اڄ جو ۽ اڳ جو آمريڪا
انهن ڏينهن ۾ اسان وارن ملڪن، يعني ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر جا ماڻهو آمريڪا U.S.A ۾ تمام ٿورا هئا. عرب اڃان ايڏو ڏور نه نڪتا هئا، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لبناني ۽ شامي عرب آمريڪا ۾ ضرور هئا جن ۾ گهڻائي Coptic عربن جي هئي. يعني هنن عربي ضرور ڳالهائي ٿي پر سندن مذهب عيسائي هو. ملائيشيا ۽ اندونيشيا پاسي جا ماڻهو اڄ به نڪرڻ ۾ سست آهن. هو هڪ ئي موسم، مينهوڳي واريءَ تي هريل آهن ۽ ٿڌن ملڪن کان پاسو ڪن ٿا. ايراني ضرور نظر ايندا هئا پر انهن ۾ به اسي نوي سيڪڙو زورو سٽرن (باه جي پوڄارين جو- جن کي پاڻ وٽ پارسي سڏين ٿا) جو هو يا بهئائي مذهب سان واسطو رکندڙن جو هو. ايراني مسلمان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا ٿي. يورپ توڙي آمريڪا ۾ مسلمان ايرانين ۽ عربن جو اچڻ خمينيءَ جي انقلاب بعد يا صدام جي ڏينهن ۾ ٿيو.
تن ڏينهن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن مان انڊيا جا U.S.A ۾ ڪافي هئا. ڪافي معنيٰ چڱا خاصا- يورپ ۽ برطانيا ۾ جيترا انڊين ان وقت هئا، اوترا هيڏانهن آمريڪا ۾ نه هئا. پاڪستاني، سري لنڪن بنگالي يا گورکا ۽ نيپالي ته بلڪل اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن جو U.S.A (آمريڪا) ۾ اچڻ ۾ ته عقلمندي هئي پر اسان وارن ملڪن کان ايشيائي ماڻهو هيڏو مفاصلوڪري آمريڪا ڇو اچي، جڏهن هن کي برطانيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آرام سان نوڪري، ڌنڌو، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ سوشل الائونس ۽ سال ٻن بعد شهريت ۽ پاسپورٽ به ملي ويو ٿي. سو هُنن جرمني، فرانس، اٽلي، انگلينڊ ڏي ئي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي به گهڻن پوءِ رخ رکيو جڏهن ٻين ملڪن ۾ رهڻ تي پابنديون ۽ سختيون وڌڻ لڳيون. سو تن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اسان جي شڪل وارن ماڻهن ۾ گهڻائي انڊيا جي رهاڪن جي هئي. باقي پاڪستان، سلون، نيپال پاسي جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا ۽ اسان سڀني جو هڪ جهڙو رنگ روپ ۽ نمونو هجڻ ڪري اسين سڀ انڊين سڏبا هئاسين. هاڻ پنجٽيهه کن سالن بعد آمريڪا اچي هڪ نئين ٽرم ”ديسيءَ“ جو اضافو ٻڌو اٿم. ديسي ماڻهو، ديسي کاڌا، ديسي ميوزڪ، ديسي چئنل، ديسي عادتون وغيره ۽ ديسي ۾ نه فقط اتر انڊيا جا ماڻهو (شروع ۾ آمريڪا ۾ انڊيا جي اتر وارن صوبن جي ماڻهن جي گهڻائي هئي، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ ڏکڻ هندستان جي ڏاکڻي حصي جي ماڻهن جو رخ سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ اڃان به اڳتي ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا طرف هو) پر ڏکڻ ۽ اوڀر انڊيا جا ماڻهو، پاڪستاني، سري لنڪن، بنگلاديشي، نيپالي وغيره اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن