مُون سائيٽنگ يا مُون فائيٽنگ
چنڊ ۽ تارو اسلامي نشان ته نه آهي پر پاڪستان جي جهنڊي جو نشان آهي ۽ ائين ته بنگلاديش، جنهن ۾ اسان کان به گهڻا مسلمان رهن ٿا، انهن جي جهنڊي جو نشان چنڊ ۽ تاري بدران سج آهي.
چنڊ، تارا، سج ۽ سيارا هي قدرت جون نشانيون آهن جن کي ڏسي ۽ جن بابت سوچي، انهن جي خلقڻهار جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان پالڻهار اڳيان جهڪجي جنهن اهڙين شين کي ٺاهيو آهي ۽ نه انهن شين اڳيان.
چنڊ اسان مسلمانن جي زندگيءَ ۾ اهميت ضرور رکي ٿو جو اهو اسان لاءِ ڪئلينڊر آهي. جيئن سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ مختلف پوزيشن ۾ رهڻ سان اسان نمازن جو وقت معلوم ڪريون ٿا، تيئن چنڊ مان اسان مهينن جي ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا ۽ ان موجب روزا رکون ٿا، حج ڪريون ٿا، عيدون ملهايون ٿا. سنڌ، عربستان، راجستان ۽ صحرا بيابان ۾ ته نه ڪڪر نه ڌنڌ هجڻ ڪري، نئين چنڊ جي اڀرڻ جي سولائيءَ سان خبر پئجيو وڃي ٿي جيتوڻيڪ اتي به ڪڏهن ڪڏهن مينهوڳي جي مند ۾ يا واچوڙيءَ ۽ رءُ (مٽيءَ) سان ڀريل آسمان واري حالت ۾، نئين چنڊ جي اڀرڻ جو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. پر اتي وري به ايڏو وڏو مسئلو ناهي جيترو ملائيشِا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ آهي جتي ٻارهوئي بارش لڳي رهي ٿي يا قطبن جي ويجهو وارن ملڪن ۾، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ آسمان گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو. هڪ دفعي اسانجو جهاز رمضان جي آخري روزن ۾ فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي ۾ پهتو ته اتي جي هڪ مسجد ۾ پنهنجي هڪ وطنيءَ کان عيد جو پڇيم ته آيا چنڊ ڏٺو ويو يا نه. وراڻيائين ”اڄ سڄو ڏينهن توهانکي سج نظر آيو؟“
جواب بدران سندس ڪيل سوال مان سمجهي ويس ته واقعي گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل ههڙي آسمان ۾ چنڊ ڪيئن ڏسي سگهبو جڏهن اهائي خبر نٿي پوي ته سج ڪڏهن اڀريو ۽ ڪهڙو رستو وٺي ڪنهن وقت لهي ويو. اهي ڏينهن ويتر سياري جا هئا جنهن ۾ آسمان تي ڪڪر نه هجن ته به سج چوڏهين جي چنڊ وانگر ٿڌو رهي ٿو جو ماڻهوءَ مٿان لنگهڻ بدران پاسي کان لنگهي، لهي وڃي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته سج لهڻ کان پوءِ واري روشني (twilight) جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري چڪا آهيون، اها خط استوا تي ڪو ويهه منٽ مس هلي ٿي. ان بعد اوندهه ڪانڀار ٿيو وڃي ۽ پهرينءَ جو چنڊ ته ڇا هلڪي روشني وارا تارا به نظر اچڻ شروع ٿيو وڃن. پر ناروي، سئيڊن، ڪئناڊا، فنلئنڊ، گرين لئنڊ ۽ آئس لئنڊ جهڙن ملڪن ۾ جيڪي خط استوا کان تمام گهڻو پري آهن، ان شفق (twilight) جو مدو وڌيو ڪلاڪن ۾ ٿيو پوي. ان ڪري نئون چنڊ ڏسڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي، چاهي کڻي آسمان تي هڪ ڪڪر به نه هجي. نئون چنڊ جي اڀري به ٿو ته جيسين شفق جي روشني ختم ٿي اوندهه ٿئي يا گهٽ ۾ گهٽ سِول ۽ ناٽيڪل twilight ختم ٿئي تيسين نئون نڪتل چنڊ پنهنجو وقت پورو ڪري اُفق جي پويان غائب ٿيو وڃي. بهرحال اهڙن ملڪن ۾ پوءِ ڀر وارن ملڪن کان معلوم ڪيو وڃي ٿو جيڪي ساڳي ويڪرائي ڦاڪ تي آهن ۽ قطبن کان پري خط استوا جي ويجهو هجن. بهرحال رمضان جي پهرين روزي ۽ پهرين شوال يعني عيد واري نئين چنڊ تي اڪثر ملڪن ۾- خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ماڻهن ۽ ڪجهه ٻين اهڙن جذباتي قومن (عربن، مصرين جهڙن) جو هنگامو نه ته بحث مباحثو ضرور ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ ڏهه سال رهيس پر اتي جا ماڻهو خاموش ۽ ٿڌي طبيعت جا آهن، نه ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا، نه خوشيءَ جو. اسين ماڻهو ٻنهي صورتن ۾ دانهون ڪوڪون ڪنداسين. تڏهن ته سئيڊن جي هڪ سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته مونکان جڏهن پنهنجي هم وطني پاڪستانيءَ يا شايد ملئي دوست مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ پڇيو ته عيد جي ڪيئن خبر پوندي ته کلندي چيومانس: ”فڪر ئي نه ڪر پنهنجو ڪلاس عربن، مصرين ۽ بنگلاديشين سان ڀريو پيو آهي جڏهن انهن سڀني کي هڪ ئي وقت زور زور سان ڳالهائيندو ۽ بحث ڪندو ڏسين ته سمجهي وڃجانءِ ته عيد اچي وئي آهي يا ويجهي آهي.“
