آسمان جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو
هي تارو آخرالنهر اسانجي سج کان ستوڻو وڏو آهي. ذرا سوچيو ته ڪيڏو وڏو هوندو جيڪو آسمان ۾ تري رهيو آهي. پر اسان کان پري هجڻ ڪري سج کان ننڍو لڳي ٿو ۽ ذرا تصور ڪريو ته هي تارو اسان کان ڪيترو پري ٿي سگهي ٿو؟ سج اسان کان پري آهي ته به ان جي روشني اسان تائين 8 منٽن ۾ پهچيو وڃي. آخرالنهر تارو اسان کان 144 نوري سال پري آهي ۽ هاڻ ته توهان کي ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته نوري سال جو فقط هڪ سيڪنڊ 300000 ڪلوميٽرن برابر آهي اتي 144 نوري سال ڇا مفاصلو هوندو! يعني توهان 144 سالن جا پهرين سيڪنڊ ڪڍو، ان بعد ان کي ٽن لکن سان ضرب ڏيندائو ته اهو ڪلوميٽرن ۾ فاصلو ٿيندو. ٻين لفظن ۾ هڪ عام ماڻهو اها ڳالهه هيئن سمجهي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو راڪيٽ هجي جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي، ان ۾ چڙهي هن آخرالنهر تاري ڏي روانو ٿجي ته بنا ڪنهن اسٽاپ جي 144 سالن ۾ اتي پهچي سگهبو ۽ هڪ ٻي ڳالهه! جيتري باهه سج ۾ ٻري رهي آهي، جيترو روشن سج آهي ان کان 3000 دفعا وڌيڪ روشن هي تارو آهي! هي تارو اسان وٽ آسمان ۾ ڏکڻ طرف نظر اچي ٿو، مٿي يورپ پاسي هي تارو نظر نٿو اچي. ان پاسي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ ٻين تارن جي مدد ورتي وڃي ٿي.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته تقريباً سڀ تارا ۽ سيارا ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي چوڌري ته گردش ڪندا رهن ٿا، جيئن چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري، ڌرتي سج جي چوڌاري ۽ سج وري پنهنجن سڀني سيارن سان گڏ پنهنجي ڪهڪشان، جنهن جو هو هڪ تارو آهي، جي وچ (مرڪز) جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت ڪيترائي تارا ۽ سيارا پنهنجي محور جي چوڌاري به ڦرندا رهن ٿا. ڪي چنڊ جهڙا ننڍا سيارا آهن جيڪي پنهنجي چوڌري نٿا ڦرن يعني rotate نٿا ڪن باقي ٻيا، مختلف رفتار سان ڪن ٿا جيئن اسان جي ڌرتي 1000 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر ڦري ٿي ۽ ان گول ڦرڻ ڪري هن جو وچ يعني Equitor (خط استوا) وارو حصو قطبن (Poles) کان ڪجهه وڌيڪ ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ جيڪو سَيارو يا تارو جيڏي گهڻي رفتار سان پنهنجي چوڌاري گول ڦرندو اوترو هن جو وچ ٻاهر نڪرندو- يعني وڏو ٿيندو. ان حساب سان مٿيون تارو Achernar (آخرالنهر) جيڪو اسانجي سج کان ستوڻ اٺوڻ کن ڳرو آهي، 144 نوري سال اسان کان پري آهي ۽ سج کان 3000 دفعا وڌيڪ روشن آهي، اهو ايڏي ته وڏي رفتار سان پنهنجي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو جو هن جو خط استوائي قطر (Equatorial Diameter) قطبي قطر (Polar Diameter) کان ٻيڻو ٿي پيو آهي ۽ جي انهن تارن جي رفتار، وزن، سائيز، ٻرندڙ باهه (جنهن سميت هو گول ۽ اڳيان ڊوڙندا رهن ٿا) جو رڳو سوچجي ٿو ته دماغ چڪرائجيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو هڪ گورو يورپين، انگريز يا آمريڪن جنهن کي ڀَل اسان ڪافر سڏيون پر هن کي سائنس ۽ علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽس جي ڄاڻ آهي ته هو قرآن کي اسان کان وڌيڪ بهتر سمجهي سگهي ٿو ۽ هو جڏهن اسلام جي دائري ۾ اچي ٿو ته هو وڌيڪ پختي ايمان ۽ يقين سان هن ڪائنات جي خلقڻهار رب کي مڃي ٿو. ڪجهه دير اڳ الملڪ سورة پڙهي رهيو هوس ته مَا تَريٰ فِي خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفَاوُتٍ... (جنهن تهه مٿان تهه آسمان ٺاهيو، تنهن رحمان جي تخليق ۾ ڪنهن به قسم جي بي ربطي نه ڏسندين. وري وري نظر ڊوڙائي ڏس ته توکي ان ۾ ڪو به خلل نظر نه ايندو....“ ) ان قسم جون قرآن جون آيتون جيڪڏهن ڪو علم فلڪيات جو شاگرد پڙهي ٿو ته هو مسلمان نه هوندي به سچي دل سان رب جي موجودگي ۽ عظمت جو اعتراف ڪري ٿو.
