ڌرتي هڪ تيز رفتار جهاز
چنڊ جيڪو اسانجي ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري ٿو يعني هڪ گول چڪر (Orbit) ۾ ڦري ٿو ان جي ان گردش لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها Synchronous Rotation ۾ آهي يعني چنڊ جو سڄي ڦيري وقت فقط هڪڙو اڌ ڌرتيءَ ڏي آهي. ان ڪري اسان چنڊ جو فقط اهو مهانڊو ڏسي سگهون ٿا جيڪو ڌرتي ڏي آهي. چنڊ جي ان اڌ کي اسان ”ويجهو پاسو“ (Near side) سڏيون ٿا ۽ پٺئين پاسي کي ”ڏورانهون پاسو“ (Far side) سڏيون ٿا. اهو ڏورانهون پاسو ”اونداهو پاسو“ به سڏجي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان پاسي اوندهه آهي يا اتي سج جي روشني نٿي پهچي. پر چنڊ جو اهو پاسو اسان لاءِ dark side ان ڪري رهيو پئي جو اسان کي ان پاسي جي خبر نٿي پيئي ته اتي ڇا آهي. جيئن آفريڪا کنڊ کي ڪنهن زماني تائين يورپ ۽ ايشيا جا ماڻهو اونداهو کنڊ سڏيندا رهيا.
• انسان طرفان پهريون خلائي جهاز جيڪو چنڊ تي پهتو اهو Luna 2 هو ۽ چنڊ جي ڏورانهين پاسي جي معلومات ۽ فوٽا ان ئي سال، Luna 3 ذريعي پيئي ۽ پهريون ماڻهو جيڪو چنڊ تي پهتو اهو خلائي جهاز Apollo II ذريعي 1969ع ۾ پهتو.
• چنڊ 27.3 ڏينهن ۾ يعني 27 ڏينهن، ستن ڪلاڪن، 43 منٽن ۽ 12 سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ جو چڪر پورو ڪري ٿو. چنڊ جي ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ جي رفتار 3680 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر کان ٿورو وڌيڪ آهي). ان جي مقابلي ۾ ڌرتيءَ جي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 30 کن ڪلوميٽر آهي يعني ڌرتيءَ جو گولو هر وقت 109033 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب نه فقط اڳتي ٽرين يا هوائي جهاز وانگر ڊوڙندو رهي ٿو پر 1674 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر پنهنجي محور تي گول به گهمندو رهي ٿو. ڌرتيءَ جو Circumference خط استوا وٽ 40،041 ميل آهي. يعني سنگاپور، ڪوالالمپور يا جڪارتا کان ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر ڏيئي اتي ساڳي هنڌ پهچڻ تي 40،041 ڪلوميٽر ٿين ٿا.
ڌرتيءَ جي لاٽون وانگر گول ڦرڻ ۽ سج جي چوگرد گردش ڪرڻ جي رفتار جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا جڏهن اسانجي ملڪ جي ريل گاڏي جيڪا هڪ سؤ کن ڪلوميٽر جي رفتار سان اسان جي اڳيان لنگهي ٿي ته ڇا ته زوڪاٽ ڪندي وڃي ٿي. ان وقت ڪو دريءَ مان شيءِ اڇلائي ٿو ته پري پري تائين اُڏامندي وڃيو ٿي ڪري ۽ اسان واري ٽرين جي مقابلي ۾ جن جپان ۾ بليٽ ٽرين کي فل رفتار سان پنهنجي اڳيان گذرندو ڏٺو هوندو ته اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته اها ڪيئن اک ڇنڀ ۾ ائين گذريو وڃي جهڙي بندوق مان گولي. جيتوڻيڪ ان جي رفتار وڌ ۾ وڌ ڪا پنج سؤ کن ڪلوميٽر هجي. هاڻ ان سان جي اسان جي ڌرتيءَ جي رفتار کي ڀيٽيو