پوليس کي شڪ آهي ته مون ڀڄائي آهي...
”منهنجي خيال ۾ وري حيدر چوڪ هل،“ مون ڊرائيور کي چيو،
”پر ان ساڳي رستي تان نه هلجانءِ.“
هو مون کي حيدر چوڪ کان رسالا روڊ ڏيئي گول بلڊنگ وٽان ڦيرائيندو صدر وٺي آيو هو. خبر ناهي اڄڪلهه اهو رستو ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو پر جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اهو روڊ رسالا روڊ سڏبو هو. ان تي هڪ اسڪول هو جنهن جي سامهون پوءِ گول بلڊنگ ٺهي. اڳيان ڪراچي هوٽل هوندي هئي ۽ ٿورو اڳيان ساڄي پاسي راحت سئنيما هئي. رسالا روڊ جي پئرلل جيڪو رستو تلڪ چاڙهي کان اسٽيشن تائين هليو ويندو هو، اهو اسٽيشن روڊ سڏبو هو. اهي ٻئي رستا حيدرآباد جا مشهور رستا هئا ۽ صدر جي رستن کان پوءِ اهي صاف سٿرا ۽ ويڪرا هئا. هينئر ان رسالا روڊ جي ڇا حالت هئي، بيان نٿي ڪري سگهجي. بمباري بعد بيروت ويو هوس ته اتي جا رستا به اهڙي تباهيءَ جو ڏيک نه ڏئي رهيا هئا جهڙو هي حيدرآباد جو رسالا روڊ ڏئي رهيو هو. ٻنهي هٿن سان رڪشا جي ڏنڊن کي جهليو ويٺو هوس ته به پٿرن تان يا دڙن تان رڪشا هيٺ ٿي آئي يا ڪنهن کڏي ۾ وڃي ٿي ڦهڪو ڪيائين ته لوڏن ۾ منهنجي ٽڪڻ رڪشا جي ڇت سان وڃي ٿي لڳي يا آئون ڪڏهن ساڄي پاسي ته ڪڏهن کاٻي پاسي لڙڪي ٿي ويس. چڱو جو مون سان گڏ قاسم لاشاري نه آيو. هن کي وڏو شوق هو مون سان گڏ هلڻ جو! هتي رڪشا ۾ آئون ئي چٻو ٿيو ويٺو هوس ته قاسم جهڙو ڳرو ماڻهو ڪيئن ٿي ويهي سگهيو! بهرحال هاڻ مون ان رستي تان موٽڻ نٿي چاهيو. ان ڪري رڪشا واري کي ڪنهن ٻئي رستي تان هلڻ لاءِ چيم.
”سائين توهان ئي ته زور ڀريو ته هن رستي تان هلان.“ رڪشا واري وراڻيو.
رڪشا واري بلڪل صحيح چيو. مون کي ان روڊ تان هلڻ جي سڪ لڳي هئي. اسان ننڍا هوندا هئاسين، يعني پنجاهه وارو سڄو ڏهو، ته موڪلن ۾ ماءُ سان گڏ هالا کان حيدرآباد ناناڻي ايندا هئاسين. اڄ واري حيدر چوڪ کان جيڪو قاضي عبدالقيوم روڊ ٿو وڃي ان جي منهن وٽ اسان جي ناني سيٺ محمد حسن سومري جو گهر هو. ساڻن گڏ سندن ننڍو ڀاءُ، فاران هوٽل وارو لالاڻ رهندو هو. مٿس ڏاڏي جو نالو هجڻ ڪري سڀ سيٺ لالا چوندا هئس. 1954ع ڌاري جڏهن آئون ڏهن سالن جو هوس ته لالا جنهن کي هاڻ ٽي ٻار رضيه، اختر ۽ انور ٿي چڪا هئا، گهر ننڍو ٿيڻ ڪري رسالا روڊ تي هاري حقدار آفيس کان پوءِ واري بلڊنگ ۾ وڃي رهيا. اسان هالا کان ايندا هئاسين ته پنهنجي مامي سان گڏ واڪ ڪري سيٺ لالا جي گهر ايندا هئاسين جتان پوءِ هن جي ٻارن سان گڏ ان روڊ تي وڌيڪ واڪ ڪري صدر ويندا هئاسين جتي اسان جي ناني جي وڏي ڀيڻ (ليکڪ حليم بروهي جي والده) پڦو غلام فاطمه رهي ٿي. ان قوت کيس پنج ٻار هئا. آپا تاج (شفيق صديقي ۽ ڊاڪٽر فهيما عقيلي جي ماءُ) عبدالعليم، عبدالحليم، افروز ۽ ننڍو نعيم مون جيڏو هو. سارا (روبينا) اڃا ڄائي نه هئي. اتي ئي حيدر چوڪ وٽ منهنجي نانيءَ جي ڀاءُ حاجي عبدالرحمان مغل جو گهر هو جتي پڻ اسان ويندا هئاسين. ماما عبدالرحمان وٽ منهنجو والد شروع جا ڏينهن وڪالت پڻ سکيو. سندن گهر ۾ ادا محمود (جج مرحوم)، عائشه، احمد علي، زبيده (بيبا) جسٽس حامد علي، جسٽس رشيد، حميده