سائين عبدالفتاح ميمڻ جي فئملي ۽ انور ميمڻ
سائين عبدالفتاح ميمڻ صاحب پروفيشن جي لحاظ کان لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل هو، کين سياست جو به شوق هو ۽ 1952ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو هو. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاليجي تعليم جو باني پڻ هو ۽ لاڙڪاڻو آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو ڪامرس ڪاليج ۽ لاڙڪاڻو LAW ڪاليج ان سلسلي جون پهريون ڪڙيون هيون. کين اٺ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ نجما ٿي. وڏو پٽ غلام علي ENT سرجن آهي ۽ ٻئي نمبر تي علي نواز ميمڻ آهي، جيڪو هتي واشنگٽن ۾ رهي ٿو ۽ گذريل 35 سالن کان ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن سان لاڳاپيل آهي. پاڻ سوماليا (آفريڪا) ۾ ورلڊ بئنڪ جو مڪاني نمائندو Representative Resident ۽ پاڪستان ۾ نئشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جو چيئرمين ٿيڻ کان علاوه ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بين الاقوامي ترقياتي ادارن ۾ نوڪري ڪئي. پاڻ 1943ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم شڪارپور جي ميمڻ محلا پرائمري اسڪول، داري محلا ايليمينٽري اسڪول لاڙڪاڻي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد گريجوئيشن ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي. ان بعد علي نواز آمريڪا جي اوريگون يونيورسٽيءَ مان MBA ڪئي ۽ الينوس يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ٻه ڪتاب ڏيهه پرڏيهه ۾ بيحد مشهور آهن، جيڪي مڊل ايسٽ ۽ پاڪستان جي مسئلن جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن. سندن نالا هن ريت آهن.
1. Islamic Nation
(Status and Future of Muslims in the new world order)
2. Pakistan- Islamic Nation in Crisis.
علي نواز جا مٿيان ڪتاب 1995ع ۽ 1997ع ۾ ڇپيا هئا.
لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل ۽ سفير مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي مٿين ٻن پٽن (غلام علي ۽ علي نواز) بعد ٽئي نمبر تي اسان جو ڪلاس ميٽ مرحوم علي رضا ميمڻ آهي. علي رضا پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. ان بعد سندس اٺن ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ نجما ۽ پوءِ سڪندر آهي، جيڪو پڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو ۽ جنهن جو احوال شروع ۾ حميد انور واري قصي ۾ اچي چڪو آهي ته ڪيئن حميد انور ۽ انور ميمڻ هن سان پريپ ٽائيم ۾ ملڻ ويا ته ڪاليج جي انگريز پرنسپال کين دڙڪو ڏيئي ڪاليج مان ڀڄائي ڪڍيو. سڪندر ميمڻ ڪافي عرصي کان مصر ۾ پنهنجي عرب زال سلوا سان گڏ رهي ٿو، کيس آثم نالي هڪ پٽ آهي. سڪندر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهڻ بعد ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي پروفيشن سان گڏ گڏ پرائيويٽ بزنيس به ڪري ٿو. سڪندر بعد پنجين ڀاءُ شفقت ۽ ستين ڀاءُ شاهين جو واسطو بئنڪنگ سان آهي ۽ ڇهون ڀاءُ محمد علي آرمي ۾ ميجر آهي ۽ آخري ننڍو ڀاءُ جمال ناصر ڊاڪٽر آهي ۽ اسلام آباد ۾ چمڙيءَ (Skin) جي بيمارين جو ماهر آهي. اسان پارڪ ايونيو کان 63 نمبر اڀرندي واري گهٽي ڏيئي نيو يارڪ جي مشهور شاهراهه ففٿ ايونيو تي اچي هيٺ ڏکڻ طرف هلڻ لڳاسين. اسان جي ساڄي پاسي دنيا جي وڏن پارڪن مان هڪ ”سينٽرل پارڪ“ هو. نيون پراڻيون ڳالهيون ڪندا، ڳالهه ۾ لڀي ڪجهه نه ته به ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏيندا، پاسي کان لنگهندڙن تي اجائي سجائي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا 57، 56، 55، 54، 53، 52 هين گهٽي اڪري اچي ايڪونجاهينءَ تائين پهتاسين، جتان راڪ فيلر پلازا شروع ٿو ٿئي ته اٺيتاليهين گهٽيءَ تائين وڃيو نڪري. پنجاهين گهٽي وٽ بيٺل آئس ڪريم واري کان وڏو شاهي آئيس ڪريم ڪون وٺي اتي ئي بيٺي بيٺي کاڌو سين، هڪ چٽ ڪري پورو ڪيوسين ته انور چيو:
”يار آئون ته هڪ ٻيو به کائيندس. تون به کاءُ“
”نه بس هڪ ڪافي آهي.“ مون چيو مانس.
