How About Second Wife
ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، جپان توڙي آمريڪا، يورپي ۽ ڪيترن عرب ملڪن ۾ ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ ٻين وڏين نوڪرين وارن کي هنن سان گڏ هنن جي فئملين کي به ان ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي. دنيا ۾ جتي ڪٿي فئملي مان مطلب زال مڙس ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار قرار ڏنا وڃن ٿا. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو ان ڳالهه تي به ڪيترا اسان جا پاڪستاني، ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ ان ڳالهه تي اجايو بحث ڪن ٿا ته اسان جي ماءُ پيءُ کي به رهڻ جي اجازت ڏيو يا اسان جي بالغ ٻارن کي به ويزا ڏيو- ۽ پوءِ ان بحث مان وري ڪجهه ڪونه ٿو اجايو اسان تي کل ٿئي ٿي.
فئملين سميت اجازت ملڻ وارا مونکان اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته زال ۽ ٻارن کي مهيني ٻن کان پوءِ گهرائجي يا پاڻ سان وٺي وڃجي. ان معاملي ۾ اڪثر زالون يڪدم هلڻ چاهينديون آهن، ڪي زالون اهو به سبب ڏينديون آهن ته ”اسانکي انگريزي به اچي ٿي هلڻ سان مڙس کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪنديونسين.“ پر کين منهنجي هميشھ اها صلاح هوندي آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي ته نوڪريءَ لاءِ پهرين اڪيلو وڃڻ کپي. زال ۽ ٻارن کي مهيني ٻن بعد گهرائجي. ڇو ته ملائيشيا، جپان توڙي جرمني، سئيڊن ۽ ڪئناڊا، ڪينيا جهڙن ملڪن ۾ جتي نئون ماحول، نئين موسم يا نئين زبان آهي، اتي پهرين اڪيلو وڃي ملڪ ۽ ماحول جو جائزو وٺجي، ان ملڪ ۾ رهندڙ پاڻ جهڙن ڌارين ملڪن جي رهاڪن (expatriats) ۽ مڪاني ماڻهن سان خبر چار ڪجي ۽ حال احوال وٺجي ته نوڪري ڪهڙي قسم جي آهي، نوڪري ڏيڻ وارا توهان مان ڇا ٿا expect ڪن، رهائش ڪٿي اختيار ڪجي، آفيس يا اسپتال ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪهڙي سواري اختيار ڪجي، سيڌي سامان لاءِ ڪٿان خريداري ڪجي، ٻارن جي تعليم جو ڇا بندوبست آهي ۽ توهان کان پهرين آيل ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪري رهيا آهن.... وغيره وغيره. ساڳي وقت ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان هو وڌ ۾ وڌ توهان کي ڏينهن ٻه فرحت ڪرڻ لاءِ ڏيندا ۽ پوءِ توهان کي يڪدم چوندا ته جنهن ڪم لاءِ توهان کي گهرايو اٿئون اهو هلي سرانجام ڏيو ۽ اهوئي Crucial ٽائيم هوندو آهي جنهن ۾ سڀني جون نظرون توهان تي هونديون آهن ته توهان کي ڪم ڪيترو اچي ٿو ۽ پنهنجي ڊيوٽي ڪيئن ٿا نڀائيو ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو جڏهن توهان اڪيلا هوندائو. فئمليءَ سان اچڻ سان توهان جو وقت ۽ ڌيان ان ڏي به ورهائجي ويندو. اڪيلا هوندائو ته هِتان هُتان ڪنهن ريسٽورنٽ، ڪئنٽين مان ئي کائي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي رهي پوندائو ۽ ان دوران بهتر کان بهتر جڳهه ڳولي وٺندائو ۽ توهان جو سڄو ڌيان نوڪريءَ ڏي هوندو ۽ ڌارئين ملڪ جي نوڪري اسان جي ملڪ جهڙي نٿي ٿئي جتي اسانجا صاحب دير سان آفيس پهچن ٿا، سوير موٽيو وڃن ۽ آفيس جي ڪلارڪن ۽ قاصدن کان پنهنجو ذاتي ۽ گهر جو ڪم وٺندا رهن ٿا. ملائيشيا، سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هر ڪلارڪ کان وٺي آفيسر تائين، آفيس ۾ صبح جو اٺين بجي حاضر هجڻ ضروري آهي ۽ ساڍي چئين بجي ئي آفيس ڇڏڻي هوندي آهي. جنهن جي ثبوت لاءِ هرهڪ کي پنهنجو ڪارڊ مشين ۾ پنچ ڪرڻو هوندو آهي چاهي ملڪ جو وزيراعظم احمد بداوي هجي! ۽ ان ڪارڊ کي پنچ ڪرڻ تي آفيس ۾ داخل ٿيڻ يا نڪرڻ جو وقت ڇپجي وڃي ٿو ۽ ڪي ملڪ جپان جهڙا آهن جن ۾ صبح جو آفيس ۾ پهچڻ جو وقت ته مقرر آهي پر موڪل جو ناهي. ڪم پورو ڪري پوءِ آفيس ڇڏڻي آهي چاهي شام جا ست ٿي وڃن يا رات جا نَو. اسانجي ملڪ ۾ ڪم نه ڪرڻ (No-work) ۽ پورهئي کان ڀڄڻ جو ڪلچر هجڻ ڪري اسانجي ملڪ جا ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ ڪجهه ڏکيائيءَ سان ئي adjust ٿين ٿا ۽ شروع جا ڏينهن پرديس ۾ هيڪاندو ڪم ڏسي (جيڪو ٻين لاءِ ته نارمل آهي) اسانجي ”هيرو“ جون وايون بتال ٿيو وڃن. پر اسانجي ملڪ جا ڪيترا اهڙا به آهن جيڪي محنتي آهن، ڪم جا ڄاڻو آهن، ايماندار آهن اهي ڌارين ملڪن ۾ پنهنجو قدر ڪرائين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن ڪري ملڪ جو نالو به ٿئي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ سکر پاسي جي هڪ ڪاليج جي محترمه جو فون آيو ته سندس انجنيئر مڙس کي ملائيشيا جي ڪنهن يونيورسٽي نوڪري ملي آهي جنهن سان گڏ هوءَ پنهنجي اٺن سالن جي ڌيءَ اريبا سان وڃي رهي آهي ۽ هوءَ ملائيشيا بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. مون هن کي ٻڌايو ته آئون هي مهينو ٻه ڪراچيءَ ۾ آهيان ۽ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ تائين هوءَ ۽ هن جو مڙس فون تي مونکان هر ڳالهه پڇي سگهي ٿو. هنن ڪراچي ڇڏڻ تائين مونسان ست اٺ دفعا ڳالهايو جن ۾ ڪجهه سوال ته عام نوعيت جا هئا ته ملائيشيا جي موسم ڪيئن آهي ۽ ڪهڙي قسم جا ڪپڙا کڻي وڃڻ کپن. جن بابت آئون شروع ۾ لکي چڪو آهيان باقي سوالن مان ڪجهه هيٺ ورجايون ٿا جيئن ٻاهر ويندڙن کي ڌارين ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ جي انهن رُخن جي به idea ٿي سگهي. هي سوال انجيئر صاحب جي پروفيسر زال پڇندي رهي. مون کيس به اها صلاح ڏني ته ”تنهنجو مڙس ڀلي هينئر وڃي ۽ چڱيءَ طرح ملائيشيا ۾ سيٽ ٿئي. مهيني بعد تون پنهنجي ڌيءَ سان وڃجانءِ.“
”نه سائين نه. آئون ائين ڪڏهن به مڙس کي نه ڇڏيان. هو به مون بنا هڪ ڏينهن به نه رهي سگهندو.“
ڪپڙن لاءِ مون ٻڌايومانس ته ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ پنج ڇهه وڳا کڻي وڃڻ ڪافي آهن.
