الطاف شيخ ڪارنر

بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

الطاف شيخ جي بهترين سفرنامن مان هڪ سفرنامو بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ آمريڪا بابت دلچسپ ڳالهيون ۽ تمام گهڻي معلومات به ڏنل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 3432
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

نيو جرسي ۾ سنڌي نوجوان

پاڪستان ڇڏڻ مهل منهنجو مقصد آمريڪا گهمڻ جو نه هو پر مون دوستن يارن کان ٽي چار مهينا پري رهي انڊيا جو سفرنامو پورو ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته اسانجي ڀاڻيجن سمير ۽ ضمير وسطڙو وارن جو گهر جن وٽ مون رهڻ چاهيو ٿي نيو جرسي جي هڪ ننڍڙي شهر Avenell ۾ آهي ته مون کي هيڪاندي گهڻي خوشي ٿي ته نيو يارڪ، ائٽلانٽڪ سٽي، واشنگٽن، بالٽيمور جهڙن شهرن کي ويجهو هوندي به آئون هڪ خاموش ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ هوندس. نيو جرسي آمريڪا جي انهن رياستن مان آهي، جيڪا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وانگر سرسبز آهي. جيڏانهن نظر ڪر ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ گهاٽا وڻ ۽ نازڪ، نرم ۽ ڊگهي گهاٽي Fur جهڙي Trim ٿيل ڇٻر نظر اچي ٿي. ان ڪري هن رياست کي چون ئي The Garden State ملائيشيا ۾ گهم، گرمي ۽ مينهوڳي ڪري هر قسم جا ٽنڊڻ ماڪوڙا ۽ نانگ بلائون ٿين، جيڪي انسان ذات کي اُتي جي جنگلن ۾ آزاديءَ سان هلڻ نه ڏين. مينهوڳي هتي نيو جرسيءَ ۾ به ڏاڍي ٿئي ٿي پر سخت سيءَ ۽ برفباريءَ ڪري ان قسم جا جيت جڻيا نظر ئي نٿا اچن. شام جي وقت هتي جي ڇٻرن تي فقط کڙ کٻيتا (ٽانڊاڻا) پوليس جي گاڏين وانگر ٻرندا وسامندا نظر اچن.
بهرحال هتي پهچي خبر پيئي ته اڄ جو آمريڪا اهو 35 سالن وارو اڳ جو آمريڪا نه رهيو آهي. جڏهن هتي ڪو سنڌي ته ڇا پنجابي پٺاڻ به ورلي نظر ايندو هو. جتي آمريڪا ڌارين جي اچڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن، اتي اسان جهڙن ايشيائي ۽ آفريقي ملڪن جون معاشي ۽ امن جون حالتون اهڙيون پٺتي هليون ويون آهن جو اڄ پهرين کان گهڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا کي وڌيڪ پرسڪون، عزت جي ماني ڏيڻ وارو، آزاديءَ سان عبادت ڪرڻ وارو ملڪ سمجهن ٿا، جتي هڪ غريب کان غريب انسان به پنهنجن خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهي ٿو. بشرطيڪ هن ۾ هنر، محنت، سگهه ۽ ڄاڻ جهڙيون شيون هجن.
