وينس بيوٽي پارلر، طوبيٰ بيوٽي پارلر
سائين ڇا ڳالهه ڪجي انهن بيوٽي پارلرن جي ۽ انهن جي انگريزي نالن جي! ڄڻ ته توهان پئرس، وينس، جينوا، مالمو (سئيڊن) ۽ ملاڪا (ملائيشيا) جهڙن شهرن ۾ پهچي ويا آهيو. پر انهن شهرن ۾ ته ٿڌڪار آهي. پارڪ آهن، ٿيٽر آهن، بسون، دڪان، آفيسون هوٽلون سڀ ايئرڪنڊيشن آهن. هتي حيدرآباد جون ناريون هار سينگار ڪرائي، ميڪ اپ جا ليپ چڙهائي خبر ناهي ههڙي گرمي ۽ ڌوڙ ۾ ڪهڙن ساوڪ سان ڀريل سدا سهڻن رستن تي واڪ ٿيون ڪن؟ حيدرآباد جي موسم جي اهڙي حالت آهي جو پگهر ۾ نه رڳو اسان جي پتلون پر رڪشا جي سيٽ تي چڙهيل ڪاٽن جو ڪور به پسي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو رات جو ڪجهه ٿڌڪار ٿيندي هجي، ۽ ضرور ٿيندي هوندي جو هيرآباد، فقير جي پڙ ۽ پٺاڻ ڪالونيءَ مان لنگهندي ڪجهه ٻڪريون ڇنل سوئيٽرن ۾ سڪل گاهه چري رهيون هيون. سندن مالڪن کان اها ڳالهه وسري وئي هئي ته سج مٿي چڙهي آيو آهي ۽ سخت گرميءَ ڪري هاڻ هنن غريب گگدام جانورن جا اوني سوئيٽر (جيڪي سئيڊن جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪنهن زماني ۾ گورن پاتا) لاهي ڇڏڻ کپن. بهرحال هتي جون ناريون هنن بيوٽي پارلرن مان سونهن حاصل ڪن ٿيون يا نه پر بيوٽي پارلر وارا هنن مان ناڻو ضرور حاصل ڪندا هوندا. ڪراچي جو هڪ همراهه سڃاڻان جنهن کي کارادر ۾ اٽي جي چڪي هئي. هن به اها بند ڪري حيدرآباد ۾ بيوٽي پارلر اچي کوليو آهي. جيڪو سندس زال هلائي ٿي هوءَ جيڪا ڪتيانا اسپتال ۾ دائي هئي ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيل عورتن کي فالتو وقت ۾ آڍيندي پڻ هئي، اها حيدرآباد پهچڻ سان رات اندر آڍڻ ۽ ٻارن کي وهنجارڻ واري ماسيءَ مان beautician بڻجي وئي آهي ۽ بقول سندس مڙس جي، ”سائين رنن کي آهي حرام جو پئسو سو اچيو ٿيون هتي وڃائين، ٻيو ڀلا ڪيڏانهن ڪن. کاڌي تي ڪنٽرول نه اٿن. سندن پيٽ دهل ٿيندا وڃن. ايڪسرسائيز کانئن نٿي پڄي جو جسم جي چرپر ڪن، بس زور رڳو منهن تي ليپ هڻائي هلڻ جو...“
”سائين هاڻ ڀلا؟“ رڪشا واري پڇيو.
”بس هاڻ آئون واڪ ڪري ڪنهن آرٿوپيڊڪ سرجن وٽ هليو ويندس. تون حساب ٻڌاءِ؟“
”جيڪي توهان کي وڻي.“ هن ٻڌائڻ نه چاهيو.