پاڻ عرب مسلمانن جي ڳالهه پئي ڪئي ته هو علم فلڪيات ۾ ماهر رهيا آهن، جنهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته عربستان (سعودي عرب، يمن، مصر) واري علائقي ۾ يورپ جهڙو نه جهڙ آهي نه ڌنڌ يا ڪوهيڙو. تقريباً سڄو سال آسمان صاف رهي ٿو. هاڻ اليڪٽرسٽي جي ايجاد ۽ پنکن ۽ ايئرڪنڊيشنرن ڪري ماڻهو اندر ڪمرن ۾ سمهن ٿا نه ته عرب به سنڌ جي ماڻهن وانگر اڱڻ ۾، يعني کلئي آسمان هيٺان ستا ٿي ۽ غور سان آسمان تي چنڊ ۽ تارا ۽ انهن جي چرپر کي ڏٺو ٿي. ان ڪري علم فلڪيات ۽ جهاز رانيءَ ۾ عربن جو وڏو حصو آهي. تارن تي رکيل، هنن جا عربي نالا اڄ به انگريز استعمال ڪن ٿا. مون وٽ گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن اهڙن تارن جي لسٽ آهي جن جا نالا عربي آهن. مٿي بيان ڪيل Achernar (آخرالنهر) تاري وانگر هڪ ٻيو ان کان به وڌيڪ اهم ۽ روشن تارو Sirius آهي. سيرس تارو آخرالنهر تاري وانگر بنا دوربين جي ڏسي سگهجي ٿو ۽ تمام گهڻو روشن (چمڪندڙ) تارو آهي ۽ آخرالنهر جيڪو اسان کان 144 نوري سالن جي فاصلي تي آهي ان جي مقابلي ۾ هي تارو فقط ساڍا اٺ نوري سال پري آهي. ان مفاصلي وارن تارن کي اسان پاڙي جا تارا- يعني ويجها تارا پڻ سڏيون ٿا. جاهليت واري دور ۾ هن تاري جو عربن وٽ ديوتا جو درجو هو ۽ هنن هن تاري جي پوڄا پڻ ڪئي ٿي. هي تارو سج کان 25 دفعا وڌيڪ روشن آهي پر آسمان ۾ ڪئنوپس ۽ رجيل تارن کان ٿورو گهٽ چمڪي ٿو. ڪئنوپس ۽ رجيل تارن جو ذڪر ڪٿي اڳتي هلي ڪبو. هن تاري کي Dog Star به سڏين ٿا. پئسفڪ سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ وقت رستو ڳولڻ ۾ هي تارو وڏي مدد ڪري ٿو. مصر ۽ يونان ۾ هي ڪافي جهوني زماني کان سڃاتو وڃي ٿو. مصرين جو ته اهو عقيدو هو ته نيل نديءَ ۾ اٿل ۽ ٻوڏون هي تارو سيرس آڻي ٿو. اهڙي طرح آڳاٽن يونانين جو ان ڳالهه تي يقين هو ته ملڪ ۾ گرمي ۽ خشڪ موسم هن تاري جي ظاهر ٿيڻ تي آهي. هنن جو اهو به عقيدو هو ته هن تاري جي نمودار ٿيڻ بعد ڪجهه هفتا ساوڪ سڙيو وڃي، ڪيترائي مرد ڪمزور ٿيو پون ۽ عورتن جون شهواني خواهشون وڌيو وڃن. بهرحال ڪنهن کي ڇا ٿو ٿئي ان سان اسان جهازين جو واسطو نه آهي. اسان لاءِ اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته آسمان ڪڪرن، ڌنڌ، رَءُ ۽ ڌوڙ کان صاف هجي ۽ Serius جهڙا چٽا ۽ چمڪندڙ تارا موجود هجن، جيئن انهن کي ڏسي اسان کي رستي جي خبر پئي پوي نه ته بي صورت ۾ ڀٽڪيل مسافر خوف جي زندگي گذاري ٿو. پر هي تارو اهڙو آهي جنهن بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن. اپريل جي آخر ڌاري جڏهن هي تارو نظر اچڻ بند ٿئي ٿو ته ڪيتريون قومون مختلف طريقن سان خوشي ۽ عقيدت جو اظهار ڪن ٿيون. رومن هر سال 25 اپريل تي هن تاري مٿان ڪتي کي قربان ڪندا هئا. ڪتو ڪُهي، ان جو گوشت، اگربتيون ۽ شراب روبيگو ديويءَ اڳيان اچي رکندا هئا، جيئن ڪڻڪ جي فصل کي ڪو نقصان نه رسي. پئسفڪ سمنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سمنڊ آهي ۽ جتي پئسفڪ سمنڊ ۾ سوين ميلن تائين ڪا زمين يا ڪو ٻيٽ نظر نٿو اچي اتي ڪيترن ئي هنڌن تي ٻيٽن جا جهڳٽا آهن ۽ جتي جتي اهي ٻيٽن جا جهڳٽا آهن اتي ڪي ڏهه پندرهن ٻيٽ نه آهن پر ننڍا ننڍا سوين ٻيٽ آهن ۽ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين آمدرفت جو ذريعو ٻيڙي يا جهاز آهي. سو پئسفڪ سمنڊ ۾ اهڙن ٻيٽن تي ايندڙ ويندڙ ٻيڙين جا ناکئا (ناخدا) اوندهه رات ۽ چوڌاري اٿاهه سمنڊ ۾ جن چٽن ۽ گهڻو روشن تارن ذريعي رستو ڳولين ٿا، Serius تارو به انهن مان هڪ آهي. ههڙن تارن ذريعي دنيا جي ويڪرائي ڦاڪن (Latitudes) جي به خبر پوي ٿي. جاگرافي ۽ علم فلڪيات جي شاگرد ۽ جهاز هلائيندڙ ناکئي (Navigator) لاءِ هتي اهو به لکندس ته هن تاري سيرس جي declination فجي ٻيٽ جي ويڪرائي ڦاڪ سان 17 ڊگريون ڏکڻ تي بلڪل مئچ ٿئي ٿي، ان ڪري هي تارو هر رات سنئون سڌو فجي ٻيٽ مٿان گذري ٿو.
Serius تارو آسمان ۾ سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو آهي. سندس ڪنوپس تاري کان به ٻيڻي جوت آهي. پر جي آئون توهان کي آسمان ڏي ان تاري ڏي اشارو ڪري چوندس ته آسمان ۾ اهو سڀ ۾ روشن تارو آهي ته توهان ٻين تارن ڏي اشارو ڪري چوندائو ته ان کان ته هي ٻيا تارا وڌيڪ روشن آهن. جي ها! توهان جو اهو اشارو زهره (Venus) ۽ مشتري (Jupiter) ڏي آهي، جيڪي تارا (Stars) نه پر سَيارا (Planets) آهن، جيڪي سيرس تاري کان ته ڇا پر اسان واري تاري (سج) کان به تمام گهڻو ننڍا آهن پر اسان کي تمام ويجهو آهن. هنن کي پنهنجي روشني ناهي يعني سج، سيرس، آخرالنهر، ڪئنوپس ۽ بيت الجوس تارن وانگر ٻرندڙ گئس (هيليم ۽ هئڊروجن) جا بال نه آهن. سج جي روشني جيئن چنڊ تي پوي ٿي ته اهو چمڪي ٿو ۽ آرسيءَ جو ڪم ڪري ٿو، تيئن زهره ۽ مشتري سَيارا آهن ويندي عطارد (Mercury) ۽ مريخ (Mars) به وڌيڪ چٽا نظر اچن ٿا پر اهي به تارا نه پر سَيارا آهن. مٿيان ٻه سيارا: زهره ۽ مشتري ايڏو ته روشن آهن جو چوڏهين چنڊ جي رات ۾ جڏهن چنڊ جي روشني ڪري ڪوبه تارو نظر نٿو اچي ته به هي ٻه تارا (يعني سيارا صاف نظر اچن ٿا.)