جي ماڻهن جون، سواءِ مذهب جي، ٻيون ڪيتريون ڳالهيون، عادتون ۽ شوق ساڳيا آهن. ڏکڻ هندستان جا ماڻهو يا انڊيا جي گجرات ۽ بنگال صوبي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي رهيا پيا آهن، انهن کي اڙدو يا هندي صفا ڪا نه اچي. مڪاني زبان ملئي ۽ انگريزي ڳالهائين يا پنهنجي مادري زبان تامل، گجراتي ۽ بنگالي. هنن کي هندي ڳالهائڻ جي ضرورت به ڪهڙي جو ملائيشيا پاسي هنديءَکان وڌيڪ سندن صوبي جي زبان تامل ۾ گهڻيون فلمون هلن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان تامل هڪ آهي (۽ ٻيون ٽي زبانون چيني، ملئي ۽ انگريزي آهن). پر هتي آمريڪا ۾ رهندڙ تامل هجن يا بنگالي، گجراتي هجن يا نيپالي، هو هندي ڄاڻن ٿا. اسان پاڪستانين جي ته هونءَ ئي اڙدو زبان آهي، جيڪا هنديءَ جهڙي آهي. ان ڪري هتي جا ديسي، انگريزي کان پوءِ ٻي ٻولي جنهن ۾ گهڻو Communicate ڪن ٿا، اها هندي آهي. هتي جيڪي ڪيبل ذريعي چار پنج انڊين ٽي وي جا چئنل هلن ٿا- زي ٽي وي، سهارا ٽي وي، اسٽار ٽي وي وغيره- اهي سڀ هنديءَ جا آهن، جيتوڻيڪ تامل، بنگالي ۽ خاص ڪري گجراتي ڳالهائيندڙن جو ته تمام وڏو تعداد آمريڪا ۾ رهي ٿو.
هونءَ آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جي کاڌي کي ”انڊين فوڊ“ سڏيو ويو ٿي جنهن جو مطلب اتر پرديش، پنجاب ڪشمير-يعني انڊيا جي اتراهن علائقن جا کاڌا هوندا هئا پر هاڻي ”ديسي فوڊ“ جو لفظ وڌيڪ مشهور ٿيندو وڃي، جنهن ۾ ڀت، ٻوڙ، دال، اڊلي، ڊوسا، روٽي چپاتي ۽ ٻيا گجراتي، بنگالي، مدراسي ۽ ٻيا ڏکڻ هندستاني کاڌا عام ٿي ويا آهن. ناچ گانن ۾ به هونءِ آمريڪا ۾ انڊين فلمي يا وڌ ۾ وڌ پنجابي ڀنگڙا مشهور هئا، جن انڊيا جي راڳ روپ جي نمائندگي ڪئي ٿي. پر هاڻ اهي ڊانسون انڊين بدران ”ديسي“ سڏجڻ لڳيون آهن، جن ۾ بنگالي ۽ نيپالي ڊانسون به شامل آهن ته راس، ڀنگڙا، ڀارت نتيام، ڪٿڪ ۽ ڪُچي پودي به اچي وڃن ٿيون.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جاويد ڀٽو (جيڪو اڄ ڪلهه هتي آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ سان وابسته آهي) جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، تنهن کان هڪ ڏينهن پڇيم ته ديسي ماڻهن جون ٻيون ته سڀ ڳالهيون ساڳيون يا کڻي چئجن ته هڪ جهڙيون آهن پر مذهب بابت هتي جا ماڻهو مسلمانن ۽ هندن ۾ ڪيئن Distinguish ڪن؟ ”مسلمانن لاءِ ڏاڙهيءَ جو اشارو ۽ هندن کي Dot سڏين“ جاويد ٻڌايو.
”ڇا مطلب!“ مون پڇيو مانس.
”ڊاٽ معنيٰ ڳاڙهو تلڪ، جيڪو هندو عورتون نرڙ تي هڻن ٿيون.“
يعني اهو سوال هتي جا گورا انهن مردن کان ڪن جن کي ڏاڙهي ناهي. يعني اهي عورتون جن کي نرڙ تي تلڪ آهي، اهي هندو ٿيون. بنا تلڪ واريون مسلمان. ڏاڙهي وارا مرد مسلمان ۽ بنا ڏاڙهيءَوارا مرد مسلمان به ٿي سگهن ٿا ته هندو به. پڪ ڪرڻ لاءِ هنن کان پڇيو ويندو آهي Are You a Dot? معنيٰ توهان جو هندو ڌرم سان واسطو آهي.
