چندرما جي ساک
هن تاري Sirius جو اصل نالو لاطيني زبان ۾ آهي پر سڄي دنيا ۾ مشهور هجڻ ۽ آڳاٽي زماني کان استعمال ۾ اچڻ ڪري، هن جا دنيا جي مختلف زبانن ۾ پنجاهه کن نالا آهن. عربي زبان ۾ هن تاري جو نالو الشعريٰ (معنيٰ اڳواڻ) آهي. سنسڪرت زبان ۾ هن تاري جو نالو مزگا وياڌا ۽ لبڌاڪا آهي- ٻنهي لفظن جي ساڳي معنيٰ شڪاري (هرڻ جو شڪاري) آهي. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي هن تاري کي Lokabrenna سڏين ٿا ۽ جپاني هن تاري کي Aboshi (بلو تارو) سڏين ٿا. هي تارو الشعريٰ (Sirius) اسلام کان اڳ علم نجوم، جادو ۽ ٽوڻي ڦيڻي لاءِ به ڪم جو سمجهيو ويو ٿي. مصر جا پراڻا رهاڪو هن تاري جي پوڄا ڪندا هئا ڇو جو هن جي اڀرڻ وارن ڏينهن ۾ نيل نديءَ جو فيضان شروع ٿيو ٿي ان ڪري هنن سمجهيو ٿي ته اهو هن تاري (الشعريٰ) جي اُڀرڻ جو فيضان آهي. جاهليت واري دور ۾ عربن جو به اهو عقيدو هو ته هي تارو ماڻهن جي قسمتن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان بنياد تي هي تارو عربن جي معبودن ۾ شامل هو ۽ خاص طور تي قريش جي پاڙيسري قبيلي خُزاءَ وٽ هي پوڄا کان مشهور هو. قرآن مجيد ۾ النجم سورت جي 49 آيت آهي ته:
وَاَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعْريٰ (49)
(اهوئي شعريٰ جو رب آهي) الله تعاليٰ جي ارشاد جو مطلب هي آهي ته توهانجيون قسمتون شعريٰ (هڪ تارو) نٿو ٺاهي بلڪ ان جو رب ٿو ٺاهي. جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته هن تاري جا مختلف زبانن ۽ ملڪن ۾ مختلف نالا آهن- ويندي عرب ملڪن ۾ به الشعريٰ کان علاوه ٻيا به ڪجهه عربي نالا آهن، جيئن ته مرزم الجوزا، الڪلب الاڪبر، الڪلب الجبار، الشعري العبور، وغيره
هي تارو Sirius ڪيترن ئي سائنس فڪشن جي ڳالهين ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو. انگلينڊ جي نيويءَ جي ستن جهازن جو نالو HMS Sirius رهيو آهي. آمريڪا جي به هڪ جنگي جهاز جو نالو هن تاري تان آهي. لاڪ هيڊ وارن جي هڪ هوائي جهاز جو نالو پڻ ”لاڪ هيڊ سيرس“ آهي. جپان جي متسوبشي موٽرز ڪمپني وارن پڻ 1980ع ۾ پنهنجي هڪ انجڻ جو نالو ”متسوبشتي سيرس“ رکيو. نارٿ آمريڪا جي هڪ ريڊيو ڪمپنيءَ جو نالو پڻ هن تاري تان ”سيرس سيٽلائيٽ ريڊيو“ رکيو ويو آهي. هئري پاٽر جي ڪتابن/ فلمن ۾ هئري پاٽر جي ڏاڏي جو نالو سيرس آهي.
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تان، جيڪو سڀ کان گهڻو روشن تارو نظر اچي ٿو اهو هي الشعريٰ يعني Sirius آهي. صبح جي وقت هڪ بيحد روشن تارو نظر اچي ٿو جيڪو ايترو ته روشن آهي جو فجر نماز کان پوءِ جڏهن ٻيو ڪو تارو نظر نه ايندو آهي ۽ چوڌاري پرهه ڦٽيءَ واري اڇ ڇانئڻ تي هوندي آهي ته به اهو تارو چٽو نظر ايندو آهي. سنڌ ۾ ان تاري کي وهائو تارو سڏين ٿا.
