ولايت ۽ اسان جا ڊاڪٽر
”ها ضرور.“ مون وراڻيومانس، ”آمريڪا جو هي بندرگاهه مون لاءِ ڪراچي ۽ چٽگانگ وانگر آهي جنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ کان واقف آهيان.“
”چئبو ته توهان جو جهاز هتي به ايندو رهيو.“ رميش پنهنجي ڪار کي فلڊلفيا شهر اندر موڙيندي چيو.
فلڊلفيا جي روزويلٽ بليوارڊ تان رميش پنهنجي ڪار کي کاٻي پاسي هولم (Holme) ايونيو تي موڙيو ته مون ٿڌو ساهه کڻي چيو ”مونکي پنهنجو آمريڪا جو پهريون سفر ياد ٿو اچي. هتي ڪجهه پرائيويٽ اسپتالون ۽ ڪلينڪون آهن. اتي آئون ايندو هوس.“ رميش ٽهڪ ڏيندي چيو ”صحيح ٿا چئو. مشهور نزرٿ هاسپيٽل ۽ راٿمئين ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ وغيره سڀ هن ڪنڊ تي آهن.“ ۽ پوءِ چپن تي شرارتي مُرڪ آڻيندي چيو ”سائين نرسن جي چڪر ۾ ته نه ايندا هئائو؟“
”چوين ته سچ ٿو. تن ڏينهن ۾ جهازين جا ٻيا ڪهڙا ڪم هوندا هئا. خاص ڪري يوناني جهازن جا خلاصي بندرگاهه ۾ جهاز ٻڌجڻ سان بالٽيمور اسٽريٽ جي ناچ گهرن ۾ ايندا هئا يا وري مڪاني اسپتالن جي نرسين وٽ. پر آئون نڪ ڪن ۽ گلي (ENT) جي ڊاڪٽر وٽ چڪر هڻندو رهيس.“
”ڇو؟ خير ۾؟“ رميش پڇيو.
”ڪراچيءَ کان آمريڪا ايندي منهنجو ڪن خراب ٿي پيو هو ۽ مون کي هن بندرگاهه فلڊلفيا ۾ ENT اسپيشلسٽ وٽ، هن هنڌ ٻه ٽي دفعا اچڻو پيو هو.“
منهنجي خيال ۾ سال 1969ع جا شروعاتي ڏينهن هئا جڏهن اسان ڪراچيءَ جي شپ يارڊ جو ويهه هزار کن ٽن وزن جو ٺهيل نئون جهاز هيڏانهن آمريڪا وٺي آيا هئاسين. پاڪستان ۾ هن کان اڳ هن وزن ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو ڪو هڪ ٻه جهاز مس ٺهيا هئا سو ان حساب سان هي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ان وقت جو ماڊرن جهاز وڏي ڳالهه هو، جنهن ان وقت جي پولينڊ ۽ يوگوسلاويا جي شپ يارڊن ۾ ٺهندڙ جهازن سان ڪافي مشابهت رکي ٿي. هن جهاز کي هلائڻ لاءِ اٽڪل ستر کن ماڻهن جو عملو هو جنهن ۾ نيويگيٽرن ۽ انجنيئرن کان علاوه خلاصي، بورچي، اسٽيورڊ، ڀنگي، واڍا ۽ اليڪٽريشن اچي ويا ٿي. مونکي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم مڪمل ڪئي ڪو سال ڏيڍ مس ٿيو هو ان ڪري آئون اڃا ففٿ انجنيئر هوس- يعني جهاز هلائيندڙ مئرين انجنيئرن جي لانڍ ۾ آئون هيٺين ڏاڪي تي هوس- يعني جونيئر انجنيئر هوس ۽ مونکي اڪيلي سر ڊيوٽي ڪرڻ بدران هڪ سينيئر انجنيئر (فورٿ انجنيئر) سان گڏ ڊيوٽي ڪرڻي پيئي ٿي. اسان ڪراچي کان ڪيپ ٽائون تائين هندي وڏي سمنڊ تي ۽ ان بعد ڪيوبا ۽ ڪئرولينا تائين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبين سمنڊ تي لڳاتار چاليهه کن ڏينهن راتيون صبح جو اٺين کان منجهند جو ٻارهين تائين ۽ شام جو اٺين کان آڌيءَ رات تائين جهاز هلائيندا ٽيڪساز جي بندرگاهه هوسٽن ۾ پهتاسين. انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ عربن جي جنگ ڪري سئيز ڪئنال بند هو نه ته سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري ۽ آفريڪا کنڊ کي ڦيرو نه ڪرڻ ڪري اسان ڏهه ٻارهن ڏينهن اڳواٽ آمريڪا پهچي سگهياسين ٿي.
