واشنگٽن جو The Awakening
”هيلو. هيلو. ”مون نيٺ فون کنيو.
”يار آهين ته واشنگٽن ۾ نه؟“ سميع خوش ٿيندي چيو،“ مون سمجهيو ته نيو جرسي موٽي وئين؟“
”نه يار اڃان ڪجهه ڏينهن هتي آهيان. فون کڻدي دير ٿي ويئي جو....“ سوچڻ لڳس دير جو ڪهڙو سبب ٻڌايان پر ان کان اڳ سميع پاڻ ئي جملوپورو ڪيو“ پڪ باٿ روم ۾ هوندين.“
”جي ها. توکي ڪيئن خبر پيئي“ مون چيو.
”ڪهڙي سري محل ۾ رهيو پيو آهين جو چوان ته هيٺ تهه خاني ۾ هوندين يا اڌ ميل ڊگهي ڊرائنگ روم ۾ هوندين. منور جي ان فلئٽ ۾ ٻن تڏن جيڏي ڪمري ۽ باٿ روم کان علاوه ٻيو آهي ئي ڇا؟“
”ڪر خبر نيرن ڪئي؟“ مون پڇيو.
کان هتي تو وٽ واشنگٽن اچي نڪتو آهيان.“
”خير ۾؟“ مون پڇيو.
”بس ائين هڪ دوست جو ڪم هو،“ سميع ٻڌايو، “ اهو جلدي ٿي ويو ۽ هن وقت نيو جرسي ايوينيو تي ”واشنگٽن ڪورٽ هوٽل وٽان پيو ڳالهايان. ڇا پيو ڪرين؟“
”يار اخبار لاءِ ڪالم پيو لکان. شام تائين مون کي پورو ڪري اي ميل ڪرڻو آهي.“ مون اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جيئن سميع منهنجي ڪميٽمينٽ جي مجبوري سمجهي اڄ مون کي لکڻ لاءِ ڇڏي ڏئي جو هن وقت لکڻ لاءِ موڊ ۽ مواد هڪ ئي وقت نمڪ حلال نوڪر وانگر منهنجي اڳيان حاظر هئا پر سميع کي لکڻ پڙهڻ جي ڳالهين سان پيار رهيو ئي ڪڏهن آهي.
”ڇڏ انهن لکڻ جي ڳالهين کي، ڳوٺ وڃي لکجانءِ يا اخبار وارن جو فون نمبر ڏي ته ٻڌايان ته مري ويو. هو تنهنجي جان ڇڏين ۽ تون پڙهڻ وارن جي.“
”يار هي ڪالم ضروري آهي.“ مون هڪ دفعو وري سميع کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي.
”چڱو هاڻ هيٺ لهه ته آئون Independence ايوينيو ڏئي تو واري ستين گهٽيءَ ۾ پهچان ٿو.“ سميع جملي ختم ڪرڻ سان گڏ پنهنجو فون به بند ڪيو ۽ آئون هڪ هڪ پنو ميڙي هڪ هنڌ هٿيڪا ڪري، بوٽ پائي، ڪمري نما فلئٽ (جنهن جي سميع وضاحت ڪري چڪو) جو واحد دروازو لاڪ ڪري لفٽ ۾ سوار ٿيس. هيٺ لهي ٻه منٽ کن هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم ته ايتري ۾ سميع جي ڪار پهچي ويئي.
”ڪيڏانهن هلندين؟“ مون سميع کان پڇيو.
”هل ته توکي پنهنجو فلاڻو ڪلاس ميٽ ڏيکاريان. مون کيس هتي اڌ دفن ڪيو آهي اڌ اڃان ٻاهر آهي. ايندي ويندي کيس بجا ڏيندو آهيان.“
”چئبو ته توکي ان تي ڏاڍيون باهيون آهن، جيتوڻڪ هن جهڙو ٻيو بهترين ڪلاس ميٽ نه ٿيندو.“ مون هن جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو.
”توهان چمچن لاءِ هو سٺو هوندو. انور ميمڻ کي ڪئناڊا فون ڪري پڇ ته هن اسان لاءِ ڪاليج ۾ زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي يا نه. هر وقت انتظار ۾ هوندو هو ته اسان ڪاليج مان ڀڄون ته ائڊجيوٽنٽ کي دانهن ڏيئي اسان کي سزا ڏياري.“
سميع واٽر اسٽريٽ ۽ مائيني ايوينيو ڏيئي چوڏهين گهٽي واري پل ڏي هليو.