”مون Latest فئشن جون ڪراچيءَ مان ويهه کن شلوار قميصون ٺهرايون آهن. آخر اتي دعوتن ۾ ۽ اندر ٻاهر پائڻ لاءِ کپن.“ هن ٻڌايو.
”اتي دعوتن جو يا اوڙي پاڙي ۾ اچڻ جو رواج بنهه گهٽ آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ مسلمان ملئي عورتون توڙي ايران ۽ آفريڪا کان آيل مسلمان شاگردياڻيون ۽ ڇوڪريون قميص ۽ ڍري پتلون عام طرح پهرين ٿيون جيڪا اتي جي مينهوڳي واري موسم لاءِ به وڌيڪ بهتر آهي. شلوار قميص اتي جي سک عورتن جي ڊريس سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ توهان کي پاڻ به ان ڳالهه جو احساس ٿي ويندو.“
”ملائيشيا ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇنڇر ۽ آچر ٻه ڏينهن موڪل ٿئي ٿي پر منهنجي مڙس کي چون ٿا ته هن کي ڇنڇر ڏينهن به اچڻو پوندو. اهو ڇو؟“ هن پڇيو.
”دراصل شاگردن کي ڇنڇر ڏينهن موڪل ضرور ٿئي ٿي پر پڙهائڻ واري عملي کي ڇنڇر ڏينهن به وڃڻ ضروري آهي جو سڄي هفتي ۾ هنن لاءِ اهو ڏينهن اهم ٿئي ٿو جنهن تي هنن کي گذريل هفتي ۾ ڏنل ليڪچرن بابت ۽ ايندڙ هفتي جي پروگرام بابت پنهنجي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سان discuss ڪرڻو پوي ٿو. ملائيشيا، سنگاپور، جپان جهڙن ملڪن ۾ هفتيوار يا 15 ڏينهن بعد يا مهيني بعد شاگردن جو ٽيسٽ ورتو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به شاگرد جي فيل ٿيڻ تي ان جي ٽيچر کي جواب ڏيڻو پوي ٿو ته هو ڇو فيل ٿيو، ڇا هن شاگرد سندس ليڪچر نه سمجهيو يا اهو ليڪچر صحيح طرح نه ڏنو ويو.... ۽ هاڻ هن شاگرد کي ٻين جي ليول ۾ آڻڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن.“
”ڀلا منجهند جي ماني جي مون ٻڌو آهي ته ڏيڍ ڪلاڪ موڪل ملي ٿي. ان ۾ هو گهر اچي مون سان گڏ ماني کائي سگهندو يا نه. آئون اهوئي چاهيان ٿي ته لنچ تي مون وٽ اچي.“
”خبر ناهي توهان جي رهائش جو بندوبست ڪٿي ٿو ٿئي. جيڪڏهن اندر ڪئمپس ۾ پنجن منٽن جي پنڌ تي ٿئي ٿو ته پوءِ ته هو توسان گڏ لنچ ڪري سگهندو باقي ڪئمپس کان ٻاهر رهڻ تي هن جو سڄو وقت ضايع ٿي ويندو. ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا، اسپين جهڙن ملڪن ۾ لنچ لاءِ ڊگهي بريڪ ان ڪري ٿي ملي ته جيئن هر هڪ آفيس ۾ ئي سئنڊوچ يا هلڪي ڦلڪي لنچ ڪري، ڪلاڪ کن اکيون پوري آرام ڪري جيئن اڍائي بجي وري اسپتال، ڪاليج، يونيورسٽي يا فئڪٽري شروع ٿئي ته ورڪر کان مئنيجر تائين هرهڪ فريش ۽ تازو توانو ٿي ڪم شروع ڪري ۽ بهتر آئوٽ پُٽ ڏيئي سگهي. سو اهڙي صورت ۾ تون مڙس کي لنچ کارائڻ بهاني بيحال نه ڪري ڇڏجانءِ.“
”ڀلا منهنجي اريبا جي پڙهائيءَ جو ڇا ٿيندو. هوءَ هن وقت ڪلاس ٿري ۾ آهي.“
