ڪجهه آمريڪا جي ويزائن بابت
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ويزا لاءِ جمع ڪرايل ضروري ڪاغذن باوجود ڪن کي ويزا ڏني وڃي ٿي ته ڪن کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. اهو ائين به ٿي سگهي ٿو (يعني هي هڪ مثال آهي) ته سفارتخاني وارن کي شڪ هجي ته هن يا هن همراهه جيڪو بئنڪ بئلنس ڏيکاريو آهي، اهو صحيح نه آهي. سندس پئسا نه هجن، ويزا حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن کان اڌارا وٺي جمع ڪيا اٿس.
يا فلاڻو شاگرد جيڪو اعليٰ تعليم جي ويزا جي گهر ڪري رهيو آهي، ان جي نيت مان لڳي ٿو، يا شڪ پوي ٿو ته هو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي پڙهندو ڪو نه پر وڃي نوڪري ڪندو. يا ساڳي فئملي مان وڏي عمر ۽ شادي شده همراهه کي گهمڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي پر هڪ نوجوان کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. شايد اهو سوچي ان نوجوان کي ويزا نٿي ڏني وڃي ته هو گهمڻ جو بهانو ڪري اتي وڃي واپس نه ايندو. يا گهمڻ جي بهاني سان اتي پهچي ان ملڪ ۾ هميشه رهڻ خاطر ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا پوڙهي پڪيءَ سان شادي رچائيندو ۽ پوءِ ان شاديءَ جو آخر ۾ اهو وڃي نتيجو نڪرندو ته هو پاسپورٽ حاصل ڪري زال کي طلاق ڏيئي رلائي ڇڏيندو جيڪا پوءِ ملڪ ۽ قوم لاءِ سماجي مسئلو ٿي پوندي، وغيره وغيره. بهرحال ڪنهن به سبب ڪري ڌارئين ملڪ جو سفارتخانو ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهي ٿو ۽ هن لاءِ اهو به ضروري ناهي ته هو اهو سبب ٻڌائي.
آئون ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي هڪ ملئي اميگريشن جو آفيسر منهنجو دوست هو، جنهن جي ڊيوٽي ”ٿائيلينڊ- ملائيشيا“ بارڊر تي هئي. انهن ڏينهن ۾ ويزا ڌارئين ملڪ جي بارڊر يا ايئرپورٽ تي ئي ملندي هئي. اسان ٽڪيٽ وٺي ٽوڪيو يا ڪوالالمپور پهچي ويندا هئاسين ۽ پوءِ اتي ايئرپورٽ تي ويزا جو ٺپو لڳندو هو. سو اسان وارو دوست ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن تي اميگريشن پوليس آفيسر هو. هن ٻڌايو ته ٻاهتر اهڙيون ڳالهيون آهن، جن بابت اسان کي ڪنهن ايندڙ مسافر ۾ پڪ يا شڪ هجڻ تي هنن کي ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي ضروري ناهي ته مسافر کي سبب ٻڌايون ته اسان کي شڪ آهي ته تنهنجي اچڻ ڪري اسان جي ملڪ کي فائدي بدران نقصان پوندو. يا ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. مون چيو مانس ته تڏهن به هن کي ٻڌائڻ ته کپي. هن وراڻيو ته ڊپلو مئسي ان ۾ ئي آهي ته سبب نه ٻڌايو وڃي. بهرحال اسان جو پنهنجو ملڪ آهي، جنهن کي چاهينداسين، ان کي اچڻ جي اجازت ڏينداسين. هڪ ڏينهن ٿائيلينڊ کان پئسينجر ٽرين پهتي ته آئون به اتي ان دوست وٽ هوس. مون چيو مانس ته ”جن مسافرن کي تون ملائيشيا ۾ داخلا لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪرين انهن کي اهو سبب ڀلي نه ٻڌاءِ پر اڄ ٻن ٽن همراهن بابت مون کي ته ٻڌاءِ ته مون کي ڪجهه آئيڊيا ٿئي.“ هن مون کي جيڪي ٻه چار Case ٻڌايا انهن ۾ ٻه ٿائي ڇوڪريون هيون، جن لاءِ هن چيو ته ”هو ڪي امير نه آهن جو هنن جي ان ڳالهه تي يقين ڪجي ته هو ملائيشيا گهمڻ چاهين ٿيون. هنن جي ملائيشيا ۾ اچڻ ڪري ملائيشيا جي ڪمائيءَ ۾ اضافو نه ٿيندو پر هو ملائيشيا ۾ بدپيشي لاءِ اچي اسانجي ملڪ جو پئسو هڪ طرف کڻي وڃڻ چاهين ٿيون ته سماجي مسئلا ٻئي طرف پيدا ٿي سگهن ٿا.“ اهڙيءَ طرح هڪ چيني همراهه کي ويزا لاءِ انڪار ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ دوست ٻڌايو ته هن جي اڳهين اسان وٽ ڪرمنل رپورٽ پهتي آهي. اسان هن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ڪرڻ جو Risk نٿا کڻڻ چاهيون.
