آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو
سڄي آمريڪا ۾ نيشنل ۽ انٽر اسٽيٽ هاءِ ويز جي ڄار وڇايل آهي. سڀ کان گهڻو استعمال ۾ ايندڙ رستو 405 فري وي آهي، جيڪو ڪئليفورنيا جي Seal Beaeh علائقي مان لنگهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمس اخبار ۾ آيو هو ته گذريل سال هن رستي تان روزانو سراسري چار لک گاڏين جو گذر ٿيو. ۽ سڀ کان گهٽ تعداد ۾ گاڏيون روزانو ٻه هراز کن انٽر اسٽيٽ 95 جي ان Section تان هليون، جيڪا Maine رياست جي هولٽن واري علائقي جي اتر مان لنگهي ٿو.
هونءَ جتي هي هاءِ وي، سپر هائي يا ايڪسپريس هاءِ وي ٺهڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ آساني ٿي پئي آهي ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر تائين پهچڻ ۾ گهٽ وقت لڳي ٿو، اتي مولا جو ملڪ ڏسڻ جا موقعا گهٽجي ويا آهن.توهان رڳو حيدرآباد کان ڪراچي هاءِ وي ذريعي سفر ڪريو ته توهان کي ڇا ٿو نظر اچي؟ ڪجهه به نه! ان جي مقابلي ۾ ٺٽي وارو رستو وٺي وڃڻ سان ڪيترائي ڳوٺ، ٻهراڙيون، فصل باغ، رستو ٽپيندڙ ماڻهو، وهٽ ۽ قدرتي نظارا پسڻ جا موقعا ملن ٿا. ملائيشيا ۾ جڏهن به منهنجو ڪو دوست ڪوالالمپور ايندو هو ته هن کي پنهنجي شهر ملاڪا (جتي جي نيول اڪيڊمي سان منهنجو واسطو هوندو هو) وٺي اچڻ لاءِ نئين ٺهيل هاءِ وي بدران پراڻي نيشنل روڊ تان وٺي ايندو هوس، جيڪو نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو مختلف ڳوٺن، شهرن، ٻنين ٻارن ۽ سمنڊ جي ڪنارن کي ڇهندو، ندين ۽ کاهين تان ٽپندو ملاڪا پهچندو هو ۽ ان رستي ذريعي اچڻ تي منهنجو ڪجهه لٽر پئٽرول وڌيڪ ضرور سڙندو هو ۽ وقت جي حساب سان ڪلاڪ کن وڌيڪ ضايع ٿيندو هو پر آيل مهمان کي ملاڪا پهچڻ تائين ملائيشيا بابت وڏي Idea ٿي ويندي هئي جو رستي تي ڪي چينين جا ڳوٺ آيا ٿي ته ڪي ملئي ماڻهن جا جيڪي گهرن ۽ عبادت گاهن (مندرن ۽ مسجدن) ڪري پنهنجي پنهنجي نموني جا ٿين ٿا، ڪي ڳوٺ مڪس نموني جا ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي، جنهن ۾ چيني ۽ ملئي ماڻهن سان گڏ انڊين به نظر آيا ٿي ۽ اسان جي ملڪ کان آيل مهمان جيڪي گهڻو تڻو اتر انڊيا جي ماڻهن، زبانن (هندي، پنجابي، گجراتي) ۽ کاڌن کان وقف آهن، تن هي سنهڙا، ڪارا ۽ گوڏن وٽان مٿي مڙيل ڌوتيءَ وارن سائوٿ انڊين کي ڏسي تعجب لڳندو هو، جن فقط تامل، مليالم، ڪانڊا ۽ تيلگو زبان سمجهي ٿي. انهن جي هوٽلن تي ڪيلي جي پن تي ڀت ۽ فش هيڊ جو تکن مصالحن وارو ٻوڙ کائي حيرت ٿيندي هئي. ٻهراڙين مان لنگهندي وقت ڪٿي گاڏي بيهاري Palm جا وڻ ۽ ان جو کجور جهڙو ڦل ٿي ڏٺو ته ڪٿي ميلن ۾ رٻڙ جا وڻ ۽ انهن جي ٿڙن مان نڪرندو کير ٿي ڏٺو، جيڪو تامل عورتن ٺڪر جي ڪُپين ۾ گڏ ڪري هٿ سان هلندڙ رولر ذريعي رٻڙ Latex جون چادرون ٿي ٺاهيون. ڪٿي ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ رستي جي ڪناري تي لڳندڙ Pasar Malam (اسان جي جمعي يا اتوار بازار جهڙي بازار) ۾ بيهي مرتباڪ (قيمي ۾ تريل اڦراٽو) يا مڪئي جو سنگ ٿي کاڌو. ڪٽي ڪنهن هاٿيءَ جي رستي تي بيهڻ ڪري ڏهه پندرهن منٽ ٽرئفڪ جام ٿي ٿي ويئي ته ڪٿي ڪنهن شاديءَ جي ڄڃ گذرڻ ڪري ترسڻو ٿي پيو ۽ يادگار خاطر مهمان کي گهوٽ ڪنوار سان گڏ بيهاري فوٽو ڪڍڻو ٿي پيو. بهرحال اهي سڀ مزا هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس وي تي ڪٿي؟ انهن مٿاهن، ويڪرن رستن تي جتي هر هڪ سئو کان مٿي رفتار ۾ لڳاتار هلندو رهي ٿو وڌ ۾ وڌ ڪنهن پئٽرول پمپ وٽ بيهاري ڪافي يا چانهه پي سگهجي ٿو ۽ ان پمپ اسٽيشن جي واش روم استعمال ڪري سگهجي ٿي. هنن سپر هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس ويز رستن ڊرائيور لاءِ کڻي سولائي ڪئي آهي پر ان سان گڏ باقي ويٺل سفرڪ ندڙن لاءِ بوريت جو سامان مهيا ڪيو آهي، جيڪي سڄي سفر ۾ فقط ۽ فقط ڏامر جي سليٽي رستي تي نڪتل سفيد رنگ جا Dash ۽ لائينون ڏسي سگهن ٿا. شايد ان بوريت جي ئي نشاندهي جان اسٽين بيڪ پنهنجي هڪ سفر نامي:Travels with Charley ۾ ڪئي آهي.......
“When we get these thruways across the whole country as we will and must, it will be possible to drive from New York to California without seeing a single thing.”
۽ اهڙن ئي خيالن جوا ظهار چارلس ڪورالٽ پنهنجي بائيو گرافي A life On the Road ۾ ڪيو آهي.......
“The interstate highway system is a wonderful thing. It makes it possible to go from coast to coast with out seeing anything or meeting anybody. If the United States interests you, stay off the interstates.”
چارلس ڪُورالٽ جو واسطو آمريڪا جو ٽي وي چئنل CBS سان هو. پاڻ انعام يافته جرنلسٽ هو ۽ ورجينيا جي ڏکڻ پاسي واري رياست نارٿ ڪئرولينا جو رهاڪو هو.پاڻ 1934ع ۾ ڄائو هو ۽ 1997ع ۾ گذاري ويو. چون ٿا ته جان اسٽين بيڪ ۽ ڪُورالٽ سٺا دوست هئا. ڪورالٽ جيتوڻيڪ جاب خاطر واشنگٽن ۾ رهيو پر هن پنهنجو وطن نارٿ ڪئرولينا کي به نه وساريو. سندس هڪ ڪتاب جو ته نالو ئي آهي. North Carolina is My Home
بهرحال ورجينا کان مئريلئنڊ رياست اچڻ لاءِ عرفان جماڻيءَ اندريان رستا وٺڻ بدران هتي جو مشهور هاءِ وي 495 انٽر اسٽيٽ فري وي اختيار ڪيو. I-495 رستو مئريلينڊ کي ملائي ٿو ۽ واشنگٽن جي آس پاس روڊ وارو حصو Capital Beltway به سڏجي ٿو. اسان کي ورجينيا مان مئريلئنڊ وڃڻ لاءِ وچ ۾ وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ٽپڻي هئي، جنهن لاءِ هن پاسي ٻه پليون ٺهيل آهن. هڪ آمريڪن ليجئن ميموريل برج جيڪا ڪئبن جان برج به سڏجي ٿي. اسان ٻي پل ذريعي پوٽو مئڪ ندي ٽپياسين جنهن جو نالو Woodrow Wilson ميموريل برج آهي، جيڪا ورجينيا رياست جي اليگزئنڊرا سٽيءَ کي مئريلينڊ جي پرنس جارج ڪائونٽي سان ملائي ٿي. هن پل مٿان انٽر اسٽيٽ هاءِ وي 495 ۽ 95 لنگهن ٿا. هيءَ پل 1961ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي ۽ هن پل بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته جنهن ڏينهن تي (يعني 28 ڊسمبر 1961ع تي ) هن پل جو افتتاح صدر وڊرو ولسن جي بيواهه زال ايڊٿ کي ڪرڻو هو، ان ڏينهن هوءِ گذاري ويئي. هيءَ پل پوڻا ٻه ڪلو ميٽر کن ڊگهي آهي ۽ مٿانئس هڪ ئي وقت گاڏين جون ڇهه قطارون اچي وڃي سگهن ٿيون. هن پل کي bascule نموني جي رکيو ويو آهي، جيئن ان هيٺان وڏا جهاز به لنگهي واشنگٽن وڃي سگهن. هن مٿان لنگهندي اسان کي ٽرئفڪ ڪافي جئم ملي. عرفان ٻڌايو ته هن پل مٿان روزانو اڍائي لک کن گاڏيون گذرن ٿيون ۽ عنقريب هن پل کي اتاهون ۽ ويڪرو ڪرڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهيون.