آمريڪا ۾ ديسي ادب ۽ ميوزڪ
بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي. ديسي ماڻهن مان ڪن ڪن، بدناميون به پيدا ڪيون آهن. پر گهڻي ڀاڱي ديسي ماڻهن ۽ انهن جي ديسي کاڌن، ديسي ادب (Literature) ديسي ميوزڪ هتي جي گورن ۽ انهن جي ملڪ تي چڱو خاصو Impact به پيدا ڪيو آهي. ڇو جو هتي جا ڪيترا گورا هاڻ ڪيتريون ئي ديسي شيون ائين پسند ڪن ٿا جيئن جپاني ماڻهو فرينچ ڊش پسند ڪن ٿا. رڳو ديسي ادب کي ڏٺو وڃي ته اڄ جي ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به پنهنجي ادب کان وڌيڪ ديسي ادب پسند ڪن ٿا جن ۾ آرڪي نارائڻ جي ڪلاسيڪل لکڻين۽ وي. ايس نائيپال جي ڪتابن کان انيتا ڊيسائي، گيتا مهتا، راج ڪمال جها جهڙا اديب اچي وڃن ٿا جن جا ڪتاب نيويارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور کان ائٽلانٽڪ سٽي، ايڊيسن ۽ سائڪرا مينٽو جهڙن شهرن جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ نظر اچن ٿا، اڄڪلهه ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه ٻيا به ديسي ادب هتي آمريڪا ۾ پسند ڪيا پيا وڃن، جيئن سُوڪيتو مهتا (جنهن جو ڪتاب Maximum City هتيجي SANA جي ڪيترن ميمبرن پڙهيو ۽ پسند ڪيو آهي، مون کي به پروفيسر نديم جمالي صاحب اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو)، مترا ڪاليتا جو ڪتاب Suburban Sahibs، مونيڪا عليءَ جو Bricklane ۽ جهمپالاهيريءَ جو Namesake ڪتاب، جيڪي هنن پنهنجي وطن بابت لکيا آهن، هتي جي گورن ۽ گورين جي هٿن ۾ نظر اچن ٿا. ائين ته ڪجهه عرصو اڳ وڪرم سيٺ جي ڪتاب A Suitable Boy، چترا بينر جي ديوا ڪاروني جو ڪتاب Mistress of Spices به نه فقط آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو هو. گذريل ڏهن سالن کان ديسي ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي دليري (Boldness) اچي رهي آهي، جنهن جو مال ارون ڌاتيءَ جو نالو The God of Small things آهي. اڄ ڪلهه گوتم ملڪاڻيءَجي ناول لنڊنستاني (Londonstani) جي به هتي وڏي واکاڻ آهي.
نه رڳو ناول پر ڪيترا سنجيده قسم جا سياسي، تواريخي ۽ يادداشتن جا ڪتاب پڻ هتي جا گورا آمريڪن وڏي شوق سان پڙهن ٿا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتاب حسين حقانيءَ جو “From Mosque to Military” هن مهيني هتي جي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جيڪو ڇپيو به آمريڪا ۾ آهي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو هتي اڄ ڪلهه ڇپجي رهيو آهي، جنهن جي ماڻهو جي وات ۾ ڳالهه آهي اهو پاڪستاني جرنلسٽ نفيسه هودڀائي جي يادگيرين ۽ پاڪستاني معاشرتي مسئلن بابت آهي. نفيسه هودڀائي پروفيسر جاويد ڀٽو صاحب جي گهر واري آهي ۽ هتي Voice of America سان وابسته آهي.
