صحبت جو اثر
اڄڪلهه برما جو مفتي اعظم حضرت مولانا مفتي محمود دائود هاشم آهي جيڪو مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو شاگرد ۽ ويجهو خليفو به ٿي رهيو. سندس عمر اسي سالن کان به مٿي ٿيندي. سندس والد صاحب ۽ ڏاڏي برما جي عالمن جي وڏي خذمت ڪئي ۽ هنن پنهنجي خرچ تي هن کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ هندستان موڪليو هو. هن خاندان جو اصل تعلق هندستان جي ضلعي سورت جي هڪ شهر رانڌير سان آهي. رنگون ۾ سورتي نالي هڪ جامع مسجد پڻ آهي. ٿي سگهي ٿو اها مسجد هن خاندان ٺهرائي هجي.
*
اسان فجر نماز پنهنجي ميزبان جي گهر ڀرسان واري علائقي ڪالا بستي، جي هڪ جديد تعمير شاندار ۽ خوبصورت مسجد ”ايم. ايم. رونق مسجد“ ۾ پڙهي. مسجد ماشاءَ الله نمازين سان ڀريل هئي. پاڙي وارن ٻڌايو ته فجر نماز تي نمازين جي هميشھ اهڙي ئي رش رهي ٿي.
رنگون جي مسجد ۾ جتيون رکڻ جو عجيب بندوبست آهي. هر مسجد جي اڱڻ ۾ هڪ ڪائونٽر آهي جتي هر نمازي پنهنجي جُتي جمع ڪرائي ٿو. اتي ٻه ماڻهو مقرر ٿيل آهن جيڪي نمازين جون جُتيون رکن ٿا جنهن جو هو ڪوبه اجورو نٿا وٺن.
منجهند ڌاري اسان مفتي صاحب جي عيادت لاءِ سندس گهر وياسين. پاڻ هلڻ چلڻ کان معذور هو ۽ سندس حافظو به ڪمزور ٿي چڪو آهي. اسان حديث پاڪ جي هيءَ دعا: اسئل الله العظيم رب العرش العظيم ان يشفيڪ ست دفعا پڙهي آمين چيو.
مفتي صاحب ٻڌايو ته رنگون ۾ وڏا وڏا عالم اچي چڪا آهن. مولانا ٿانوي کان علاوه مولانا اسعد الله مظاهري ۽ مولانا خليل احمد سهارنپوري پڻ هتي آيا آهن.
*
رنگون جي هڪ ٻي اهم هستي مولانا شاهه ابرار الحق پڻ آهي. سندس والد محمود الحق صاحب مشهور وڪيل ٿي گذريو آهي.
مولانا ابرار سان گڏ جدي کان مڪي شريف ڪار ۾ سفر ڪندي هن جي ٻڌايل ڳالهين مان ٻه ڳالهيون هتي لکڻ بي محل نه ٿينديون.
اسان جنهن ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين ان جو ايئرڪنڊيشن هلڻ جي باوجود ڪا خاص ٿڌاڻ نه ٿي رهي هئي. جيڪو دوست ڪار هلائي رهيو هو تنهن چيو ته لڳي ٿو ته ڪنهن پاسي جو شيشو کليل آهي ۽ اهو منهنجي ئي پاسي جو کليل هو. مون يڪدم بند ڪيو ته ڪار منٽن ۾ ٿڌي ٿي وئي. تنهن تي مولانا شاهه ابرار فرمايو ته مونکي هڪ علم عطا ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي دل ۾ الله جي ذڪر جو ايئرڪنڊيشن هلائين ٿا پر اکين جو شيشو نٿا چاڙهين، ڪنن جو شيشو نٿا چاڙهين- يعني پنهنجن پنجن حواسن تي تقويٰ جو شيشو نٿا چاڙهين ته هنن جي دلين ۾ اهو سڪون نٿو پيدا ٿئي جيڪو اولياءَ الله جي دلين کي ذڪر ڪامل سان ملي ٿو. ذڪر الله جي ايئرڪنڊيشن سان جيڪا چين، سڪون ۽ اطمينان جي ٿڌاڻ دل کي ملي ٿي ان کان هي محروم آهن. هن فرمايو ته جنهن ڏينهن تقويٰ جو شيشو حواس خمسه تي چڙهي ويندو يعني گناهن کان پاسو ٿي ويندو ته ان ڏينهن وات مان نڪتل الله جي هڪ لفظ سان زمين کان آسمان تائين ايئرڪنڊيشن ٿي ويندو ۽ دل کي سچو سڪون نصيب ٿي ويندو.
