الطاف شيخ ڪارنر

بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

الطاف شيخ جي بهترين سفرنامن مان هڪ سفرنامو بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ آمريڪا بابت دلچسپ ڳالهيون ۽ تمام گهڻي معلومات به ڏنل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 3432
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

آمريڪا عجيب ملڪ ۽ اخبارون

USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جنهن کي اسان عام طرح فقط آمريڪا سڏيون ٿا، دنيا جو عجيب ملڪ آهي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو هي ملڪ ڌڪاريو وڃي ٿو ته سڀ کان گهڻو هي ملڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجو ئي مثال وٺون ته پاڪستان جو هر هڪ ماڻهو آمريڪا تي ڏمريو وتندو پر جي آمريڪا ماڻهن گهرائڻ جي لاٽريءَ جو اعلان ٿو ڪري ته هر هڪ اها ڪوشش پيو ڪندو ته ٻيو ڪو فارم نه ڀري پر پاڻ وس پڄي ته هڪ بجاءِ ٻه ڀري. اسان جا ملان مولوي، سياستدان، ليڊر، فوجي توڙي بزنيس مين محفل ۾ ويهي آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا پر اندران ئي اندران پنهنجن ٻارن کي اوڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪندا. قانوني طرح نه موڪلي سگهندا ته غير قانوني طرح موڪلڻ جي به ڪوشش ڪندا. انهن جي Set ٿي وڃڻ تي پاڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار Shift ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. چوندا آمريڪا ۾ مذهب جي آزادي آهي، نوڪري ۽ ڌنڌا ڌاڙيون آهن، سٺي تعليم آهي، سٺي موسم آهي، سٺو ماحول آهي، سٺو پگهار آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه امن امان جي صورت تمام سٺي آهي، هر هڪ سڪون جي زندگي گذاري ٿو. ضرور ائين ئي هوندو. تڏهن ته جيڪو به آمريڪا اچي ٿو اهو موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. موٽي فقط اهو ٿو جيڪو هتي ڏوهه ڪري ٿو پوءِ پنهنجي ملڪ لڪڻ لاءِ ڀڄي ٿو (ڇو ته هن کي خبر آهي ته هتي پوءِ سندس بچڻ جي راهه ناهي. چورن بدمعاشن جي ٿم جي جاءِ پنهنجو وطن ئي آهي) يا اهو ٿو موٽي جنهن کي هتي جي حڪومت سندس غير قانوني رهائش جو Status هجڻ ڪري ڀڄايو ڪڍي. پوءِ اهڙا ماڻهو شرم کي پرچائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ موٽي اڪثر اهو چوندا وتندا آهن ته اپنا ملڪ اپنا هي. يا وري چوندا آمريڪا ۾ ته اسان کي فلمن جو هيرو (يا هيروئن) به ڪري ٿي رکيائون، يا وري چوندا اسان کي فلاڻي فلاڻي نوڪري به ملي پئي پر اسان چين نه بابا! پنهنجو ديس پنهنجو آهي. روکي سوکي هم اپني وطن ڪي کائينگي. حالانڪه حقيقت ۾ اها ڳالهه ناهي. سڀ زباني ڊائلاگ آهن. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٿي سگهي ٿو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙو هجي به جو ظاهر آهي آمريڪا ۾ هر ملڪ جا- ويندي هر هڪ عرب ملڪ جا لکين ماڻهو رهن ٿا. انهن مان ڪو هڪ ٻه آمريڪا جي خوشحالي، امن امان جي زندگي ۽ سڪون ڀريو ماحول ڇڏي موٽي اچي ته ٻي ڳالهه آهي. باقي هونءَ عام طرح ڪو موٽي اچي؟ I Have yet to see
