انڊين انڊينچر سسٽم
1970ع جي شروعات ۾ جڏهن جهاز هلائي پهريون دفعو ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ پهتاسين ته اتي جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اسان جي ملڪ جي پنجابي، پٺاڻن ۽ سنڌي هندن کي انهن ملڪن جون مڪاني زبانون ڳالهائيندو ۽ اتي جي ڪلچر سان مانوس ڏسي حيرت لڳي. پوءِ خبر پيئي ته هي ماڻهو هنن پَٽن تي پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جا رهاڪو آهن، جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن (برطانيا وارن) جي حڪومت هئي.
انگلينڊ وارن کي، جتي جتي هنن جي حڪومت هئي، ،اتي هنن کي امن امان قائم رکڻ ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ پوليس ۽ فوج جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ هنن ننڍي کنڊ جي گورکن، پٺاڻن ۽ پنجابين کي هتي آندو ٿي. پاڪستان ٿيڻ وقت هي ملڪ ڪي ايڏا امير يا ترقي يافته نه ئئا. انهن کان ته صد بار انڊيا ۽ پاڪستان خوشحال هو. موسم ۽ کاڌي خوراڪ ۾ به ته تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به. پر ڀاڙي ۽ ٻين تڪليفن ڪري ڪيترا ننڍي کنڊ جا هتي نوڪريون ڪندڙ گهٽ پگهار وارا غريب پنهنجي وطن موٽي نه سگهيا ۽ هنن مڇرن ۽ مليريائي ملڪن، مينهونڳي ۽ گهٽ سهولتن وارن ملڪن جي حالتن سان سمجهوتو ڪري ويهي رهيا. اهو ته الله ڀلو ڪري لي ڪئان يو ۽ محمد مهاتير جهڙن مرد مجاهدن جو جن آزاديءَ بعد حالت خراب ڪرڻ بدران انهن ملڪن ۽ ماڻهن جي قسمت سڌاري ڇڏي.
بهرحال جتي جتي انگريزن جي حڪومت هئي، اتي پوليس ۽ فوج ۾ اسان جي ملڪ جا پنجابي ۽ پٺاڻ، رهيا ٿي ۽ دڪانن ۽ واپار وڙي کي هلائڻ لاءِ اسان جا سنڌي هندو رهيا ٿي. بزنيس لاءِ امن امان ۽ انصاف ضروري آهي، ڪميونيڪيشن ۽ رستا ضروري آهن. انگريز جتي به رهيا ٿي انهن اهڙين ڳالهين کي ترجيح ڏني ٿي ۽ سنڌي هندن دل کولي اتي پئسو لڳايو ٿي.
هڪڙا ٻيا ملڪ، جهڙوڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ سري نام، جئميڪا ٽرنيڊاڊ يا هندي سمنڊ ۾ موريشس ۽ سيشلز ٻيٽ يا ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ فجي ۽ ٽونگا جهڙا ٻيٽ آهن، جتي پڻ جام انڊين ملن ٿا ۽ پڇڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هنن جا وڏا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا تمام گهڻو اڳ، سمجهو ته ڪي هڪ سؤ سال کن اڳ، غربت ڪري پنهنجو وطن (هندستان) ڇڏي روزگار لاءِ هتي اچي مزدوريون ۽ پورهيا ڪيائون. هنن جي آمريڪا ۾ آيل، انهن کان به اڳ آفريڪا جي شيدي پورهيتن کان ڪجهه مختلف پوزيشن سمجهي وڃڻ کپي.
آمريڪا جي ڌرتيءَ تي جڏهن يورپ جي قومن جو قبضو ٿيو ته هنن اتي جي گهاٽن جهنگلن کي وڍرائڻ ۽ ڍنگ جي پوک ڪرائڻ لاءِ آفريڪا کان شيدي آندا جن کي هو غلامن طور وٺي ايندا هئا. ڪي سال هي بزنيس هلندو رهيو. هڪڙا آفريڪا جي ملڪن تي حڪومت ڪرڻ وارا يورپي ٻيا هنن جا مڪاني ڪمدار، گڏجي جانورن وانگر مڪاني ماڻهن (شيدين) کي جهليندا هئا ۽ گهرن مان چورائي غلامن جي بازارين ۾ ٻاهران آيل سوداگرن کي وڪڻندا هئا، جيڪي وهٽن وانگر هنن جو قد بت ۽ عمر ڏسي اگهه چُڪائيندا هئا ۽ پوءِ انهن رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳن کان جيڪي چوپائي مال جي جهازن تي آسٽريليا کان عرب ملڪن ڏي نيا وڃن ٿا، انهن کان به خراب حالت ۾ انهن شيدي غلامن کي پاڻيءَ جي جهازن رستي آمريڪا پهچايو ٿي. بک، اُڃ ۽ سفر جي ڏکائين ڪري ڪيترن جو رستي تي موت ٿي ويو ٿي ۽ ڪيترين حالتن ۾ ته کاڌي جو خرچ بچائڻ ۽ باقي بچيلن کي آمريڪا جي ڪناري تائين صحيح حالت ۾ پڄائڻ لاءِ مري ويلن جو گوشت انهن کي کارايو ويو ٿي. آمريڪا پهچي هنن غلامن جو وري نيلام عام ٿيو ٿي ۽ ڳري اگهه تي وڪڻي سفر جو ۽ ٻيو خرچ ڪڍيو وويو ٿي. اڄ جيڪي آمريڪا ۾ توهان کي شيدي نظر اچن ٿا، انهن مان گهڻي ڀاڱي انهن مجبور ۽ مظلوم آفريڪي شيدي غلامن جو اولاد آهن. غلامن جي وڪري مان نه فقط يورپي قومن پر عربن به چڱو ڪمايو ۽ هر هڪ کي وڏو چشڪو لڳل هو ۽ شيدي غلام نه فقط آمريڪا روانا ڪيا ويا ٿي پر سنڌ ۾ ميرن جي درٻار ۽ حويلين لاءِ ۽ ترڪيءَ جي حرمسرائن لاءِ وڪرو ڪيو ويو ٿي. آخر هن انساني وڪري کي ٻنجو به انگريزن ڏياريو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ڪافي حد تائين ان واپار تي بندش وڌي ويئي.