”ڇو؟ ڪهڙو اعتراض آهي؟ پئسا ته آئون ٿو ڏيان.“
انور اهڙي اسٽائيل ۾ چيو جو ننڊپڻ جا ڪاليج وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن رسيس ۾ آئون، انور، اظهر عباسي( قاضي عابد صاحب جو پٽ)، رفيع ڪاڇيلو ۽ شوڪت جماڻيءَ جو ٽولو ڪئنٽين پهچي ويندو هو ۽ روز ان ڳالهه تي ڦڏو ٿيندو هو ته پيٽيز يا سموسن جا پئسا ڪير ڀريندو. ان ڏينهن نيو يارڪ جي ان ففٿ ايونيو تي اسان کي سچ پچ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نائين يا ڏهين ڪلاس جا شاگرد هجون. اهو هرگز نٿي محسوس ٿيو ته ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ڪي پوڙها آهيون تڏهن ته ڪلو سٽرول ۽ شگر ليول هاءِ هجڻ جي باوجود آئيس ڪريم کائي رهيا هئاسين.
انور جيسين آئيس ڪريم جو جمبو ڪون آهستي آهستي ڪري ڳرڪائي، تيسين مون corn واري کي بيهاري هن کي سڀ کان وڏو سنگ ڏيڻ لاءِ چيو.
”مون سمجهيو منهنجو ڊالر بچيو. هيءَ ته تو مون کي ٻيڻ نقصان ۾ وڌي.“ انور چيو.
”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو.
”ان کان ته ٻيو آئيس ڪريم ڪون کائين ها ته مون کي ان جو هڪ ڊالر ڏيڻو پوي ها. مڪئي جو سنگ، خاص ڪري هن هنڌ تي ته ٻن ڊالرن جو آهي.“ انور چيو.
”چڱو ڀلا سنگ جا پئسا آئون ٿو ڏيان.“ مون کلندي پٺئين کيسي مان ٻٽون ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌو.
”نه ادا مهرباني.“ انور پنهنجي چرچائي نموني سان هٿ ٻڌي مون کي پئسن ڏيڻ کان جهليو.“ بهتر آهي ته ٻه ڊالر به آئون ڏيان نه ته پنهنجي سفر نامي ۾ خوار ڪري ماريندين ته چاليهه سالن کان پوءِ پراڻو دوست مليو، تنهن مون کي ٻن روپين جو سنگ به نه کارايو. هاڻ ويچارن پڙهندڙن کي ڪهڙي خبر ته اهو سنگ خيرپور ناٿن شاهه ڳوٺ ۾ نه پر ”مئن هٽن“ جي امير ترين علائقي ففٿ ايونيو ۾ مون کي کارائڻو پيو پوي.“
”ادا جيڪي وڻنئي اهو پيو چئه.“ آئون سنگ وٺي روڊ جي پاسي کان هڪ ٺلهه تي ويهي مزي سان کائڻ لڳس. ڇا ڳالهه ڪجي هن پاسي جي سنگن جي! اسان جي پاسي جا هڏن جهڙا بي سوادي سنگ کائڻ مهل جهنگلي سوئر به منهن کي موڙو ڏيئي مجبوريءَ ۾ کائين ٿا.
