پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو........
فون رکڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي هڪ دڪاندار جو فون هو، جنهن کي ننڍي عمر ۾ ذيابطيس (Diabetese) بيماري ٿي پيئي آهي، جنهن جو وڏو سبب سڄو ڏينهن دڪان تي هڪ هنڌ وهڻ ڪري، جسم جي چر پر exercise نه ٿيڻ ۽ گهڻو کائڻ ڪري هيڪاندي ٿولهه آهي.
”اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۽ سوسائٽيءَ ۾ انسان جي صحت جو وڏو دشمن ٿولهه Obesity ٿي پيئي آهي.“ ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻڌايو، ”ڪنهن کي توهان شل وڏي عمر ماڻين، جهڙي دعا ڏيو ٿا ته ان سان گڏ کيس اها به تاڪيد ڪريو ته گهٽ کاءُ ۽ گهڻي نه ته ٿوري سهي، پر ڪسرت ضرور ڪر.“
ڊاڪٽر ميمڻ ٻڌايو ته ٿولهه نه فقط پاڻ هڪ بيماري آهي پر ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي، جيئن ته ذيابطيس، بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ هائيپر لپيڊيميا وغيره. ”اڄڪلهه ٿولهه ائين وڌي رهي آهي، ڄڻ اها ڪا وچڙندڙ بيماري هجي. آئون ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ مريضن کي اهائي التجا ڪندو آهيان ته پنهنجي لاءِ نه ته پنهنجي اولاد خاطر پنهنجو خيال ڪريو. وقت کان اڳ هن جهان مان نه هليا وڃو. گهڻو کائڻ خودڪشي برابر آهي. پنهنجو پاڻ کي پنهنجي هٿن سان نه ماريو. بک ٿي لڳي ته کائو ضرور پر ڪجهه گهٽ کائو ۽ سڻڀن ۽ مٺن طعامن کان گريز ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي ٿولهه کان بچايو. هو ڇا چوندا آهن ته ”جيئڻ خاطر کائو ۽ نه کائڻ خاطر جيئو“ Eat to live, not live to eat..
”ڊاڪٽر صاحب، اسان جي ملڪ ۾ ته کڻي عوام نه ايترو پڙهيل آهي ۽ نه هن ۾ ايتري awareness آهي،“ مون چيو، ”پر هتي آمريڪا ۾ جتي تقريبن هر ماڻهو تعليم يافته آهي، اتي به ڏسان پيو ته ٿولهه عام ٿي پيئي آهي.“
”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر ميمڻ وراڻيو، ”بلڪه سڀ کان گهڻو اڇو منهن ته آمريڪين جو ٿيو آهي. ماڊرن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا ٿلها ماڻهو آمريڪا ۾ آهن. تازن انگن اکرن موجب آمريڪا جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو ٿولهه Obesity جو شڪار آهي، جنهن جو وڏو سبب خوشحالي آهي، جنهن ڪري هو گهڻو کائين ٿا. آئون ته اهڙن مريضن کي نصيحتن دوران ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندو آهيان ته
You are digging your graves with knife & fork
توهان ڪانٽي ڇريءَ ذريعي پنهنجي قبر کوٽي رهيا آهيو يعني گهڻو کائي توهان پنهنجي عمر گهٽائي رهيا آهيو.“
هونءَ ڪو زمانو هو جو ٿولهه خوشحالي ۽ سونهن جي نشاني سمجهيو ويو ٿي. اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ جتي ڏڪار جون حالتون آهن، ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي شان شوڪت ۽ پئسي وارو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. قلو پطره جهڙيون ماضيءَ جون سونهن جون راڻيون يا ويندي رُبين Rubens جهڙن سورهين سترهين صدي جي آرٽسٽن جون شاهڪار تصويرون ڏسندائو ته توهان کي هر عورت ٿلهي متاري نظر ايندي. ماضي بعيد ڇا گذريل صديءَ جي ٽئي حصي تائين ڏسندائو ته پنهنجي فلمي انڊسٽري جون هيروئنيون توڙي ڳائڻيون هيوي ويٽ نظر اينديون. بلڪه ٿلهو هجڻ ئي سندن هيروئن هجڻ جو ثبوت سمجهيو ويو ٿي ته هو اعليٰ رتبي تي آهن. پئسو جام پيو ملين، خوشحال آهن. گهٽ پگهار واريون، جسماني طرح ڏٻريون ۽ سڪل ايڪسٽرا ئي هونديون هيون.
