مونجهاري ۾ ڦاٿل اسان جا ديسي
آيا، بئاء، ڪڪ ۽ ڊرائيور کي گهرائڻ واريون ويزائون اي بي سي ڊي سڏجن ٿيون. ڪويت يا سعودي عرب ۾ هوندو هوس ته ڪيترا اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر انجنيئر ٻڌائيندا هئا ته هو ABCD ويزا تي هتي آيا ۽ پوءِ هٿ پير هڻي پنهنجي پروفيشن واري نوڪري هٿ ڪيائون.
هتي آمريڪا ۾ به اهو لفظ ”اي بي سي ڊي“ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جيڪو اسان جي ديسي ماڻهن، يعني سائوٿ ايشيا جي ڪجهه نوجوان طبقي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهي پاڪستاني، انڊين نوجوان جن جا والدين ننڍي کنڊ کان آيا پر پاڻ ڄاوا نپنا هتي ئي ۽ هنن کي ننڍپڻ ۾ سندن والدين آزاد ڇڏي ڏنو ته ڀلي هتي جي مڪاني ڪلچر ۾ رچي بسي وڃن. اهي ABCD سڏجن ٿا يعني
American Born Confused Desi
هي نوجوان سخت مونجهاري ۾ رهن ٿا ته آيا هتي جي ڪلچر ناچ، گاني، شراب وغيره کي اپنائين يا پنهنجن وڏن جي روايتن، رسمن ۽ مذهب کي Follow ڪن.
هڪ ٻه اهڙين سنڌي فئملين سان به ملاقات ٿي جن شروع ۾ بي خياليءَ ڪري، يا مشغول هجڻ ڪري پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو. بلڪه هنن ان کي فخر جي ڳالهه ڪري سمجهي ته سندن ٻار هتي جي مڪاني ٻارن سان گڏ دوستي رکي مڪس پارٽيون ۽ پڪنڪون پيا ملهائين، پر هاڻ جڏهن هو جوان ٿيا آهن ته سندن والدين به سخت پريشان آهن ته هو پاڻ به مونجهاري ۾ آهن ته هاڻ ڇا ڪجي. والدين چاهين ٿا ته هو پنهنجن مڪاني دوستن ۽ انهن کان حاصل ڪيل عادتن کي ڇڏي نيڪ نمازي ٿين، والدين جي عزت ۽ خيال ڪن ۽ سندن بالغ اولاد اهو ئي چوندو وتي ٿو ته اسان هنن پوڙهن مان چڱو ڦاٿا آهيون. هڪ ٻن ٻارن کي ته ڏٺم ته مائٽن سان ضد ڪري الڳ فلئٽ وٺي هينئر ئي ڌار ٿي وڃي رهيا آهن، جتي هنن جي ايندڙ گرل فرينڊس ۽ ٿيندڙ مڪس پارٽين جو ٻڌي والدين کي هن ڀيريءَ جي عمر ۾ ڏک ٿو رسي. هڪ پيءُ ته مون کان ان ڳالهه جي راءِ ورتي ته ڇا ائين بهتر نه ٿيندو ته آئون پنهنجي پٽ کي پاڪستان وٺي هلي سنڌ مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايان.
”پوءِ ان سان ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيو.
”شايد سڌري پوي.“ هن وراڻيو.
”ٿي سگهي ٿو هن غريب نياڻيءَ جي به زندگي عذاب ڪري. اها ڇوڪري جيڪا هن جي طبيعت سان مطابقت نٿي رکي، ان غريب کي هو پرديس ۾ سورن ۾ ئي وجهندو.“
ڪجهه مائٽن ته افسوس به ڪيو ٿي ته هنن جو ڏوهه آهي. ”هتي آمريڪا ۾ اچڻ سان اسان پاڻ کي مشرقي تهذيب ۾ رکڻ بدران پاڻ کي شراب، ناچ گاني جهڙين شين ۾ رڌل رکيو ۽ ٻارن اسان کي ڏسي اسان جهڙو رنگ حاصل ڪيو آهي.“
هڪ ٻه والدين پنهنجي جوان اولاد کي ٽرئڪ تان هٽيل ڏسي ايڏو پريشان ٿيل نظر آيا جو هنن پاڪستان موٽڻ چاهيو ٿي پر سندن اولاد ضد تي هو ته هو نه هلندا. هتي آمريڪا ۾ ئي رهندا. والدين ان صورت ۾ ڪجهه ڪري به نٿا سگهن جو هنن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ آهي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن. هڪ ٻن اهڙين فئملين سان به ملاقات ٿي جتي ٻار ته واپس پاڪستان اچڻ لاءِ نابري واريو ويٺا آهن پر سندن زالن به پنهنجي اباڻي وطن ڏي هلڻ لاءِ راضپو نٿي ڏيکاريو. هڪ منهنجو دوست تنهن کي ٽي ڌيئون آهن. وڏي جيڪا بالغ آهي يا 18 سالن کان وڏي آهي، تنهن جي هتي جي مڪاني گورن سان دوستي ڪري سندس والد سخت پريشان آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا ۾ وڌيڪ پڙهڻ بدران ڪراچيءَ ۾ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ موڪلڻ چاهيو ٿي.
”آئون هن کي اهو به چوان ٿو ته جيترو به خرچ اچي آئون تو کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، تون ڪراچيءَ وڃي پڙهه، جتي تنهنجي ماسي به آهي، پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جي ماحول کان پري نٿي رهڻ چاهي ۽ ان ۾ منهنجي زال به ساڻس سهمت آهي.“
دوست جي چوڻ تي مون هن جي نياڻيءَ کي آغا خان يونيورسٽيءَ جي سٺاين بابت ٻڌايو ته اها بين الاقوامي معيار جي آهي، پر ڇوڪريءَ کي هيوسٽن (ٽيڪساز) ئي وڃڻو هو جو هن جا سڀ دوست (ڇوڪراپڻ) اتي جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺي رهيا هئا. سندس والد کي افسوس هو ته هن ننڍي هوندي پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪلچر ۽ مذهب جي اهميت کان آگاهه نه ڪيو. هاڻ هو هن جي هٿن مان ايتريقدر نڪري چڪا آهن جو هو ان ڏينهن کي پِٽي ٿو، جنهن ڏينهن هن پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا اچڻ جو فيصلو ڪيو. بهرحال ان قسم جي نوجوان ٽهي ABCD سڏجي ٿي. يعني آمريڪا ۾ ڄاول منجهيل ديسي (American Born Confused Desi)