”ڇا، ارلنگٽن قومي قبرستان ڏي ٿو هلين ڇا؟“ مون پڇيو.
”چيم ته توکي تنهنجو ڪلاس ميٽ اڌ دفن ٿيل ٿو هلي ڏيکاريان.“
سميع وراڻيو.
”يار ان قبرستان ڏي هڪ ٻه دفعو وڃي چڪو آهيان. ان کان ته هل ته هلي شهر ۾ ڪو ميوزيم ڏسون ۽ مورتين Statuses جون تصويرون ڪڍون.“
”فڪر ئي نه ڪر اتي توکي اهڙين تصويرن ڪڍڻ جو به موقعو ملي ويندو.“ سميع کتو جواب ڏنو ۽ آءٌ هٿيار ڦٽا ڪري اڌ ڏينهن ضايع ٿيڻ لاءِ ذهني طرح راضي ۽ تيار ٿي ويس. آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن DC جي ڏکڻ اولهه ۾ ورجينا رياست آهي، ۽ اهي ٻئي ائين آهن، جيئن ڪوٽڙي حيدراباد آهن. ڪوٽڙي ۽ حيدراباد کي سنڌو ندي ڌار ٿي ڪري ۽ ڪوٽريءَ کان حيدرآباد ضلعي ۾ اچڻ لاءِ ڪوٽڙي واري پل ۽ ڄام شوري واري بئراج آهي. تيئن واشنگٽن ۽ ورجينا جي وچ ۾ پوٽو مئڪ ندي آهي، جنهن جي مٿان ڪيتريون ئي پليون آهن جن مٿان سڄو ڏينهن ماڻهو پيا اچن وڃن. واشنگٽن جي آفيسن ۽ دڪانن تي ڪم ڪندڙ اسي سيڪڙو ماڻهو ورجينا رياست ۾ رهن ٿا. صبح جو واشنگٽن نوڪري يا ڌنڌي ڌاڙي لاءِ اچن ۽ شام جو موٽيو وڃن، جيئن اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي راولپنڊيءَ ۾ رهن جو اسلام آباد گاديءَ وارو شهر ۽ ننڍو شهرهجڻ ڪري هر شيءِ مهانگي آهي. جايون جڳهيون، ڀاڄيون ڀتيون ويندي ٽئڪسي جو ڀاڙو ۽ پارڪنگ في به گهڻي آهي، تهڙيءَ طرح واشنگٽن جو حال آهي، جتي دنيا جي ملڪن جا سفارت خانا، هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ آمريڪا جي اسيمبلي بلڊنگ، ڪورٽون ۽ مختلف سرڪاري آفيسون آهن ۽ آمريڪا ڪو ننڍو ملڪ ته نه آهي. بس سمجهو ته پنجاهه ملڪن جو ملڪ آهي. ان جون ڇا آفيسون هونديون. واشنگٽن جو چپو چپو ڀريو يپو آهي. ايتري قدر جو ڪيتريون سرڪاري آفيسون، فيڊرل نوعيت جون هوندي به، واشنگٽن بدران درياهه (پوٽومئڪ) جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ آهن، جيڪو ورجينا رياست جو حصو ڪرسٽل سٽي، ارلنگٽن، روزلن، ڪلئرينڊن وغيره ٿو سڏجي. آمريڪا جي اهم آفيس پينٽاگان، جتي ملٽري نوعيت جا فيصلا ٿين ٿا اهو پڻ پوٽو مئڪ ندي جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ آهي.
