سنڌي هندن جو ٻاهرين دنيا سان تعلق
ڀڳوانداس 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سيٺ ڪندن مل کيئاني جي گهر ۾ جنم ورتو.
اسين حيدرآباد جا رهواسي هئاسين. 1949ع ۾ سنڌ ڇڏيسين.
پٽ، ڌيئون ۽ انهن جو اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو پر پڙهي رڳو آئون سگهان ٿو.
اسين ڀائيبند آهيون.
حيدرآباد ۾ اسان جي پيءُ سيٺ ڪندن مل جا لوه جا ڪارخانا (Rolling Mills) هيون، سڄي سنڌ ۾ مال سپلاءِ ڪندا هئاسين.
حيدرآباد ۾ اسان جو ڪارخانو ڦليلي وٽ گرو ننگر روڊ تي هو. هڪ ڪنڊ تي تولا رام گرلس اسڪول هو ته ٻي ڪنڊ تي اسان جو ڪارخانو.
ريزڪي وڪري (Retail) جو دڪان ميان فقير جي پڙ ۾ هو.
سڄي سنڌ ۾ جيڪي نار هلندا هئا، انهن جو لوهي سامان اسان جي ڪارخاني مان Supply ٿيندو هو. ائگريڪلچر مِلن (Mills) ۾ توڙي سنڌ جي جننگ فئڪٽرين ۾ اسان جي ڪارخاني مان لوهي پٽيون ۽ ٻيو مال ويندو هو.
ان وقت جو ڪليڪٽر مير چنداڻي، وزير ايوب خان کهڙو، الاهي بخش ۽ ٻيا وڏا وڏا ماڻهو بابا (سيٺ ڪندن مل) کي سڃاڻندا هئا ۽ اسان وٽ گهمڻ ايندا هئا.
ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، نواب شاهه ۽ ٻين پاسي جا سيٺيون سيئومل، آسو مل ۽ اجواڻي وارا اسان کان سامان وٺندا هئا.
اجواڻي سيٺيون اڃا به سنڌ ۾ رهن ٿيون.
حيدرآباد ۾ اسان جي ڪارخاني جو نالو ”ڪندن مل هيرانند لوهي“ هو.
سنڌ ڇڏڻ بعد ڏاڍو دربدر ٿياسين. منهنجي ان وقت عمر سورهن سترهن سال هئي. پتا سان گڏ ڪڏهن گانڌيڌام، ڪڏهن احمد آباد ته ڪڏهن بڙودا ڪيترائي سال دربدر رلندا رهياسين. ان بعد بمبئي اچي رولنگ مِل کوليسين. پر ڀائو ڏاڍو نقصان ٿيو.
ڇو؟
مزدورن جي ڪري، روز هنگاما، روز هڙتالون. آخر فئڪٽري بند ڪرڻي پيئي.
ان بعد مدراس ۾ اچي چار پنج ڪپڙي جا دڪان کوليم. اتي (مدراس ۾) منهنجو ڀيڻويو نارائن داس اڳهين رهيو ٿي. ان وڏي مدد ڪئي.
مدراس ۾ چاليهه سال کن ڪپڙي جا دڪان هلائي پوءِ هيڏانهن آمريڪا(USA) ۾ آيس. آئون USA 1993ع ۾ آيس پر منهنجو پٽ پرڪاش ان کان اڳ 1988ع ۾ آيو.
پٽ ۽ ننهن نوڪري ڪن. سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلو هوندو آهيان. گهڻو هلي چلي نٿو سگهان. ڪمزور رهان ٿو، جو پنجهتر سالن کي اچي پڳو آهيان.
سنڌي ڪتاب پڙهڻ تي دل چوندي آهي. انڊيا کان ڪڏهن ايندا آهن، جيڪي پڙهي نيو جرسي جي ساڌو واسواڻي سينٽر موڪليندو آهيان.
کيئاني سنڌي هندن جي اهڙِ ذات آهي، جيڪا توهان گهٽ ٻڌي هجي. مون کي انهيءَ ذات جي هندن جا دڪان جبرالٽر ۾ سجهن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو نيو جرسي جي اسپتال ۾ مليل همراهه پرڪاش کيئاني ورا انهن کي نه سڃاڻندا هجن، جو هي ته هاڻ پنڌرهن کن سال ٿيا آهن جو هندستان کان لڏي هيڏانهن آمريڪا آيا آهن پر جبرالٽر وارا کيئاني ته ٽيهه چاليهه سالن کان جبرالٽر ۾ رهن ٿا، جيڪو ”جبل الطارق“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جيتوڻيڪ اسپين جو حصو آهي، پر مٿس حڪومت ۽ اثر رسوخ انگريزن جو رهيو. جبرالٽر ۾ رهندڙ کيئاني ذات وارن سنڌي هندن جو بزنيس، سئٽزرلينڊ جون واچون ۽ اعليٰ ۽ برانڊيڊ قسم جا زيور آهن. سندن ٽي دڪان جبرالٽر شهر جي مين اسٽريٽ تي آهن ۽ هڪ جبرالٽر ايئر پورٽ جي ڊپارچر لائونج ۾. هي ملڪ ڊيوٽي فري هجڻ ڪري هتي جي دڪاندارن جو ڪافي وڪرو ٿئي ٿو.