”هر ملڪ ۾ تعليم جو پنهنجو نظام آهي. ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين، شهرن کان ڳوٺن تائين هڪ ئي تعليمي نظام آهي. هڪ ئي قسم جا اسڪول ۽ سليبس آهي پر اهو اسان کان مختلف ان ڪري آهي جو انهن اسڪولن ۾ سندن زبان ملئي واري سبجيڪٽ سان گڏ ٻيا به ڪجهه سبجيڪٽ جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي، اگاما (مذهب) وغيره ملئي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا. سو جيڪڏهن توهان جو ارادو ملائيشيا ۾ گهڻو وقت رهڻ جو آهي ته پوءِ توهان پنهنجي ڌي کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪجو، جن جي في به گهٽ آهي ۽ جتي ڪٿي آهن.“
”نه. آئون ته پنهنجي ڌيءَ کي انگريزي پڙهائڻ چاهيان ٿي.“
”ته پوءِ ان لاءِ هي Alternatives آهن. سال ٻه جي نوڪري ڪرڻي آهي ته اهو عرصو توهان هن کي گهر ۾ ئي پڙهائيندا رهو جو توهان جو واسطو تعليم کاتي سان آهي ۽ پنهنجي شهر جي ڪاليج ۾ به ليڪچرر هئينءَ. يا توهان پاڪستان ۾ رهي هن کي اتي پڙهايو. موڪلون ٿيڻ تي ملائيشيا اچو. يا ڪوالالمپور جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ رکوس جنهن جي في تمام ڳري آهي ۽ توهان جي پگهار جو وڏو حصو ان ۾ خرچ ٿي ويندو.“
”اها ته مصيبت ٿي.“
”بس پوءِ هر ڳالهه جا ڪجهه سک آهن ته ڪجهه تڪليفون. هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا ته اچي نه سگهندا. آئون هتي اٺ سال کن رهيس جن ۾ ٻارن کي هتي جي اسڪولن ۾ به پڙهايم ۽ گهر ۾ ٽيوشن ڏيئي کين هر سال پاڪستان سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن جا به امتحان ڏياريندو رهيس.“
”ڀلا مون کي به نوڪري ملي سگهي ٿي؟“ هُن پڇيو.
”ڪجهه نٿو چئي سگهجي. توهان جو ڪو اهم سبجيڪٽ انگريزي، ايڪانامڪس جهڙو آهي ته ٿي سگهي ٿو ڪٿي ملي به وڃي پر نوڪريءَ بابت پهچڻ سان ڳالهه نه ڪجو جو جپان، سنگاپور ۽ انڊونيشيا وانگر ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام ان کي خراب سمجهي ٿو ته ڪو وزٽ ويزا تي اچي نوڪريءَ جي ڳولا ڪري. سو اهو ڪم ڪجهه عرصي بعد سوچي سمجهي خيال سان ڪجو نه ته توهان جي مڙس جي نوڪريءَ تي اثر رسي سگهي ٿو.“
اهو کيس ٻڌائي مون يڪدم پڇيو ته ”توهان سان گڏ ته ڌيءَ به هوندي. ان کي اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچڻ ۽ گهر جي ڪم ڪارين کي منهن ڏينديون يا نوڪري ڪنديون؟ ملائيشيا ۾ ٽيچنگ جاب ته تمام گهڻي محنت گهري ٿو. شاگرد توڙي ٽيچر لاءِ سال ۾ ٻن ڏينهن کان مٿي موڪل ڪرڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ آڻڻ ضروري آهي ۽ اهو ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر تڏهن ئي ڏئي ٿو جڏهن ڪو اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو.“
”عجيب ملڪ آهي ملائيشيا! هتي ته اٺ مهينا ٿي ويا آهن جو مون ڪاليج جو منهن نه ڏٺو آهي.“ هن وراڻيو.