نئون جهاز جتي ڏسڻ ۾ نئون ۽ سهڻو لڳي ٿو اتي ان جا ڪجهه اڻ ڄاتل مسئلا پڻ ٿين ٿا. ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه مهينا ڪافي محنت ڪرڻي پوي ٿي جيسين جهاز جو هر پرزو صحيح ٿئي. هن کان اڳ يوگوسلاويا مان ورتل نئون جهاز جڏهن هلايو هئوسين ته ان ۾ ٽن جنريٽرن مان هڪ ۾ وڏو مسئلو هو جنهن کي صحيح ڪرڻ جي اسان جهازي انجنيئرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي. نه فقط سمنڊ تي پر بيروت، طرابلس، اوڊيسا ۽ ٻين بندرگاهن ۾، جيڏانهن جيڏانهن جهاز ويندو رهيو، ان جي هڪ هڪ پرزي کي ڪڍي چيڪ ڪندا رهياسين پر اهو صحيح نه ٿيو سو نه ٿيو. موٽي يوگوسلاويا جي بندرگاهه رائيڪا ۾ آياسين جتي جهاز ٺاهڻ وارن سڄو جنريٽر ڪڍي نئون فِٽ ڪري ڏنو.
هن پاڪستان ۾ ٺهيل جهاز ۾ مشينري جو ڪو وڏو نقص نه نڪتو پر سندس لوهي پليٽون هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ڳنڍيل هيون جو جهاز جي رفتار هڪ حد کان مٿي ڪرڻ تي جهاز ۾ تمام گهڻي Vibration ٿي ٿي. جهاز جي هن ٿرڪڻي (Vibration) ڪري اسانکي ٻي ته ڪا اهڙي feeling نٿي ٿي پر ڪنن ۾ هلڪي هلڪي سرسراهٽ ضرور ٿي ٿي. مون جنهن انجنيئر سان جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪئي ٿي ان کي سگريٽ ڇڪڻ جي عادت هئي. انجڻ جي چارج سنڀالڻ سان هو پهريون ڪم سگريٽ ڪڍي دکائڻ جو ڪندو هو ۽ پوءِ ماچيس جي اڌ ٻريل تيليءَ سان ڪن کنهندو هو. آئون به سندس ماچيس مان هڪ تيلي ڪڍي کنهڻ لڳس. ۽ پوءِ ته جهڙي عادت ٿي ويئي. خبر ناهي ڪن ۾ واقعي خارش ٿيندي هئي يا عادت ڪري تيليءَ سان ڪن کنهڻ جي ٻار ٿيندي هئي. ۽ پوءِ نتيجو اهوئي ٿيو جو آمريڪا پهچڻ کان اڳ ڪن ۾ سور ٿي پيو. هوسٽن ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ ڳالهه وسري ويئي پر پوءِ فلڊلفيا اچي هتي ڊاڪٽر کي ڏيکاريم. ڊاڪٽر جي ڏنل گورين مان سور ته لهي ويو پر جهاز هلڻ سان وري خارش ٿي ٿي ۽ تيليءَ سان ڪن کنهڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ٿي ۽ اها خارش سڄو سفر هلندي رهي. آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ جي ڪجهه بندرگاهن ۾ اتي جي ENT (ڪن جي ماهر) ڊاڪٽرن کي ڏيکاريم. انهن مان ڪجهه ته چيو ته ڪجهه به ناهي. ڪَن به صاف آهي ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن جهاز جي انشورنس ڪمپنيءَ کان منهنجي علاج جون ڳريون فيون وصول ڪرڻ لاءِ ڪا ڪريم يا مکڻ لاءِ دوا ڏيئي ڇڏي ٿي. پر خارش تيليءَ سان کنهڻ سان ئي لٿي ٿي- سا به فقط ڪجهه ڪلاڪن لاءِ. ان وچ ۾ جپان جي شهر اوساڪا ۾ به هڪ ڪن جي ماهر ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو. هن به دوربين سان چڪاس ڪري، ڊگهو بل ڏيئي، هڪ ويزلين جهڙي ڪريم جي شيشي ڏيئي ڇڏي. پر ان مان به فائدو نه رسيو. ان وچ ۾ منهنجو جهاز به بدليو پر اهو خارش وارو مسئلو ٻئي جهاز تي به قائم رهيو جنهن تي Vibration سواءِ 95Rpm جي زيرو هئي ۽ ان 95 آر پي ايم واري ڪرٽيڪل رفتار تي اسان جهاز هلايو ئي ڪونه ٿي.
