جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين
افطار ۽ سحريءَ جا وقت اسان وٽ سياري ۽ اونهاري جي حساب سان گهٽبا وڌندا رهن ٿا. اسان وٽ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿئي معنيٰ روزا ٻارهن ڪلاڪن کان به وڏا ٿين. سياري ۾ وري روزا ننڍا ٿيو پون. نه فقط ننڍا پر سيءَ جي ڪري ٿڌا به ٿيو پون. پر ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ جتي منهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو گذريو آهي اتي ڳالهه ئي ٻي آهي. ملائيشيا خط استوا جي ڀرسان ملڪ آهي، ان ڪري نه فقط ڏينهن ۽ راتيون هڪ جيڏيون ٿين پر ٻارهوئي سج به ساڳي وقت تي لهي ۽ چڙهي. نه ٿئي سيارو نه ٿئي بهار يا سرءُ! ان ڪري ته هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ملائشيا ۾ هر قسم جي نالي واري ڇوڪري ملي سگهي ٿي پر ”بهار“ جي نالي واري نه. ۽ نه ڪو توهانکي ملئي زبان ۾ اهڙو گانو ٻڌڻ ۾ ايندو جنهن ۾ بهار جي موسم جي تعريف ٿيل هجي. ملائيشيا جا ماڻهو ڇا ڄاڻن بهار جي موسم مان يا سياري جي ٿڌ مان. ڪوالالمپور ۾، اسي واري ڏهاڪي ۾، فقط ٻه دڪان گرم ڪپڙن جا هوندا هئا. هاڻ هڪ ٻه ٻيو به کليو آهي. ڪو يورپ نوڪري يا اعليٰ تعليم لاءِ ويندو آهي ته پوءِ انهن دڪانن مان ڪنهن هڪ تان ڪوٽ يا سوئيٽر ۽ مفلر خريد ڪري ويندو آهي. بلڪ انهن دڪانن ڏي ويندڙن يا موٽندڙن کان اڪثر ٻيا پڇندا آهن: ”پرگي مانا؟ يورپا اتائو آمريڪا“- (ڪيڏانهن وڃڻ ٿي رهيو آهي؟ يورپ يا آمريڪا.) ظاهر آهي ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن سيءُ ٿئي ئي ڪونه. توهان کي ڪيترائي اهڙا پوڙها نظر ايندا جن سڄي عمر ڪڏهن ڪوٽ يا سوئيٽر نه پاتو هوندو. ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري، اتي ٻارهوئي هڪ موسم اونهارو رهي. ٻارهوئي ڪينيا، يوگنڊا جهڙن خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿئي. پر ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ان ڳالهه ۾ خوش نصيب آهن جو ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي.
مٿي خط استوا جو ذڪر آيو آهي. خط استوا اهو خيالي ليڪو آهي جيڪو دنيا جي گولي کي پورن ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: اتر اڌ گول Northern Hemisphere ۽ ڏکڻ اڌ گول Southern Hemisphere. خطِ استوا کي انگريزيءَ ۾ “Equator” سڏجي ٿو جيڪا زيرو ڊگري واري ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. ان ليڪ يعني خط استوا کان جيئن جيئن مٿي يا هيٺ وڃبو تيئن تيئن ڊگرين جو تعداد وڌندو ويندو تانجو ڌرتيءَ جي چوٽيءَ تي جيڪو اتر قطب ٿو سڏجي 90 ڊگريون ٿينديون ۽ اهڙي طرح ڌرتيءَ جي هيٺ تر ۾ جنهن کي ڏکڻ قطب ٿو سڏجي اهو 90 ڊگريون ٿيون. اتر اڌ گول واريون ٻڙي (Zero) کان نوي تائين ڊگريون “N” يعني نارٿ (اتر) سڏجن ۽ هيٺ واريون “S” يعني سائوٿ (ڏکڻ) سڏجن.
ڌرتي سج جي چوڌاري ڦيرو 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي محور (Centre) تي ڦرڻ بدران ڪجهه ڊگريون جهڪيل (Inclined) آهي ان ڪري دنيا جي هڪ اڌ گول ۾ سج جي روشني گهڻي پوي ٿي اتي اونهارو ٿئي ۽ ٻئي ۾ گهٽ روشني (اُس) وڃڻ ڪري اتي سيارو ٿئي ۽ پوءِ ڇهن مهينن کن بعد ڌرتي سج جي ٻي پاسي پهچي ٿي ته اُبتو حساب ٿيو وڃي. يعني هاڻ جنهن پاسي اونهارو هو اتي سيارو ٿيو وڃي جتي سيارو هو اتي اونهارو. جڏهن اسان وٽ اتر اڌ گول ۾ ڊسمبر جنوري فيبروري مهينن ۾ سيارو هوندو آهي ته آسٽريليا، برازيل، بولويا، ائنگولا، زئمبيا ۽ ٻين ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن ۾ سخت اونهارو هوندو آهي. اسلام آباد، ڪابل يا لنڊن ۾ رهندڙ هڪ شاگرد اسڪول ۾ اهوئي پڙهندو آهي ته جون، جولاءِ آگسٽ گرمين جا مهينا آهن ۽ اسانکي گنجيءَ ۽ چڍيءَ ۾ هلڻ کپي. پر اهو ڇوڪرو ان ساڳي سوال جو اهو جواب مپوتو، ڊربن يا ريوڊي جنيرو شهرن جي اسڪول ۾ ڏيندو ته ٻيا ٻار مٿس کل ئي ڪندا، جو اهي شهر ڏکڻ اڌ گول ۾ آهن، جتي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سخت پاري جهڙا سيءَ ۽ برف باري ٿئي ٿي. خط استوا وارو علائقو ئي هڪ اهڙو آهي جتي ٻارهوئي سج جو اثر هڪ جهڙو ٿو ٿئي. نه فقط سج جو اثر هڪ جهڙو ٿو ٿئي پر ان جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت به ذري گهٽ ساڳيو ئي ٿئي ٿو ۽ پوءِ ظاهر آهي سڄو سال ڏينهن رات جو مدو به هڪ جيڏو ئي يعني ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ ٿئي ٿو.