نديءَ جي وچ ۾ ننڍا وڏا ڪيترائي ٻيٽارا به ٿين ٿا. هتي واشنگٽن وٽ پوٽو مئڪ نديءَ ۾ هڪ ته ٿيوڊور روزويلٽ نالي ٻيٽ آهي، جنهن تي آمريڪا جي ان نالي واري صدر جو يادگار Roosevelt Memorial ٺهيل آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ انهيءَ نالي واري پل ٺهيل آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ هڪ هنڌ ڪپر ڀڃي اندر ڍنڍ وانگر پاڻيءَ جو وڏو حوض ٺهي پيو آهي. اهڙي نموني جي ٺهيل حوض يا ڍنڍ کي اسين جاگرافيائي زبان ۾ ”ٽائيڊل بئسن“ Tidal Basin)) سڏيون ٿا. پرهن حوض ۾ پاڻي بيهڻ بدران ان مان ڪئنال ٿي، وهي هيٺ وري ساڳي پوٽو مئڪ نديءَ سان وڃيو ملي. ان ڪئنال جو نالوواشنگٽن چئنل آهي. هن ننڍڙي چئنل ۽ درياهه جي وچ ۾ جيڪو ٻيٽارو ٺهي پيو آهي، ان تي خوبصورت پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ”ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“ سڏجي ٿو. جنهن جي چوڌاري اتڪل پنج ڪلوميٽر جو روڊ ”اوهيو ڊرائيو SW“ سڏجي ٿو. سميع مون کي هن پارڪ ۾ وٺي پئي آيو. ان ڪري چوڏهين گهٽي واري پل ٽپائي اوهيو ڊرائيو روڊ تي اچي نڪتو. ٽائيڊل بئسن (ڍنڍ) ۾ جتان پوٽو مئڪ ندي جو ڪجهه پاڻي اندر گهڙي ٿو اتي واشنگٽن جون ٻه مشهور شيون: فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل ۽ ٿامس جيفرسن ميموريل آهن.
ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جي هيٺين چهنب (tip) جتي پوٽو مئڪ نديءَ سان هتي جي هڪ ٻي مشهور ندي ”ان ڪوشيا“ ملي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، اهو هنڌ هينس (Hains) پئانٽ ٿو سڏجي. ان هنڌ تي پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪپر تي رونالڊ ريگن واشنگٽن ايئر پورٽ آهي، جنهن جي مٿان هر وقت سرڻين وانگر آسمان ۾ جهاز نظراچي رهيا هئا، جيڪي رکي رکي ڳجهين وانگر لهي رهيا هئا يا ٽيڪ آف ڪري رهيا هئا.
”اوهيو ڊرائيو“ وارو رستو ڏيئي، سميع مون کي هتي هينس پئانٽ وٽ وٺي آيو، جتي دنيا جو هڪ تمام وڏو Statue رکيل آهي، بلڪ ايڪڙ ڏيڍ ڌرتيءَ جي پکيڙ تي ستل آهي. گذريل ٻه ٽي هفتا جيڪي منهنجو واشنگٽن ۾ رهڻ ٿيو، ان ۾ هالا واري نجم ميمڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر (۽ نفيسه هود ڀائي جي مڙس) پروفيسر جاويد ڀٽو سان، خالد هاشماني ۽ عرفان جماڻي جن سان واشنگٽن جي ڪيترن ئي ميوزيمن، رستن ۽ چوواٽن تي ڪيتريون ئي پٿرن، لوه ٽامي ۽ Bvonze جون مورتيون Statues ڏٺيون هوندم پر هيڏي وڏي لوهه جي آفت جيڪا اصلي ماڻهوءَ جي قد بت کان گهٽ ۾ گهٽ ويهوڻي ٽيهوڻي هجي پهرين نه ڏٺي هيم. هيءَ هڪ ننڊ مان اٿندڙ ماڻهوءَ جي لوهه مان ٺهيل مورتي آهي، جنهن کي ٺاهڻ واري آرٽسٽ مسٽر سيوارڊ جانسن، نالوئي “The Awakening” يعني جاڳ ڏنو آهي. هي Statue (مورتي) آمريڪا جي ڪنهن صدر يا سائنسدان جي نه پر هڪ عام پوڙهي ماڻهوءَ جي آهي، جيڪو ڄڻ صدين کان ڌرتيءَ هيٺ دٻجي ويو هجي ۽ هاڻ اک کلڻ تي ننڊ مان سجاڳ ٿي اٿڻ جي ڪري رهيو هجي ۽ سندس جسم جو ڪجهه حصو اڃان ڌرتيءَ ۾ دٻيو پيو آهي. ڪَرَ موڙڻ لاءِ هن هڪ هٿ مٿي ڪيو آهي، جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان هٿ تي ٻه چار ٻار ويهي سگهن ۽ سندس ٻانهن کي ڪجهه ٻار گسڪڻ طور استعمال ڪري رهيا هئا ۽ مٿان کان هيٺ گسڪي رهيا هئا ۽ هٿ تي چڙهي هيٺ ٺونٺ تائين ترڪي رهيا هئا.