بهرحال اهي ڳالهيون لکڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته آمريڪا لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ توڙي کڻي توهان سڀ ڪاغذ پٽ ڏيکاريو پر تنهن هوندي به هو ڪنهن به ڳالهه جي بنياد تي (پوءِ ان جو کڻي حقيقت سان واسطو نه هجي) هو توهان کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا. هڪ عام ماڻهوءَ کي ته ڇا وڏي سرڪاري ڪاموري يا وزير کي به انڪار ڪري سگهن ٿا. انڊيا ۾ هوس ته اتي جي هڪ اهم وزير کي آمريڪا وارن ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه انڊيا جي اخبارن ۾ به آئي پر ان کي اتي جي عوام نارمل ورتو. اسان جي ملڪ جي هڪ وزير جي ڌارئين ملڪ ۾ ڪسٽم چيڪنگ ٿي ته هن کي اها به بي عزتي محسوس ٿي. ان ئي ڪري اڄ هن عنوان تي لکي رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته اهي هر ملڪ جا پنهنجا قانون آهن، ان ۾ منهن مٿو پٽڻ جي ضرورت ناهي. ڇو جو جنهن جو ملڪ ان جي ئي ڳالهه هلندي، جنهن جو گهر ان جي ئي ڳالهه هلندي ۽ اسان کي نه گار گند ڪرڻ کپي ۽ نه ذهني طرح پريشان ٿيڻ کپي.
ويزا ۽ پاسپورٽ لاءِ هميشه صحيح معلومات ڏجي
هڪ ٻي ضروري ڳالهه. ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ جي ويزا اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ان ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو، جيئن جپان جي ويزا اسلام آباد ۾ جپان جي سفارتخاني کان وٺي سگهجي ٿي يا ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا مان جتي جپان جا قونصل خانا آهن ۽ جپان جو قونصلر ويزا جاري ڪري ٿو. اهڙي طرح آمريڪا جي ويزا آهي، پر هاڻ قونصل خاني بدران اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني مان ملي ٿي. بهرحال ڌارئين ملڪ جي سفير يا قونصلر کان مليل ويزا بعد صحيح معني ۾ ويزا اها آهي، جيڪا ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي اميگريشن پوليس جو عملو ڏئي ٿو. مثال طور اسلام آباد وارو آمريڪي سفارت خانو توهان کي آمريڪا ۾ وڃڻ جي پنجن سالن لاءِ ويزا ڏئي ٿو پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته توهان کي پنجن سالن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جي موڪل ملي ويئي. هرگز نه! آمريڪا ۾ توهان فقط ايترو مدو رهي سگهو ٿا، جنهن جي اجازت توهان کي نيو يارڪ، لاس اينجلس يا ڪنهن ٻئي آمريڪي هوائي اڏي تي توهانجي پهچڻ تي اتي موجود اميگريشن پوليس ڏيندي ۽ اهو فيصلو اميگريشن وارا ڪن ٿا ته توهان کي ٽي مهينا رهڻ ڏين يا ڇهه مهينا. هو چاهين ته هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏين ۽ توهان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري نٿا سگهو ۽ انهيءَ پيرين ٻي فلائيٽ ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پوي.