اڄ جي مغربي ڪلچر ۾ ٿلهي عورت گهٽ ڪشش جو باعث سمجهي وڃي ٿي ۽ ٿلهو ماڻهو سست ۽ نڪمو سمجهيو وڃي ٿو. اسڪول ۾ به ٿلهن ٻارن تي ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا وڃن ٿا. ويندي ڪارٽونن وارين فلمن ۾ مزاحيه ڪردار ٿلها ٺاهيا وڃن ٿا.
”آمريڪا ۾ ٿولهه جو مرض ايترو ته وڌندو وڃي“، ڊاڪٽر نذير ٻڌايو ”جو هاڻ تازين رپورٽن موجب آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻو موت سموڪنگ جي جاءِ تي ٿولهه Obesity ورتو آهي. آمريڪا ۾ ٿولهه نمبر ون پبلڪ هيلٿ پرابلم آهي.“
چون ٿا ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ 1960ع تائين هڪ عام ماڻهوءَ جي تور ٿوري گهڻي ضرور وڌي پر بي ڊولي حد تائين ٿلهو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي ٿيو ۽ پوءِ 1980ع کان هيل تائين ٿولهه جي رفتار ايتري ته وڌي آهي جو جتي وڃ اتي محسوس ٿئي ٿو ۽ هتي جي هيلٿ کاتي لاءِ پريشاني پيدا ٿي پئي آهي.
”ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟“ مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.
”اهم ترين ته اهي ئي آهن، جن مان پهريون Overeating شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ٻئي نمبر تي کاڌي جي اگهن جي مقابلي ۾ ماڻهن جي ڪمائي (پگهار)، گهڻو وڌي ويا آهن. مارڪيٽنگ جي طريقن به ماڻهن کي گهڻو ۽ بي فائدي واريون شيون کائڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. 1980ع تائين ٽڪين چاڪليٽن، جنڪ کاڌن ۽ بارن جي ٻين شين جي اشتهار بازيءَ تي بندش هئي. ريگن جي حڪومت ۾ اهابندش لاٿي ويئي. پنهنجي ملڪ ۾ به اهو ئي حال آهي. هونءَ ڳڙاري (بسري) جهڙي مٺي شيءِ به سياري ۾ کائبي هئي. ڪڏهن ميلي ملاکڙي تي وڃبو هو يا عيد برات ٿيندي هئي ته ٻارن لاءِ مٺائي وٺبي هئي. آئيس ڪريم، ڪوڪا ڪولائون، چاڪليٽ ٽافين جهڙيون ته شيون هونديون ئي ڪونه هيون پر هاڻ اهي سڀ نه فقط گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رکيون آهن پر انهن جي اشتهار بازي به پئي ٿئي، جنهن کي ڏسي هر ٻار کائڻ لاءِ تيسو ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو نه فقط هتي آمريڪا ۾ پر پنهنجي ايشيائي ملڪن ۾ به وڏن توڙي ٻارن ۾ ڊائبٽيز جهڙو موذي مرض وڃي وڌندو. ان تي وڏي خرابي اها جو ٽي وي جي انيڪ چئنل کلڻ ڪري ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ ڪري ننڍو توڙي وڏو راند کيڏڻ يا واڪ ڪرڻ بدران هڪ هنڌ ويٺو آهي. ان کان علاوه برگر، چيز، فرينچ فرائيز جهڙا جنڪ فڊ (ٿولهه پيدا ڪندڙ ۽ رکيل کاڌا) جيڪي نرم ۽ سوادي هجڻ ڪري کائڻ ۾ سٺا لڳن ٿا پر صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جو وڃي فئشن وڌندو ۽ جتي ڪٿي اهڙو مال سپلاءِ ڪندڙ فاسٽ فوڊ شاپ وڌندا وڃن.“
ڊاڪٽر نذير جو اهو ئي رايو آهي ته ذبابطيس جهڙي بيماري جيڪا خاموش خوني Silent Killer به سڏي وڃي ٿي، جيڪا جسم جي مختلف عضون (گردن، اکين، پيرن، دل وغيره) کي ناڪاره بڻائي انسان کي تباهه ڪري ٿي، اها توڙي کڻي موروثي طرح Hereditary هجي يا ذهني پريشانين باعث پر ان بيماريءَ جو وڏو سبب گهڻو ۽ روغني ۽ مٺاڻ وارا کاڌا کائڻ ۽ ڪسرت نه ڪرڻ آهي. اسان کي ياد رکڻ کپي ته گهٽ کائڻ ۽ سادي کائڻ ۾ صحت آهي.