”واه جو ٺاهيو ويو آهي،“ ڪجهه دير اڳ اچڻ مهل جو آئون بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هوس هاڻ هتي پهچي سميع کي داد ڏيڻ لڳس ته چڱو جو هتي وٺي آيو.
”ٻيو نه ته وري،“ سميع هاڻ ٽانءِ ۾ ڦونڊجي ويو، ”مون سان گڏ هوندين ته اهي عيش ڪرائيندو سانءِ، آئون هتان روز ڄاڻي ٻجهي لنگهندو آهان ۽ انهيءَ پنهنجي ذليل ڪلاس ميٽ کي بجا ڏيندو ويندو آهيان.“
”عجيب ماڻهو آهين، سميع“
”ان ۾ عجيب هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. حراميءَ اسان جي پيٽارو ۾ زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. مهرباني ڪري ملڪ وڃي هن کي ٻڌائجانءِ ته سميع تنهنجي مورتيءَ کي صبح شام گهروڙي بجا ڏيندو آهي. ٻيو نه ته شوڪت جماڻي، ڪرنل مسعود عزيز، ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڪمانڊرنجم انصاري ۽ ٻين ڪلاس ميٽن کي ضرور ٻڌائجانء. هو ٻڌي پڪ خوش ٿيندا.“
”چڱو ڀلا هن جي منڍيءَ، پيرن ۽ گوڏن وٽ پوز ٺاهي بيهه ته ڪجهه تصويرون ڪڍان. ڇا ته آفت جيڏو Statue آهي.“
ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جو هي ٽڪرو جتي Awakening نالي هي Statue (مورتي) آهي Hains Point سڏجي ٿو، جيڪو آمريڪا جي آرمي جي ميجر جنرل پيٽر هينس نالي آهي. جنرل هينس 1840ع ۾ ڄائو پاڻ هتي جي مشهور ”ويسٽ پئانٽ“ واري آمريڪن اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1921ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هتي جي مشهور قبرستان Arlington National Cemetery ۾ دفن ٿيل آهي.
هونءَ هي پارڪ واشنگٽن جهڙي مشغول شهر کان ڪجهه ٻاهر آهي پر هڪ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل ٽوئرسٽ کي سميع جهڙو ڪو واندو ملي وڃي ۽ هو پارڪ ڏيکارڻ لاءِ ڍوئي اچڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ته موقعو نه وڃائجي. پارڪ جي هڪ طرف کان وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ۽ ٻئي پاسي کان واشنگٽن چئنل ۽ اپريل جهڙي مهيني ۾ چوڌاري مشهور جپاني سڪورا (چيري) جا گلن سان جهنجهيل وڻ بيحد سهڻو نظارو پيش ڪن ٿا. نديءَ جي ٻئي ڪناري کان جتي هتي جو قومي ايئرپورٽ آهي، رکي رکي لهندڙ ۽ چڙهندڙ هوائي جهاز جيڪي ڄڻ ته مٿي مٿان اڏاميو وڃن ۽ ٻارن کي گليور جي سفر جو آفت جيڏو ماڻهو ياد ڏياريندڙ هي Statue ”دي اويڪننگ“ هتي جي اهميت وڌائي ٿو. اسان واري يار سميع جهڙا ڪيترائي هتي جا مڪاني آمريڪن پنهنجو وزن گهٽائڻ لاءِ چوڌاري ڊوڙي رهيا هئا. يا سائيڪلنگ ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي ئي اڳيان پويان ٻار اسڪيٽنگ ڪري رهيا هئا. سميع ٻڌايو ته شام جي وقت ۽ موڪلن وارن ڏينهن تي ماڻهن جو هتي وڏو هجوم لڳي ٿو.
هي پارڪ (ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ) ننڊ مان سجاڳ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي مورتي The awakening ڪري گهڻو مشهور آهي. نه ته ساڳي نالي وارو پارڪ جيڪو اولهه ۾ آهي ۽ ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ ۽ واشنگٽن جو قومي پارڪ سڏجي ٿو ۽ هتي جي مشهور نئشنل مال کان شروع ٿي ٽائيڊل بئسن وٽ ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ سان اچيو لڳي جتي فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل آهي.