*
مٿئين سفر ۾ جڏهن مڪي ۾ فقط ٽي ميل وڃي بچيا هئا ته هڪ پيٽرول پمپ تان تيل وٺڻ لاءِ اسان جي ڪار ترسي. ان وقت هڪ تيل جو ٽئنڪر به اچي ڀر ۾ بيٺو جنهن تي ڏهه ٻارهن هزار لٽر تيل جا چڙهيل هئا. هو به تيل وٺڻ لاءِ آيو هو. مولانا ابرار چيو: ”منهنجا دوستو هڪ ٻيو سبق حاصل ڪيو. جيڪي علماءَ پنهنجي اندر کي روشن نٿا ڪن، الله جي نيڪ ٻانهن جي صحبت مان الله تعاليٰ جو خوف ۽ الله تعاليٰ جي محبت جو پيٽرول پنهنجي قلب جي انجن ۾ حاصل نٿا ڪن اهي پنهنجي علم جو بار فقط پٺيءَ تي ڍوئي هلن ٿا جنهن مان نه هو پاڻ فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ نه ٻين کي ڪو نفعو پهچائي سگهن ٿا، جهڙي طرح هي تيل سان ڀريل ٽئنڪر تيسين نٿو هلي سگهي جيسين هن جي انجڻ ۾ پيٽرول نه پوي.
*
مولانا ابرار جو ان ڳالهه تي گهڻو زور رهيو آهي ته انسان کي سٺي صحبت اختيار ڪرڻ کپي. ان معاملي ۾ هڪ عالم ٻئي عالم جو محتاج رهي ٿو. جيئن هڪ سرجن هزارين مريضن جا ته پيٽ چيري آپريشنون ڪري ٿو يا انهن جي بُڪين (Kidneys) مان تڪليف ڏيندڙ پٿريون ڪڍي کين آرام پهچائي ٿو پر پنهنجي اوک جي آپريشن پاڻ نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ هن کي ٻئي سرجن وٽ وڃڻو پوي ٿو. اهڙي طرح هڪ عالم کي به پنهنجي اصلاح لاءِ ٻئي مصلح (نيڪ ۽ ڄاڻو انسان) جي صحبت جي ضرورت آهي.
صحبت جي باري ۾ مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو چوڻ آهي ته صحبت ان وقت فائديمند ثابت ٿئي ٿي جڏهن اها هڪ خاص عرصي تائين رهي ۽ لڳاتار قائم رهي ۽ اهو عرصو يا مدت چاليهه ڏينهن آهي. جهڙي طرح ڪڪڙ جڏهن 21 ڏينهن لڳاتار پنهنجن آنن تي وهي ٿي تڏهن وڃي آنن ۾ حيات پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪڪڙ کي پنهنجا آنا ڦوڙڻا نٿا پون. انهن ۾ پيدا ٿيل ٻچا پنهنجن آنن کي پاڻ ئي ڀڃي ٻاهر نڪريو اچن. اهڙي طرح انسان جڏهن چاليهه ڏينهن تائين لڳاتار ڪنهن الله جي نيڪ ٻانهي وٽ رهي ٿو ته هن ۾ حيات ايماني پيدا ٿيو وڃي ۽ اهو انسان نفس جي کوپي (خول) مان پاڻهي ئي ٻاهر نڪريو اچي ۽ گناهن جي زنجير کي خودبخود ڀڃيو ڇڏي.
*
عام معلوم خاطر هتي اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته ڏهاڪو کن سالن کان برما جو ميانمار ۽ سندس گاديءَ جي شهر رنگون جو نالو بدلائي (Yangoon) رکيو ويو آهي.