”تڏهن ته اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن پٺتي پئي وڃي جو استادن کي فقط پنهنجين ”اريبائن“ جو فڪر آهي. غريب عوام جا ٻار جاهل رهجي وڃن ته ڀلي رهجن.“ مون ٽوڪ طور چيومانس.
هڪ ڏينهن فون تي محترمه، ملائيشيا جي کاڌن پيتن جو به پڇيو.
”مون ٻڌو آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو عجيب مرچ مصالحا ٿا کائين ان لاءِ ڀلا آئون ڪجهه کاڌي جو سامان هتان کڻي وڃان؟“
”مهرباني ڪري اهڙو ڪم نه ڪجانءِ“. مون ٻڌايومانس، ”ڇو جو ڌارين ملڪن ۾ کاڌي جون شيون کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. اجايو ايئرپورٽ تي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندءِ. ملائيشيا ۾ هر شيءِ مرچ مصالحي کان پستو بادام ۽ داليون چڻا اسان جي مارڪيٽن کان بهتر ملن ٿا ۽ مختلف هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڊبل روٽي، بن، چپاتي ۽ اڦراٽي کان پُوري، اڊلي، ڊوسا ۽ اسپاگهيٽي ملي ٿي ۽ ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو ملي ٿو ۽ امير عرب ۽ ايرانين کان آمريڪن ۽ يورپين اتي اچڻ، گهمڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ واجهائين ٿا. توهان کي شڪر ڪرڻ کپي جو توهان جي مڙس کي اتي، ههڙي سٺي پگهار واري ۽ سٺي شهر ۾ نوڪري ملي ويئي آهي.“
”ڀلا گهر جو ڇا ٿيندو؟“ هڪ ڏينهن هن وري فون ڪري پڇيو، ”اسان جي وڃڻ تي هو اسان کي هفتو هوٽل ۾ رکندا، ان بعد هنن چيو آهي ته رهائش لاءِ پنهنجو گهر مسواڙ تي پاڻهي ڳولجو. گهٽ ۾ گهٽ گهر ته اسان کي ڳولي ڏين. مون پنهنجي مڙس کي چيو آهي ته هلڻ سان هلي هنن کي ان بابت چئجانءِ.“
”ڳالهه ٻڌو“، مون کيس جواب ڏنو، ”گهر ڳولڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. ان لاءِ يا ٻين ننڍن وڏن مسئلن لاءِ پنهنجي اداري جي اعليٰ عملدارن کي هرگز تنگ نه ڪجو جو هنن توهان جي مڙس کي نوڪريءَ لاءِ گهرايو آهي ته جيئن هو هنن جا مسئلا حل ڪري. هي ائين آهي جيئن توهان گهر جي ڪم لاءِ ڳوٺان نوڪر گهرايو. هو اچڻ سان توهان جي گهر جو ڪم ڪرڻ بدران توهان کي اچي چوي ته منهنجي زال کي به گهرايو، منهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، هڪ ڪمري بدران مونکي ٻن ڪمرن وارو ڪوارٽر ڏيو ته توهان بيزار ٿي چوندائوس ته جتان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ. ايتري پگهار ۾ ته اسانکي ڪو بنگالي يا ٿري اهڙو نوڪر ملي ويندو جيڪو ڊرائيوري يا رڌ پچاءَ کان به واقف هوندو.