توهان واشنگٽن ۾ کڻي ٻن ڏينهن لاءِ آيا هجو پر مون کي پڪ آهي ته توهان جا دوست، مائٽ يا ٽوئر ڪرائڻ وارو ايجنٽ، توهان کي هتي جون ٻه مشهور شيون ضرور ڏيکاريندو. هڪ واشنگٽن مانومينٽ جيڪو تمام ڊگهو منارو آهي ۽ ٻيو لنڪن ميموريل (جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا جي هن کان اڳ واري سفر نامي“ نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ ٿي چڪو آهي) واشنگٽن Monument واري مناري ۽ لنڪن ميموريل جي وچ ۾ (سترهين گهٽي NW وٽ) ٻي جنگ عظيم جو يادگار WW2 Memorial آهي. هن جنگي يادگار کان وٺي لنڪن ميموريل تائين پاڻيءَ جو حوض آهي، جيڪو Reflecting pool ٿو سڏجي. هن پُول جي ڏکڻ وارو سڄو حصو ”ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“ آهي،جتي Korean War Veterans Memorial پڻ آهي ۽ Independence ايونيو جيڪو US. Capital ۽ لائبرري آف ڪانگريس کان هلندو اچي ان جوآخري حصو هتان لنگهي مٿي Constitution ايونيو سان وڃيو ملي.
اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن اسان هن پاسي جهاز هلايا پئي تڏهن ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ وارو سڄو علائقو ايترو Developed نه هو ۽ نه وري هيءَ The Awakening واري مورتي هئي. 1980ع ۾ هتي واشنگٽن ۾ بين الاقوامي Sculpture جي نمائش لڳي هئي، جنهن ۾ هيءَ لوهه جي مورتي رکي ويئي هئي ۽ اڄ تائين اوترو ئي مشهور آهي. هي هڪ سؤ فٽن جو ڏاڙهيءَ سان ماڻهو آهي، جيڪو زمين ۾ اڌ گابرو گتو پيو آهي ۽ اٿڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هن Statue جا پنج حصا زمين کان ٻاهر نظر اچي رهيا آهن، کاٻو هٿ ۽ ساڄو پير ذري گهٽ زمين کان ٻاهر نڪري چڪا آهن، کاٻي مڙيل ٽنگ ۽ گوڏو ٻاهر آهن. 17 فوٽ ڊگهي ساڄي ٻانهن (يعني ٽن ڊگهن ماڻهن جي جملي قد برابر) ۽ هٿ، هوا ۾ توهان کان گهڻو مٿي آهي ۽ ڏاڙهي واري چهري جو وات کليل آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڌرتيءَ اندردٻجڻ کان پاڻ پتوڙڻ دوران رڙ ڪري رهيو هجي.
مون کي هتي وٺي اچڻ واري دوست سميع ٻڌايو ته رکي رکي اهي افواه گرم ٿي ويندا آهن ته هن مورتيءَ کي هتان شفٽ ٿا ڪن. بهرحال نئين جاءِ جي چونڊ ۾ مورتي ٺاهڻ واري آرٽسٽ جانسن کي ويٽو پاور مليل آهي، يعني شهر جي ميونسپل ڪميٽي يا نيشنل پارڪ جا سمورا ميمبر هن مورتيءَ کي ڪنهن نئين جاءِ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ ڀلي متفق راءِ ٿي وڃن پر جي جانسن ان لاءِ انڪار ڪندو ته پوءِ اها ان نئين جاءِ تي هرگز شفٽ نه ڪئي ويندي.
2001ع ۾ هن Statue جي هر هڪ ٽڪري جي ڇهه لک ڊالر (يعني اڄ جي قيمت مطابق ساڍن ٽن ڪروڙ رپين) ۾ وڪري لاءِ آڇ ٿي رهي هئي.
The Awakening نالي هن Statue جو ڪافي احوال “A Murder of promise” نالي رابرٽ ائنڊريو جي ناول ۾ پڻ آهي ۽ 1995ع جي ٺهيل هڪ انگريزي فلم The Net ۾ پڻ هيءَ مورتي ڏيکاريل آهي. هن مورتيءَ کي Buried Giant به سڏين ٿا. هن مورتي The wakening جي تخليقڪار جان سيوارڊ جانسن جو تعلق دنيا جي مشهور دوائن ۽ ٻارن جي شين Baby Products (پائوڊر، شئمپو، لوشن، صابڻ وغيره) ٺاهيندڙ بين الاقوامي ڪمپني ”جانسن ۽ جانسن“ سان آهي.