وڃي ته اها 1674 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان (يعني بليٽ ٽرين کان ٽيڻي رفتار سان) هر وقت گول ڦري رهي آهي ۽ 109033 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب (يعني بليٽ ٽرين کان 220 گهمرا وڌيڪ رفتار سان) اڳتي وڌي رهي آهي ۽ رب پاڪ جي اها قدرت آهي ته ان ۾ سوار اسان انسانن ۽ ٻين ساهوارن، توڙي بي جاندار شين کي ڪجهه به نٿو ٿئي. هرهڪ پُرسڪون آهي ۽ هرهڪ آرام سان هلي چلي پيو ۽ ننڊون ڪري ٿو ڪنهن کي ڪو ريل گاڏيءَ يا هوائي جهاز جهڙو لوڏو به محسوس نٿو ٿئي. ڌرتيءَ جي هن گولي کان پري بيٺل ته اهوئي ڏسي سگهندو ته هڪ بي پناهه تيز رفتار اُڏامندڙ شيءِ جي چوڌاري ماڻهو سفر پيا ڪن ۽ توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته خلا ۾ موجود اسانجهڙو انسان، يا ڪو ٻيو عقل رکندڙ، اسان جي ڌرتي تي سوار اسان مسافرن لاءِ ڇا سوچيندو هوندو؟
هڪ ته ضرور اهو سوچيندو هوندو ته هن ريل (ڌرتي) ۾ نه ڇت آهي نه در دريون ۽ ماڻهو آهن جو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي آرام سان پيا هلن چلن. کين هن تيز هلندڙ ريل (ڌرتيءَ) مان ڪِري پوڻ جو به ڊپ نه آهي ۽ ٻي دلچسپ ڳالهه هو اها سوچيندو ته اسين سڀ هن ريل ۾ چمڙيءَ وانگر اونڌا لٽڪيل آهيون. دنيا جي گولي کان توهان ڪٿان به ڌار ٿي پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسندائو ته ان ۾ ماڻهو ائين هلندي چلندي نظر ايندائوَ جيئن ڇت تي اسانکي چچي هلندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
دنيا هيڏي تيز رفتار سان گردش پئي ڪري، سندس فقط مٿيون حصو، چند ميلن جو تهه لسو آهي، جيڪو باقي اندر جي هزارين ميلن جي وچ (Core) جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي جيڪو سڄو وچ ايڏو ته گرم آهي جو ٽامي، پتل، لوهه جهڙا ڌاتو به رجي (Melt ٿيا) پيا آهن ۽ ان کان علاوه ٻين خطرن جي باوجود، هن ڌرتي تي جياپو آهي، حياتي آهي، انسان سڪون سان هلي چلي ۽ سمهي ٿو ۽ هن کي ڪنهن به خطري مان ڊپ ڊاءُ ناهي. رب پاڪ قرآن شريف ۾ سورة الزخرف جي آيت نمبر نائين ۽ ڏهينءَ ۾ فرمايو آهي ته،:
”...جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن کان پڇندائو ته زمين ۽ آسمانن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته هو پاڻ ئي ٻڌائيندا ته انهن کي ان ئي زبردست عليم هستيءَ پيدا ڪيو آهي- اهائي نه جنهن توهان لاءِ زمين کي هندورو بڻايو.
الّذِيْ جَعَلَ لَکُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا
سورة النبا جي پنجين ۽ ڇهين آيت آهي ته:
اَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا ● وَّالْجِبَالَ اَوْتَادًا●
”ڇا ائين واقعي ناهي ته اسان زمين کي فرش ٺاهيو ۽ جبلن کي ڪِلن وانگر لڳايو.“
اهو ترجمو مولانا مودودي جو آهي. هڪ عرب، ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن ريت به ڪيو آهي.