پڙهندڙن جو هتي هڪ ڳالهه ڏي ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ڌارين ملڪن ۾، ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾، سرڪاري ڪامورو توڙي ڌڪي جو مزور، ڊاڪٽر توڙي ڪمپائونڊر ۽ نرس، پوليس ڪمشنر توڙي ڪلارڪ ۽ پٽيوالو سڀ هڪ طرح يا ٻئي طرح نوڪر آهن- جيڪي سرڪار کان پگهار وٺن ٿا، جيڪا عوام کان مليل ٽئڪسن تي هلي ٿي. اها غلط روايت ۽ ڪلچر اسان جهڙن ملڪن ۾ آهي جتي ضلعي جو ڪمشنر، پوليس سپرنٽينڊنٽ يا تعلقي اسپتال جو ڊاڪٽر يا تعليم کاتي جو انسپيڪٽر اهم شيون سمجهيا وڃن ٿا ۽ غريب عوام جي زندگين سان راڱا ڪندا وتن ٿا ۽ اها سوچ اسانجي سرڪاري ڪامورن جي دماغ ۾ اهڙي ويٺل آهي جو هو جڏهن ولايت ۾ ڪنهن نوڪريءَ لاءِ اچن ٿا ته هو expect ڪن ٿا ته اسان جي ”آئو ڀڳت“ ائين ٿيندي رهي جيئن نئين DIG جي ميرپورخاص يا گهوٽڪي پهچڻ سان ٿئي ٿي. پوءِ اهوئي سبب آهي جو اسانجو هيرو ولايت ۾ اچي پريشان ٿيو وڃي جتي نه فقط مرد پر عورتون به هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪن ٿيون ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڏين ٿيون.
مٿين محترمه ٻيا به ڪيترا سوال ڪندي رهي جن مان گهڻن مان اهوئي احساس مليو ٿي ته هوءَ مڙس جي وڏي لاڏلي آهي ۽ هوءَ پرديس ۾ وڃڻ تي ذري گهٽ اهي شان ۽ سهولتون expect پئي ڪري جيڪي 1944ع ۾ انڊيا جي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن جي زال لنڊن کان بمبئي اچڻ مهل سوچيون پئي.
ملائيشيا وڃڻ کان شايد هڪ ڏينهن اڳ هن جو آخري سوال هو ته هوءَ پيٽ سان آهي ۽ مهيني کن بعد سندس ڊليوري تي سندس مڙس کي موڪل ٿيندي ته اسپتال ۾ هن سان گڏ رهي.
مون هن کي ٻڌايو ته اهو اسانجي ملڪ ۾ آهي جتي اسپتالن ۾ شايد مريضن جو خيال نٿو رکيو وڃي جو مريض سان گڏ هن جي ڪنهن مائٽ کي به رهڻو پوي ٿو يا شايد اسانجي ملڪ ۾ اهو ڪلچر ٿي ويو آهي ته مريض کي سُک چَين سان آرام ڪرڻ ۽ recover ٿيڻ بدران هن وٽ سڄو ڏينهن مهمانن جا انبار ايندا رهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ مرد ته ڇا عورتون به اڪيلي سر اسپتالن ۾ وڃي وڏيون وڏيون آپريشنون ڪرايو اچن. هڪ ڊليوري ته عام ڳالهه آهي. سيزيرين آپريشن واريون ئي اڪيلي سر وڃن ۽ چئن پنجن ڏينهن بعد گهران اچيو نڪرن.“
”پر آئون ته ائين هرگز ٿيڻ نه ڏينديس. آئون ته اهوئي چاهينديس ته اهي ڏينهن منهنجو مڙس آفيس نه وڃي ۽ مون وٽ اسپتال ۾ مون وٽ رهي.“
مون هن کي اهائي صلاح ڏني ته هوءَ ته پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ هن کي وڌيڪ بولڊ ٿيڻ کپي ۽ مڙس تي بار ٿيڻ بدران مڙس جو خيال رکڻ کپي جيئن هو جنهن ڪم لاءِ ملائيشيا سڏايو ويو آهي اهو سٺي طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي. مون کيس ملائيشيا جو ويهه ٽيهه سال کن اڳ جو حال ٻڌايو ته ڪيئن اتي جون ملئي مسلمان ڇوڪريون جيڪي اڪثر ڳوٺن ۾ رهيون ٿي، ساديون سوديون ۽ بنهه ڄٽ هيون هاڻ هو ڪيڏو بولڊ ٿي ويون آهن. دنيا جو ڪهڙو ڪم آهي جيڪو هو نٿيون ڪري سگهن. تنهنجو مڙس ملائيشيا پهچي ملئي ڇوڪرين کي جڏهن بسيون ۽ جهاز هلائيندو ڏسندو، وڏن سرڪاري عهدن تي ڏسندو، فوج ۽ پوليس ۾ ڏسندو ۽ ساڳي وقت گهرن ۾ اچي رڌ پچاءُ ڪندو ۽ مڙس جي عبادت جي حد تائين خذمت ڪندو ڏسندو ته ضرور وائڙو ٿي ويندو ته جپاني ۽ ملئي ڇوڪريون واقعي مڙسن لاءِ راحت ۽ مدد آهن.