نڀاڳا مون کي ڪٿي ٿو هلي مارين؟
جانسن ائنڊ جانسن ڪمپني 1886ع ۾ رابرٽ ووڊ جانسن اول (1845- 1910) نيو جرسي ۾ شروع ڪئي جتي هينئر آئون رهان ٿو. نيو برنس وڪ واري علائقي مان ايندي ويندي هن ڪمپنيءَ جا هيڊ ڪوارٽر نظر اچن ٿا. هيءَ ڪمپني 230 مختلف شيون ٺاهي ٿي ۽ سندس ڪارخانا 57 ملڪن ۾ آهن ۽ تيار ٿيل شيون سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿيون.
مٿي بيان ڪيل جان سيوارڊ جانسن II (آرٽسٽ) هن ڪمپنيءَ جي ايجاد ڪندڙ رابرٽ ووڊ جانس جو پوٽو ۽ جان سيوارڊ جانسن I (1892-1983ع) جو پٽ آهي، جنهن آمريڪا جي هاربر برانچ اوشنوگرافڪ انسٽيٽيوٽ (HBOI) کولي. آرٽسٽ جانسن II جيڪو 1930ع ۾ ڄائو ۽ اڃان جيئرو آهي، کي سندس پيءُ جي مرڻ وقت خاندان جي اربها ڊالرن جي ملڪيت مان فقط هڪ معمولي حصو مليو. باقي سندس پيءُ جي ٻي زال بئسيا جي حوالي ٿي ويو.
بئسيا (Basia Piasecka) پولينڊ جي رهاڪو هئي، جيڪا آمريڪا ۾ جانسن آرٽسٽ جي پيءُ جانسن سينئر (Johnson I) وٽ بورچياڻي ٿي اچي بيٺي. ان بعد کيس ڪمرن جي صفائيءَ لاءِ رکيو ويو. جانسن سينئر جي مٿس دل اچي ويئي ۽ ساڻس 75 سالن جي ڄمار ۾ 1971ع ۾ شادي ڪيائين. 1971ع ۾ اسان جو جهاز نيو يارڪ ۾ بيٺل هو ته هن شاديءَ جو احوال اخبارن ۽ T.V تي ڏسندا رهياسين. ڪينيڊي جي زال جئڪيءَ جو يوناني مڙس وري به هن جانسن پوڙهيءَ کان جوان هو. ان وقت جانسن جي هيءَ زال بئسيا (جنهن کي پاڻ باربرا سڏيندو هو) جي عمر 34 سال هئي جو بئسيا جي ڄم جو سال 1937ع آهي. ٻارهن سالن بعد مڙسالو راه رباني وٺي ويو. شاديءَ بعد ٻيو ڪو اهم ڪم ڪري سگهيو يانه پر مائيءَ کانئس وڪيلن اڳيان وصيت لکائي ورتي ته خاندان (جانسن ائنڊ جانسن جي ملڪيت جي والي وارثياڻي سندس هيءَ ٻي زال بئسيا ٿيندي. مڙس جي مرڻ بعد سندس پهرين زال ۽ ان جي اولاد (هن The Awakening مورتي جي ٺاهيندڙ جانسن II ۽ سندس ڀائر ڀينرن) ڏاڍا وڪيل ڪيا ۽ ڪورٽن جا چڪر هنيا پر پوءِ آخر ۾ ڪي چند ملين ڊالرهٿ آين. مائيءَ پنهنجي پوڙهي ۽ ڏڪندڙ هٿن واري مڙس کان ڪاغذ پَٽن تي اهڙو ته ڪم پڪو ڪرايو هو جو کيس اڍائي بلين (يعني اڍائي ارب) ڊالر مليا ۽ جي رپين ۾ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سٺ سان ضرب ڏيو جو اڄ ڪلهه ڊالر ۾ سٺ رپيا آهن. پاڻ اڃا جيئري آهي ۽ هي سٽون لکڻ وقت، سال 2006 جي، هن دنيا جي 74 نمبر امير عورت مڃي ويئي آهي. پاڻ اڄ ڪلهه موناڪو ملڪ جي شهر مونٽي ڪارلو ۾ رهي ٿي، جانسن خاندان جي نيو جرسي جي شهر Princeton ۾، جيڪا Jasna Polana نالي جاگير هئي، ان کي هن ڪنٽري ڪلب ۾ تبديل ڪيو آهي.