۽ پوءِ اهو وقت اچي ويو ۽ هن مونکي اچي ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾ يمني، مصري ۽ سوڊانين جو بحث پيو هلي. ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) واري مسجد جو پيش امام به آيل آهي. هنن مالمو جي مسجد واري ترڪ امام کي به گهرايو آهي. آئون به ڪتاب ۽ ڪاپيون ٺپي، اهو سوچي لئبرري پهتس ته ماٺ ڪري رڳو ٻين کي ٻڌندس. پر سائين منهنجو واسطو به پاڪستان سان هو ۽ پنهنجا پاڻ سان ماٺ ۾ رهڻ جا وعدا وساري ”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو“ واري چوڻيءَ تي ئي عمل ڪيم. اسان سڀني چاهيو ٿي ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن ۾ عيد هڪ ئي ڏينهن ٿئي. پر ساڳي وقت ان تي به يڪراءِ نه ٿياسين ته ڪهڙي ڏينهن تي ٿئي. نتيجي ۾ هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن ۾ ٿي ۽ ٻئي ڏينهن اسان جي يونيورسٽيءَ واري شهر مالمو ۾! ۽ توهان کي خبر آهي ته سئيڊن جو شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن هڪ ٻئي کان ڪيترو پري آهن؟ اهي ٻئي شهر منهوڙي ۽ ڪياماڙيءَ کان به ويجهو آهن. توهان ڪياماڙيءَ ۾ بيهي منهوڙو نه ڏسي سگهنداؤ پر مالمو مان بيهي ڪوپن هيگن ڏسي سگهندائو. پر افسوس جو اسان هڪ ٻئي جي شهرن کي ڏسڻ جي باوجود ٻنهي شهرن جي ماڻهن هڪ ئي وقت چنڊ کي ڏسي نه سگهياسين. اهو شايد هڪ شهر ۾ نظر اچڻ بعد ٻئي شهر ۾ نظر اچڻ کان اڳ بالٽڪ سمنڊ جي ٽريلبرگ نار (Strait) ۾ غوطو هڻي ويو ۽ پوءِ عيد بعد ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ جڏهن سڀ ٿڌا ٿيا ته پوءِ ڪي ڏينهن اهي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته اسان کي هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائڻ کتي ٿي. اسانجو جهازرانيءَ (Navigation) سان واسطو هوندي به اسين چنڊ جي (Sighting) موجود هجڻ جو فيصلو ڪري نه سگهياسين وغيره وغيره.
سو ڪڏهن ڪڏهن عيد جهڙن اهم موقعن واري نئين چنڊ جي هجڻ يا نه هجڻ (Sighting) تي پڙهيل ڳڙهيلن جي وچ ۾ به هر سال جهيڙي جي حد تائين بحث مباحثا شروع ٿيو وڃن ۽ ٻين ڌارين کي اسان تي کلڻ جو موقعو مُهيا ٿيو وڃي ته هي آهي ڇا؟ Moon Sighting آهي يا Moon Fighting. ان بابت نيٺ ڇا ٿيڻ کپي- خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي آسمان گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو، برف باري ٿيندي رهي يا وري شفق (twilight) جو مدو (duration) بيحد ڊگهو ٿئي ٿو.
هونءَ ته يورپ- خاص ڪري اسڪينڊينيويا جهڙن قطبي ملڪن ۾ ۽ اتر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ مسلمانن جو تعداد نه برابر هو پر هاڻ گذريل اڌ صديءَ ۾ مسلمانن جو ايڏو ته انگ وڌي ويو آهي جو فرانس جهڙي ملڪ ۾ هڪ سؤ بدران هڪ هزار کان مٿي مسجدون آهن. نيويارڪ جهڙي شهر ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾، چئن مسجدن مان وڌي هڪ سؤ کان مٿي مسجدون ٿي پيون آهن ۽ آمريڪا ۾ اسلام سڀ کان تيزيءَ سان وڌندڙ مذهب ٿي پيو آهي. اهڙي صورت ۾ مٿين ملڪن ۾ رهندڙ اسلامي ملڪن جا ماڻهو يا اسلام قبول ڪندڙ مڪاني مسلمان عالم، هر وقت ان فڪر ۽ طريقا ڳولڻ ۾ مصروف رهن ٿا ته ڪنهن نموني سان نئين چنڊ کي صحيح ڏينهن تي Sight ڪري ان علائقي، رياست، صوبي يا ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي جيئن گهٽ ۾ گهٽ اتي هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي وڃي.