ڪنهن سنڌي جهازي شاگرد مونکان پڇيو ته اهو سڀ کان روشن تارو Sirius ڪٿي وهائو تارو ته نه آهي؟
دراصل تعليم وارن ڏينهن ۾، جڏهن چٽگانگ ۾ ڪمانڊر اسرار الله (جيڪو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پرنسپال به ٿيو) Astronomy جي پيرڊ ۾ الشعريٰ (Sirius) تاري بابت پڙهائيندو هو ته آئون به اهوئي سمجهندو هوس. چٽگانگ ۾ ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن هجڻ ڪري رات وارن Out door ڪلاسز ۾ آسمان تي تارن جو صحيح طرح جوڙجڪ پسي نه سگهبو هو. پر پوءِ جهازن تي وڃي خبر پيئي ته الشعريٰ کي صحيح طرح ڏسڻ جو مقام، دنيا جو ڏکڻ اڌ گول آهي، جتي فجي، آسٽريليا وٽ اڀ ۾ چوٽ تي ۽ چٽو نظر اچي ٿو. اسان واري اتر اڌ گول ۾ هي تارو پاڪستان، مصر ويندي ترڪي يونان مان به نظر اچي ٿو پر گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾، اُفق جي ويجهو. بلڪ ڌرتيءَ جي اسان واري اڌ گول ۾ سڀ کان گهڻو چٽو يعني روشن Arcturus تارو آهي، جيڪو هونءَ چوٿين نمبر تي آهي. پهرين کان ٽئين نمبر وارا تارا: سيريس، ڪئنوپس ، Alpha Centauri ڪراچي، ممبئي کان هيٺ ڏکڻ ۾ چٽا نظر اچن ٿا. ان ڪري اتراهن ملڪن ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته آرڪتورس تارو سڀ ۾ گهڻو چٽو آهي پر آرڪتورس چوٿين نمبر تي آهي يعني هي تارن جي روشنيءَ جي ڳالهه اسان ان حوالي سان ڪري رهيا آهيون ته سج کان علاوه ٻيا ڪهڙا تارا آهن جيڪي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تان چٽا نظر اچن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسانکي ڌرتيءَ تان جيڪو ويهون نمبر چٽو تارو نظر اچي ٿو ان ۾ سڀ کان گهڻي باهه ٻري ٿي، سڀ کان وڏو آهي، سڀ کان گهڻو روشن آهي پر ڌرتيءَ کان وڏي مفاصلي تي هجڻ ڪري ان جي روشني ايتري گهڻي نٿي پهچي جيترو روشن آهي.
مثال طور آخرالنهر (Achernar) تاري جي اسان واري تاري (سج) سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته سج جي تمام گهڻي روشني آهي ۽ باقي تارن ۾ به آخرالنهر تارو اٺين نائين نمبر تي روشن آهي پر حقيقت اها آهي جو سج جي مقابلي ۾ آخرالنهر تارو 3000 دفعا وڌيڪ روشن آهي- يعني هن ۾ تمام گهڻي باهه پئي ٻري ۽ سائيز ۽ تور ۾ به سج کان اٺوڻو آهي پر ڇاهي جو اهو اسان کان تمام پري آهي. سج ته ڄڻ سڏ پنڌ تي آهي يعني سج جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ ساڍا اٺ منٽ لڳن ٿا پر آخرالنهر تارو اسان کان 144 نوري سال پري آهي. ان فاصلي کي هينئن به سمجهي سگهو ٿا ۽ قدرت جي بي انت ڪائنات جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا جيڪا هڪ انسان جي سوچ کان به ٻاهر آهي ته هي سج جيڪڏهن اوچتو غائب ٿي وڃي (يعني مثال طور) ته ان جي روشني ساڍا اٺ منٽ کن پئي هلندي ڇو ته هن مان نڪتل آخري شعاع (Rays) اسان تائين سفر ڪرڻ ۾ ايترو وقت لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن آخرالنهر تارو يڪدم غائب ٿي وڃي يا وسامي وڃي ته به اهو اسان کي 144 سالن تائين نظر ايندو رهندو- يعني تارو نه هجڻ جي باوجود 144 سالن تائين اسان جا پٽ، پوٽا، پڙپوٽا اهو تارو ڏسندا رهندا. اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح طرح سمجهه ۾ نه اچي ته هو ڪنهن به انٽر يا B.Sc جي شاگرد کان سمجهي سگهي ٿو جنهن جو سائنس سبجيڪٽ آهي ۽ هن کي روشنيءَ جي سفر ڪرڻ جي رفتار جي خبر آهي. هاڻ سوچيو ته اسان وارو تارو (سج) جيڪو جيڪب آباد جي ماڻهن کي ته اونهاري ۾ ساڙي ٿو اهو آخرالنهر جهڙن تارن جي مقابلي ۾ ته ڪجهه به گرم يا روشن ناهي ۽ اسان وارو سج آخرالنهر تاري جيترو 144 نوري سالن جي فاصلي تي ڇا هڪ نوري سال جي فاصلي تي هجي ها ته به ڪو چنجهو تارو مس لڳي ها. ۽ اهو به لکندو هلان ته آخرالنهر تارو به قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪو ايڏو پري ناهي. ٻيا تارا ته اڃا به پري آهن. ذرا سوچيو ته ڇا ڪائنات جي وسعت آهي ۽ ڇا انهن ڪروڙين، اربهين تارن ۽ سيارن جي سائيز آهي ۽ ڇا سندن رفتار آهي! اهي سڀ چوڌاري ته چڪر هڻي رهيا آهن پر پنهنجي مهور جي چوڌاري به وڏي رفتار سان ڦري رهيا آهن. قدرت جو هڪ زبردست قانون ۽ اٽل ضابطو آهي جنهن سان هي عظيم الشان سج، چنڊ، تارا ۽ سيارا ٻڌا پيا آهن. انسان وقت، ڏينهن ۽ تاريخن، فصلن ۽ موسمن جو حساب انهي ڪري ڪري رهيو آهي جو رب پاڪ سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ ۽ مختلف منزلن تان هن جي گذرڻ جو قاعدو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪابه ڦيرڦار نٿي اچي جيتوڻيڪ ڇا هنن جي رفتار آهي ۽ ڇا هنن جي سائيز آهي ۽ هر وقت ڇا مفاصلو طئي پيا ڪن.