منهنجي هڪ سڃاڻي جي ڌيءَ جي شادي هڪ آمريڪا ۾ رهندڙ سان ٿي. هوءَ اتي وڃي هن وٽ رهڻ لاءِ گهمڻ جي بهاني تي ويزا وٺي جڏهن نيو يارڪ ايئرپورٽ تي پهتي ته هن کي آمريڪا ۾ گهڙڻ لاءِ پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو نه هڻي ڏنائون ۽ هن کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو، جيتوڻيڪ هن وٽ پنجن سالن جي ويزا هئي. ڪهڙي سبب ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ جي اميگريشن پوليس آمريڪا ۾ رهڻ نه ڏنو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي ۽ نه هنن ٻڌايو. پر هن ڇوڪريءَ ٻڌايو ته ٻن ڳالهين ڪري هنن کي شڪ پئجي ويو هجي ته آئون گهمڻ جي بهاني اتي پنهنجي مڙس وٽ رهي پونديس. هڪ ته هنن منهنجي بئگ ۾ شاديءَ جا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي اندازو لڳايو هوندو جو ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهو طريقو اختيار ڪري آمريڪا پهچي رهيون هيون ۽ ٻي ڳالهه ته هنن کي پاڪستان ۾ ئي انٽيليجنس پوليس ذريعي معلوم ٿي ويو هجي ته منهنجي شادي نيو يارڪ ۾ پڙهندڙ همراهه سان ٿي آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جي يونيورسٽيءَ مان موڪل ڪري لاهور آيو هو.
بهرحال آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچي، توهان وٽ سفارتخاني کان مليل ويزا جي هجڻ جي باوجود ائين به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي آمريڪا ۾ رهڻ کان روڪيو وڃي ۽ اميگريشن پوليس توهان کي هڪ ڏينهن جي به ويزا نه ڏئي. جيئن آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفرنامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي آيو آهيان ته ڪراچيءَ کان مون سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان کي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تان ئي وطن ورائي ڇڏيائون، جيتوڻيڪ هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا هئي ۽ سال ڏيڍ آمريڪا ۾ گذاري چڪو هو. اميگريشن پوليس پاڻ ته سبب ٻڌائڻ کان گريز ڪئي پر هن شاگرد ٻڌايو ته هن کي شڪ ٿو پوي ته پوليس کي خبر پئجي ويئي ته آئون تعليم جي بهاني سان نوڪري پيو ڪريان ۽ يونيورسٽيءَ کان گسائيندو رهان ٿو.“ ويجهڙائيءَ ۾ ان شاگرد جو هڪ سڃاڻو مليو، تنهن ان بابت پنهنجو خيال ٻڌايو ته پوليس کي ان ڳالهه مان شڪ پئجي ويو ته هو هڪ غريب شاگرد ٿي هر ٽئين چوٿين مهيني ڪيئن موڪلون ڪري ملڪ وڃي اچي ٿو.
ان ئي ڏينهن، اسان جي ئي جهاز ۾ سفر ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ تي پهتل هڪ همراهه کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جو هن پوليس جي سوالن جا صحيح جواب نه ڏنا. هن ڪجهه انفارميشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان هتي جي پوليس ڀلي ڀت واقف هئي.