انور ميمڻ سان منهنجي ملاقات 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ بعد هاڻ چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد هتي آمريڪا ۾ ٿي آهي. انور پيٽارو جي انهن شاگردن مان آهي، جنهن جا ان وقت جا چرچا ۽ کل ڀوڳ جون ڳالهيون اڄ به سدا حيات آهن. جڏهن به ۽ جتي به پراڻن دوستن جي گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انور جي ڪا نه ڪا ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون. صحت مند ۽ راندين ۾ هوشيار هجڻ کان علاوه انور ننڍي هوندي شرارتي به ڏاڍو هو ۽ هو سزا خوشيءَ سان قبول ڪندو هو ۽ هن جون اهي شرارتون ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا رنجائڻ بدران پنهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي کلائڻ جي مقصد سان هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو هو جو انور کي روزانو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پوندي هئي. نوٽس بورڊ تي ٻئي ڪنهن جو نالو هجي يا نه هجي پر انور جو ضرور هوندو هو. انور جي اها ڳالهه ياد ڪري اسين پراڻا ڪلاس ميٽ کلندا آهيون ته هڪ ڏينهن لنچ بعد دستور موجب جڏهن انور سزا کائڻ خاطر پريڊ گرائونڊ تي پهتو ته ايڪسٽرا ڊرل ڪرائڻ واري حوالدار چيس ته ”ڪئڊٽ انور تنهنجو اڄ سزا لاءِ نوٽس بورڊ تي نالو ته نه هو.“ اهو ٻڌي هو موٽي آيو. اسان چيس نوٽس بورڊ تي سزا وارن جي لسٽ نه پڙهي هئي ڇا؟“ جواب ۾ معصوم شڪل ٺاهي وراڻيائين ته نوٽس بورڊ ڏي اهي وڃن جن کي ڪڏهن ڪڏهن سزا ٿي ملي. مون کي اڄ الائي ڇو نه ملي آهي نه ته روزانو آهي ئي آهي.
انور ميمڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1968ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هيڏانهن ڪئناڊا هليو آيو ۽ ان وقت کان هتي ئي رهي ٿو ۽ هتي ئي نانو ڏاڏو ٿي ويو آهي.
انور کي ٻه ٻار آهن. وڏو پٽ دانش آهي، جنهن جي شادي ياسمين سان ٿي آهي، جنهن مان هن کي چار ٻار اوساما، مريم، صوفيا ۽ آمنا آهن. انور جو ٻيو ٻار ڌيءَ مشعال آهي. مشعال وئنڪيوئر جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ مهيني تعليم مڪمل ڪندي. انور ۽ سندس زال نجما گڏجي ”انور نجما“ نالي ٽرسٽ (خيراتي ادارو) ٺاهيو آهي، جنهن جي معرفت هو غريب ۽ ضرورتمند ٻارن لاءِ نه فقط سنڌ ۾ پر آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري رهيا آهن. سندن اهو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري جي خرابي ۽ پٺتي پوڻ جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ اسان کي فقط حڪومت تي ڀاڙڻ بدران پاڻ به مدد ڪرڻ کپي. علم پرائڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ نه فقط انور جي والد صاحب فقير محمد (چاچا بسوءَ) جي زندگيءَ جو مقصد هوندو هو پر نجما جي والد صاحب عبدالفتاح ميمڻ جو پڻ، جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته لاڙڪاڻي ۾ هن تعليمي ڪاليجن جو بنياد وڌو. سنگ کائي بس ڪيم ته انور هلڻ لاءِ چيو.
”ڪيڏانهن“ مون پڇيو.
”واڪ ڪيون نه. ههڙي سٺي جهڙالي موسم آهي، ههڙو ويڪرو فٽ پاٿ. ميل اڌ ٻيو به ته پنڌ ڪيون.“ انور چيو
”ڇو ڀلا-؟“ مون پڇيو. منهنجي ان سوال تي انور وڏڙن وانگر مون کي سمجهائڻ لڳو:
”واڪ هر انسان لاءِ سٺي شئيءَ آهي، واڪ سان صحت سٺي ٿي رهي. چرٻي ڳري ٿي، واڪ تي ڪئلوريز سڙن ٿيون. نيرن تي جيڪو بيضو ۽ پٽاٽا کاڌا اٿئون آخر ان کي ساڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميل ته واڪ ڪجي.......
”آئون سندس چهري ڏي گهوريندو رهيس. آخر سندس ليڪچر کي اڌ ۾ ڪٽي چيو مانس:
”اهڙي واڪ کان ته گهر ۾ ويهي ڪچهري ڪريون ها. جيڪي ڪئلوريز واڪ ذريعي ساڙڻ نڪتا آهيون، ان کان ٻيڻيون ٽيڻيون آئيس ڪريم کائي وڌيڪ حاصل ڪيون اٿئون.“
”چڱو ڀلا ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ تائين هلون ٿا.“ انور چيو
”خدا جا بندا اها ته ٽيٽيهين گهٽيءَ تي آهي. ايستائين ڪير هلندو، “ مون احتجاج ڪيو، ”وڌ ۾ وڌ ٻائيتاليهين گهٽيءَ تائين هلون ٿا جتي پبلڪ لئبرري آهي.“
”چئبو ته پيٽارو کان وٺي جيڪا پي ٽي پريڊ ۽ راندين کان گهوٻي هوندي هئي، سا اڃا قائم اٿئي،“ انور چيو،“ بابا هيءَ سڙڪ (ففٿ ايونيو) اها آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي ملي نيو يارڪ ايندا آهن.“
مون ٽهڪ ڏيندي انور جي ڳالهه کي ساراهيو.
