عيد جو مدار چنڊ ڏسڻ تي آهي
”نئين چنڊ“ جو اصطلاح اسان ان حوالي سان استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري اٽڪل ساڍن اوڻٽيهن ڏينهن ۾ چڪر هڻي Astronomical نقطي تي پهچي ٿو جتي هو سج ۽ ڌرتيءَ سان گڏ سڌي لائين ۾ اچيو وڃي. ان وقت سج جي روشني جيڪا چنڊ تي پوي ٿي اها ڌرتيءَ تان نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ جو چنڊ جو اهو سڄو اڌ جيڪو روشن آهي، ان جي اونداهي پٺ ڌرتيءَ ڏي آهي. چنڊ جو اونداهو اڌ ڌرتيءَ ڏي هجڻ ڪري چنڊ جي موجودگيءَ جي خبر نٿي پوي. ڌرتيءَ تي ان وقت جي ڏينهن آهي ته ههڙي روشني ۾ (جتي چمڪندڙ تارا به نظر نٿا اچن) اتي اونداهو چنڊ ڪٿان نظر اچي سگهندو ۽ جي ڪڏهن ان وقت رات آهي ته پوءِ اوندهه ۾ اونداهي چنڊ جي نظر اچڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
بهرحال ان گهڙيءَ کان چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري نئين چڪر (Revolution) جي شروعات ڪري ٿو. قدرت جي هن نظاري (Phenomenon) لاءِ انگريزيءَ جو هڪ مشهور لفظ Conjunction استعمال ڪيو وڃي ٿو يعني ملڻ جو عمل يا ڪيفيت. يعني سج چنڊ ۽ ڌرتي هڪڙي ليڪ تي قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ٿي بيهن ٿا. ان عمل کي چنڊ جو ڄم (Birth of the moon) به سڏجي ٿو ۽ ان گهڙي واري چنڊ کي نئون ڄاول چنڊ (New Moon) سڏجي ٿو. ان گهڙيءَ کان پوءِ جيئن وقت گذري ٿو تيئن تيئن چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي. چنڊ جي ڄمڻ کان وٺي ڪجهه ڪلاڪن تائين (اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪن تائين) هي ”بيبي چنڊ“ يعني ”ڄاول“ چنڊ موجود هجڻ جي باوجود نظر نٿو اچي. اگهاڙين اکين (Naked Eyes) سان ته ڇا پر ڪنهن طاقتور دوربين، ٽيلي اسڪوپ يا بائنا ڪيولرن سان به نظر نٿو اچي. ان ڪري نئين چنڊ (New Moon) کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ”غيباتي چنڊ“ يا ”نظر نه ايندڙ“ (Invisible) چنڊ به سڏين ٿا.
بالغ ٿيڻ تي يعني عمر وڌڻ تي (17 کن ڪلاڪن جو گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ تي) ۽ ساڳي وقت ڇهن کان نون ڊگرين تائين ان ’سج چنڊ ڌرتي‘ واري لائين مان پري ٿيڻ تي، ان جي روشنيءَ جو ڪجهه پاسو ڌرتيءَ ڏي ٿئي ٿو ۽ ان عمر کان، يعني سترهن ڪلاڪن جي ڄمار کان پوءِ، اهو چنڊ جنهن ملڪ مان لنگهي ٿو اتي سج لٿي کان پوءِ نظر ايندو وڃي ٿو، بشرطيڪ اُفق تي مٽي، ڌنڌ ۽ آسمان تي ڪڪر نه هجن. مثال طور جپان ۾ سج لٿي (Sunset) مهل ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر ويهه ڪلاڪ آهي ۽ اتي نظر اچي ويو آهي ان بعد ويٽنام يا ٿائلينڊ ۾ پهچڻ تي ان چنڊ جي عمر 22 ڪلاڪ ٿي ويندي ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ سج لٿي مهل اهو چنڊ 24 ڪلاڪن جو هوندو يعني اڃا وڌيڪ چٽو نظر ايندو ۽ پوءِ سعودي عرب تائين پهچندي 26 ڪلاڪن جو ٿي ويندو، لنڊن تائين 29 ڪلاڪن جو، نيويارڪ تائين 33 ڪلاڪن جو يعني هر هنڌ نظر ايندو ويندو.