ڊاڪٽر نذير بابت هتي اهو لکڻ رهجي ويو ته پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ شهدادپور مان حاصل ڪئي. انٽر حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان ڪرڻ بعد MBBS جي ڊگري LMC ڄامشوري مان ڪئي. ان بعد وڌيڪ تعليم هتي آمريڪا ۾ حاصل ڪئي ۽ هتي ئي نوڪري ڪن ٿا. پاڻ مرحوم حاجي قاسم ميمڻ صاحب جا وڏا فرزند آهن ۽ سندس ٻه ننڍا ڀائر مشتاق ميمڻ ۽ انيل ميمڻ جن پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ آهن ۽ مختلف بزنيس ڪن ٿا.
ايل ايم سي ۾ سندس ڪلاس ميٽن ۽ دوستن مان ڊاڪٽر وسيم نيازي هتي ٽيڪساز ۾ نيورو لاجسٽ آهي، ڊاڪٽر رضوان مگسي اسلام آباد ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر شاهه زمان عباسي هتي آمريڪا ۾ پرئڪٽس ٿو ڪري. ڊاڪٽر نذير ميمڻ جو هڪ ٻيو ڊاڪٽر دوست قيصر هتي اوڪلوهاما ۾ Internist آهي. سندس ان دوست جي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي آپريشن ٿي آهي.
ڊاڪٽر نذير 1992ع ۾ آمريڪا ۾ آيو. پاڻ Maimonides ميڊيڪل سينٽر، نيويارڪ مان انٽرميڊيسن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ جيريا ٽرڪس ۾ فيلوشپ ڪرڻ لاءِ الباني ميڊيڪل ڪاليج ۾ آيو، جتي هو اڄڪلهه ميڊيسن جو پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ 1961ع ۾ شهدادپور ۾ ڄائو. پاڻ اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس والد صاحب (حاجي محمد قاسم ميمڻ صاحٻ) 1973ع ۾ گذاري ويو. کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ انيل ۽ ڀيڻن کي سندس وڏي ڀاءُ مشتاق ميمڻ پيءُ وانگر پاليو ۽ پڙهايو. مشتاق نه فقط کيس پر ڀيڻن کي به ڊاڪٽري پڙهائي جن مان هڪڙي ڀيڻ ڊاڪٽر فرزانا مديني پاڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٻي ڊاڪٽر ريحان هتي آمريڪا ۾ آهي. مشتاق ميمڻ صاحب پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ رهي ٿو، جتي هن سان گڏ ننڍو ڀاءُ انيل ميمڻ پڻ بزنيس ڪري ٿو.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي شادي 1996ع ۾ حيدرآباد ۾ حاجي رفيق شيخ جي ڌيءَ انيلا سان ٿي. کيس ٻه ٻار زريض (Zurez) ۽ مالي (Mali) آهن.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻُڌايو ته هو جڏهن آمريڪا ۾ آيو هو هن کي هتي جي residency حاصل ڪرڻ لاءِ نيويارڪ ۾ رهندڙ سندس دوستن ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ ڊاڪٽر نور راڄپر رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۽ آمريڪن جا مسئلا
اعجاز جي گهر (پينسلوانيا رياست جي شهر گرين ڪئسل) ۾ ڪچهري ڪندي شام ٿي ويئي. اعجاز رات جي ماني کائي، پوءِ وڃڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هو. نيٺ اعجاز کي چيم ته ڳالهه ٻڌ: هڪ ته دير سان لنچ ڪئي اٿئون ۽ ٻيو ته ايڏي هيوي لنچ ڪئي اٿئون جو صحت جي اصولن موجب اسان کي ٻه ڏينهن فقط چانهه ۾ ٻه پاپا ٻوڙي کائڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه نه کائڻ کپي. اها ئي ڳالهه ته ڊاڪٽر نذير سمجهائيندو رهيو ته اسان ايشين (جن ۾ پاڻ سنڌي به اچي وياسين) مائٽن مٽن ۽ مهمانن جو خيال رکڻ خاطر هنن کي هلڪو کارائي صحت مندر رکڻ بدران هنن کي ويتر ڳرا ڳرا کاڌا کارائي بيمار ڪندا آهيون.
