غلط انگريزي لکڻ واري ڇوڪري...
حيدرآباد کان 50 ڪلوميٽر کن اتر ۾، هالا منهنجو ڳوٺ آهي جتي آئون ڄايس ۽ زندگيءَ جي شروعات جا ڏهه سال گذاريم. ان بعد ٻاهر ئي رهيس پر جڏهن به موقعو مليو هوندو ته ڳوٺ جو چڪر ضرور هنيو هوندم.
”هائو هلو ته هلون. ٻه سال ٿي ويا آهن، هالا ۽ حيدرآباد وئي. پر...“ وراڻيومانس.
”پر ڇا؟“ هن پڇيو.
”هڪ ڏينهن حيدرآباد ترسڻ ٿو چاهيان. حيدرآباد ۾ ابراهيم جويو صاحب سان ملڻ ٿو چاهيان. هن سان منهنجي ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي. جارجيا (روسي رياست) واري مرزا نصير سان ملڻ ٿو چاهيان. هن جون لکڻيون آئون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان. هينئر مهينو کن ايران هوس ته مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ هن جا ڪيترائي شيعا دوست مليا انهن جا سلام، ۽ فوٽو کيس ڏيڻا اٿم. سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر امر سنڌو کي ڪتاب ڏيڻا اٿم جن تي هن مون لاءِ پيش لفظ لکيا آهن.“
ڪراچي لتاڙڻ ۾ دير نه لڳي. ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ جي لاءِ پليون ۽ ويڪرا رستا ٺهڻ ڪري ڪراچي شهر کي ڪراس ڪرڻ ۾ وقت ضايع نه ٿيو. هن ناظم ڪمڪال مصطفيٰ ۽ اڳئين نعمت الله ڪراچيءَ کي ڪافي ٺاهيو آهي. ڪوڪورا (جپان) ۾ هوندو هوس ته اتي نعمت الله صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. هو پنهنجي خرچ تي جپان جي قابل، محنتي، ايوارڊ يافته ڪاڪورا شهر جي ميئر مسٽر ’ڪوئچي سوئي يوسي‘ سان ملڻ ايندو هو. هن کان، ڪراچي شهر کي ٺاهڻ لاءِ صلاحون ۽ امدادون وٺي ويندو هو ۽ ڪراچيءَ کي، پارسي ميئر جمشيد نسروانجي کان پوءِ هن بهتر بڻائڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏنو هو. خدا جو خوف رکندڙ ۽ ايماندار ماڻهو آهي. جپان ۾ به سادي کان سادي هوٽل ۾ رهندو هو. ماني پاڻ سان گهران کڻي نڪرندو هو. هڪ دفعي اسان گهر ۾ دعوت ڪئيسين. چوڻ لڳو، ”پاڪستان مان ۽ اڦراٽا جام آندا اٿم. توهان جي کائڻ لاءِ به کڻي ايندس. توهان رڳو دال ٺاهجو. ٻي ڪا تڪليف نه ڪجو.“
موڪلائڻڻ مهل چيومانس، ”توهان جهڙو ماڻهو خبر ناهي ڪڏهن هالا ۽ موري جو ناظم ٿيندو. دادو ۽ نوشهري جو ناظم ٿيندو؟ يا اندروني سنڌ جي حالت هميشھ رن زال واري رهندي؟“
سپر هاءِ وي تي به هن دفعي ڪٿي به مرمت جو ڪم هلندڙ نه هو. سڌو ئي سڌو اچي حيدرآباد واري ٽول پلازا تي پهتاسين. ڪٿي به ڪچي تي لهڻو نه پيو. ڄامشوري پهچي مارئي هاسٽل وٽان مڙي سنڌ يونيورسٽي هلڻ بدران، رستي جي ٻي پاسي سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز سوسائٽي جون اڀرندڙ عمارتون ڏسي پهرين اهو پاسو گهمڻ جو ارادو ٿيو. هي علائقو ڏسندي ئي ڏسندي شهر ٿي ويو آهي. ويڪرا رستا، هر گهر جا ٽي پاسا کليل، اڄ کان ڏهه سال اڳ اسان جو هڪ مائٽ نجف علي مرزا اچي هتي رهيو هو. تڏهن هي علائقو سنسان هو. مون هن سوسائٽي جو نقشو ڏسي کيس چيو هو، ”نجا، خوش نصيب آهين جو هتي گهر ورتو اٿئي. تعليمي ادارن جي ڀر ۾، حيدرآباد جي سم ۽ ڪلر کان پري، صاف سٿري ماحول ۽ پٿريلي Soil تي رهائش لاءِ هي علائقو هڪ ڏينهن ٽاپ تي مڃيو ويندو، جتي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۽ رٽائرڊ آفيسر هوندا. هتي جو سادو گهر شهر جي ڪنهن لوفر پاڙي جي وڏي بنگلي کان مهانگو ثابت ٿيندو. هو ڇا چوندا آهن ته،
“It is the locality that counts and not the house…”
سنڌ جي شاعره، ڪالم نويس، ٽي وي تان سنڌ جي عورتن جي سجاڳي جي حوالي سان بحث مباحثا، ٽاڪ شوز ۽ عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جا پروگرام پيش ڪرڻ واري ۽ activist امر سنڌو سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي. سندس اصل نالو ڪو ٻيو آهي جيڪو هن وقت مون کان به وسري ويو آهي. ”امر سنڌو“ سندس قلمي نالو آهي. مون کي سندس آفيس ڳولڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي جو سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد توڙي ٻيو اسٽاف، جنهن کي پڇيم ٿي اهو سندس ادبي نالي امر سنڌو کان واقف هو.