ديسي ميوزڪ ۾ هندي ۽ اڙدو جا گانا هتي مشهور آهن ۽ ٻئي نمبر تي پنجابي ۽ گجراتي. ائين ته ننڍي کنڊ جي ڪهڙي زبان آهي، جنهن جي ڳالهائڻ وارا هتي آمريڪا ۾ نه آهن. پر ٻيون ٻوليون گهرن تائين محدود آهن. ديسي فنڪشنن، ميلن، سميلن، انڊين فلمون هلڻ دوران سئنيما گهرن ۾، عام طرح هندي / اردو گانن جا آواز ڪنن تي پون ٿا. دڪانن تي آڊيو ۽ وڊيو جا ڪئسٽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ملن ٿا، جيڪي نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان کان هتي وڪري لاءِ اچن ٿا پر Locally به ٺهن ٿا جن ۾ سرينام ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ملڪن جا انڊين رهاڪو پڻ حصو وٺن ٿا. ٽرنيڊاڊ جو هڪ جوڙو ڪنچن بابلا هتي ڪافي مشهور آهن. هڪ ٻيو گروپ سندر پوپو جو آهي، جنهن جي ميوزڪ جو نالو ”چٽني ميوزڪ“ Chutney Music آهي. پاڪستاني گروپ ”جنون“ به هتي ڏاڍو مشهور آهي ۽ پاڪستاني توڙي انڊين هن کي پسند ڪن ٿا.
هڪ دفعي فلڪ شير سان گڏ واشنگٽن کان نيو جرسي پئي آيس. سڄي واٽ هو سنڌي ڪئسٽ هلائيندو آيو. ان ۾ هڪڙو گانو واه جو هو:
مون کي دلا تار- هل هن پار
پنهنجي ميهر سان، مان ملان هڪ وار
او پنهنجي ميهر سان ملان هڪ وار
فلڪ شير ٻڌايو ته گذريل سال هتي نيو جرسيءَ ۾ انڊيا جي سنڌين جو سميلن ٿيو هو، جنهن ۾ هيءَ ڳائڻ واري ڪماري تيجي ڀوڄواڻي پڻ هتي آئي هئي. هتي جي هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ هي آڊيو ڪئسٽ ٺاهيو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تيجيءَ جو آواز لتا وانگر بيحد مٺو لڳي رهيو هو يا شايد پينسلوانيا ۽ ميريلينڊ جي جهڙالي موسم ۾ فلڊ لفيا وٽ ڊيلا ويئر ندي ٽپڻ وقت چوڌاري خوبصورت نظاري جو اثر هو جيڪو گاني ۾ رومانيت پيدا ڪري رهيو هو.
سير ۾ سرتيون ڪاهينديس مان،
سر جو سانگو ساهيندس مان،
درد ٿو دل کي دکائي، ستائي سڄڻ جي ٿي سار،
مون کي دلا تار، هل هن پار
پنهنجي ميهر سان مان ملان هڪ وار
فلڪ شير ٻڌايو ته ڪماري تيجي ڀوڄواڻي، انڊيا جي صوبي گجرات جي شهر گانڌيدام ۾ رهي ٿي، جتي ڪنهن اسڪول جي هوءَ پرنسپال آهي. مون کيس ان راڳ جي شروع وارو حصو ٽي دفعا کن وڄرايو، جنهن ۾ هوءَ راڳ کان اڳ ڏاڍي سريلي ۽ سوز واري آواز ۾ ڏوهيڙو ٿي ڏئي:
”پريت پڪارون جي ڪيون، ڪيون نيزاريون نينهن.
اکڙين ۾ آيا تري واچوڙا، جهڙ، مينهن
الا! هت جيجل! ڄايون ڪيئن، الا پار پهچائج ميهر ڏي...“
ڪماري تيجيءَ جو ڪئسٽ ٻه هفتا کن نيو جرسي ۽ نيو يارڪ جي ديسي دڪانن تان پڇائيندو رهيس پر خبر پيئي ته سڀ ختم ٿي چڪا آهن. هاڻ فلڪ شير کي چيو اٿم ته پنهنجي ڪئسٽ تان مون لاءِ ڪئسٽ ڀرائي ڏي. فلڪ شير به سوچيندو هوندو ته عجيب سڪڻو ماڻهو آهيان. سندس گاڏيءَ ۾ يا گهر ۾ جيڪو سنڌي راڳن جو ڪئسٽ ٻڌان ٿو ته ان جي فرمائش ڪريان ٿو.