”پر چاچا هي ته پنهنجو پراڻو ڪلچر آهي ته مهمان جي سٺي ماني ٽڪيءَ سان آجيان ڪجي.“ اعجاز چيو.
”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ وراڻيومانس، ”پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي ايجاد نه ٿيو هو. جڏهن مهمان پيرين پنڌ ايندو هو يا اٺ ۽ گهوڙي تي. هن کي رستي تي سڄي واٽ کائڻ لاءِ چپس ۽ Peanut ۽ ڪوڪ بدران ٺلهو پاڻي به مشڪل سان نصيب ٿيندو هو ۽ هينئرمردن کان اهي پنڌ هليا ويا ۽ عورتن کان جند،. ان ڪري ڊاڪٽر نذير جي نصيحت تي عمل ڪري گهٽ کائجي گهڻو پنڌ ڪجي.“
شام جا ڇهه کن اچي ٿيا هئا. اعجاز کي چيم ته هاڻ گهڻيئي خبرون چارون ٿيون. بس جلدي جلدي چانهه پيار ته عرفان جماڻي ۽ آئون پنڌ کي ڇڪيون. مئريلئينڊ ۽ ورجينيا رياستون اڪري واشنگٽن پهچڻو آهي، جتي نائين بجي پروفيسر جاويد ڀٽو سان ملڻو آهي. پينسلوانيا ۾ اعجاز شيخ وٽ اسين فقط ميڊيسن ۽ ڊاڪٽرن جون ڳالهيون نه ڪندا رهياسين پر دنيا جهان جا ٻيا به ڪوڙ ڪٽيندا رهياسين. اتي ڪيل هڪ ٻه مزيدار ڳالهيون جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکڻ بور ثابت نه ٿينديون. هڪ ته اسان واشنگٽن ڊي سي تي بحث ڪيو ته انهن اکرن D.C جو مطلب ته ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي پر آخر اهو ڪولمبيا آهي ڇا. اها ڪهڙي ڪولمبيا آهي، جنهن جو واشنگٽن ضلعو آهي؟
مون ٻڌايو مان ته اسان جڏهن به آمريڪا ايندا هئاسين ته ان تي بحث ڪندا هئاسين، مڪاني ماڻهن کان پڇندا هئاسين ته اهي به نه ٻڌائي سگهندا هئا.
اعجاز شيخ چيو ته هو به ان بابت سوچيندو رهندو هو. پوءِ هڪ دفعي UDC (يونيورسٽي) جي پروفيسر ٻڌايو ته ڪولمبيا آمريڪا يعني USA جو شاعراڻو نالو آهي.
”جيئن پاڻ سنڌ کي ”سنڌڙي“ سڏيون ٿا، تيئن شروع جي ڏينهن ۾ هتي جا ماڻهو هن ملڪ کي ڪولمبيا سڏيندا هئا.“ اعجاز ٻڌايو، ”ويهين صديءَ جي شروع تائين به هن ملڪ کي پيار مان ڪولمبيا سڏيو ويو ٿي. اڄ به هن ملڪ بابت هڪ مشهور راڳ Columbia, Gem of Ocean ڪڏهن ڪڏهن ڳايو وڃي ٿو ۽ آمريڪا جو پراڻو قومي ترانو Hail Columbia هاڻ وائيس پريزيڊنٽ لاءِ وڄايو وڃي ٿو. آمريڪا USA بدران ”ڪولمبيا“ لفظ اڃا تائين ڪيترين ئي شين ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن ته ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ سسٽم، ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ، ڪولمبيا پڪچرس ۽ ويندي اسپيس شٽل ڪولمبيا.“
ڪولمبيا لفظ آمريڪا جي ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس جي نالي مان ٺاهيو ويو آهي، جيئن انگريز پنهنجي ملڪ کي برطانيا Britannia جهڙي مونث نالي سان سڏين ٿا ۽ اطالوي پنهنجي ملڪ اٽليءَ کي Italia Tarrita سڏين ٿا ۽ فرينچ فرانس کي Marianne سڏين ٿا. ٻين لفظن ۾ ڪولمبيا لفظ آمريڪن جو نعم البدل آهي.