Avenell شهر جنهن ۾ آئون هاڻ رهيل آهيان، اسان جي ايشيائي ملڪن جي حساب سان ته هڪ ننڍڙو، خوبصورت ۽ ماڊرن شهر آهي پرهتي جي آمريڪي معيار مطابق هتي جي يونين ڪائونٽي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن جهڙا ڪيترائي ڳوٺڙا اولڊ برج، اسيلن، Rahway، پرٿ وغيره وغيره پنج ڏهه ميلن جي فاصلي تي آهن ۽ فقط هنن ڀر وارن شهرن يا ڳوٺن ۾ جيڪي منهنجا واقفڪار رهن ٿا، يعني جن جي مون کي خبر آهي، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: آمريڪن حبيب بئنڪ جو مئنيجر نديم جوڻيجو جنهن جو والد صاحب امداد جوڻيجو ABL بئنڪ جو صدر هو. نديم گذريل 25 سالن کان آمريڪا جي مختلف حبيب بئنڪن ۾ نوڪري ڪندو اچي، بئنڪ جي ڀر ۾ شيراز هوٽل ۾ جمعي نماز تي رشيد مليو جيڪو مون سان گڏ جهاز تي ريڊيو آفيسر هو ۽ پوءِ جهازن جي نوڪري ڇڏي هتي رهي پيو. دادو جو سائين ابراهيم چنا صاحب آهي، جيڪو ڪراچي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيز جو ڊائريڪٽر هو. رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي هليو آيو جو سندس ٻه وڏا پٽ خالد چنا ۽ مسعود چنا ويهن سالن کان هتي رهن ٿا. سندن دوائن جا دڪان ۽ ٻيو ڪاروبار توڙي گهر هتي ئي ڀر واري شهر ۾ آهن. نواب شاهه جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر ڏاهريءَ جو پٽ مقبول ڏاهري به سالن کان هتي رهي ٿو. اسان جي پيٽاڙو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست اقبال ترڪ جا ڀائر ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ۽ اشفاق ترڪ ۽ پٽ جيتوڻيڪ ڏورانهين رياستن ۾ رهن ٿا پر سندس سالا ڊاڪٽر سليمان بيگ ۽ هتي جي PIA آفيس ۾ ڪم ڪندڙ فريد بيگ هتي اسان جي پاڙي جي شهرن ۾ رهن. اڄ ڪلهه اقبال ترڪ جي سس جيجي شرفنساءِ (قاضي اڪبر، قاضي عابد ۽ آپا شمس وارن جي ڀيڻ) به هتي اچي رهي آهي. خيرپور جو مشهور رٽائرڊ ايس پي پوليس سومرو صاحب ۽ سندس ٽي پٽ نديم وغيره به هتي رهن ٿا. خيرپور سکر پاسي جو فلڪ شير، سندس وڏو ڀاءُ ڪوه شير ۽ هڪ ڀيڻ ڊينٽل سرجن فردوس جهان به هتي جي ڀر واري شهر ۾ رهي ٿي، يعني هن رياست نيو جرسي ۾ ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ انجم شير هڊسن ندي جي هن پار نيو يارڪ ۾ ٿو رهي ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ پئسفڪ سمنڊ پاسي West Coast)) جي رياست ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو.
ان کان علاوه اسان جي ڳوٺ هالا جي مرحوم عبدالغفار انصاري جو ٽيون نمبر پٽ سهيل زال صبا قريشي ۽ ٻارن سان گذريل 15 سالن کان هتي رهي ٿو ۽ نوڪري لاءِ هڊسن ندي ٽپي نيويارڪ وڃي ٿو. سندس پڦي خورشيد ٻگهيو جي ڌيءَ ڪونج جنهن هتان آمريڪا مان Graduation ڪئي ۽ شادي پڻ هتي ڪئي. پنهنجي مڙس عاطف ۽ ٻن ٻارن سان هتي رهي ٿي. سندس مڙس جي نوڪري هن رياست جي بندرگاهه نيوارڪ ۾ آهي. خيرپور ۽ سکر پاسي جا ڊاڪٽر اقبال جعفري (اينگرو واري گل شير جو سوٽ) ، ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ سندس ڀاءُ مسرور راڄپر (جيڪو ڪيترائي سال سينگاپور ۾ ڪمپيوٽر انجنيئر هو) هاڻ هتي ئي رهن ٿا. پر نوڪري نيويارڪ ۾ اٿن ۽ تقريباً هر دعوت ۾ نظر اچن ٿا. ساڻن گڏ ڊاڪٽر ابڙو ۽ سندس زال سعيده ابڙو جيڪا هتي جي بئنڪن ۾ مئنيجريس رهي چڪي آهي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ نوڪري ڇڏي اٿس، گهوٽڪي جو انجنيئر رميش ٿارواڻي ۽ سندس ڪنڌڪوٽ جي ڊاڪٽر زال ريکا پڻ هتي ئي رهي ٿي ۽ نوڪري به هتي ئي ڪن ٿا. نواب شاهه جو ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ راهو جيڪو پاڪستان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر هو ۽ دادوءَ جي سندس زال لبنيٰ رانجهاڻي ٻارن سميت گذريل ڇهه ست سالن کان هتي رهيا ٿي. هاڻ گذريل مهيني ڀر واري رياست مئري لئنڊ لڏي ويا آهن. اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪلاس ميٽ مصباح الحق ميمڻ ۽ مشهور سنڌي اديب ۽ عالم سراج الحق ۽ فهميده حسين جو ڀاءُ ضياءُ ميمڻ به سالن کان هتي رهي ٿو. جن سان هتي اڪثر انڊين بازارين ۾ (Oak Tree Road) واري ۾ خاص طرح، مسجدن ۾، سنڌي ميلن ۽ فنڪشنن ۾ يا وري ڪنهن جي گهر رکيل مخصوص گروپ جي دعوتن ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. پر اهو ضرور آهي ته هر هڪ نوڪري يا ڌنڌي واپار ۾ اهڙو ته مشغول رهي ٿو جو سندس سڄو ڏينهن آفيس يا دڪان ۾ گذريو وڃي. کيس فون ڪرڻ جي به فرصت نٿي ملي. باقي جمع جي شام کان آچر جي شام تائين ٻه ڏينهن صحيح قسم جي موڪل ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو دوستن ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ وقت گذارين. يا وري ڏينهن ٻه وڌيڪ موڪل ڪري ٻي رياست ۾ وقت گذارڻ وڃن، جيئن هينئر واشنگٽن ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ رهندڙ چار سؤ کن سنڌي فئمليون اچي گڏ ٿيون هيون ۽ هاڻ ايندڙ 14 آگسٽ تي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جو وڏو اجتماع آهي، جيڪو WSI جي صدر منور لغاريءَ واشنگٽن يا شايد ورجينا ۾ سڏايو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو جا به آمريڪا ۾ ڪيترائي رهن ٿا ۽ گذريل مهيني هنن ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي بارڊر وٽ، ناياگرافالس وٽ پيٽارو جي اولڊ بئائز جي Get Together رکي. ان جو بندوبست اسان جي ڳوٺ جي ڪئڊٽ عدنان قريشي ڪيو، جيڪو ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جي شهر Oakvlle ۾ رهي ٿو. عدنان منهنجي هالا جي اسڪول جي دوست ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ جو فرزند آهي ۽ سندس هڪ ويجهو مائٽ سائين يوسف صاحب منهنجو ٻئي انگريزيءَ (يعني ڇهين ڪلاس) ۾ ٽيچر پڻ هو. عدنان کي خبر پيئي ته آئون نيو جرسي (USA) ۾ آهيان ته هن ”پيٽارين ياهو گروپس“ ذريعي مون کي اها گڏجاڻي Attend ڪرڻ لاءِ چيو. مون کيس پري هجڻ جو بهانو ڏنو.
”چوڌري ببيڪشن وارا ته ڪئليفورنيا کان پيا اچن. توهان ته ويجها آهيو.“ هن لکيو، ”۽ ٻيو ته پهرين بئچ جو ڪئڊٽ حميد انور (Kit No: 12) ته توهان جي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ هو اچي رهيو آهي، جنهن سان گڏ هليا اچو.“
مون ايترو پري باءِ روڊ وڃي پنج ڇهه ڏينهن ضايع ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ کيس اهانا بهانا ڏيئي راضي ڪري ڇڏيم، پر حميد انور جو Email ايندو رهيو ته نيو جرسيءَ ۾ ڪٿي آهين. جنهن جو مون جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. Email ۾ اهو فائدو آهي ته ٻئي جي ناراضگي لاهڻ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته معاف ڪجو ڪمپيوٽر خراب هو يا بزي هوس مون انٽرنيٽ تي Mail چيڪ ڪئي ڪانه. پيٽارو جي ان فنڪشن بعد جڏهن آئون هفتو کن واشنگٽن هوس ته ان وقت پنهنجي پراڻي ساٿي حميد انور کي اي ميل ڪيم ته نيو جرسي جو پنهنجو فون نمبر ٻڌاءِ آئون نيو جرسي پهچي توکي فون ڪندس، منهنجو هاڻ انڊيا وارو سفرنامو ۽ ڪاوش لاءِ ڪجهه ڪالم مڪمل ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ مونکي واندڪائي هئي.