“Have we not made the earth as a cradle and the mountains like pegs?” (Al.Quran 78:6-7)
مِهادا عربي لفظ هندوري (پينگهي) لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ۽ پينگهو ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪو چرپر (Motion) ۾ هجڻ جي باوجود آرام جي جاءِ آهي. بهرحال ڌرتي جهڙي خطرن سان ڀريل شيءِ کي رب پاڪ انسان لاءِ فرش يا هندوري وانگر بڻايو آهي جتي انسان آرام ڪري ٿو. ان عظيم هستيءَ هن ڌرتيءَ جي گولي جي چوڌاري پنج سؤ ميلن جي بلندي تائين هوا جو هڪ تهه مقرر ڪيو آهي جيڪو شهابن (ٽٽندڙ تارن) جي خوفناڪ بم باريءَ کان اسان کي بچائي ٿو. نه ته روزانو ٻه ڪروڙ شهاب، جيڪي 30 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڌرتيءَ ڏي ڪِرن ٿا، هتي اهڙي تباهي مچائي رکن جو انسان ته ڇا پر حيوان يا وڻ ٽڻ به سلامت نه رهي سگهي.
النمل سورة جي 60 کان 63 نمبر آيت ۾ آهي ته:
أَمْ مَنْ جَعَلَ الْاَرْضَ قَرَارًا وَجَعَلَ خِلَالَهَا..........
....۽ اهو ڪير آهي جنهن زمين کي قرار جي جاءِ ٺاهيو... ڪير آهي جو بيقرار جي دعا ٻڌي ٿو جڏهن هو هن کي پڪاري ٿو ۽ ڪير هن جي تڪليف ڏور ڪري ٿو... ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا به (هي ڪم ڪرڻ وارو) آهي؟ توهان ماڻهو گهٽ ئي سوچيو ٿا.
سج، چنڊ، تارن ۽ سياهن جي گردش جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي آهي. سورة فاطر جي 41 آيت جو ترجمو هن ريت آهي، جيڪو علامه علي خان ابڙو (مرحوم جمال ابڙو صاحب جو والد صاحب ۽ بدر ابڙي جي ڏاڏي) جي سنڌي ترجمي مان ورتو اٿم:
”بيشڪ الله تعاليٰ ئي آسمانن ۽ زمين کي جهليو بيٺو آهي، ته پنهنجي جاءِ تان هٽي نه وڃن يا پنهنجي مقرر ڪمن ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪن ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ يا ڪم کان هٽي وڃن ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه هنن کي جهلي نٿو سگهي. بيشڪ هو بردبار ۽ بخشيندڙ آهي.“
سج گرهڻ وقت احتياط
هن کان اڳ اسين چنڊ بابت احوال ڪري رهيا هئاسين، جيڪو ڌرتي جي گولي کان ڪافي ننڍو آهي پر ڌرتيءَ تي ان جا ڪافي اثر آهن ۽ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ اهم شيءِ آهي. چنڊ ذريعي اسانکي مهيني ۽ مند جي خبر پوي ٿي، روزي ۽ حج جو حساب رکون ٿا، سمنڊ ۾ لهرون ۽ ڇوليون پيدا ٿين ٿيون جنهن ڪري سڄي سمنڊ ۾ اُٿل پٿل رهي ٿي. اسين ڌرتيءَ تي ائين چنبڙيا پيا آهيون جيئن اسانکي چچي ڇت تي نظر اچي ٿي ۽ اسان هن ڌرتيءَ تان خلا ۾ ان ڪري نٿا ڪِرون جو اسان جي ڌرتي ۽ هر سَيارو ۽ ستارو هڪ چقمق مثال آهي جنهن ۾ پنهنجي وزن ۽ Volume مطابق ڪشش آهي. ڌرتيءَ جي ڇِڪ ڪري نه فقط اسين ان سان چهٽيا پيا آهيون پر ڪا شيءِ ڌرتيءَ کان پري اڇلائجي ٿي ته به يڪدم واپس ڌرتيءَ تي موٽيو اچي. هوائي جهاز هڪ عارضي وقت لاءِ وڏي طاقت ۽ جيٽ سَڪشن ڪري ڌرتيءَ کان ڪجهه مٿڀرو ٿي اُڏامي ٿو. تيل (fuel) ختم ٿي وڃيس يا انجڻ ۾ خرابي ٿي پويس ته اهو به اچي هيٺ ڦهڪو ڪندو. راڪيٽ کي طاقتور ٻارڻ ذريعي هوائي جهاز کان تمام گهڻو گهڻو مٿي چاڙهي جڏهن خلا کان ٻاهر ڪڍجي ٿو ته پوءِ اهو نٿو موٽي ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري ئي گردش ڪندو رهي ٿو. ان وقت اهو هيٺ ڌرتيءَ تي ڪِري نٿو ان ڪري جو اهو ڌرتيءَ جي ڇڪ (Pull) کان ٻاهر آهي.