ڏيڍ سال بعد جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ آيو ته آئون ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي ماءُ پيءُ سان ملڻ ڳوٺ هالا ويس. واپسيءَ تي حيدرآباد ۾ LMC جي پروفيسر ڊاڪٽر جعفري وٽ هليو ويس. جيتوڻيڪ منهنجي دل نه پئي مڃيو ڇو جو ”ڪٿي آمريڪا، انگلينڊ ۽ جپان جا ڪن جا ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪٿي هي پاڪستاني ڊاڪٽر!“ يعني اها سوچ تن ڏينهن ۾ مون جهڙن نوجوانن جي دماغ ۾ ويٺل هئي. اسان مغرب ۽ يورپ جي هر ڳالهه مان متاثر هئاسين. ڊاڪٽر جعفري جيڪو پوءِ ڏهن سالن بعد 1980ع ڌاري گذاري ويو. تنهن ڪن ۾ ٽارچ هڻي مونکي هڪ دوا لکي ڏني ته منهنجي ڪن جي خارش جو علاج اها دوا آهي. ”پر اها دوا هتان نه ملي سگهندي.“ هن مونکي چيو. آئون ان ئي ڏينهن ڪراچي کان اچي نڪتس. ڊاڪٽر جعفري جي نسخي مونکي متاثر نه ڪيو- شايد ان لاءِ اڳهين منهنجي Mindset ٿيل هئي. پر پوءِ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ان دوا جو ڪراچي جي اسٽورن تان پڇايم پر واقعي نه ملي. مون ڊاڪٽر جعفري کي فون ڪري ان جي بدران ڪنهن ٻي دوا جو پُڇيو.
”نه. تنهنجي ان بيماريءَ جو علاج اهائي دوا آهي. ڪنهن کان ٻاهران گهرائي وٺو.“ هن پختي اعتماد سان چيو.
ڪجهه ڏينهن بعد جهاز لنگر کنيو ۽ ٻن ڏينهن بعد جيئن ئي پهرين بندرگاهه ڪولمبو (سريلنڪا) ۾ پهتو ته مون اها دوا وٺي، ان لوشن جو ڪپاهه جي ٻڙي سان مَکُ ڏنو ته خارش ختم ٿي وئي. هميشھ لاءِ نه سهي پر هفتي ڏيڍ لاءِ ضرور. چيچ جيڏي اها ننڍڙي بوتل سال کن هلندي هئي. اهو ڪم پندرهن ويهه سال کن هلندو رهيو. ان بعد خبر پيئي ته جرمني جي اها ڪمپني جيڪا اها دوا ٺاهيندي هئي اها بند ٿي ويئي. 91-1990ع ڌاري پاڪستان آيس ته پراڻي ڊاڪٽر جي پڇا ڪرايم، خبر پيئي ته اهو ڪڏهوڪو گذاري ويو ۽ سندس پٽ ڪراچيءَ ۾ اسپتال هلائي ٿو.
ان بعد آئون ٻه سال کن يورپ جي مختلف ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن- ويندي جرمني ۾ به رهيس جتي جي ڪن جي ماهر ڊاڪٽرن کان دوا وٺندو رهيس پر ڪٿان به فائدو نه ٿيو. ڪن جي خارش مونکي بيزار ڪري رکيو. 1994ع ۾ پاڪستان آيس. هڪ دفعو وري ڳوٺ مان ٿي واپس ڪراچي ايندي، حيدرآباد ۾ گهڙيس. هن دفعي حيدرآباد جي صدر مان هڪ دڪان تان سنڌي ڪئسٽ وٺڻا هئا. سئيڊن ۾ رهندڙ هڪ دوست مونکي حيدرآباد مان اهي وٺي هن ڏي موڪلڻ لاءِ چيو هو. جيسين دڪاندار منهنجي لسٽ مطابق ڪئسٽ ڪڍي تيسين مون هن سوڙهي گهٽيءَ ۾ نظر ڦيرائي. چوڌاري ڪئسٽن وارن جا دڪان هئا يا ڊاڪٽر جا بورڊ. انهن ڊاڪٽرن جي Clinics ۾ هڪ بورڊ ENT جي ماهر ڊاڪٽر ”محبت خان“ جو به هو. (ان کي ڏهن سالن کان به مٿي اچي ٿيا آهن ۽ هن وقت مونکي هن نيڪ ڊاڪٽر جو سڄو نالو ياد نه پيو اچي.) آئون هن جي ڪلينڪ ۾ گهڙي ويس. سامهون ويٺل ڪلارڪ کي چيم ته Appointment ورتل نه اٿم، ڪار جي غلط پارڪنگ ڪئي اٿم ۽ پوليس واري باهه ٻاري ڏني آهي ۽ شام تائين ڪراچي به پهچڻو اٿم.“ مون ENT ڊاڪٽر جو بورڊ پڙهي اهو سوچيو ته جڏهن هيستائين پهچي ويو آهيان ته هن ڊاڪٽر کي به ڏيکارڻ ۾ ڇا خرابي آهي. پر ڪلارڪ يا ڊاڪٽر جي پي اي جي موڊ نه هئي ته آئون بنا واري جي يڪدم ڊاڪٽر وٽ وڃان. هو مونکي سمجهائي رهيو هو ته ٻيا مريض اعتراض ڪندا ته ايتري ۾ اندر ويٺل ڊاڪٽر صاحب، شايد منهنجي زور سان ڳالهائڻ تي ٻاهر نڪري آيو ۽ هن مونکي ان ئي وقت اتي ئي بيٺي بيٺي ڏسڻ لاءِ رضامندو ظاهر ڪيو. ٽارچ هن جي هٿ ۾ هئي ۽ هن مونکي فقط هڪ سيڪنڊ لاءِ هڪ ڪن ڏسي پني تي دوا لکڻ لڳو. مونکي لڳو ته هو مون مان جان ڇڏائڻ لاءِ مونکي ٽاري ٿو.