”مئڊم اچڻ واري آهي توهان هلي مٿي ويهو.“ سندس آفيس جو ماڻهو مون کي هيٺ ئي ملي ويو.
”ڏاڪڻيون چڙهي مٿي هلڻ جو جوکم تڏهن کڻان جڏهن هوءَ ويٺي هجي.“ مون چيو.
”نه سائين هوءَ ضرور ايندي. بس اچڻ واري هوندي.“
”چڱو اچي ته مون کي ٻڌائجانءِ. آئون هيٺ ئي ڪٿي ترسان ٿو. هيٺ ڪهڙا ڊپارٽمينٽ آهن؟“ مون پڇيو.
”هي ڀر ۾ انگريزيءَ جو آهي.“
”ڪير آهي ان جو باس؟“ مون ان آڌار تي پڇيو ته متان ڪو منهنجو پڙهندڙ نڪري پوي ۽ آئون هن سان هجت ڪري هن جي آفيس ۾ ويهي سگهان. سٺ سال اورانگهڻ بعد اهوئي ته وڏو فائدو آهي ته ڪهڙي به آفيس ۾ کڻي ڪير به هجي، مونکان ننڍو هوندو. ڇو جو هو سٺ سالن کان وڏو هجي ها ته اتي آفيس ۾ نه هجي ها مون وانگر رٽائرڊ ٿي چڪو هجي ها.
”سائين مئڊم فريده آهي.“
”ڪير آهي؟“ مون سندس ذات معلوم ڪرڻ چاهي ٿي.
”سائين ڪوٽڙيءَ جي آهي مئڊم فريده.“ ٻئي همراهه ٻڌايو. مون کي ڪوٽڙي جو ٻڌي اتي جي هڪ فريده ڇوڪري ياد آئي. منهنجي لکڻين کي پسند ڪرڻ وارن پرستارن مان هوءَ به هڪ هئي. پاءُ صدي اڳ جي ڳالهه آهي، بلڪ اڃا به مٿي ستر واري ڏهاڪي جي. آئون جهاز هلائيندو هوس. ڪڏهن يورپ ته ڪڏهن آمريڪا. پڙهندڙ مون کي ڪراچي جي ”جهازن واري آفيس“ جي ائڊريس تي خط لکندا هئا، جيڪي ڪمپني جنهن ملڪ ۾ جهاز هوندو هو اوڏانهن موڪليندي هئي. يعني منهنجي پڙهندڙ کي چئن آنن جي ٽڪلي هڻي پاڪستان خط لکڻو پوندو هو پر مون کي آمريڪا، جپان يا انگلينڊ مان، ان ملڪ جي حساب مطابق خرچ ڪري جواب لکڻو پوندو هو. پر مون اهو اصول ٺاهي ڇڏيو هو ته هر پڙهندڙ جي ٻن خطن جا جواب لکندس. وڌيڪ نه. فريده انهن ڏينهن ۾ ستين يا اٺين ڪلاس ۾ پڙهي ٿي. هڪ ڏينهن هن جو به خط آيو پر ان خط جي نرالي هجڻ جي ڳالهه اها هئي ته اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ سو به غلط سلط انگريزيءَ ۾. مون هن جو جواب سنڌيءَ ۾ لکيو. مهيني ٻن کان پوءِ هن جو ٻيو خط به آيو. پر اهو به انگريزيءَ ۾. بهرحال مون اهو appreciate ضرور ڪيو ته هڪ ٻار ۽ ڪوٽڙي جهڙي ڳوٺ ۾ ٿي ڪري هن کي انگريزي سکڻ جي جستجو آهي. اصول موجب ٻن خطن بعد آئون چپ ٿي ويس جو پنهنجي خطن جي بجيٽ مان ٻين کي به خطن جا جواب ڏيڻا هئا، پر فريده جا خط ايندا رهيا ۽ هر خط ۾ غلط سلط انگريزي!! هوءَ پنهنجن خطن ۾ مون کي ۽ منهنجي فئملي کي جيڪا مون سان گڏ جهاز تي رهي ٿي ڪوٽڙي گهمڻ جي دعوت ڏيندي رهي. ٻن ٽن سالن بعد اسان پاڪستان آياسين ته هڪ ڏينهن ڪوٽڙيءَ، فريده جي گهر به وياسين. سندس گهر جا ڀاتي لک عزتون پيا ڏين. اسان جلديءَ ۾ هئاسين ۽ چانهه به پيئڻ جو ارادو نه هو پر فريده جي والده جلدي جلدي ماني به تيار ڪري ورتي. فريده جون ٻه يا ٽي ڀيڻون ۽ ڀائر به هئا جيڪي ٻين ٻارن وانگر خبرن پڇي رهيا هئا پر مائي فريده وڏڙي ٿي رڳو پڙهائيءَ جون ئي ڳالهيون ڪندي رهي. منهنجي زال چيو ته، ”ٻار ٿي ڪري پڙهائيءَ لاءِ ڏاڍو شوق اٿس.