هڪ ٻي صورت (Situation): چنڊ جو ڄم ٽوڪيو وٽ ٿئي ٿو. ظاهر آهي ان وقت ان جي موجود هوندي به نظر نه ايندو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سترهن ڪلاڪن جي عمر تائين جو چنڊ ته دوربين سان به نظر نٿو اچي. بهرحال ٽوڪيو کان اسان تائين ڪراچي پهچندي، اهو چنڊ چئن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سعودي عرب ۾ 6 ڪلاڪن جو ۽ لنڊن تائين پهچندي 9 ڪلاڪن جو ۽ نيويارڪ تائين 13 ڪلاڪن جو ۽ لاس اينجلس تائين 17 ڪلاڪن جو ۽ اڳتي اڌ کن پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي هوائي رياست جي شهر هونولولو ۾ 22 ڪلاڪن جو ٿي ويندو. هاڻ ان ڏينهن سج لٿي مهل اهو چنڊ نه ڪراچيءَ ۾ نظر آيو هوندو نه جدي (سعودي عرب) ۽ نه لنڊن ۾، جو ان وقت تائين ان چنڊ جي عمر نو ڪلاڪ مس ٿي آهي ۽ سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته ڪو نون ڪلاڪن جو چنڊ مٿين شهرن مان دوربين سان به نظر اچي. ويندي نيويارڪ وارن کي به نظر نه ايندو. البت لاس انجلس ۽ ان کان اڳتي، جي ماحول (Atmosphere) صاف آهي، ته ڪٿي ڪٿي نظر اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ هونولولو ۾ ته پڪ ئي پڪ نظر ايندو جو تيسين چنڊ 22 ڪلاڪن جي عمر جو ٿي بالغ ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ اهو جڏهن ٽوڪيو پهچندو جو 24 ڪلاڪن جو هوندو ۽ اسان وٽ پهچڻ سان 28 ڪلاڪن جو هجڻ ڪري اسان کي چٽو نظر ايندو ۽ اسان لاءِ پهرين تاريخ هاڻ شروع ٿي. يعني هاڻ اسان ٻئي ڏينهن کان رمضان شروع ڪري سگهون ٿا (۽ جي پهرين شوال جو چنڊ آهي ته عيد ڪري سگهون ٿا)، ان بعد اهو چنڊ نيويارڪ پهچڻ تي 37 ڪلاڪن جو ٿيو ۽ چنڊ ڏسي اهي ٻئي ڏينهن کان روزو رکندا (يا عيد ملهائيندا جي اهو شوال جو چنڊ آهي ته).
هاڻ مٿين ڳالهه توهان جي سمجهي ويا آهيو ته ڏاڍو سٺو، نه ته دنيا جو گلوب يا نقشو رکي ڪنهن جاگرافي جي شاگرد يا هوائي جهاز جي پائليٽ يا پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ واري کان توهان اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا. جڏهن توهان اها ڳالهه سمجهي ويندائو ته پوءِ توهان کي ٻن ڳالهين جا جواب خودبخود سمجهه ۾ اچي ويندا. هڪ اهو ته ڪڏهن ڪڏهن پهرينءَ جو چنڊ ٿلهو متارو ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته روزو ته اڄ کان شروع ٿيڻ کتو ٿي جو هي چنڊ هوبهو ٻي تاريخ جو لڳي ٿو. پر نه اها ڳالهه ناهي. لاس اينجلس يا هونولولو ۾ جڏهن چنڊ نظرآيو هو ته اتي اڃا اهو ٻار هو ۽ اتي سنهو ضرور نظر آيو هوندو پر اهو چنڊ وري ٽوڪيو وٽان ڦري جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته 28 ڪلاڪن جو ٿي پيو. ظاهر آهي ايترن ڪلاڪن ۾ چنڊ جو روشن حصو ڪجهه وڌيڪ ڌرتيءَ ڏي ٿيو هوندو ۽ نو ڪلاڪ وڌيڪ جي سفر بعد نيويارڪ ۾ 37 ڪلاڪن جو ٿيڻ تي هيڪاندو ٿلهو ٿيو هوندو جو اهو چنڊ عمر ۾ کڻي ٻن ڏينهن جو ٿيو پر ڏٺو ته پهريون دفعو پيو وڃي. اسان مسلمانن جا مهينا يعني اسلامي ڪئلينڊر، چنڊ جي نظر اچڻ تي يعني Moon Sighting تي مدار رکن ٿا ۽ نه چنڊ جي ڄم تي. ان ڪري ڪنهن به سال جي عيد جي ڏهه ٻارهن سال ”اڳ ڪٿي“ ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. اهي قومون يا ڌرم جن جي مهيني جو حساب (Calculation) ”چنڊ جي ڄم“ سان ٿئي ٿو، ان جو نئين سال جو ڪئلينڊر اڳواٽ ڇپي سگهو ٿا. اسان جهڙو جهازي يا فلڪيات ۽ جاگرافي جو ڄاڻو به توهان کي ايندڙ سؤ سالن جي رمضانن يا عيدن جي چنڊ بابت ٻڌائي ته سگهي ٿو- پر فقط چنڊ جي ڄم ۽ پوزيشن بابت- نظر اچڻ Sighting بابت هرگز نه. يا گهٽ ۾ گهٽ انسان کي قدرت اڃا ايترو علم نه ڏنو آهي جو چنڊ جي نظر اچڻ بابت هو ائين حساب لڳائي سگهي، جيئن چنڊ جي ڄمڻ، سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ، سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو حساب لڳائي سگهي ٿو.