حميد انور ڪئڊٽ ڪاليج جي پهرين بئچ جو آهي، جڏهن 1957ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص جي هڪ ڪاليج ۾ ٻن سالن لاءِ کوليو ويو هو. آئون ٻئي سال پهتس ۽ ميرپور خاص ۾ سال ڏيڍ رهي پوءِ پيٽارو آياسين. ان وقت ويهه کن حميد انور جي بئچ جا ڪئڊٽ هئا ۽ اهڙا پنجويهه کن اسان ٻي بئچ جا پهتا هئاسين. منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ۽ آئون لياقت هائوس ۾ هوس جنهن جي هاسٽل ۾ اسان جي ڪمري بعد هڪ ڪمرو ڇڏي ٻئي ۾ حميد انور رهيو ٿي. سندس ٻن روم ميٽن مان هڪ مرزا بشير چاند هو جيڪو حيدر آباد ۾ چيف انجنيئر WAPDA وغيره رهيو ۽ گذريل سال سٺ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو جعفر هو، جنهن جي 1962ع ۾ ڪاليج ڇڏڻ بعد وري خبر نه پئجي سگهي. حميد انور جي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين دوستن کان خبر پيئي پئي ته هاڻ مهراڻ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪئي اٿس ۽ هاڻ ابو ڌابيءَ ۾ آهي. بلڪه ابو ڌابيءَ ۾ هو وڏو عرصو رهيو ۽ اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر منظور عرساڻي سندس احوال ڪڏهن ڪڏهن ٻڌائيندو هو جيڪو پڻ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ابو ڌابيءَ ۾ رهيو. هاڻ شايد هو به آمريڪا ۾ آهي.
حميد انور جي مون کي اها خبر نه هئي ته هو ڪو ڪجهه سالن کان هتي USA ۾ آهي ۽ هاڻ عدنان کان جيئن ئي خبر پيئي ته هو نه فقط آمريڪا ۾ آهي پر ان ساڳي رياست نيو جرسي ۾ منهنجي ڀر واري ڳوٺ ۾ آهي، ته مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. حميد انور ننڍپڻ کان جيئن ته ڪچهريءَ جو ڪوڏيو رهيو آهي، ان ڪري مون اڃا جهٽ ساڻس نٿي ملڻ چاهيو جو مون کي پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم تمام گهڻو هو) ۽ ساڳي وقت دل ۾ اهو به احساس هو ته هن جهڙي نيڪ، پرخلوص، سنڌي نه هوندي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌين جي همدرد ۽ معصوم شخصيت سان ملڻ بنا آمريڪا ڇڏڻ هڪ الميو ٿي سمجهيو. اسان آخري دفعو 1962ع جي شروع ۾ مليا هئاسين، جڏهن هو انٽر ڪري ڪئڊٽ ڪاليج کي الوداع چئي رهيو هو ۽ اسان سندن جاءِ تي انٽر جي ڪلاس ۾ داخل ٿيا هئاسين. پاڻ اسان جي لياقت هائوس جو پهريون JUO هو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ پڙهائي ۽ راندين ۾ هوشيار هجڻ سان گڏ منجهس Officer Like Qualities ۽ ليڊرشپ جون وصفون به اتم هيون پر هن اجايو رعب ۽ ٽرڙپائي بدران هميشه همدرداڻو رويو رکيو. پاڻ طبيعت ۾ بيوقوفي جي حد تائين سادو رهيو ۽ اڄ به اهڙو ئي سادو، يار ويس ۽ ٻين جو مددگار آهي. ساڻس ملاقات جو احوال هاڻ ٻئي باب ۾ ئي لکان ٿو.