”ڀائي ائين ته سج لهي ويندو. هاڻ هينئن ڪر جيڪو سڄي ڏينهن ۾ ڪمائيندو آهين ان کان ٻيڻو وٺ. تون به خوش ته آئون به خوش جو پنهنجي ڪار کڻي اچان ها ته بلڊپريشر جو مريض ٿي موٽان ها. هينئر رڳو پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏين ۾ سور ٿيو آهي.“
رڪشا واري کان موڪلائي ڀر ۾ پان ٻيڙي جي دڪان تان ٻه پونسٽن جون گوريون خريد ڪري ڦڪيون ۽ عبرت اخبار جي آفيس ڏي هلڻ لڳس. چوڌاري گاڏين جي اسپيئر پارٽس جا دڪان، ڪٿي ڪٿي ويلڊنگ، سائلنسر صحيح ڪرڻ ۽ ريڊيٽر رپيئر ڪرڻ جا دڪان هئا. پڇائيندو پڇائيندو اچي عبرت آفيس کان نڪتس. هن کان اڳ عبرت آفيس ۾ 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ آيو هوس. تڏهن هتي قاضي عبدالمجيد عابد صاحب پاڻ وهندو هو. سندس مرحوم پٽ اظهر عباسي منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ ٿي رهيو هو. سندس ننڍو ڀاءُ اسد قاضي، اڄڪلهه اخبار جو ڪم هلائي ٿو ۽ ڪراچي واري هيڊ آفيس ۾ ويهي ٿو. عبرت هلائيندڙن مان ڪوبه پراڻو نظر نه آيو. منهنجي هالا جي ڪلاس ميٽ محمد حيات بلوچ جو پڇايم پر هن جي رات جي ڊيوٽي هئي. اديبن مان حيات شاهه بخاري موجود هو. نئين نموني جي آفيس ۾ سڀ ڪمپيوٽرن تي ويٺا هئا نه ته ان زماني ۾ هي اخبارون شيهي lead جي اکرن کي ملائي لفظ ۽ جملا ٺاهي ڇپيون وينديون هيون. ڪجهه وقت لاءِ قاضي اڪبر صاحب جو ڏوهٽو، دادو وارو پير مظهر پڻ هن آفيس ۾ هوندو هو ۽ عبرت اخبار جي ٻارن جي صفحي جو انچارج هو. هو ”ماما موجي“ جي نالي سان ٻارن ۾ مشهور هو. يعني ان وقت جي ٻارن ۾ جيڪي هينئر پڪ پنجاهه سالن جي ويجهو اچي پهتا هوندا. ڪجهه دير حيات شاهه سان خبرون ڪري هيٺ لٿس گيٽ تي ويٺل گارڊ هاڻ رسپيشن تي ويٺو هو. هن هينئر گهڻي مغز ماري نه ڪئي جيڪا هن ايندي وقت ڪئي. ڇو آيو آهين، ڪهڙو ڪم آهي، ڪنهن سان ملڻو آهي...؟ بيزار ڪري رکيائين، اهو پڇڻ جو ڪم رسپيشن تي ويٺل ڪلارڪ جو آهي. تنهنجو ڪم ماڻهن کي چيڪ ڪرڻ آهي ته ڪو هٿيار کڻي آفيس ۾ ته نٿو گهڙي. ڪم بم کڻي هن اڳهين مدي خارج عمارت کي ته نٿو ڪيرائي. بهرحال ڪو بيوقوف ئي هوندو جو هن بلڊنگ کي نقصان رسائڻ لاءِ بم تي خرچ ڪندو ۽ ڪنهن کي جي بم يا هٿيار کڻي ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻو هوندو ته اهو مون جهڙو ٿڪل، هلڻ کان هلاڪ، ٿلهن شيشن واري عينڪ سان هوندو ڇا؟ پر اسان جي ملڪ جي چوڪيدار جي ذهنيت به typical وڏيرڪي آهي. هروڀرو ٿيو ڪنهن کي تنگ ڪرڻ. جيڪو ڏاڍو مڙس هوندو، جيڪو هٿيارن سان گهڙندو، ان اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهبو. هن کان پاسو ڏيئي بيهبو ته ڀلي لنگهي وڃي ڀينگ ڪري. ۽ پوءِ نانگ هليو ويندو ان جو ليڪو ويهي ڪٽبو. بهرحال موٽڻ وقت هن چوڪيدار منهنجو مٿو نه کاڌو شايد ان ڪري به جو هو ان وقت نان سان گوبي گوشت کائڻ ۾ مشغول هو. سندس ڀرسان ڪمري جو در کليل ڏسي ليئو پاتم ته اتي ڇپائي جي پريس هئي. منهنجو هي ڪالم جيڪڏهن مون وانگر ڪو جهاز هلائڻ وارو پڙهي رهيو آهي ته هو اهو سمجهي ته هيءَ پريس جي مشينري هڪ آڳاٽي زماني جي ڊاڪسفورڊ (Doxford) انجڻ هئي جيڪا اڄ به جهاز ته هلائي سگهي ٿي پر هن جو هاڻ اصل مقام عجائب گهر هئڻ کپي جتي اڄ جا نوجوان جهاز هلائيندڙ، هن انجڻ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهن ته اڄ کان منو صدي اڳ انگريز هن انجڻ سان پاڻي جا جهاز هلائيندا هئا. مون اڳيان وڌي هن مشين جي تصوير ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا جهلي.
”سائين تصوير نه ڪڍو.“ گارڊ گوبي گوشت ڇڏي مون کي فوٽو ڪڍڻ کان منع ڪرڻ لاءِ اُٿيو.
”ڇو، خير ۾“. مون حيرت مان پڇيو.
”سائين سيڪيورٽيءَ جو معاملو آهي.“ هن جواب ڏنو.
دل ۾ آيو ته زور زور سان ٽهڪ ڏيان. اُمت ۽ جنگ جهڙين اخبارن جون پريسون به ڄڻ روڊ تي رکيون آهن ۽ آيو ويو پيو ڏسي ۽ هن عجائب گهر جي کنڊرات تي نر پکي جي پئي جهار ٿئي، ڄڻ ڪاهوٽا جو نيوڪليئر پلانٽ هجي. هن گارڊ جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي اهو ڪوئو ياد آيو جيڪو اکين ۾ ڪجل ۽ ڪارو چشمو پائي لڪندو پئي وتو. ڪنهن پڇيس، ”آهي ته خير؟“
وراڻيائين، ”شينهن جي ڌيءَ ڪالهه کان گم آهي. پوليس کي شڪ ته مون هن کي ڀڄايو آهي.“