مذهبي تهوارن ۾ وحدت ۽ ٻَڌي
ڪيترا ته اهو به چوندا ته اسين سڀ مسلمان ڀائر آهيون سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي هڪ ڏينهن تي عيد ڪري مسلمانن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري جو اظهار ڪرڻ کپي. اها ڳالهه چوڻ ته سولو ڪم آهي پر سڄي دنيا ۾ هڪ ڏينهن تي عيد جو اعلان ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي. ڇو جو قمري مهينو جيڪو چنڊ جي نظر اچڻ (Moon sight) تي ٻڌل هجي اهو هڪ ئي وقت تي سڄي دنيا ۾ ٿي نٿو سگهي.
مون اها ڳالهه سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي مسجدن ۾ دنيا جي ملڪن کان آيل عالمن سان ڪئي ته ڪيترن اهوئي چيو ته اسلام تهوارن ۾ ان قسم جي وحدت کي ڪابه اهميت نه ڏني آهي. ظاهر آهي اهڙي ڳالهه اهم هجي ها ته حضور اڪرم ﷺ، اصحاب سڳوراؓ، خلفاءِ راشدين وغيره ان اهم ڪم ڏي ضرور ڌيان ڇڪائين ها. الله جي نبي ﷺ جن ٽيهين رمضان تي به روزو رکيو هو. پوءِ چنڊ جي نظر اچڻ جي اوسي پاسي کان شهادت ملي ته پاڻ روزو افطار ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ۽ دير ٿي وڃڻ ڪري عيد ٻئي ڏينهن ڪئي. جيڪڏهن وحدتِ عيد ايڏي ضروري شيءِ هجي ها ته پاڻ عيد جي نماز دير سان به پڙهي سگهيا ٿي. هونءَ به عيد جي نماز نفلي نماز آهي (عيدالاضحيٰ ته حجاج جي پروگرام ۾ شامل ئي ناهي.)
حضرت ڪريب واري واقعي ۾ جيڪو هنن مضمونن ۾ بيان ڪري چڪو آهيان، حضرت عباس کي جڏهن مڪمل شرعي شهادت جو ثبوت ملي ويو ته ڇا هنن يا معاويه وحدت عيد جي ڪوشش فرمائي؟ انهن شخصيتن اسلامي روح کي، اسان کان ڪئين دفعا وڌيڪ بهتر سمجهيو ٿي.
حضرت عمر جهڙي مفڪر ۽ مدبر مديني منوره جي هزارين ميلن تي پکڙيل سلطنت تي تمام عمدي طريقي سان ڪنٽرول ڪيو. پاڻ جيڪڏهن چاهين ها ته ڇا ”اتحاد بين المسلمين“ لاءِ ان ذريعي تي عمل نه ڪرائي سگهن ها ڇا؟ پاڻ ڳالهه ڳالهه تي مجلس شوريٰ سڏرائي يڪدم فيصلو ڏئي ڇڏيو ٿي پر ڪڏهن به هن وٽ وحدت عيد يا رمضان جو مسئلو زير بحث نه آيو. جيڪڏهن ان دور ۾ به اهڙو مثال نٿو ملي ته پوءِ اڄ ان مسئلي تي ايتري قدر ضد ڇو آهي؟
ڪجهه ملڪن جا مسلمان خاص ڪري اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ يعني انڊيا، بنگلاديش، پاڪستان ۽ ڪجهه آفريڪا جي مسلمان ملڪن ۾، چنڊ ۽ عيدن تي ڪڏهن ڪڏهن اجايو گوڙ گهمسان ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي غير مسلم قومن اڳيان کلڻهارڪو بڻايون ٿا. ملائيشيا پاسي توڙي عرب ملڪن ۾ مونکي ڪيتريون ئي عيدون گذارڻ جو موقعو مليو پر ڪڏهن به ڪنهن هل هنگامو نه ڪيو. هر عيد سڪون سان ٿيندي هئي. جهازن ۽ دنيا جي تعليمي ادارن ۾ البت عرب، ايراني ۽ اسين (ننڍي کنڊ جا جهازي) جيڪي سڄو سال مِٺ محبت ۾ گذاريندا هئاسين، رمضان جي روزن ۽ عيدن جو ڏينهن مقرر ڪرڻ لاءِ اٽڪي پوندا هئاسين ۽ پوءِ ٻيا اسان جا غير مسلم ڪليگ اسان تي ٺٺوليون ڪندا هئا.
منهنجو هڪ پيارو عرب دوست ڪمانڊر خالد الجهلمي جيڪو اسان سڀني ۾ گهڻو نيڪ، پرهيزگار ۽ ٿڌي طبيعت جو هوندو هو، اهو هميشھ اسان کي سمجهائيندي چوندو هو ته اسلام ۾ عيدن جي حيثيت عبادت ۽ شڪراني جي نماز ادا ڪرڻ جي آهي- ڪو جشن ملهائڻ جي ناهي. اسلام انهن ڏينهن تي عيد جي نماز کان علاوه ٻيو ڪو پروگرام پيش نه ڪيو آهي ۽ حاجين لاءِ ته عيدالاضحيٰ نماز حج جي ارڪانن ۾ به شامل ناهي.
هن رمضان ۾، منهنجي هڪ ملئي شاگرد ۽ هاڻ دوست ڪئپٽن رزالي يعقوب، ان سلسلي ۾ واه جي E-mail موڪلي آهي، جنهن ۾ لکي ٿو:
مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي شريعت جن ڳالهين لاءِ تاڪيد فرمائي آهي انهن ۾ فرقي پرستي کان پاسو ڪرڻ، فرض نمازن جي باجماعت ادائيگي، نظام زڪواة کي قائم ڪرڻ، حج جو اجتماع ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ڪم آهن. پر افسوس اهو آهي ته اڄ جو مسلمان انهن تي ٿورو ڌيان ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، پر ٻين مذهبن جي ديکا ديکيءَ ۾، جن جي ڌرمي دلچسپي جي انتها فقط مذهبي تهوار ملهائڻ تائين محدود آهي، اسين عيدن وغيره ۾ وحدت تي زور ڏيئي رهيا آهيون ۽ هي مذهب کان ڏور ٿيڻ جو لازمي نتيجو آهي جو انسان اهم ڪمن کان نظر ڦيريو ڇڏي ۽ پنهنجو سڄو زور غير اهم ڪمن تي خرچ ڪندو رهي ٿو.