پولينڊ جي رهاڪو هن عورت بئسيا، جيڪا شاديءَ بعد باربرا جانسن پڻ سڏجي ٿي، جو نالو ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ عام ٿي ويو، جڏهن اها خبر ٻيلي جي باهه وانگر آمريڪا جي اوڀر وارين رياستن ۾ پکڙجي ويئي (جتي اسان جو جهاز ڦِري رهيو هو) ته جانسن ائنڊجانسن جهڙي امير ڪمپنيءَ جو پوڙهو مالڪ پنهنجي بورچياڻيءَ سان شادي ٿو ڪري. انهن ڏينهن ۾ رومانيا، بلغاريا ۽ خاص ڪري پولينڊ جهڙي سوشلسٽ ملڪ جو قدر هڪ اڇوت جيان هو. ۽ پولينڊ جي عورت کي ته يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن ته ڇا پر ايشيا جي ماڻهن به پير جي جُتي ٿي سمجهيو. بئسيا جو نالو شايد مون کان وسري وڃي ها پر ان بعد اسان جو جهاز ڪيترائي سال پولينڊ جي بندرگاهه گڊانسڪ ۾ ايندو ويندو رهيو، جتي منهنجي هڪ بنگالي جهازي دوست جو هڪ پولش ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. ڪجهه سالن بعد ان سان نيٺ شادي به ٿي پرڪافي جُتيون گسائڻ کان پوءِ، يعني جهاز جي ڪيترا دفعا پولينڊ اچڻ بعد. بنگالي دوست اسان کي چوندو هو: ”امر اونتر تار پروٿي آسي گيشي- امار موسو شندر شيلي جنو انيڪ.... (يار ڇا ڪجي هڪ ڪنگلي ملڪ جي ڪنگليءَ سان دل لڳي ويئي آهي نه ته مون جهڙي ٺاهوڪي جوان سان ته جپان ۽ انگلينڊ جي به ڪا ڇوڪري شاديءَ لاءِ تيار ٿي وڃي.)
انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي بنگالي دوست جو ملڪ ”مشرقي پاڪستان“ مان ”بنگلاديش“ ٿيو هو ۽ ملڪ ۾ بدامني ۽ پاڪستاني فوج بعد انڊين آرمي جي مصيبتن جون خبرون دنيا هڪ طرف ٻڌي رهي هئي ته طوفانن (Cyclones) ڪري آيل تباهي ٻئي طرف هئي. سندس پولش محبوبا (يعني هاڻ سندس ڳوٺ ڪميلا ۾ رهندڙ گهر واري ۽ سندس پنجن ٻارن جي ماءُ) چوندي هيس ته نڀاڳا مون کي ڪيڏانهن وٺي ٿو هلي مارين؟ ته اسانجو بنگالي دوست اڌ انگريزي ۽ اڌ بنگاليءَ ۾ چوندو هوس:
”منهنجي دل جي راڻي! توکي بئسيا مان باربرا جانسن ٿو بنائڻ چاهيان.“
سو بئسيا ۽ باربرا جانسن جا نالا سڀني جهازين کي پڪا ٿي ويا هئا. 1981ع ۾ آئون جهاز کي بنگلاديش وٺي ويو هوس ته پنهنجي بنگالي دوست جي ڳوٺ ڪوميلا به ويو هوس. کيس ان وقت ٽيون ٻار ٿيو هو. سندس زال کي، ٻارن کي جانسن بيبي پائوڊرهڻندي ڏسي چيو هئومانس ته ٺهيو هن شخص توکي ”جانسن ائنڊ جانسن“ جي سڄي فئڪٽري ته نه وٺي ڏني پر پائوڊر جو دٻو ته وٺي ڏنو.