اهڙي طرح چنڊ جي به پنهنجي ڇڪ آهي توڻي اها ڌرتيءَ جي ڇڪ کان گهڻي گهٽ آهي، پر ايتري ضرور آهي جو ڌرتي تي آزاد ڦرندڙ سمنڊ جو پاڻي چنڊ ڏي ٿوري گهڻي Pull محسوس ڪري ٿو ان ڪري وير (Tide) جو اڀامڻ ٿئي ٿو۽ اها اڀام چوڏهين واري تاريخ تي تمام گهڻي ٿئي ٿي. چنڊ جي گردش مطابق دنيا جي سڀني سمنڊن تي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا Tide چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي. ڪلفٽن تي ويندائو ته ڪنهن وقت وير چڙهڻ ڪري پاڻي اچي روڊ وارين ڀتين سان لڳندو ۽ ڪنهن وقت وير لهڻ (Low-Tide) ٿيڻ وقت سمنڊ جو ڪنارو فرلانگ ٻه پٺيان نظر ايندو.
چنڊ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ وقت سان گڏ مختلف ٿيوريون رهيون آهن. ياد رهي ته مون لفظ ”ٿيوري“ استعمال ڪيو آهي جو ٿيوري ۽ حقيقت (facts) ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيئن ڊارون ٿيوري پيش ڪئي ته انسان ڀولڙي جي بگڙيل شڪل آهي. ڊارون اها رڳ ٿيوري پيش ڪئي هئي جيڪا پوءِ هن غريب بعد ۾ پاڻ ئي قبول ڪئي ته حقيقت نٿي لڳي. پر اسان جا ماڻهو اڄ به مٿين ڳالهه ائين ڪندا ڄڻ هن ثبوت ثابتين سان ”ٻه واڌو ٻه برابر چار“ ڪري ٻڌايو هجي. سو هتي به سائنسي طرح اڃا اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته چنڊ ڪٿان آيو يا ڪيئن وجود ۾ آيو پر ڪنهن زماني ۾ هڪ اها به ٿيوري هئي ته ڌرتيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ٻاهر هليو ويو ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. ڌرتيءَ تي اها خالي ٿيل جاءِ پاڻيءَ سان ڀرجي سمنڊ ٿي پيو.
ٻي ٿيوري اها عام ٿي ته اسان وارو چنڊ ڪنهن ٻئي سَياري جو چنڊ هو جتان اهو بتال ٿي هتان اچي نڪتو ۽ ڌرتيءَ جي گردش (Orbit) ۾ سوگهو ٿي ويو. اهي ٻئي theories غلط ثابت ٿي چڪيون آهن. اڄڪلهه هڪ ٽي ٿيوري “Impact Theory” نالي مارڪيٽ ۾ عام آهي. ان ٿيوري موجب اهو چيو وڃي ٿو ته چنڊ ٻن سَيارن- مثال طور ڌرتي ۽ هڪ ٻئي مريخ جهڙي جي هڪ ٻئي سان ٽڪر (Impact) ڪري وجود ۾ آيو آهي. ان ٽڪر مان جيڪي پٿر ۽ مال نڪتو سو چنڊ بڻيو ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو.
هونءَ دنيا جي سائنسدانن کي هڪ ڳالهه مُنجهايو ضرور آهي ته اسان جو هي سَيارو ”ڌرتي“ ته وڌ ۾ وڌ ٽي بلين سال پراڻو آهي پر چنڊ تان آيل پٿرن جي چڪاس ڪرڻ تي انهن جي عمر ساڍا چار بلين سالن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي- يعني اسان وارو چنڊ اسانجي ڌرتيءَ کان ڏيڍ سؤ بلين سال ڪراڙو آهي!