هونءَ هي کيئاني پنهنجي نک کيئامل کان ڇڪين ٿا جنهن جو وڏو پٽ پوهُو مل هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو گهڻو اڳ سنڌ ڇڏي بزنيس خاطر ولايت روانو ٿي ويو هو ۽ ”پوهو مل برادرس“ نالي پنهنجي ڪمپني کولي هئائين. ديوان ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي 1946ع ۾ لکيل ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مطابق ته 1869ع ۾ جيئن ئي سئيز ڪئنال کليو ۽ يورپ کان ايندڙ اسٽيمر (پاڻيءَ جا جهاز) بمبئي اچڻ شروع ٿيا ته کيئا (جنهن تان سندس اولاد جي کيئاني ذات شروع ٿي) جو هي وڏو پٽ پوهو مل ولد کيئامل پنهنجي ”پوهو مل برادرس ڪمپنيءَ“ جي طرفان پاڻيءَ جي جهاز ۾ قاهري (مصر) ۽ يورپ روانو ٿي ويو. هن ٻين سنڌي واپارين وانگر وڪري لاءِ سنڌ ۽ هند جون مختلف شيون پاڻ سان کنيون. پرديس ۾ هنن بيحد سادگيءَ سان زندگي گذاري ۽ پاڻ سان آندل مال جو وڪرو ڪندا رهيا. ڪجهه سال پرديس ۾ خريد و فروخت ۽ پئسو ميڙڻ بعد جڏهن حيدرآبد موٽيو ته سندس خوشحاليءَ جون خبرون سندس دوستن ۽ مائٽن ۾ پکڙجي ويون ۽ ٻيا به هن جي نقش قدم تي ٻاهر نڪري پيا.
ٽن سنڌي فرمن کي شروعاتي (Pioneer) ڪمپنيون مڃيو وڃي ٿو. جيڪي سڀ کان اڳ ديس ڇڏي پرديس ويون، انهن مان ميشرز پوهومل برادرس هڪ آهي ۽ باقي ٻه هيون، ميشرز ڌنومل چيلا رام ۽ ميشرز واسيامل آسومل. پوءِ ته آهستي آهستي ويو تعداد وڌندو. ڏکڻ آمريڪا ۾ به پوهو مل وارا شروعاتي واپاري مڃيا وڃن ٿا. هي چيني، ويٽنامي ۽ جپاني قومون جيڪي اڄ نظر اچن ٿيون، اهي مڙيئي گهڻو گهڻو پوءِ بزنيس خاطر گهر کان ٻاهر نڪتا. سنڌي ورڪي ائسوسيئيشن 1918ع ۾ ٺهي، جنهن جو پهريون صدر مکي هرڪشن داس ٻارهن سالن تائين رهيو. ديوان ڀيرو مل 1947ع ۾ جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا، ان مطابق انهن ڏينهن ۾ ٻاهر رهندڙ سنڌ ورڪي ڀائيبندن هر سال ٻن کان اڍائي ڪروڙ رپيا حيدرآباد موڪليا ٿي. ان کان علاوه دنيا ۾ پکڙيل شڪارپوري سنڌي هندو واپارين شڪارپور الڳ پئسو موڪليو ٿي.
شروعات ۾ پوهو مل حيدرآباد جي گهٽين ۾ ريشمي رومال وڪڻندو هو. هو ضرور شڪل صورت ۾ پرڪشش ۽ همت وارو هوندو ، تڏهن ته انگريزن جو هن ڌيان ڇڪايو ۽ انگريز مصر وٺي آيس، جتي اچي هن غاليچا وڪيا. جبرالٽر وارا کيئاني ٻڌائيندا هئا ته پوهو مل کي ٿامس ڪڪ ڪمپنيءَ وارن پاڻ سان گڏ ڀائيوار ڪرڻ جي آڇ ڏني پر پوهو مل قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پوهو مل جو نارائن داس نالي هڪ پٽ هو، جنهنجي زال جو نالو ڦلواري هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد سهڻي ۽ سفيد رنگ جي هئي ۽ اها پهرين سنڌي عورت چئي وڃي ٿي، جيڪا بزنيس ٽرپ تي پنهنجي مڙس سان گڏ ويندي ايندي رهي.