“ مون ان وقت سندس گهر ۽ پوءِ ٻاهر نڪري رستي تي به، زال کي چيو ته، ”هتي جي ولايت وارو ماحول هجي ها ته هن ڇوڪريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جا ڏاڍا موقعا ملن ها پر هتي هن درويش کي ڪو انگريزي ڪهاڻين جو ڪتاب به نٿو ملي.“ مون فريده کي چيو ته منهنجو جهاز يو ايس اي ويو ته تو لاءِ جام ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندس. ان بعد منهنجو جهاز آمريڪا يا ڪنهن انگريزي زبان واري ملڪ ۾ ويو ئي ڪونه. منهنجي ”جهازران“ ڪمپني به بدلجي ويئي. ائڊريس بدلجي وئي. منهنجا ٻار اسڪول جي عمر جا ٿي ويا. پاڻي جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا اچي رهي پيس. ڪڏهن ڪڏهن فريده جي گهر کاڌل پلو يا فريده ياد ايندي هئي ته سوچيندا هئاسين ته هوءَ ۽ سندس ڀائر ڀينرون جن مان ڪجهه فريده کان به وڏا هئا، الائي ڪٿي پهتا هوندا. ڪوٽڙي ۾ ئي رهن ٿا يا ڪنهن ٻئي هنڌ، ۽ هن وقت مون کي سندس ذات به ياد نه اچي رهي هئي.
”ڪهڙي ذات جي آهي فريده؟“ مون وري پڇيو.
”پنهور“. همراهه ٻڌايو.
مون کي يڪدم ياد آيو ته هن ڪوٽڙي واري غلط انگريزي ۾ خط لکڻ واري ڇوڪريءَ جي ذات به شايد پنهور هئي.
آئون سندس آفيس ۾ پهتس. هوءَ ڪمپيوٽر اڳيان ويٺي هئي. مون سندس شڪل کي غور سان ڏٺو. هوءَ مونکي ٿورو گهڻو اهائي ٽيهه سال اڳ واري ڇهين ڪلاس جي ڇوڪري لڳي رهي هئي، شايد. گهڻي پڪ نه پئي لڳيم پر جيئن ته آئون ڪو اڳهين مائينڊ Set ڪري ويٺو هوس جو يڪدم اٻهرائي مان پڇيومانس:
”تون اها فريده ته نه آهين جيڪا ننڍي هوندي سنڌيءَ بدران غلط سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي هئينءَ؟“
هن ٿورو تعجب ۽ ٿورو چڙ مان مون ڏي ڏسي مون کان پڇيو، ”اوهين ڪير؟“
دل ۾ چيم، ”لڳي ته اهائي فريده پئي پر جي اها نه آهي ته هوءَ منهنجي به بي عزتي ڪندي، جو مون اها ڳالهه ان وقت ڪئي آهي جڏهن هن وٽ هڪ ٻه ليڪچرار عورتون ۽ شاگرد بيٺا آهن جن لاءِ ته هيءَ ڄڻ مئڊم امينا خميساڻي جيان ٿي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ سخت مزاج هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي گذري آهي. بهرحال مونکي ائين چوڻ ته نٿي کتو پر هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو.
