڏيون ٿيو وڃن.
• توهان هندي وڏو سمنڊ، ڀؤنچ سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو ٻڌو هوندو پر ڪڏهن ”سڪون جو سمنڊ“ (Sea of Tranquility) ٻڌو آهي ته ڪٿي آهي؟ بحر سڪون يا بحرِ سڪونت هن ڌرتيءَ تي نه پر چنڊ تي آهي. چنڊ جو اهو اڌ جيڪو هميشھ ڌرتيءَ پاسي رهي ٿو ۽ تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخ وارين راتين ۾ جنهن کي اسان چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا ان پاسي ماٿرين جهڙيون هيٺاهيون تمام گهڻيون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته شايد اهي سمنڊ (Maria) هئا. جيئن اسان وٽ ڪو سمنڊ سڪي پوي ته ان هنڌ تي هيٺاهين (Depression) ٿي پوندي. چنڊ جو ٻيو حصو جيڪو اسان ڌرتيءَ تان ڏسي نٿا سگهون، پر هاڻ راڪيٽن جي وڃڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ تي معلوم ٿيو آهي، اهو پاسو بلڪل ويران رڻ پٽ آهي. پر اسان وارو پاسو هيٺاهين ۽ ترائين (Maria) سان ڀريل آهي. اهي سمنڊن وارا کڏا آتش فشان (Volcano) مان نڪتل ڪاري رنگ جي لاوا سان ڀريل آهن. بهرحال انهن سڪل سمنڊن (Maria) مان هڪ سمنڊ جو نالو Sea of Tranquility آهي. چنڊ تي ٻين مشهور سمنڊن جا نالا هن ريت آهن: ڦوٽهڙي (Fertility) جو سمنڊ، گوڙ گهمسان جو سمنڊ (Sea of Crisis)، خاموشيءَ جو سمنڊ (Sea of Serenity)، وغيره. ياد رهي ته هي سڀ سمنڊ سڪل حالتن ۾ آهن. چنڊ تي پاڻي ۽ هوا موجود ناهي.
• مختلف سَيارن ۽ تارن جا وڏا وڏا ٽڪر دربدر ٿي اسان جي ڌرتيءَ تي به ڪِرندا رهن ٿا جن جو تعداد هزارن ۾ ٿئي ٿو پر ڌرتيءَ جي چوڌاري هوا جو ويڙهو هجڻ ڪري اهي آفتون ڌرتي تي ڪري نقصان پهچائڻ کان اڳ سڙيو، ٻريو، ناس ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن انهن ٽڪرن جو ڪو بچيل سچيل ذرڙو (Asteroid) ڌرتيءَ جي سطح تي به پهچي وڃي ٿو. سڀ کان وڏو ائسٽرائڊ (Asteroid) روس جي اتراهين علائقي سائيبيريا ۾ 30 جون 1908ع ۾ ڪِريو هو، جنهن پٿر جو وزن هڪ لک ٽن کن هو. اهو ڌرتيءَ تي پهچڻ کان چار ميل اڳ هوا ۾ ڦاٽي پيو هو ۽ هن جي ڦاٽڻ جو آواز سائنسدان ٻڌائين ٿا ته هيروشيما (جپان) ۾ ۾ ڪيرايل بم جي آواز کان ٻه هزار دفعا وڌيڪ هو. جنهن هنڌ تي هن ائسٽرائڊ جا ٽڪرا ڪِريا هئا ان جي پسگردائيءَ جا هزارين ايڪڙ ٻيلا تباهه ٿي ويا هئا.
• بنا دوربين (Telescope) اسان وينس (زهره)، مارس (مريخ)، جوپيٽر (مشتري) ۽ سئٽرن (زحل) سَيارا ڏسي سگهون ٿا. يورينس نظر اچي ٿو پر بنهه ٽٻڪي برابر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڀر ۾ چمڪندڙ ٻين تارن جي وچ ۾ هن کي سڃاڻڻ سولو ڪم ناهي. نيپچون ۽ پلوٽو سَيارا ايترو ته چُنجها آهن جو بنا دوربين جي ڳولڻ ناممڪن ڳالهه آهي.