ڪو زمانو هو اڄ کان 40 سال کن اڳ 1968ع ڌاري جڏهن آئون پاڻي جي جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جي حيثيت ۾ آمريڪا پهريون دفعو آيو هوس ۽ پوءِ ٽي چار سال اسين مختلف جهازن ذريعي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ايندا رهياسين. پاڪستاني ته ٿورا هئا پر انڊين به گهٽ هئا. پاڪستانين ۾ گهڻي ڀاڱي پنجاب يا سرحد صوبي جا هئا ۽ انڊين ۾ گجرات صوبي جا پٽيل هئا. سنڌي هندو هئا پر آمريڪا جيڏو ملڪ آهي، ان جي حساب سان آمريڪا (يعني USA) کان گهڻا سينٽرل آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪن ۽ پئسفڪ ۽ ڪئريبين سمنڊن جي ٻيٽن (جهڙوڪ برمودا، ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو وغيره) ۾ هئا. سنڌي مسلمان جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا سي پئسي وارن وڏيرن جا پٽ هئا، جن جو مقصد محنت ڪري ڪمائڻ ۽ ٻين کي گهرائڻ ۽ پنهنجي وطن اچي ڪارخانا فئڪٽريون ۽ تعليمي ادارا کولي غريب عوام جي خوشحالي پيدا ڪرڻ بدران هو فصل جو پئسو آمريڪا ۾ گهرائي گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش جي زندگي ۾ وقت ضايع ڪندا هئا. هڪڙو پئسو خرچ ڪري ٻيو پئسو ڳوٺان گهرائيندا هئا.پئسو نه اچڻ تي موٽي ويندا هئا. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جن کي آمريڪا جي Citizenship به ملي ۽ پاسپورٽ به هون پر پوءِ اهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيائون. پئسو نه اچڻ تي هنن کان نوڪري ۽ پورهيو ڪرڻ نٿي پڳو ۽ واپس وطن جو رخ رکيائون ٿي يا پنهنجي والد وارث جي وفات جو ٻڌي پڳ ٻڌائڻ ۽ ملڪيت پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ موٽي آيا ٿي. 1968ع ۾ مون اهڙن ماڻهن کي ويندي ۽ پهريون دفعو حيدرآباد جي بشير مغل، ٽنڊو جان محمد جي بابو ۽ سندس ڀاءُ يوسف ڏاهريءَ جهڙن کي هتي ايندو ڏٺو، جيڪي اسان وانگر عام ماڻهو هئا، جن وٽ ڪجهه به نه هو، نه پئسو نه سپورٽ. هنن پنهنجي Survival ۽ پنهنجن ٻچن ٻارن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي پورهيا ۽ محنتون ڪيون، جيڪي پنڌ ۽ بکون ڪاٽيون آئون اهڙن ماڻهن کي سلام ٿو ڪريان.
بهرحال آمريڪا ۾ پڻ جپان ۽ يورپ وانگر ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي سختيون ٿينديون رهيون (۽ ڏينهون ڏينهن اهي وڌي رهيون آهن) ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ هڪ ڏورانهون ترين ملڪ آهي ته به ان ۾ ڪو اهڙو چارم ضرور آهي جو مٿين ڳالهين جي باوجود سڀ کان گهڻا اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪي ايندا رهن ٿا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر جي شروعات ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، چوڌاري هسپانوي (Spanish) ڳالهائڻ وارا نظر آيا ٿي. ظاهر آهي USA سان گڏ ميڪسيڪو، گئاٽمالا، نڪراگوا جهڙا وچ آمريڪا جا ملڪ ۽ برازيل، ڪولمبيا، چلي، اڪيڊار جهڙا ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ ويجها آهن، جتي Spanish ۽ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي. (پورچو گالي به هيسپانوي زبان وانگر آهي، جيئن سرائڪي ۽ پنجابي ٻوليون تمام گهڻيون ملن ٿيون ۽ ڌاريون ماڻهو پرکي نه سگهندو) اڄ انهن اسپيني ڳالهائڻ وارن جو ننڍي کنڊ جا ماڻهو مقابلو ڪن ٿا. آمريڪا جا وڏا شهر ته ڇا ڳوٺ ڳوٺ ۾ انڊين پاڪستاني ماڻهو ۽ انهن جا دڪان نظر اچن ٿا. حلال گوشت کان علاوه توهان کي هر قسم جو مرچ مصالحو ۽ ڳڙ، ڀڳڙا، ڦودني جون ٽڪيون، احمد جو آچار، هيڊ، ٻاجهر، جوار، گدامڙي، مندرن ۾ رکڻ لاءِ پرساد، نماز پڙهڻ لاءِ مصلو ۽ باٿ روم لاءِ لوٽو ملندو.
انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جي جهازن تي اچي مهينو مهينو پراڻيون جنگ ۽ ڊان اخبارون کڻي ويندا هئا ۽ وڏي شوق سان وڃي پڙهندا هئا. ڪا اخبار جهاز تي رهجي ويندي هئي ته واپسي جي سفر تي ان کي ور ور ڏيئي اسين به پيا پڙهندا هئاسين. ويندي اشتهار، اڄ جا اگهه، ڌيان طلب، ڪورٽ نامون جهڙيون شيون به غور سان پڙهندا هئاسين. ڪو ڪو امير ماڻهو پاڪستان مان اخبار پوسٽ ذريعي گهرائيندو هو، جيڪا جيتوڻيڪ باءِ ايئر موڪليل هوندي هئي پر تڏهن به مالڪ جي هٿن ۾ هفتي بعد پهچندي هئي ۽ تمام مهانگي پوندي هئي. انٽرنيٽ ۽ Cable جو ته اڃا تصور به نه هو. پوءِ اسيءَ جي شروعات ۾ ٻڌو سين ته جنگ وارن جنگ اخبار ڪراچي ۽ لاهور کان علاوه لنڊن ۽ نيو يارڪ مان به ڪڍڻ شروع ڪئي آهي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته نيو يارڪ کان ايندڙ هڪ دوست مون لاءِ هڪ ٻه جنگ جا پرچا کڻي آيو هو. اخبار فقط ٽن چئن صفحن تي پکڙيل هئي ۽ قيمت به ڳري هيس. ان جو سبب اهو ئي هو ته پڙهندڙ (خريدار) گهٽ آهن، اشتهار ٿورا ٿا ملن.... وغيره ۽ هاڻ 35 سالن کن بعد آمريڪا ۾ وري آيو آهيان ته Scene ئي بدليل نظر اچي رهي آهي، آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ننڍي کنڊ جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ حلال گوشت لاءِ ڪنهن يهوديءَ کان ڪوشر جو پڇڻ بدران ديسي بازار مان مليو وڃي. ٻئي مرچ مصالحي جي دڪانن سان گڏ حلال گوشت جا به دڪان نظر اچن ٿا نه فقط ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ جو گوشٽ پر انهن جا جيرا، بڪيون ويندي پاوا منڍيون پيون وڪامن، جيڪي هت عام طرح نه وڪامن ۽ نه هتي جا آمريڪن کائين. هڪ اهڙي حلال گوشت جي دڪان ۾ پنهنجي ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطرو سان گهڙيس جيسين هو گوشت خريد ڪن آئون در وٽ رکيل مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن جا بنبڊل ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ هڪ اڙدو اخبار کڻي ان جا صفحا اٿلائڻ لڳس. ويهارو کن صفحن جي اها اخبار هئي. پاڪستان ۽ هندستان جي خبرن کان علاوه اسان جي ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا ۾ ڪيل ڪارنامن ۽ بدنامين جي خبرن سان ڀريل هئي. هر صفحي تي جام اشتهار. هلڻ مهل ثمير پڇيو ته ماما اخبار کڻون.
”قيمت پڇ ته گهڻي آهي؟“ ظاهر آهي گذريل زماني جي ٽن چئن صفحن واري اخبار جي ئي قيمت ڳري هئي ۽ هنن ۾ ته انيڪ صفحا آهن ۽ رنگين ڇپائي آهي سو قيمت مناسب هجڻ جي صورت ۾ ئي خرد ڪري سگهجي ٿي نه ته ٽي وي ڪيبل ۽ انٽرنيٽ تان مفت ۾ خبرون ۽ SANA (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جي SANA – List خطن مان ئي ملڪ جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو.
”هي اخبارون سڀ فري آهن“ ثمير ٻڌايو.
”پر هنن مان ڪن تي ٻه ته ڪن تي ٽي ڊالر قيمت لکي پيئي آهي.“ مون اخبارن کي اٿلائيندي چيو.
”قيمت ضرور لکيل آهي پر هر هڪ مفت ۾ ڏئي ٿو جو اخبار وارن ۾ Competition ڏاڍي آهي.“
”ٺهيو مون سمجهيو- دراصل هر اخبار واري کي ايڏا اشتهار مليو وڃن جو مفت ۾ ڏيڻ تي به کين نقصان نٿو ٿئي. مون ڇهه کن مختلف اخبارن مان هڪ هڪ کنئي ۽ پوءِ ته ساڳيو حال هتي جي ٻين ديسي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڏٺم. ڪجهه انگريزي اخبارون پڻ آهن جيڪي هتي جون اسلامي تنظيمون ۽ هندو ائسوسيئيشن ڪڍن ٿيون. ڪجهه انگريزي اخبارون هتي جي هر علائقي مان نڪرن ٿيون، جن ۾ ان علائقي جي خبرن کان علاوه ان علائقي جي دڪانن ۽ انهن ۾ لڳندڙ sale، جاين، پلاٽن ۽ ڪارين موٽرن جي خريد ۽ وڪرو جا اشتهار آهن ۽ هر اخبار جي اشتهارن مان ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي جو ماڻهن تائين اخبار پهچائڻ لاءِ هو دڪاندارن کي منٿون ڪن ٿا ته پنهنجي دڪانن ۾ رکو ته توهان جا گراهڪ هي اخبارون مفت ۾ کڻي وڃن. ڪجهه امير اخبارن جا مالڪ خاص ڪري ڪميونٽي نيوز پيپر وارا پنهنجي اخبار گهرن تائين به پهچائين ٿا. بهرحال مون جهڙي واندي ماڻهوءَ لاءِ اهي مفت جون اخبارون پڙهڻ سٺو شغل آهي ۽ ٽن مهينن کان اڃان اهو قائم آهي. جنهن وقت به بازار ۾ ڪنهن شيءِ جي خريداري لاءِ نڪران ٿو ته نئين شايع ٿيل اخبار کڻيو اچان. انهن اخبارن بابت ٽيڪا ٽپڻي- خبرن جو معيار، اشتهار ۽ ٻيا ڪالم وغيره- ٻئي مضمون ۾ ئي لکان ٿو.