آرٽسٽ جانسن کي پيءُ جي ملڪيت مان کڻي ايترو حصو نه مليو جيترو هن جي پيريءَ ۾ پرڻيل جوءِ پولينڊ جي بئسيا کي مليو، پرهن مورتين Sculptures)) مان خوب ناڻو ڪمايو آهي. سنس ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ واري هن مورتي The Awakening کان علاوه ٻيون به انيڪ مورتيون Statues آهن، جن مان هڪ هوفسٽرا يونيورسٽيءَ ڏي ويندڙ رستي تي Hitch Hicker نالي آهي، جيڪا هن 1983ع ۾ ٺاهي هئي ۽ ٻئي سال (1984ع ۾) “Allow Me” نالي هڪ ماڻهو جي مورتي ٺاهي جيڪو هٿ ۾ ڌوپ ڇٽي جهليو بيٺو آهي. سندس هي Statue اوريگان رياست جي پورٽ لئنڊ شهر ۾ ”پايونيئر پورٽ هائوس“ نالي چوراهي تي لڳل آهي. مون کي به ان بابت هالا جي ڪمپيوٽر انجنيئر شاهنواز سومري ۽ ڊاڪٽر مالڪ ڏني شيخ ٻڌايو جيڪي ايڏانهن آمريڪا جي اولهه وارين رياستن ۾ رهن ٿا.
جانسن جو هڪ ٻيو Statue جنهن ۾ پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي سائيڪل هلائڻ سيکاري رهيو آهي، پڻ بيحد مشهور آهي ۽ First Ride جي نالي سان سڏجي ٿو. سندس هڪ مورتي Waiting نالي آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ آهي. هن ۾ هڪ بزنيس مئن اخبار پڙهندو ڏيکاريو ويو آهي.
آخر ۾ ٻه ٽي سٽون هو فسٽرا Hofstra)) يونيورسٽي بابت جتي مون کي ڪيترائي پاڪستاني خاص ڪري لاهور ۽ پشاور پاسي جا، جرنلزم ۽ Mass Communication جهڙن سبجيڪٽن ۾ گرئجوئيشن ڪندي مليا. هيءَ يونيورسٽي نيويارڪ جي لانگ آئلنڊ ۾، Hempstead ۾ هڪ خانگي تعليمي ادارو آهي. هي ادارو هڪ اسڪول جي شڪل ۾ 1935ع ۾ ملڪ جي امير بزنيس مئن وليم ۽ ڪيٽ هوفسٽرا کوليو، جيڪو شروع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي سان لاڳو رهيو. ڳپل سالن بعد هن اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. 1963ع ۾ اهو ڪاليج هوفسٽرا يونيورسٽي ٿيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ لبرل آرٽس کان علاوه بزنيس ائنڊ لا، ۽ ڪميونيڪيسن جا سبجيڪٽ پڻ پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي Hofstra جو سڀ کان گهڻو مشهور ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندڙ ڊپارٽمينٽ ”جرنلزم، ميڊيا اسٽيڊيز ائنڊ پبلڪ رليشنس“ (JMSPR) آهي.
لاهور جي هڪ شاگرد کان هتان تعليم حاصل ڪرڻ جو سبب پڇيم ته هن اهو سبب ٻڌايو ته پنجاب يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ تي فقط پاڪستان ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي.”هتان جي پڙهائيءَ جو مٿانهون مان آهي ۽ گريجوئيٽ ٿيڻ بعد مون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوڪري ملي ويندي.“ هن ٻڌايو.
پنجاب يونيورسٽيءَ جي گهڻي ڄاڻ نه اٿم پر اسانجي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو وقت هو جو سڄي دنيا ۾ مٿاهون نالو هو. اڄ به ان ۾ ڪيترائي نوان نوان سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. ڪيترو پڙهايا وڃن ٿا ان جي خبر نه اٿم پر شاگرد ڊگريون حاصل ڪن ٿا. سٽيزن ڪالوني حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي دوست گذريل سال ٻڌايو ته هن جي پٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Mass Communication (يا شايدان سان تعلق رکندڙ ڪنهن سبجيڪٽ) ۾ ٽي سال اڳ مٿين پوزيشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. نوڪريءَ لاءِ ٻه سال ڌڪا کائيندو رهيو. هاڻ قاسم آباد ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽي هزار رپيا پگهار تي پهرين ڪلاس جو پرائمري ٽيچر ٿيو آهي. اها ڳالهه اوچتو ان ڪري ياد اچي ويئي جو ڪجهه گهڙيون اڳ انٽرنيٽ تي هڪ سنڌي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن پروفيسر صاحب جو ڪالم ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي يونيورسٽين جي ڪنهن معتبر اداري طرفان ٿيل درجابندي ٻڌائي آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪريل تعليمي معيار ۽ ماحول جي اپٽار ٿيل آهي.