۽ هاڻ ٻي ڳالهه. مٿي ذڪر هيٺ آيل نئون ڄاول چنڊ ڪراچي پهچڻ تي 23 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ان بعد دنيا جي گولي تي ايندڙ ملڪن ايران، سعودي عرب، لبيا، آلجيريا، فرانس، انگلينڊ، آمريڪا جتي ڪٿي چنڊ نظر ايندو ويندو. ائين ٿي نٿو سگهي ته لنڊن وارا چون ته اسان چنڊ نه ڏٺو. هنن ضرور ڏٺو هوندو جو ان وقت اهو چنڊ 28 ڪلاڪن جو ٿي پهتو هوندو. ها البته ٽوڪيو وارا ان ڏينهن تي عيد نه ڪن جنهن ڏينهن تي پاڪستاني ڪري رهيا آهن جو هنن وٽ، اهو چنڊ جيڪو اسان وٽ 23 ڪلاڪن جو ٿي پهتو، ٽوڪيو ۾ ارڙهن يا اوڻهين ڪلاڪن جو هو ۽ ڪن مندن ۽ ملڪن ۾ ايتري عمر جو چنڊ نظر نٿو به اچي. ۽ هاڻ ان ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکي وري پهريون مثال ٿا وٺون جنهن ۾ نئون چنڊ ٽوڪيو ۾ ڄائو هو ۽ ڪراچي پهچڻ سان چئن ڪلاڪن جو، جدي پهچڻ سان ڇهن جو ۽ لنڊن پهچندي نون جو ۽ نيويارڪ پهچندي 13 ڪلاڪن جو ٿيو. هاڻ چنڊ نه اسان وٽ ڏٺو ويو نه لنڊن نه نيويارڪ پر سعودي عرب وارا چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪري پهرين رمضان (يا پهرين شوال) شروع ڪن ته هڪ معمولي ڄاڻ رکندڙ به حيرت ۾ پئجي ويندو. اهو ضرور ممڪن آهي ته سعودي عرب ۾ چنڊ نظر اچي پر پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن دير سان نظر اچي. پر ائين هرگز ٿي نٿو سگهي ته سعودي عرب جي مغرب وارن جاين: لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ ته چنڊ نظر نه اچي پر اوڀر واري ملڪ سعودي عرب ۾ نظر اچي وڃي. ٻي ڳالهه ته چنڊ جي ڄم جو ته اڳواٽ حساب ڪري سگهجي ٿو ۽ جڏهن اسانکي خبر هجي ته سعودي عرب (يا ڪنهن ٻئي هنڌ) تان چنڊ فقط ڇهن ڪلاڪن جو نابالغ گذريو آهي ته ڪيئن ٿو نظر اچي سگهي؟ ڇو ته سترهن ڪلاڪن جي ڄمار ۽ لائين مان 6 ڊگريون (گهٽ ۾ گهٽ) نڪرڻ کان اڳ ڌرتي جي پاسي منهن ڪري بيٺل چنڊ تي سج جي روشني ئي نه هوندي ته ڪيئن نظر ايندو؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب ۾ چنڊ هوندو- ڄمار سندس ڇهه ڪلاڪ هوندي پر Invisible هوندو. اسان جي مهيني جي پهرين تاريخ تڏهن ٿي شروع ٿئي جڏهن چنڊ ڏٺو (Sight ڪيو) وڃي. اسان مسلمانن جو مهينو چنڊ جي ڄمڻ يعني astronomical پوزيشن کان نه آهي يعني نئون چنڊ نڪرڻ سان اسان جي اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ نٿي شروع ٿئي پر جڏهن اهو نئون چنڊ جيڪو (Invisible) آهي جيسين Visible ٿئي، يعني جيسين اهو اکين يا دوربين سان نظر اچي.