• ٽيلي اسڪوپن ذريعي چنڊ ڏي ڏسجي ٿو ته چنڊ جو اهو طرف جيڪو اسان (ڌرتي وارن) پاسي آهي ان تي ٽيهه هزار کن گِهٻ (Craters) نظر اچن ٿا جيڪي هڪ ڪلوميٽر کن قطر جا لڳن ٿا. سڀ کان وڏو گِهٻ (Crater) جيڪو سڄي شمسي نظام ۾ وڏي ۾ وڏو چئي سگهجي ٿو، چنڊ جي ڏورانهين پاسي ڏکڻ قطب وٽ آهي. هن جو قطر 2240 ڪلوميٽر چيو وڃي ٿو ۽ اونهائي 13 ڪلوميٽر اٿس. هي سڀ ڊينٽ (گِهٻ) تارن ۽ سَيارن تان ڇڙوڇڙ ٿيل ٽڪرن Comets ۽ Meteoroids جي لڳڻ ڪري ٿيا آهن. اسان جي ڌرتيءَ جو به جيڪر اهو حال ٿي وڃي پر ڌرتيءَ جي چوڌاري فضا (Atmosphere) هجڻ ڪري اهي اسان تائين پهچندي پهچندي ٻريو ۽ سڙيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٽڪر ٻرڻ کان بچيو وڃي ته اهو اچيو ڌرتيءَ سان لڳي. پر چنڊ تي هوا- يعني آڪسيجن نه هجڻ ڪري اهي meteoroids ڇپن جي صورت ۾ چنڊ جي Surface تي اچيو لڳن.
• سج گرهڻ يا چنڊ گرهڻ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج، ڌرتي ۽ چنڊ هڪ لائين ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ ان قطار جي وچ ۾ چنڊ آهي ته سج کي گرهه ٿو لڳي وڃي يعني سج گرهڻ (Solar Eclipse) ٿئي ٿي ۽ جي ڌرتي ٿي اچي وڃي ته چنڊ گرهڻ (Lunareclipse) ٿئي ٿي يعني چنڊ جي روشني ختم ٿيو وڃي. ظآهر آهي چنڊ اسان کي ان ڪري چلڪندو نظر اچي ٿو جو ان تي سج جي روشني پوي ٿي. ڌرتي جي وچ تي اچي، سج جي روشني اڳيان آڏ ٿيندي ته ٻئي پاسي کان نظر ايندڙ چنڊ ڪجهه وقت لاءِ اونڌائو ٿي ويندو جيسين ڌرتيءَ جو گولو اڳيان سفر ڪري سج جي ڪرڻن لاءِ پيدا ڪيل آڏ هٽائي. ڏٺو وڃي ته چنڊ ته هر روز آسمان ۾ موجود آهي پر اسانکي پهرين تاريخن ۾ سنهو هلال (Crescent) نظر اچي ٿو جيڪو هر روز وڌندو وڌندو چوڏهين تاريخ سڄو گول نظر اچي ٿو ان بعد گهٽجندو گهٽجندو سنهو ٿي غائب ٿي وڃي ٿو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته چنڊ ته هر روز ساڳيو آهي پر اسان کي مختلف تاريخن تي مختلف ان ڪري لڳي ٿو جو ان تي اسان واري پاسي سج جي روشني فقط ايتري پوي ٿي.
• هڪ ٻي ڳالهه ته سج گرهڻ هميشھ نئين چنڊ وارن ڏينهن ۾ ٿئي ٿي ۽ چنڊ گرهڻ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن چنڊ چوڏهين تاريخ جي لڳ ڀڳ آهي. جيتوڻيڪ چنڊ ڪافي ننڍو آهي پر ڌرتيءَ جي ويجهو هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سڄي سج کي ڍڪيو ڇڏي. چنڊ گرهڻ کان سج گرهڻ وقت دلچسپ ٿئي ٿي ۽ ان کي پسڻ جو موقعو نه وڃائجي.