”سائين ڀلا ٻيو ڪن به ته ڏسو.“ مون چيو، ”آئون هالا کان پيو اچان.“
”بس آئون سمجهي ويس.“ هن چيو، ”توکي جيڪا ڪن ۾ فنگس آهي ان جو علاج هي اسپرٽ آهي.“
مون پني تي نالو پڙهيو. Rectified Spirit لکيل هو.
”ڀلا ڪا ٻي دوا؟“ مون پڇيو.
”نه. ان جو علاج فقط اهوئي اسپرٽ آهي. توهان هالا کان پيا اچو. توهان جي شهر جي مخدوم طالب الموليٰ کي به ڪن ۾ اهو پرابلم هو. هو به اهائي دوا هڻندو هو.“
مونکي حيرت به لڳي ۽ گڏ گڏ شڪ به ٿيو ته هي ڊاڪٽر جيڪو چڱي طرح ڏسڻ بدران ائين ئي هڪ معمولي شيءِ دوا بدران ٻڌائي رهيو آهي، ائين ئي اناڙي آهي. بهرحال في ڏيڻ منهنجو فرض آهي. سو کانئس پڇيم ته سائين فيءَ جا پئسا توهان کي ڏيان يا توهان جي سيڪريٽري کي.
”نه. في وري ڪيئن ٿيندي؟“ هن چيو.
”ظاهر آهي توهان مونکي ڏٺو ۽ علاج ٻڌايو آهي؟“ مون چيو.
”ها في ضرور وٺان جڏهن ڏسان ها. مون ته توهان کي ڏٺو به ڪونه.“ ڊاڪٽر وراڻيو.
مون پوري ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر في وٺي پر هن نه ورتي. هو مونکي اهو ئي ٻڌائيندو رهيو ته هن جو حق نٿو ٿئي ته هن ڪيس ۾ في وٺان. دل ۾ مون سوچيو ته اڃا ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي. هڪ ولايت جا ڊاڪٽر هئا جن ڊگها ڊگها بل ٿي ٺاهيا ۽ هڪ هي آهي جو زور ڀرڻ تي به في وٺڻ اخلاقي ڏوهه ٿو سمجهي. مون کيس اهو به ڪراچي پهچي هفتي کن بعد ٻڌايو ته آئون جهازن جو انجنيئر ۽ ليکڪ آهيان. ۽ توهان جي هٿ ۾ نه فقط قدرت شفا ڏني آهي پر اخلاق ۽ ايمانداري پڻ. ۽ اها بيماري جنهن لاءِ منهنجو نه صحيح پر انشورنس ڪمپنيءَ جو لکين رپيا خرچ آيو هوندو ان جي علاج جي دوا جي قيمت فقط ڏهه رپيا آهي جيڪا ننڍڙي بوتل ٻه سال کن هليو وڃي.
۽ هي مٿيون احوال ان ڪري کڻي ويٺو آهيان ته ضرور ناهي ته ولايت جا ڊاڪٽر ئي هوشيار آهن ۽ اسان جا ڇسا. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جا ڊاڪٽر ولايت جي ڊاڪٽرن کان بهتر آهن ۽ هوئي اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۽ هِن علائقي جي بيمارين کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهن ٿا ۽ هي جو اسان جا ماڻهو Status symbol خاطر انهن بيمارين جي علاج لاءِ ولايتن ۾ رُلندا رهن ٿا (جن بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر اسان جي ملڪ ۾ به موجود آهن)، سراسر بيوقوفي آهي.