اهو به ٻڌائيندو هلان ته ويزا لاءِ جيڪا ڳالهه توهان درخواستي فارمن تي لکي موڪليو ٿا يا اسلام آباد ۾ انٽرويو تي ٻڌايو ٿا، اها ذري پرزي جي خبر جتي ڪٿي پئجيو وڃي. اڳ ۾ ته ماڻهن اهي به ٺڳيون ڪيون جو جعلي ويزائن ۽ پاسپورٽن تي آمريڪا يا يورپ پهچي ويا ٿي. يا ٻي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو چنبڙائي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ويا ٿي پر هاڻ اهي ڳالهيون ناممڪن آهن جو هڪ ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ Readable ٿي پيا آهن، يعني مشين ۾ پاسپورٽ وجهڻ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين (مانيٽر) تي توهان بابت سڄي انفارميشن لکجيو وڃي. توهان جي آڱرين جا نشان، ويندي اکين جي تارن جي به خبر پئجيو وڃي ته اهي پاسپورٽ ۾ درج ٿيل معلومات، مسافر جي آڱرين ۽ اکين جي تارن جي Print سان ملن ٿا يا نه. ۽ ٻي ڳالهه ته ڪمپيوٽر سسٽم On Line هجڻ ڪري اها معلومات جيڪا توهان فارمن ۾ لکي آهي يا انٽرويو ۾ ٻڌائي يا پوليس ۽ Intelligence کان هنن حاصل ڪئي اها هر ايئرپورٽ، ۽ بندرگاهه تي ڪمپيوٽر کولڻ سان توهان جي نالي اڳيان مليو وڃي. مثال طور آمريڪا جي ويزا جي درخواست واري فارم تي نه فقط ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جا نالا لکڻا پون ٿا پر ڀائر ڀينرن جا پڻ ۽ انهن جي ڄم جي تاريخ پڻ. هاڻ مثال طور مون کان ڪنهن جو نالو يا ڄم جي تاريخ ڄاڻي واڻي يا بيخياليءَ ۾ رهجي ويئي يا غلط لکجي ويئي ته اها به هڪ قسم جي ”غلط ڄاڻ“ مهيا ڪرڻ هيٺ منهنجي ويزا جي عمل کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ منهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ به جي ويزا لاءِ apply ڪيو آهي ۽ هن جي ڏنل معلومات ۽ منهنجي ۾ فرق به نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڇو ته ڪمپيوٽر سسٽم آن لائين هجڻ ڪري هو آسانيءَ سان منهنجي فارم تي ڏنل منهنجي مائٽن جي پوزيشن معلوم ڪري سگهن ٿا ته انهن کي به آمريڪا جي ويزا يا پاسپورٽ آهي يا نه ۽ انهن پاڻ لاءِ، مون لاءِ ۽ ٻين مائٽن لاءِ ڪهڙي معلومات ڏني آهي. بهرحال آمريڪا توڙي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪٿي به غلط معلومات نه ڏجي. نائن اليون کان اڳ ته يورپ توڙي آمريڪا ۾، ڪيترا غير قانوني طرح آيل ماڻهو بنا پاسپورٽ جي به پيا هلندا هئا. ورلي ڪو چوڏهين چنڊ ڪنهن واٽهڙوءَ کان سندس ملڪ يا سفر جي ڪاغذن جو پڇيو ويو ٿي پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيسن، هوئي اڏن، پارڪن يا ٻين هنڌن تي اوچتي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ اها فقط اسان مسلمانن يا پاڪستانين کان نه پر هر هڪ کان، ۽ توهان جي قانوني طرح آيل آهيو ۽ ڪنهن به ڏوهه ۾ Involve نه آهيو ته پوءِ توهان کي ڪو به فڪر نه هئڻ کپي. آمريڪا يا يورپ جي ملڪن کي کڻي اسان نادانيءَ ۾ ڪافرن جو ملڪ سڏيون پر هتي جي پوليس راڻيپور، گمبٽ يا ڏهرڪي، گهوٽڪي جهڙي ظالم نه آهي. پر ڪيترن واقعن ۾ اسان جو ماڻهو غلط معلومات ڏيڻ ڪري سزا جو حقدار ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي گذريل سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جي مسجد (نيو جرسي جي اوڪ ٽِري روڊ واري) جو امام، جيڪو آمريڪا جي انٽيليجنس (FBI) ۾ ڪم ڪري ٿو، اسان نمازين کي جمع نماز جي خطبي ۾ ٻڌايو هو ته پوليس جي سوال ڪرڻ تي اسان کي ان جو صحيح جواب ڏيڻ کپي ۽ جي هن جي انگريزي سمجهه ۾ نه اچي ته پنهنجي ماڻهوءَ کي سڏائي ان جي اڳيان جواب ڏجي يا حڪومت طرفان مهيا ڪيل وڪيل جي معرفت جواب ٻڌائجن ۽ جيڪا صحيح ڄاڻ هجي اها ئي ڏجي. هن ٻڌايو ته ڪيترا دفعا ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پوليس جڏهن پڇا ڪري ٿي ۽ مشڪوڪ ماڻهوءَ کي ڪورٽ تائين پهچائي ٿي ته اتي خبر پوي ٿي ته ان ماڻهوءَ کي ان ڏوهه ڪري نه پر پاڻ بابت غلط معلومات ڏيڻ ڪري ڪوڙ جي سزا ۾ ٽي هفتا جيل ملي ويو.