سج گرهڻ ڏسڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته جنهن وقت سج تي گرهه لڳي يعني اونڌائو ٿئي ته ان کي ڏسجي. سج گرهڻ پسڻ سان منهنجو مطلب اوس پاس جي ماحول ۽ تبديلين جو جائزو وٺڻ آهي.
سج کي گرهڻ لڳڻ وقت يعني جڏهن چنڊ سج جي اڳيان آڏ ڏيئي بيهي ٿو ته سڄو سج ڍڪجيو وڃي ۽ چوڌاري اوندهه ڇانئجيو وڃي. هونءَ سج لٿي کان پوءِ جيڪا اوندهه ٿئي ٿي ان ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو. سج جي غروب ٿي وڃڻ بعد به شفق جي روشني اڌ منو ڪلاڪ کن هلي ٿي ۽ انسان توڙي پکي پکڻ ان موجب آهستي آهستي ٿي چرڻ پرڻ شروع ڪن ٿا. ٻار فٽ بال يا ڪرڪيٽ پيا کيڏندا، سج غروب به ٿيندو ويندو ته به هنن جي راند جاري رهندي جو ان بعد twilight واري روشني ڪافي دير رهي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ڪجهه ايتري اوندهه ڇانئڻ شروع ٿيندي جو ڪو اخبار يا ڪتاب پڙهي رهيو هوندو ته اهو لکڻ پڙهڻ جهڙو ڪم بند ڪندو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد اها اونداهه ايتري وڌندي جو راند کيڏڻ مشڪل ٿي پوندي پر تڏهن به ايتري هلڪي روشني ضرور هوندي جو هرهڪ پنهنجي گهر ڏي راهي ٿئي. ۽ پوءِ مڪمل طرح اونداهه ٿي ويندي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي ۽ بلب، ڏيو يا ميڻ بتي ٻارڻ ضرور ٿيو پوي. سج جو اُفق پويان غروب ٿيڻ کان وٺي مڪمل طرح اوندهه ٿيڻ جي وچ ۾ جيڪي شفق ۽ نيم شب ۽ انڌاري جا ڏاڪا آهن يعني Twilight جا جيڪي ٽي قسم: سِول، ناٽيڪل ۽ ائسٽروناميڪل آهن، انهن جو احوال شروع ۾ ڪري آيا آهيون. بهرحال هتي رڳو ان ڳالهه تي زور ڏيڻو هو ته عام طرح هر روز سج جي غائب يعني غروب ٿيڻ تي آهستي آهستي اوندهه ٿئي ٿي پر سج گرهه ٿيڻ تي سج جي آڏو چنڊ جي آڏ ٿيڻ تي، ايترو ته يڪدم اوندهه ڪانڀار ٿيو وڃي جو پکي پکڻ جي مونجهاري جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. چڳڻ ڦرڻ ڇڏي جنهن پکيءَ کي جيڪو وڻ ويجهو لڳندو آهي ان تي هيسيل شڪل ٺاهي ويهي رهندو آهي ۽ پوءِ ڏهه ٻارهن منٽن بعد جڏهن سج اڳيان چنڊ جي آڏ هٽي ويندي آهي ته وري روشن ڏينهن ٿي ويندو آهي ۽ پکي پکڻ اُڏامڻ شروع ڪندو آهي، چوڌاري هڪ دفعو وري زندگي ڇانئجي ويندي آهي.
سج گرهڻ ۾ چوندا آهن ته سج طرف نه ڏسجي. مڪمل طرح سج ڍڪجي وڃي ته به ان ڏي اُگهاڙين اکين يا عام ڪاري چشمي سان به نه نهارجي، ڇو جو سج مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع (Radiation) جيڪي نظر نٿا اچن، اکين جي ماڻڪي (Retina) تباهه ڪري سگهن ٿا. سج گرهڻ وقت سج جي ان اونداهي ٿالهه کي خاص ڪارن چشمن ۽ تصديق ڪيل (Certified) اوزارن (Instruments) سان ڏسي سگهجي ٿو.