1834ع ۾ غلامن جي وڪري تي ته بندش وڌي ويئي پر نيون نيون ڪالونيون حاصل ڪندڙ انگريز، فرينچ ۽ ٻيون يورپي قومون انهن کي ڪيئن ٺاهين. سري نام ۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي ڪمند جهڙي ڏکي پوک کان مڪاني ماڻهو نه ڄاڻو هئا ۽ نه هنرمند، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رٻڙ جي پوک لاءِ ته ڏکڻ هندستان جي تاملن جي ئي ضرورت هئي.سو اهڙين ڏکين پوکين ۽ پورهين لاءِ هندستان مان مزور آڻن لاءِ Indian Indenture Labour Law ٺاهيو ويو، جنهن موجب ننڍي کنڊ جي غريب ماڻهن سان ڪلڪتي مان جهاز ڀري فجي، ماريشس، سيچلز ويندي سري نام ڏکڻ آمريڪي ڪالونين ۾ موڪليا ويا ٿي، جن مزدورن نيم غلاميءَ جي حالتن ۾ انگريز ۽ يورپي Planters (جاگيردارن) وٽ ڪم ڪيو ٿي.
انڊين Indenture سسٽم موجب اهي انڊين، جيڪي انگريزن فرينچن يا ٻين يورپي قبضي هيٺ ٻيٽن يا ملڪن ۾ مزدوري لاءِ ويا ٿي، انهن کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ مئجسٽريٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿيڻو پيو ٿي ۽ قسم نامي هيٺ ڊڪليئر ڪرڻو پيو ٿي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو ملڪ ڇڏي پرديس پورهئي لاءِ وڃن پيا. پورهيتن کي مالڪ جي نمائندي سان پنج سال نوڪري ڪرڻ جو Contract ڪرڻو پيو ٿي ته هو ان کان اڳ نه موٽندا ۽ هو آچر کان علاوه هفتي جا باقي ڇهه ڏينهن هر روز نو ڪلاڪ زمين کيڙڻ، پوکڻ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪم (جيئن ته چيچڙن ۾ ڪمند کي نپوڙي ڳڙ ٺاهڻ يا رولر مِلز ۾ رٻڙ جا پترا ٺاهڻ، جن کي سولائيءَ سان ايڪسپورٽ ڪيووڃي ٿو) ڪندا. هنن کي ماهانو پگهار اٺ رپيا ملندو هو ۽ ان سان گڏ راشن جو سامان پڻ ڏنو ويو ٿي.
هنن پورهيتن کي انڊيا موٽي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ۽ پنجن سالن بدران ڏهه سال مزدوري ڪرڻ لاءِ همٿائڻ خاطر هر مزدور کي ڏهه سال پورا ڪرڻ تي زمين ٽڪرو ۽ ڪجهه رقم وڌيڪ ڏني ويئي ٿي ته جيئن هو ٽڪي پوي ۽ پنهنجو ٻني ٻارو به ڪندو رهي. شادي شده مزدورن کي پنهنجي زال سان گڏ اچڻ جي به موڪل ڏني ويئي ٿي، جيئن گهڻي کان گهڻا پورهيت ۽ هاري ناري پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي انگريز ۽ يورپين جي حڪومت هيٺ هلندڙ ڏورانهن ڏيهن ۾ هلي ڪم ڪن. ايتريقدر جو اهي مزدور جن کي هڪ کان وڌيڪ زالون هيون، انهن کي پنهنجيون مڙيئي زالون پاڻ سان وٺي هلڻ جي اجازت ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي غريب ۽ بي روزگار پنهنجو ۽ ٻچن ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ دنيا جي مختلف ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ويندا رهيا. کين هندستان مان کڻي وڃڻ لاءِ پهرين ڪلڪتي بندرگاهه کان جهاز روانا ٿيندا هئا پر پوءِ مزدورن جو تعداد وڌڻ تي مدراس ۽ بمبئي بندرگاهن کان به جهاز هلڻ لڳا.
غلامن جي وڪري تي 1834ع ۾ بندش پوڻ بعد هي جيڪو Indian Indenture System شروع ٿيو جيڪو 1920ع تائين هليو ۽ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي پورهيت ۽ مزدور ڌارين ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ ٽِڪي پيا. هڪ رپورٽ موجب انڊيا کان رڳو موريشس ساڍا چار لک ماڻهو ويا. اهڙيءَ طرح سري نام (ڏکڻ آمريڪا) اڍائي لک، ٽرنيڊاد (جنهن ۾ وي. سي نائيپال جهڙي ليکڪ جا وڏا به اچي وڃن ٿا) ڏيڍ لک، جئميڪا چار لک، ناتال ڏکڻ آفريڪا ٻه لک، فجي هڪ لک کن (جن ۾ اڄ جي انڊين هاءِ ڪمشنر وجي سنگهه جو پڙ ڏاڏو ۽ تڙ ڏاڏو رام چندر ۽ پڌم ڪمار به اچي وڃي ٿو)، سيشلز ست هزار، ممباسا، زئنزيبار وغيره 32 هزار... ۽ اهڙي طرح ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پنهنجي ڌرم ڀومي ڇڏي وڃي پرديس جا ڪک وسايا.