سورة رحمان جي 5 آيت ۾ رب پاڪ ارشاد فرمايو آهي ته:
الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
يعني سج ۽ چنڊ هڪ حساب جا پابند آهن ۽ اهي ۽ ٻيا تارا وڻ ٽڻ سڀ سجده ريز آهن- يعني حڪم جا پابند آهن.
سورة الحج ۾ به رب پاڪ ساڳي ڳالهه ارشاد فرمائي آهي ته هي سڀ الله تعاليٰ جي حڪم جا پابند آهن، جيڪو ضابطو انهن لاءِ جوڙيو ويو آهي، ان کان ذرو به هيٺ مٿي نٿا ٿين.
هي انيڪ ۽ ڳڻپ کان ٻاهر تارا ۽ سيارا جيڪي فضا ۾ گهمي رهيا آهن، انهن سڀني ۾ هڪ ڪمال درجي جو عدل ۽ توازن قائم ٿيل آهي جنهن بنا هي سسٽم هڪ لمحي لاءِ به نه هلي سگهي ها، جنهن لاءِ رب پاڪ ساڳي سورت رحمان جي ستين آيت ۾ فرمايو آهي ته: ”آسمان کي هن بلند ڪيو ۽ ميزان (ڪائنات جي هن پوري نظام کي عدل ۽ توازن سان) قائم ڪيو آهي.“
پاڻ صبح جو نظر ايندڙ تاري- يعني وهائو تاري جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو دراصل تارو نه پر زهره (Venus) سيارو آهي. سياري جي اهائي نشاني آهي ته هو تاري وانگر twinkle (چمڪندو) نه آهي. هن کي سج وانگر پنهنجي باهه ناهي جنهن جي روشني اسان کي نظر اچي. هو آرسيءَ وانگر سج جي روشنيءَ کي اسان ڏي موڪلي ٿو. جيئن چنڊ هڪ ڪاري ڪوئلي وانگر هڪ بال آهي، جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ته اسان کي چمڪندو نظر اچي ٿو ۽ جيتري حصي تي روشني آهي اوترو حصو اسان کي روشن نظر اچي ٿو باقي حصو ڪارو نظر اچي ٿو. هر مهيني جا ٽي ڏينهن اهڙا به ٿين ٿا جو چنڊ جي پٺ اسان ڏي هجڻ ڪري بنهه نظر نٿو اچي. ان ڪري ته چنڊ لاءِ شاهه لطيف به چيو آيه ته ”ڪڏهن اُڀرين سنهڙو ڪڏهن اُڀرين ڳچ.“ ان جي مقابلي ۾ سج جيڪو تارو آهي ان کي پنهنجي روشني آهي ۽ هر وقت ٻرندو رهي ٿو. ٿر جي ليکڪ ۽ عوامي آواز اخبار سان واسطو رکندڙ من موهن گيانيءَ ان حوالي سان سنڌيءَ جي هڪ دلچسپ چوڻي ٻڌائي هئي ته:
”برهمڻ جو وچن،
سورج جي ساک.
واڻئي جو وچن،
چندرما جي ساک.“
بهرحال اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي پر اسان جهازين کان جي پڇندائو ته سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ تارن جي Sight وٺڻ بهتر ٿي لڳانوَ يا سيارن جي، ته اسان مان هرهڪ چوندو Dabih تاري (السعد ادابح)، Deneb تاري (ذنب الدجاج)، Celbalrai تاري (ڪلب الراعي) يا Achernar (آخرالنهر) کان زهره، مشتري، عطارد ۽ سرطان سيارن جي Sight وڌيڪ آسان ٿي لڳي، خاص ڪري Calculation work ۾.