سنڌي راڳن جا ڪئسٽ ته ڪراچي ۾ به ملن ٿا پر هتي رهندڙ پاڪستاني توڙي انڊين سنڌين وٽ عجيب سنڌي ڪئسٽ ڏسان ٿو، جن مان ڪجهه ته هنن حيدرآباد سنڌ ۽ انڊيا مان گهرايا آهن، ٻيا وري هتي ٿيندڙ ميلن ۽ ملن پارٽين ۾ ٽيپ ڪرايا آهن. ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (W.S.I) جي چيئرمين به مون کي هڪ سنڌي ميوزڪ جي CD ڏني جيڪا هتي واشنگٽن ۾ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي. SANA جي فنڪشن ۾ هڪ مڪاني گورو آمريڪن شازيا خشڪ ۽ ٻين مهمان ۽ مڪاني ڳائڻين جا راڳ رڪارڊ ڪندو رهيو. انهن مان هڪ راڳ آهي:
”سالـــن کان پوءِ هيل الا
مس مس ٿيو آ ميل الا....“...
ٻڌو اٿم ته اهو راڳ اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ سنڌ TV تان بار بار هلي ٿو ۽ ماڻهن ۾ بيحد مقبول آهي. انگلينڊ جو هڪ ديسي ڳائڻو آهي، جيڪو ”پنجابي ايم سي“ جي نالي سان سڏجي ٿو ان جو هڪ گانن جو آلبم هتي آمريڪا ۾ ڪافي مشهور آهي، جنهن آلبم جو هن نالو ئي رکيو آهي Desi. ڪجهه گانا جن مان ڪيترا پنجابي ناچ ڀنگڙا جا آهن، اهي انگريزي ۽ پنجابي زبانن جو مڪسچر آهن. يعني هڪ اڌ انگريزيءَ جي سٽ ته هڪ اڌ پنجابيءَجي. آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ ديسي ماڻهن جي ”ڪمينا“ (The Cominas) نالي بئنڊ آهي هو پاڻ کي Punjabi Punk سڏائين ٿا.
اي. آر. رحمان جيڪو سڀ ۾ مشهور ديسي آرٽسٽ آهي، ان سائوٿ انڊين ۽ هندي ميوزڪ کي مغربي ميوزڪ سان مڪس ڪري جيڪو Blend پيش ڪيو آهي، ان جو جواب ناهي. شاهين بدر جنهن جي بئنڊ جو نالو Prodigy آهي. جنهن جا گانا انگلينڊ طرف ته گهڻي وقت کان مشهور هئا پر نيو جرسي جي رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته هاڻ هتي اتر امريڪا (يعني U.S.A ۽ ڪئناڊا) ۾ به مشهور ٿي ويا آهن، خاص ڪري Smack my bitch up جهڙا گانا اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
آمريڪا ۾ ديسي ڪلچر
اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ اسانجي ننڍي کنڊ جا آمريڪا ۾ ايترا ماڻهو نه هوندا هئا. وري به انڊيا جا خاص ڪري اتراهين رياستن جا ڪجهه هوندا هئا. باقي ڏکڻ هندستان پاڪستان، بنگال ۽ سري لنڪا پاسي جا اٽي ۾ لوڻ برابرهئا. هاڻ انهن سڀني ملڪن جا جنهن کي پاڻ سائوٿ ايشيا سڏي سگهون، جام ماڻهو نظر اچن ٿا. نوڪرين مزورين، بزنيس ۾ ته جام آهن پر تعليم ۾ به جام آهن. ڪي پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ته ڪن پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ مٿانهان نمبرکڻي پنهنجي ملڪ جي اسڪالر تي يا ڌارين ملڪن ۽ ادارن جي اسڪالرن تي هتي آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن. آمريڪا جي اها ڪهڙي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ انڊيا، پاڪستان.... يعني سائوٿ ايشيا جا شاگرد نه آهن. شاگرد ته هر هنڌ موجود آهن. پر ڪيترين يونيورسٽين ۾ اسان جا ”ديسي“ پروفيسر آهن. رات ڪجهه سنڌي همراهن سان هڪ فنڪشن ۾ ملاقات ٿي خبر پيئي ته سواءِ هڪ يا ٻن جي جيڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ٻيا سڀ مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر آهن. انهن ۾ هڪ ته اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ جيڪو نيو يارڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ Dean آهي. ٻيا جن سان پهريون دفعو مليس تن مان ڪجهه جانالا هن ريت آهن:
پروفيسر آغا گل
پروفيسر نديم جمالي وغيره وغيره.
آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪن (ڏکڻ ايشيا) جي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون ۽ سنگتون به آهن جيئن ته South Asian Journalists Association: جنهن جا انڊين، پاڪستاني، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، مدراسي، بنگالي، نيپالي ۽ سري لنڪن ميمبر آهن.
اهڙي طرح Network of south asian professionals نالي هڪ ٻي سوسائٽي آهي. جلسا جلوس، ڪاڄ فنڪشن جا بندوبست ڪرڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن يعني ”ديسي“ ماڻهن جي هڪ وڏي ڪمپني آهي جيڪا ”ايسٽ ويسٽ انٽرنيشنل“ سڏجي ٿي. توهان کي ڪنهن شادي مراديءَ لاءِ ڪاڄ ڪرڻو آهي ته انهن سان ڳالهايو. هو پنهنجا بئنڊ باجا، آرٽسٽ طبلچي ۽ لائيٽنگ جي بندوبست سان اچي حاضر ٿيندا. نيو يارڪ ۾ رهندڙ قاضي احمدجي ڊاڪٽر غلام نبي انڙ ٻڌايو ته هي ڪمپني East west International وارا نيويارڪ شهر۾ هر هفتي پروگرام ڪن ٿا، جنهن ۾ ويندي بالي ووڊ جا ريمڪس گانا به ڳائين ٿا، جيڪي هيٺين ويب سائيٽ تي ٻڌي سگهجن ٿا:
http://www.remixsaturdays.com ۽ www.desihitsradio.com
آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جا- يعني ديسي ماڻهو ايترا ته رهن ٿا ۽ ديسي ميوزڪ انهن ۾ ۽ مڪاني آمريڪن ۾ ايتري ته Popular ٿي ويئي آهي جو دنيا جي مشهور ميوزڪ چئنل MTV وارا هتي آمريڪا ۾ هڪ نئون چئنل MTV Desi لانچ ڪري رهيا آهن. ان بعد منهنجي خيال ۾ جن گورن (آمريڪن) کي ديسي لفظ جي ڄاڻ نه هئي، انهن کي به پئجي ويندي ته Desi لفظ ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ماڻهو ۽ ڪهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون.
هونءَ هتي آمريڪا ۾ ديسي ماڻهن جون ڪجهه ايف ايم ريڊيو اسٽيشن به آهن جن تان پاڪستاني ۽ انڊين گانا، غزل، گيت، شعرو شاعري، چرچا ڀوڳ (گهڻو ڪري واهيات قسم جا) ايندا رهن ٿا. انهن FM ريڊيو اسٽيشنن جا محدود دائرا آهن. خالد چنا، يا ثمير وسطڙو، فلڪ شير يا رميش ٿاروانيءَ سان نيو جرسي، ميريلئنڊ، پين سلوانيا يا ورجينا رياستن ۾ سفر ڪندو آهيان ته هو ريڊيو جي سئيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي آخر اهڙي ڪا ديسي اسٽيشن ڳولي وٺندا آهن ۽ آمريڪا جا رستن تي هلندي پنهنجي وطن جي ٻولين جا آواز ٻڌڻ ۾ ڪيڏي ته حيرت ٿيندي آهي! نه ته مون کي ياد آهي ته 70-1969ع وارن سالن ۾ هنن بندرگاهنِ بالٽيمور، فلڊلفيا، نيوارڪ وغيره وغيره ۾ جڏهن اسان جو جهاز ڪراچيءَکان پهچندو هو ته بندرگاهه جي مزورن کي ته ڇا ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي به خبر نه هوندي هئي ته ڪراچي يا پاڪستان ڪٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به ڪيترين گهريلو قسم جي آمريڪي عورتن کان کڻي پڇ ته پاڪستان جو نالو ٻڌو اٿانوَ ته ٺهه پهه وراڻينديون: ”ها جتي روز بم ٿا ڦاٽن. جتي روز عورتون ٿيون Rape ٿين.“ هنن جو ڪهڙو ڏوهه. هنن جي ٻاهرين دنيا سان ڄاڻ سڃاڻ فقط مڪاني ٽي وي اسٽيشن جو خبر نامو آهي، جيڪو هو ڏينهن ۾ فقط هڪ دفعو ٻڌن ٿيون. ۽ اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ شام جي اخبار جيڪا ڏوهن ۽ پيار جي پرڻن سان ڀريل هجي. هڪ دفعي اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ آمريڪن گوري عورت کي ٻڌايم ته ”اسان بيحد گهڻو سڌريل ۽ مهمان نواز ماڻهو آهيون، جن جي تهذيب پنج هزار سالن کان به پراڻي آهي. موهن جو دڙو ان جو مثال آهي.“