هيءَ پل آمريڪا جي اٺاويهين صدر ووڊرو ولسن جي نالي سان آهي، جيڪو 1856 ۾ ڄائو ۽ 1924ع ۾ وفات ڪيائين پاڻ 1912ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو. ان کان اڳ نيو جرسي رياست جو گورنر هو. صدر ولسن جي هڪ ڳالهه جنهن کي کل جوڳي چئي سگهجي ٿو ته هو ملڪ جي ڪمن ڪارين ۽ پريشانين جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ روزانو سراسري ٻه اڍائي ڪلاڪ ڪار ۾ سير ڪندو هو بقول سندس.to relax and loosen my nind from the problems before me..
اها ڳالهه مون کي پهريون دفعو 1969ع ۾ پنهنجي سينيئر انجنيئر سعيد چوڌريءَ کان پئي. انهن ڏينهن ۾ رات جو چئين کان صبح جو اٺين تائين جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي هن سان گڏ منهنجي هوندي هئي. هو ڪولمبو مان ورتل سوپارين جي ڪاتر سان کيسو ڀري ڊيوٽي تي ايندو هو ۽ پوءِ جنهن ڏينهن جهاز جي انجڻ گهڻا مسئلا ڪندي هئي، ان ڏينهن هو گهڻيون سوپاريون کائيندون هو. سوپاريون کائڻ جو سبب پڇڻ تي مٿين آمريڪي صدر جو مثال ڏيئي چوندو هو. ”آئون هن نڀاڳي انجڻ ۽ ائٽلانٽڪ جي خراب سمنڊ ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ سوپاريون کان ٿو.“
بهرحال اها حقيقت آهي ته آمريڪا جي هن صدر Wilson Woodrow آمريڪا ۾ موٽر گاڏين ۽ هاءِ وي ٺاهڻ جي تمام گهڻي وڪالت ڪئي ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي صدر مهاتير وانگر ان ڳالهه ۾ يقين رکيو ٿي ته ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رستن جي ڄار وڇايل هوندي. 1916ع ۾ ان بابت ولسن جو ڪيل اهو اعلان مشهور آهي ته:
“My interest in good roods is…….to bind Communities together and open trade, so that it will flow with absolute freedom and facility.”
پوٽو مئڪ نديءَ مٿان اڏيل وڊرو ولسن پل ٽپڻ کان اڳ ورجينا پاسي ٽائسن ڪارنر بابت اعجاز شيخ ٻڌايو ته اهو علائقو ڪمپيوٽر مارڪيٽ کان مشهور آهي. پل ٽپڻ بعد اسين مئريلئنڊ رياست جي اني ارونڊل Anne Arundel ڪائونٽي ۾ پهچي وياسين، جنهن ۾ مئريلئنڊ رياست جو گاديءَ وارو شهر Annapolis آهي. اني ارونڊل عورت جو نالو آهي، جيڪا باليٽيمور جي ٻي بائرن Caecilius Calvert جي زال هئي ۽ سندس تعلق ڪارن وال انگلينڊ جي ارونڊل فئملي سان هو ۽ ٿامس ارونڊل جي ڌيءَ هئي. سندس شادي 1627ع ۾ ٿي هئي ۽ هن ڪائونٽيءَ تي سندس نالو، سندس وفات کان هڪ سال پوءِ 1650ع ۾ رکيو ويو.
”اني ارونڊل“ ڪائونٽي ڪراس ڪرڻ بعد اسين مونٽگو ميري ڪائونٽي ۾ پهچي وياسين جنهن ۾ سلور اسپرنگ علائقو اچي ٿو، جتي اسان سان گڏ هلندڙ اعجاز شيخ جو هن کان اڳ تائين مسواڙ تي ورتل گهر هو. جنهن مان هاڻ پينسلوانيا رياست شفٽ ٿي ويو آهي. هن وقت هو هتان پنهنجو باقي ڪجهه رهيل سامان ۽ ڪار کڻڻ لاءِ هلي رهيو هو.