ائسٽر هوٽل ۽ نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌي
ففٿ ايوينيو مئن هٽن (نيو يارڪ) جي واقعي اهم رستن مان هڪ آهي. اهو شهر جي صدر (وچ واري) علائقي Midtown کان شروع ٿئي ٿو (يعني گرين وچ وليج ۽ Flatiron کان شروع ٿئي ٿو) ته ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، نيو يارڪ پبلڪ لئبررري، راڪ فيلر سينٽر کان ٿيندو سڄي سينٽرل پارڪ جي اوڀر واري بائونڊري ٺاهيندو مارڪس گاروي پارڪ تائين ۽ اڳتي هارلم هاسپيٽل وٽان ٿيندو ان جي ڀرسان وهندڙ هارلم نديءَ وٽ وڃيو ٿو دنگ ڪري، جنهن نديءَ جي ٻئي پاسي نيو يارڪ جو Bronx علائقو آهي.
ففٿ ايونيو جي جنهن حصي ۾ اسين واڪ ڪري رهيا هئاسين اهو Midtown وارو علائقو هو يعني سينٽرل پارڪ ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي وچ وارو حصو جتي سينٽرل پارڪ جي نظاري ڪري روڊ جي ٻئي پاسي دنيا جي امير ترين ماڻهن جا گهر آهن ۽ جتي پارڪ ٿو ختم ٿئي، يعني 59 گهٽيءَ کان وٺي 34 گهٽيءَ تائين دنيا جي مهنگين ۽ اعليٰ شين جا دڪان آهن، جن جو پَٽُ والن ۽ فٽن جي حساب سان نه پر انچن جي حساب سان وڪامي ٿو ۽ ٽوڪيو جي علائقي گنزا جهڙو مهانگو آهي. نيو يارڪ جي ففٿ ايونيو جا هن علائقي وارا دڪان يعني 59 کان 34 گهٽيءَ وارا دڪان لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ پئرس جي Champs Elysees جو مقابلو ڪن ٿا. سو ظاهر آهي اهڙي علائقي ۾ واڪ ڪندي مون کي ناشڪرو نه ٿيڻ کپي ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست انور ميمڻ جو مون کي ٿورائتو ٿيڻ کپي، جنهن سان هن کان اڳي يعني 1958ع کان 1963ع تائين پيٽارو ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ جڏهن موڪلن ۾ سندس گهر کاهي روڊ تي ويندو هوس ته واپسي تي هو مون کي منهنجي ماسي زبيده (انجنيئر محمد علي ٻگهيو جي گهر واري) جي گهر فقير جي پڙ ۾ هميشه سوڙهين گهٽين ۽ گاڏن، فقيرن، واٽهڙن سان ڀريل رستن تان وٺي هلندو هو، انهن مان ڪنهن هڪ اڌ هنڌ تي کڏي کوٻي ۾ پير ضرور ٿاٻڙبو هو يا ڪو رول ڪتو Over Flow ٿيدڙ گٽر مان ٻوڙيل پڇ سان ڇنڊا ضرور هڻندو هو. ڪاليج جي انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جي مشهور ناول نويس ايڊٿ وارٽن جو هڪ ناول The Age of Innocence جنهن تي هن کي پلٽزر پرائيز به مليو هو، پڙهندا هئاسين. 1920ع جي لکيل ان ناول ۾ هُن ففٿ ايونيو کي مرڪز بڻايو آهي ۽ 1870ع جي هاءِ ڪلاس رهاڪن جو احوال بيان ڪيو اٿس. مون انور جو ان ناول بابت ڌيان ڇڪايو ته اڄ پاڻ ان ففٿ ايونيو تان هلي رهيا آهيون.