ڪجهه دير سنڌ جي سياست جون ڳالهيون ڪرڻ بعد هتي آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين جون ڳالهيون اچي نڪتيون ته هنن کي هڪ مشرقي ڪلچر مان هتي مغربي ڪلچر ۾ اچڻ سان ڪهڙيون تبديليون محسوس ٿين ٿيون ۽ هنن کي پنهنجي ۽ هتي جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پسند ۽ ناپسند آهن. ان سلسلي ۾ عرفان جماڻيءَ يا شايد اعجاز شيخ هڪ دلچسپ چرچو ٻڌايو.......
هڪ آمريڪن ۽ هڪ ديسي (يعني اسان جي ننڍي کنڊ جو، جيڪو پاڪستاني، انڊين، بنگلاديشي يا سريلنڪن به ٿي سگهي ٿو) ڪنهن بار (مئه خاني) ۾ پيگ مٿان پيگ چاڙهي رهيا هئا. ڪجهه دير بعد اسان جي ديسيءَ غمگين لهجي ۾ پنهنجي آمريڪن دوست کي چيو: ”توکي خبر آهي ته منهنجا والدين مون تي زور آڻي رهيا آهن ته آئون هڪ اهڙي ڇوڪري سان شادي ڪريان جيڪا گهرو قسم جي ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي، جنهن سان آئون هڪ دفعو به نه مليو آهيان. اسانوٽ ان کي Arranged مئريج سڏيون ٿا. آئون اهڙي ڇوڪريءَ سان هرگز شادي ڪرڻ نٿو چاهيان، جنهن سان منهنجو پيار ناهي......... مون هنن کي صاف صاف چيو آهي ته آئون شادي ڪندس ته Love مئريج ڪندس، نه ته ائين ئي ڀلو آهيان. هاڻ ماڳهين مون لاءِ گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا آهن.“
آمريڪن همراهه ٿڌو ساهه کڻي چيو:
”جيڪڏهن تون Love marriage (پيار جي پرڻي) جي ڳالهه ٿو ڪرين ته مهرباني ڪري منهنجي ڪهاڻي غور سان ٻڌ...........منهنجو هڪ عورت سان عشق ٿي ويو، جيڪا پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ٽي سال کن مون سان ڊيٽنگ ڪندي رهي. ان بعد اسان جي شادي ٿي، ڪجهه سالن بعد، منهنجي پيءُ جو منهنجي ويڳيءَ ڌي يعني منهنجي زال جي پهرين مڙس مان ڌيءَ، سان عشق ٿي ويو. اهڙي ريت منهنجو پيءُ منهنجو ناٺي ٿي ويو ۽ آئون پنهنجي پيءُ جو سهرو ٿي پيس. منهنجي ويڳي ڌيءَ منهنجي ماءُ ٿي پيئي ۽ منهنجي زال ان حساب سان منهنجي ناني ٿي پيئي.
مون لاءِ مونجهارا ۽ مسئلا هيڪاندا وڌي ويا، جڏهن مون کي پٽ ڄائو. منهنجو پٽ منهنجي پيءُ جو سالو ٿيو اهڙي طرح هو منهنجو مامو ٿيو.
حالتون اڃان به وڌيڪ مونجهاري واريون ٿي پيون، جڏهن منهنجي پيءُ کي پٽ ڄائو. هاڻ منهنجي پيءُ جو پٽ يعني ٻين لفظن ۾ منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏهٽو به ٿيو. اهڙي طرح آئون پنهنجي پاڻ جو نانو به ٿي پيو آهيان ته ڏوهٽو به..........
۽ تون چوين ٿو ته تنهنجي مٿان گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا آهن........ گو مي اي بريڪ.......... مون کي ساهي پٽڻ ڏي.....
اسان چانهه جو اڌ گابرو ڪوپ پي اٿي کڙا ٿياسين.
”سائين ڪجهه دير ته وهو اڃا ته سج به نه لٿو آهي.“ اعجاز مون کي ۽ پنهنجي دوست عرفان جماڻيءَ کي ڌار ڌار چيو.
”هاڻ کلي موڪلايون........وڃڻو آهي بيحد ڏور........“ مون اعجاز شيخ ۽ ڊاڪٽر نذير کي چيو.