”سائين توهان ڇا به چئو، اهڙي نوڪري ڪهڙي ڪم جي. آئون هن لاءِ نوڪريءَ کان وڌيڪ اهم هجڻ کپان.“
”صحيح ٿي چوين،“ مون چيومانس، ”پر اها سندس نوڪري ئي آهي جيڪا توکي ولايت جا عيش ٿي ڪرائي ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال بدران ڪوالالمپور جي اسپتال ۾ دنيا جي best ۽ خذمتگار ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن جي نگهباني ۾ ڊليوري ۽ علاج جو موقعو فراهم ٿي ڪرائي.“
آخر ۾ مون کيس ملائيشيا جي ماحول جي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته ملائيشيا جا ڪيترائي ملئي مسلمان هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪن ٿا. منهنجي ته هڪ ملئي دوست جون چار زالون به آهن ۽ اتي ان کي نه عيب نه بار نه پريشانيءَ جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ملائيشيا ۾ شروع کان نوڪريون جام آهن ۽ ماڻهو گهٽ. هر مرد توڙي عورت نوڪري ڪري، پئسي ڏوڪڙ جو ته ڪو بار سمجهي ئي ڪونه. گهر ۽ ڪار به هرهڪ کي ڊگهي مدي جي قرض تي بنا وياج جي ايڏو ته ننڍين قسطن تي ملي جو ان کان مسواڙ تي گهر وٺڻ مهانگو. ڇوڪرين جو تعداد گهڻو آهي ڇوڪريون ڪيڏانهن وڃن. ملائيشيا ۾ شاديءَ لاءِ نه پيغام پهچن نه عشق ڪيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري ڇوڪرو ڇوڪري direct هڪ ٻئي سان ڳالهائين. ڊيو يو وانٽ ٽ مئري مي؟ ۽ راضي نامي تي مائٽن ۽ دوستن کي ٻڌائين ۽ ڀر واري مسجد جو قاضي وٺي اچن. 1982ع ڌاري جڏهن اسين پاڪستاني جهازن جا چار پنج چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ ويا هئاسين ته ڪجهه مهينن بعد ٽيهارو کن ڪلارڪ، سيڪريٽري، ٽائپسٽ ۽ ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرين مان ڪجهه اسان کان به بنا ڪنهن شرم ۽ حيا جي پڇڻ لڳيون:
How about marrying me?
۽ اسان جڏهن چوندا هئاسين ته ڇا توهان کي خبر ناهي ته اسين شادي شده آهيون ۽ ٻار به اٿئون ته يڪدم چونديون هيون:
How about having a second wife?
سو مهرباني ڪري پنهنجي مڙس کي ملائيشيا پهچي ايڏو تنگ نه ڪجانءِ جو ان قسم جي آفر
How about having second wife?
تي ماڳهين Yes نه ڪري وجهي.