انور سامهون ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي اشارو ڪري چيو ”۽ پاڻ واري“ والڊورف- ائسٽرا“ هوٽل ان هنڌ تي هوندي هئي.“
”پاڻ واري؟!“ مون شڪي مرڪ چپن تي اڻي انور کي ڏٺو. سندس ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. هن کان اڳ ان قسم جا جملا انور جي واتان مون 1958ع ۾ ٻڌا هئا، جڏهن اسان پيٽارو شفٽ ٿيڻ کان اڳ ميرپور خاص واري ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا هئاسين ۽ آچر واري ڏينهن پنهنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سان گڏ ڪاليج بس ۾ ميرپور خاص کان حيدرآباد مارننگ شو (انگريزي فلم) ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين. انور ۽ منهنجي جاءِ هڪ ئي سيٽ تي هئي جو منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ۽ انور جو 48 هو. ميرپور خاص کان وٺي ٽنڊو ڄام تائين اسان رستي تان سامهون ايندڙ سواريون نوٽ ڪندا هلياسين ته هر هڪ جون ڪيتريون بسون، ڪارون ۽ ٻيون سواريون ٿيون. هڪ انور جي ته ٻي منهنجي نالي ٿي ٿي.“ اها شيورليٽ ڪار پئي اچي، اها منهنجي ٿي“ انور رڙ ٿي ڪئي،“ هاڻ ڏسون ته تنهنجي ڀاڳ ۾ ڇا ٿو اچي.“
۽ پوءِ ڪڏهن لاري يا ساڳي ڪار ٿي آئي ته ڪڏهن اٺ گاڏي يا ڍڳي گاڏي. ان رستي تي انهن ڏينهن ۾ ڍڳي گاڏيون ئي گهڻيون هونديون هيون. سو خبر ناهي انور هينئر به اها پيو راند ڪري ڇا. هيءَ نيو يارڪ پبلڪ لئبرري تنهنجي ۽ راڪ فيلر سينٽر منهنجو. هي سينٽ پئٽرڪ گرجا گهر تنهنجو ۽ ميٽرو پوليٽن آرٽ ميوزم منهنجو. نيو يارڪ، اڪيڊمي آف ميڊيسن تنهنجي ۽ مائونٽ سنائي اسپتال منهنجي.....
”ڇو وسري ويئي چاچي بشير واري والڊورف- ائسٽوريا واري هوٽل..“ انور وري ياد ڏياريو.
”ڪهڙو بشير؟ مون کي ته ياد به نٿو اچي.“ آخر مون رڙ ڪئي.
ان بشير جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ هتي ٻه چار سٽون هن شهر (نيو يارڪ) جي هن جڳ مشهور هوٽل والڊورف ائسٽوريا (Waldorf- Astoria) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن بابت ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ته فقط ايترو معلوم هو ته هن هوٽل ۾ دنيا جا اهم ۽ امير ترين ماڻهو رهن ٿا پر پوءِ ڪجهه هِتان هُتان پڙهڻ سان ۽ ڪجهه جهڏي جي مرحوم مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ سان نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تان ايندي ويندي معلوم ٿيو. مٿيان همراهه سٺ واري ڏهي جي شروعاتي سالن کان هتي نيو يارڪ ۾ اچي رهيا ۽ 1968ع کان جڏهن جهاز وٺي منهنجو نيويارڪ اچڻ ٿيو ته هنن سان ملاقاتيون ٿيون. نور احمد نظاماڻي ڪاليج جي ڏينهن ۾ انور ۽ مون کان هڪ سال سينئر هو ۽ 1962ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد هيڏانهن (نيو يارڪ) هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ هو سينٽرل پارڪ جي کاٻي (اولهه) پاسي سينٽ مائيڪل چرچ وٽ 101 نمبر گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. ٿورو اڳيان براڊ وي تي حيدرآباد جي عبدالرزاق شيخ وارن جو شاليمار نالي دڪان هو، جنهن تي مير مبارڪ ٽالپر ۽ پوءِ 1969ع ڌاري حيدرآباد کان آيل سليم شاهه ۽ سندس زال پروين شاهه به ان دڪان تي ڪم ڪندي هئي، ڀرسان نئين نئين ڪولمبيا يونيورسٽي کلي هئي، جنهن جي ڪري شيخن جو شالامار دڪان سٺو هلڻ لڳو، جنهن تي يونيورسٽي جي نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ پاڪستاني ويس وڳا ۽ ڳهه وڪري لاءِ هوندا هئا. عبدالرزاق جي ڀاءُ عبدالقيوم ۽ سندس ٻين مائٽن سان به ملاقات ٿيندي هئي. اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته هنن جو دڪان اٿيڪا ۾ آهي ۽ ڪارنيل يونيورسٽيء (جتان منهنجي والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي) جي ڀرسان ٽريومن برگ ۾ رهن ٿا. بهرحال هن وقت پارڪ ايونيو تي واڪ ڪرڻ ۽ والڊورف – ائسٽوريا هوٽل جي ڳالهه لکندي نيو يارڪ ۾ ان وقت جا رهندڙ سنڌي ياد اچي ويا. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا به هئا، جهڙوڪ حيدرآباد جي مئجسٽڪ سئنيما وارو آغا خدا داد خان، جنهن جي زال شايد اطالوي هوندي هئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي مئڊم امينا خميساڻيءَ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڪاماري شريف جو پير حميد جيڪو انسٽيٽيوٽ آٽو مڪينڪ ۾ پڙهندو هو، هڪ همراهه واصف امام پڻ هو، جيڪو آمريڪا جي پيپسي ڪولا اداري ۾ اڪائونٽنٽ هوندو هو، ڪڏهن اسان جي ڳوٺ جو پير، مخدوم امين صاحب به اچي نڪرندو هو ۽ هڪ ٻه دفعو مير مبارڪ ٽالپر وارن جي فلئٽ ۾ ئي رهيو. اسان واري مائٽ بشير مغل ۽ ٽنڊو جان محمد جي يوسف ڏاهريءَ سان به مبارڪ ۽ نظاماڻي وارن جي فلئٽ تي ملاقات ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ آر. اي شاهه صاحب به نيو يارڪ ۾ هوندو هو. هو صاحب نيو يارڪ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪري رهيو هو يا شايد ڪري چڪو هو. نيو يارڪ جي آدمشماري اڄ جهڙي نه هئي، رستا به سنسان رهندا هئا. اسان جو زور واڪ ڪرڻ تي هوندو هو ۽ نيو يارڪ جي پلين ۽ عمارتن جون ٻڌل ڳالهيون هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ نيو يارڪ جي هن هوٽل Waldorf- Astoria جون خبرون ڪندا هئاسين، جيڪي نيو يارڪ ۽ اوسي پاسي ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿينديون.
والڊورف- ائسٽوريا دراصل هڪ نه پر ٻه هوٽلون آهن، جيڪي پوءِ ملي هڪ ٿيون ۽ ڊچ همراهن جون آهن. 1930ع کان هيءَ هوٽل هن شهر نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تي آهي، پر ان کان اڳ اها هوٽل ففٿ ايونيو تي ان هنڌ هئي، جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي. اها پهرين واري والڊورف – ائسٽوريا هوٽل پهرين ٻن هوٽلن جي شڪل ۾ ڌار ڌار هئي، جن مان والڊورف هوٽل 1893ع ۾ کلي ۽ ائسٽوريا هوٽل چئن سالن بعد 1897ع ۾ کلي. والڊورف هوٽل تيرهن ماڙ هئي ۽ ائسٽوريا هوٽل سترهن ماڙ هئي. ٻئي هوٽلون هڪ ٻئي جي ڀر ۾ هيون ۽ سندن ڊچ مالڪ ”وليم والڊورف“ ۽ ”جان جئڪب ائسٽور چوٿون“ پاڻ ۾ ڪزن هئا جن جو پاڻ ۾ هميشه روسامو رهيو پر پوءِ ٻنهي هوٽلن جي انتظاميا هڪ ٿيڻ ڪري اها هوٽل سنگل يونٽ ليکجڻ لڳي ۽ ان وقت جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي هوٽل مڃي ويئي ٿي. بعد ۾ 1928ع ڌاري هيءَ هوٽل ڊاهي ان هنڌ تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ٺاهي ويئي ۽ 1930ع ۾ اها ساڳي هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي. ۽ پهرين واري ۽ پوءِ واري هوٽل ۾ فرق رکڻ خاطر ٻنهي جي نالن جي وچ ۾ هڪ آڙيءَ (Hyphen) بدران ٻه آڙيون (Hyphens) ڏنيون ويون. ان هائفن تان هڪ مشهور پراڻو گانو “Meet me at hyphen” ياد ٿو اچي جو تن ڏينهن جا عاشق حضرات انهن ٻن هوٽلن جي وچ ۾ ڇڏيل جاءِ تي پنهنجي محبوبائن جو اچي انتظار ڪندا هئا.