”آئون جهازن جو انجنيئر ۽ ليکڪ الطاف شيخ آهيان.“ مون پنهنجو پروفيشن ۽ ليکڪ هجڻ جي ڳالهه ضرورت نه هوندي به ڪئي ته متان اڳتي هلي ڏوهاري ثابت ٿيان ته سزا ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي سگهي.
”اوه سر!“ هوءَ خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳي ۽ اڳيان اچي هٿ ڏنو. مون سندس شاگردن ۽ ليڪچرارن کي چيو، ”مون کي پاڻ حيرت ۽ خوشي پئي ٿئي ته اڄ کان ٽيهه سال اڳ جي اسڪول يونيفارم واري ڇوڪريءَ کي، اڄ انگريزي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهيان. پر انگريزي سکڻ جو جيڪو هن کي شوق هو ۽ جيڪا جستجو هيءَ ڪندي رهي، ان حساب سان هن کي ان عهدي تي پهچڻ ۾ اسان کي حيرت نه ٿيڻ کپي.“
ايتري ۾ پروفيسر امر سنڌو به اچي وئي سندس آفيس جي ڀرسان مئڊم تنوير جوڻيجو جو بورڊ پڙهي منهنجي چوڻ تي امر هن وٽ چانهه لاءِ وٺي آئي. تنوير جنهن کي ننڍپڻ کان منهنجي زال سميت سندس ڳوٺ جا پيار مان تنو سڏين ٿا، سنڌ جي انهن عورتن مان آهي جن علم و ادب جي خدمت ڪئي آهي. تعليم و تدريس جو ڪم ڪيو آهي. امر سنڌو ۽ عطيه دائود وانگر عورتن جي حقن لاءِ جنگ جوٽي آهي.
موٽڻ مهل فريده کان سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پڇيم. ”هي ڀر ۾ ئي ته آهي.“ هن وراڻيو.
”اسان جي ڳوٺائي قاضي خادم سان ملئي 25 کان به مٿي سال ٿي ويا آهن.“
”ملندائوس؟“ هن پڇيو.
”ها، بلڪل مون کي وٺي هل، وري الائي ڪڏهن ملاقات ٿئي. اسان ٻنهي جي حياتين جو سج غروب ٿيڻ جي بلڪل ويجهو اچي پهتو آهي.“
قاضي خادم پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ اڃا به متحرڪ ۽ پاڻ ارپيو پئي لڳو. سندس ٽيهه سال اڳ ۽ اڄ جي شڪل شبيهه ۾ ڪو خاص فرق نه آيو آهي. هن پنهنجي طرفان ڇپايل ڪتابن جو سيٽ ڏنو ۽ ٻڌائين ته هو شام جي وقت ديالداس ڪلب ۾ هوندو آهي.
”آئون ٻه سال اڳ رٽائرڊ ٿيس پر يونيورسٽيءَ وارن مونکي ٻن سالن لاءِ وڌيڪ رکيو آهي.“ قاضي خادم ٻڌايو جنهن تي پهرين ته آئون منجهي پيس ته افسوس ڪجي يا خوشي پر پوءِ يڪدم هوش سنڀالي سندس وڌيڪ تعريف ڪيم ۽ دل ۾ سوچيم ته چڱو جو مونسان گڏ ڪو ملائيشيا جو دوست نه هو. ملائيشيا ۽ ان بيلٽ جي ملڪن سنگاپور، برونائي، پاپائي نيوگني- ويندي نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين 55 سالن تي رٽائرمينٽ ٿي ٿئي ۽ ان عمر تائين پهچڻ بعد ڪنهن کي وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکڻ سان هنن جو اهو View آهي ته ڊپارٽمينٽ جو خانو خراب ٿو ٿئي. پر اسانجي ملڪ ۾ ان کي شايد عيب نٿو سمجهيو وڃي.
”ڀلا مانيءَ جو وقت ٿي رهيو آهي. اسان جي گهر هلي کائو. امان کي به توهان جو ٻڌايو اٿم.“ موڪلائڻ وقت فريده چيو.
”مانيءَ لاءِ مونکي هڪڙي ٻئي هنڌ حيدرآباد وڃڻو آهي.“ ٻڌايومانس.
”ڀلا هلو ته توهان کي ڇڏيندي پوءِ ڪوٽڙي هلي وڃان.“ مئڊم فريده چيو پر مون کانئس موڪلائيندي چيو:
”جت گاڏي کاتي ۾ مون کي وڃڻو آهي اتي تون drive ڪري نه سگهندينءَ. جنهن دوست جي گاڏيءَ ۾ آيو آهيان ان جي ڊرائيور کي به واڌو واهه وٽ پهچي مون کي ڇڏڻو پوندو ۽ رڪشا ڪرڻي پوندي.“