جن ٻار هئا. هي پاڻ کي مرزا پڻ سڏائيندا هئا. هنن جي ئي گهر اڳيان ٽنڊي ڄام واري ماستر يعقوب ميمڻ (سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو والد صاحب) وارن جو گهر هو. فهميده جو هڪ ڀاءُ مصباح مون جيڏو هو پر شهر ۾ رهڻ ڪري هو چوٿين ڪلاس ۾ هو، آئون هالا ۾ ٽئين ڪلاس ۾ هوس. گاڏي کاتي ۾ رهندڙ هڪ ٻيو اسان جو همعصر سڪندر بخت انصاري (جن جو گهر شاهه لطيف بڪ اسٽال وٽ هوندو هو) پڻ ستين ڪلاس کان پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا. ٻن سالن بعد ناني جي گهر جي ڀر ۾ رهندڙ خالد هاشماڻي (هاڻ آمريڪا ۾) ۽ چاچي جمال دين جو وڏو پٽ اقبال جماڻي (جيڪو ڪراچي ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر هو ۽ هاڻ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو آهي)، 1960ع ڌاري ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا ۽ 1961ع ۾ ڪمانڊر سڪندر بخت انصاري جو ڀاءُ محبوب عالم انصاري (اڄڪلهه سنڌ حڪومت ۾ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري آهي.) ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو. هي منهنجا ناناڻي گهر جا يا کڻي چئجي ته گاڏي کاتي جا دوست هئا. انهن کان علاوه ادا مظهر صديقي وائيس چانسلر جو ڀاءُ جهانگير صديقي ۽ مستري محمد اسماعيل چانڊيو بلوچ جو پٽ علي احمد بُلان پڻ اسان جا همعمر ۽ پاڙي جا دوست هئا. جهانگير صديقي جن جو فلئٽ ته حيدر چوڪ جي بلڪل ڪنڊ تي هو. رستن تي گهڻو ڪري بگيون (وڪٽوريا) ۽ ٽانگا هلندا هئا. ڪن ڪن ماڻهن وٽ موٽر ڪارون ٿيون هيون. بهرحال ٽرئفڪ نه برابر هوندي هئي، خاص ڪري رات جو ته ان حيدر چوڪ واري رستي تي ونجهوٽي راند هلندي هئي. اڳيان فردوس سئنيما وٽ گرائونڊ هو جتي اسان کان وڏا والي بال کيڏندا هئا، انهن ۾ هڪ محمدعلي (فلم ائڪٽر، زيبا جو مڙس) پڻ هو، پوءِ اتي فردوس سئنيما ٺهي. ڪجهه ماڻهن گوڙ ڪيو ته اهو ته قبرستان آهي.ِ ٽيهارو کن سال سئنيما هلڻ بعد هاڻ ان جاءِ تي پيٽرول پمپ آهي جتي برياني جا دڪان آهن.
سو اهي پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ رڪشا واري کي چيو هوم ته اهو رستو وٺي هل. مون کي ڪهڙي خبر ته هي رستو منهنجيون هڏيون به ڀڃي رکندو. ها سچي! حيدرآباد جي هڪ ٻي کل جهڙي ڳالهه جيڪا نوٽ ڪيم، نه رڳو رسالا روڊ پر ٻين به ڪيترن رستن جو ڪارو منهن ٿيو پيو آهي. قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني توڙي نسيم نگر جي جنهن گهٽيءَ مان رڪشا لنگهي ٿي اها گهٽي کنڍر ۽ گندگيءَ جو ڍير هئي. جتي ڪٿي گند ڪچري جا دڙا، اورفلو ٿيندڙ گٽر، ڪٿي ڪٿي ٻن ڏينهن جي مئل ٻلي يا ڪتي جي چڀندڙ بدبوءِ، اُڏامندڙ مٽي ۽ ڌوڙ، ٽرئفڪ جو ڪچو دونهون، سخت گرمي ۾ پگهر وڃي ٿي کڙيون کنيون، سخت قسم جي پوسل ۽ پڪ رات جو مڇر به ٿيندا هوندا، رکي رکي بجليءَ جو بند ٿيڻ جو سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به پاور جي کوٽ آهي. ها البت حيدرآباد ۾ جنهن شيءِ جي کوٽ نظر نٿي آئي اهي بيوٽي پارلر آهن! جنهن گهٽيءَ مان لنگهه ته سامهون ڪنهن نه ڪنهن بيوٽي پارلر تي نظر پئي ٿي.