بهرحال مٿين هوٽلن جي مالڪن ۽ انهن جي پنهنجي خانداني جهيڙن کي سمجهڻ لاءِ انهن ۾ اهم ۽ مرڪزي ڪردار مائي ڪئرولين ائسٽر جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ڪئرولين جي ڄم جو سال 1830ع آهي ۽ وفات جو 1908ع آهي، پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ڪولمبس طرفان آمريڪا جي معلومات ملڻ بعد يورپي قومن جي هن پاسي ڊوڙ شروع ٿي ويئي هئي ۽ ڏکڻ کان اتر آمريڪا تائين – چلي ۽ ارجنٽائن کان اڄ واري USA ۽ ڪئناڊا تائين ڪو حصو هسپانوي ۽ پورچوگالين جو ٿي ويو ته ڪو انگريزن ۽ فرينچن جو، نيو يارڪ وارو علائقو ڊچن جي قبضي ۾ هو تڏهن ته نيو يارڪ جو اصل نالو نيو ايمسٽرڊم هو جيڪو هالينڊ (نيدرلئنڊ) جي گاديءَ واري شهر تان پيو. اهو علائقو بعد ۾ انگريزن حوالي ٿيڻ ۽ نالو بدلجي نيو يارڪ ٿيڻ تي به هتي ڪيترائي پئسي وارا ڊچ رهيا ٿي، ۽ پئسي وارا به جهڙا تهڙا امير نه پر وڏا وڏا جاگيردر ۽ جهازن جا مالڪ هئا. ڪئرولين ائسٽر به انهن جي اولاد مان هڪ امير عورت هئي، جيڪا نيو يارڪ جي امير لئنڊلارڊ ”وليم بئنڪ هائوس ائسٽر جونيئر“ جي 1854ع ۾ زال ٿي. ڪئرولين پاڻ امير پيءُ ۽ نيو يارڪ جي اصل مالڪن جي نسل جي هئي.
ڪئرولين نيو يارڪ شهر جي پنهنجي وقت جي تمام سوشل ۽ فئشني عورت ٿي گذري آهي. هن جتي پنهنجن پنجن ٻارن جو نيپاج پاڻمرادو ڪيو ٿي اتي هوءَ شهر جي ٽاپ دعوتن ۾ به معزز مهمان طور پڻ پهچي ويئي ٿي. 1862ع ۾ ڪئرولين پنهنجي مڙس سان گڏجي ففٿ ايونيو جي پلاٽ نمبر 350 تي (جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي) ناسي پٿر جو هڪ فيشني ٽائون هائوس ٺاهيو. ان جي ڀر سان جيڪو گهر هو ان ۾ سندس مڙس جو وڏو ڀاءُ جان جئڪب ائسٽر III ٿي رهيو. ٻئي ڪٽنب جيتوڻيڪ 28 سالن تائين پاڙيسري ٿي رهيا پر هي ائسٽر ڀائر پاڻ ۾ نه ٺهيا سو نه ٺهيا.
ڪئرولين جي ڏير جي مرڻ بعد ان جي پٽ پنهنجو اباڻو گهر ڊاهي ان تي ”والڊورف“ نالي هوٽل ٺاهي. ان بعد ڪئرولين ۽ سندس پٽ پنهنجي گهر کي ڊاهي ڀر واري والڊورف هوٽل کان چار ماڙ وڏي هوٽل ”ائسٽوريا“ نالي ٺاهي. بعد ۾ اهي ٻئي هوٽلون ملي هڪ ٿيون ۽ پوءِ ان هنڌ تي دنيا جي وڏي عمارت ٺاهڻ لاءِ هوٽلن کي 1928ع ۾ ڊاٺو ويو، ان بعد ساڳي نالي واري هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي، جنهن جو اڄ تائين Status اهو ئي آهي، جيڪو پراڻي والڊورف- ائسٽوريا هوٽل جو هو. يعني ان ۾ مختلف ملڪن جا هيڊ ۽ ملڪ جا وڏا ماڻهو ۽ انهن جا مهمان رهن ٿا.