ٻاهرن ملڪن ڏي ويندڙن لاءِ هتي اها به سهڻي صلاح لکندو هلان ته پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا لڳرائڻ وقت پنهنجي پاسپورٽ جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ (Expiry Date) ضرور ڏسندا ڪريو. جيڪڏهن ان جي ختم ٿيڻ ۾ ڪو هڪ سال يا ان کان گهٽ بچيو آهي ته بهتر اهو ئي آهي ته پنهنجي ئي ملڪ مان نئون پاسپورٽ ٺهرائي ان تي ويزا لڳرايو. مثال طور آمريڪا، ڪئناڊا يا ٻين ڪيترن ملڪن جي ويزا يڪي پنجن سالن جي ملي ٿي. سال گذرڻ بعد توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻو پوندو. پوءِ پراڻي پاسپورٽ جي پچر ڇڏڻ بدران توهان کي اهو به نئين سان گڏ کڻي هلڻو پوندو جو ويزا ان پراڻي تي لڳل آهي. ٻي ڳالهه ته توهان ان ڌارئين ملڪ ۾ تعليم يا بزنيس جي خيال کان ٻه ٽي سالن لاءِ رهڻ ٿا وڃو ته معنيٰ پرديس ۾ توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ڊوڙڻو هڪ طرف پوندو ته خرچ ٻئي طرف ڪرڻو پوندو، جو ٻاهرين ملڪن ۾ انهن ڪمن جون فيون تمام ڳريون آهن، چاهي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هجي ۽ ڪي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ جتي توهان کي رهڻو پوي ٿو ان کان گاديءَ وارو شهر جتي توهان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي، ايترو پري آهي، جيئن ڪراچيءَ کان اسلام آباد ۽ اتي پهچڻ ۾ سفر جو خرچ ۽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ پاسپورٽ في کان به ڏهوڻو ويهوڻو ٿيو وڃي. مون سان به هڪ دفعو اهڙي جٺ ٿي چڪي آهي، جڏهن پنهنجي جهازي سبجيڪٽ ”مئرين انجنيئرنگ“ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ مالمو(سئيڊن) ويو هوس. هيستائين ته جهاز هلائي ٻين ملڪن ۾ ويندو رهيس ٿي، جنهن سفر لاءِ CDC جو بڪ ڪافي آهي ۽ اهو Renew به نٿو ڪرائڻو پوي. پر هاڻ جڏهن پاسپورٽ تي ٽن سالن جي سئيڊن جي ويزا لڳرائي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ اچي داخلا ورتم ته خبر پيئي ته منهنجي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيڻ تي آهي. ڪراچي مان نڪرڻ وقت هن ۾ ڪي اٺ نو مهينا رهيل هئا، جيڪي اچي ختم ٿيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سيمسٽر جا امتحان به هئا ۽ اسان جي يونيورسٽي جتي آئون رهيل هوس اها جنهن شهر مالمو ۾ هئي، اهو سمجهو ته ڪراچي وانگر هو ۽ پاسپورٽ لاءِ مون کي سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم وڃڻو پيو، جيڪو ايترو پري هو جيترو لاهور. بهرحال ڪراچي ۾ جي اها ڳالهه ڌيان ۾ اچي وڃي ها ته هزار سوا روپين ۾ نئون پاسپورٽ ٺهرائي نڪران ها پر هاڻ سئيڊن ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪرڻو پيو- اهو سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اندازو لڳائي سگهن ٿا.