ٻئي ڏينهن هوءَ هڪ هفتيوار مئگزين نموني جي اخبار کڻي آئي جنهن ۾ منو ڀيل جي فئمليءَ جي دردناڪ ڪهاڻي هئي ۽ پنجاب ۾ مختاران مائيءَ سان ٿيل ظلمن جي سندس زباني هئي. مختارران مائيءَ تي ته شايد هتي فلم به ٺهي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪيترو غريب، بيروزگار، بيمارين ۾ ورتل: ناانصافين ۽ ظلمن جا ستايل آهن، جيڪي ظالم آهن، جيڪي ٻين جي ڪٽنبن کي پنهنجن ذاتي جيلن ۾ رکن ٿا، جيڪي پنهنجين نياڻين کي ڪاري ڪري مارين ٿا يا قرآن سان شادي ڪرائين ٿا، جيڪي عورت جي تقدس کي پائمال ڪن ٿا، چوريون، ڌاڙا هڻڻ ۽ هڻائين ٿا، انسانن کي وهٽن وانگر اغوا ڪن ٿا، اهي ماڻهو، اهي سردار وڏيرا، اهي ڀوتار ۽ پوليس جون ڪاريون رڍون سڄي پاڪستان يا سڄي سنڌ جي آدمشماري جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو به نه آهن، پر انهن ظالمن اسانجي صوبي يا اسان جي ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ ڪيڏو کڻي خوار ڪيو آهي جو اسان جو ملڪ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جو ملڪ بڻجي ويو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ ته ڇڏيو پر عرب ملڪ به اسانجي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڏيندي ڇرڪن ٿا. هو ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو سؤ کن سال پراڻو هڪ مختصر ۽ Mini قلعو ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا پر اسان وٽ حيدرآباد جو هيڏو وڏو ۽ جهونو قلعو يا لاڙڪاڻي جو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ دل نٿا ٻڌن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف ته اسان نياڻيءَ کي ست قرآن چئون ٿا پر ٻئي طرف حقيقت اها آهي ته ڍورن جي چوريءَ جي چٽيءَ ۾ اسان پنج معصوم نياڻيون وٺيو ڇڏيون ۽ ان قسم جا فيصلا ڏيندڙ ڀوتار ۽ سردار سمجهن ٿا ته هو وڏو نيڪيءَ جو ڪم پيا ڪن. هنن جاهلن کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ظلم جي به هڪ حد ٿيندي آهي. انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ جو دور اچي ويو آهي. هيومن رائيٽس ۽ وومين واچ ڊاگ تحريڪن جو عملو ورلڊ وائيڊ ٿي ويو آهي. اڄ کڏرو ۽ ٺري ميرواهه ۾ ٿيندڙ قتل جي خبر سئن فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس تائين پهچيو وڃي، پنو عاقل ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ اغوا ۽ ڪارو ڪاريءَ جي ڪيسن جي ڄاڻ سکر ۽ خيرپور ۾ پهچڻ کان اڳ دنيا جي ٻي ڇيڙي مشيگان ۽ اوهيو ۾ اڳواٽ پهچيو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جا ڪڌا ڪم نه فقط پنهنجي تر ۾ پر پرديس ۾ رهندڙ ديس واسين لاءِ به مشڪل پيدا ڪن ٿا.