سکن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪڻ جا قانون
سن 1900ع ۾ ڪئناڊا ۾ جيڪا آدمشماري ڪئي ويئي ان مان معلوم ٿيو ته وئنڪوئر شهر ۾ ٻن هزارن کان مٿي سک رهن ٿا. ٻه هزار ڪو وڏو تعداد نه آهي، پر ان وقت وئنڪوئر شهر جي ئي جملي آدمشماري ڏهه هزار کن مس هئي، جنهن ۾ به اڌ کان وڌيڪ چيني جپاني اچي ويا ٿي ۽ هاڻ وري هندستانين جو وڌندڙ تعداد ڏسي مڪاني انگريز آدم شماريءَ کي خوف وٺي ويو ته ”هي پوءِ آيل وڃن ٿا ملڪ تي قبضو ڪندا. اهي پورهيا جيڪي گورا ڪرڻ کان ڪيٻائين، اهي چيني مزدور اڌ پگهار ۾ ڪرڻ ۾ به خوش آهن ۽ انڊين يعني پنجابي سک ته مڙني کان سخت جان ۽ پورهيت آهن. انهن کي هاڻ هيڏانهن ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪجي.“ جپانين ۽ چينين کي ته کڻي سنئون سڌو روڪڻ سولو ڪم هو پر انڊيا جي ڪنهن رهاڪوءَ کي برٽش حڪومت واري ملڪ ۾ گهڙڻ کان روڪڻ ڏکيو ڪم هو جو انڊيا ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن برٽش پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي.
هونءَ وئنڪوئر جهڙا ڏورانهان، برفاني ۽ پراسرار خاموشي وارن شهرن ۾، جن جو تصور ڪري رڳو برفباري ۽ ٿڌين هوائن جا سوساٽ محسوس ٿين، برفاني رڇ ۽ جانورن جي کلن ۾ ملبوس ايسڪيموز نظر اچن، اتي امرتسر، لڌياني، چنديڳڙهه ۽ جلندر جا سک پهچي وڃن سو به 1900ع ڌاري، وڏي دل ۽ جگر جي ڳالهه آهي. مڃان ٿو ته سنڌي هندو ان کان به گهڻو اڳ دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن ۾ پهچي ويا ۽ گجراتي هندو ته اڃا به گهڻو اڳ پر اهي ٻئي واپاري ڪميونٽيون Safe ۽ سڻائي هنڌ تي پهتيون ٿي جتي پئسي جي رواني هجي، خرچ ڪرڻ وارا امير ۽ بيوقوف چيف (سلطان/ وڏيرا) هجن، موسم ٺاهوڪي هجي، ڌنڌو ڌاڙي حفاظت ۽ سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ هلي پوءِ کڻي سنگاپور، هانگ ڪانگ هجي يا برمودا ۽ لاس پاماس. پر سِک ۽ چيني مشڪل ۽ ڏکين هنڌن تي به پهچي ويا ٿي.
بهرحال ڪئناڊا جي حڪومت انڊيا کان ايندڙن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان سنئون سڌو ته جهلي نٿي سگهي جو جهڙي ڪئناڊا برطانيا راڄ جو حصو هئي، تهڙي انڊيا ۽ چون ٿا ته لنڊن آفيس طرفان ڪئناڊا حڪومت کي چتاءُ به ڏنل هو ته انڊيا کان ايندڙن سان اهڙو ڪو ڪم نه ڪجو جو هنن ۾ قوم پرستيءَ جو جذبو ڀڙڪي پوي ۽ برطانيا لاءِ مصيبت جو سبب بڻجي. سو ڪئناڊا حڪومت انڊين جي ڪئناڊا مان دلچسپي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيا طريقا ڳولي لڌا جن مان هڪ اهو هو ته ان وقت جي حڪومت 1907ع ۾ ڪجهه بل پاس ڪرايا، جنهن موجب انڊين کان ووٽ جو حق کسيو ويو ۽ سرڪاري نوڪرين جي پابندي لڳائڻ سان هنن کي وڪالت، جوڊيشري، ڊاڪٽري ۽ اڪائونٽنسي جهڙن کاتن ۾ ڪم ڪرڻ کان به منع ڪئي ويئي. پر جڏهن ان هوندي به انڊين جي ڪئناڊا ۾ دلچسپي جاري رهي ته هڪ سال بعد يعني 1908ع ۾ حڪومت اهو قانون ڪڍيو ته ڪئناڊا ۾ فقط ان ڌارئين کي اچڻ ڏنو ويندو، جيڪو پنهنجي ملڪ مان نڪرڻ سان سڌو ڪئناڊا جو رخ رکي. يعني انڊين کي جي ڪئناڊا اچڻو آهي ته جهاز ۾ چڙهي سڌو ڪئناڊا اچن. ائين نه ته سال ٻه ڪنهن ملڪ ۾ ته سال ٻه ڪنهن ۾ رهي رهي پوءِ اچي ڪئناڊا کان نڪرن ۽ ٻي ڳالهه ته ڪئناڊا جي ڪناري تي لهڻ وقت هر ڌارئين (Immigrant) وٽ ڪئناڊا حڪومت کي هن ملڪ ۾ اچڻ جو ٽئڪس ڏيڻ لاءِ ٻه سؤ ڊالر هجڻ ضروري آهن. ذرا سوچيو ته ان دور ۾ يعني 1908ع ۾ جهازن جا ڀاڙا ڀرڻ بعد ڪٿان آيا غريب مزدورن ۽ پورهيتن وٽ ٻه سؤ ڊالر! ان وقت پئسي جو اهو انگ تمام وڏو هو. ايتري پئسي ۾ ته هو پنهنجي ملڪ ۾ چڱي وڏي فئڪٽري يا هوٽل ٺهرائي سگهيا ٿي.
نالي ۾ مٿيان قانون هر ڌارئين (Immigrant) لاءِ چيا ويا ٿي پر انهن جو خاص نشانو انڊين هئا جو انهن قانونن پاس ڪرائڻ بعد ڪئناڊا حڪومت ملڪي جهازران ڪمپني “Canadian Pacific” کي حڪم نامو جاري ڪيو ته هنن جو پئسينجر جهاز جيڪو ڪلڪتي (انڊيا) ۽ وئنڪوئر(ڪئناڊا) جي وچ ۾ هلي ٿو، ان کي يڪدم بند ڪيو وڃي. يعني نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. جهاز ئي نه هوندو ته انڊيا کان ڪير ڪيئن اچي سگهندو. انهن ڏينهن ۾ سڄي هندستان ۾ ڪلڪتو وڏو بندرگاهه هو، بمبئي به پوءِ زور ورتو ۽ ڪراچيءَ ته تمام گهڻو پوءِ. ولائت وڃڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي به ڪلڪتي وڃي اسٽيمر جهلڻو پوندو هو. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ اهي پوڙها سنڌي هندو جيڪي 1900ع کان به اڳ آيا ستر واري ڏهي ۾ منهنجي اتي وڃڻ تي ٻڌائيندا هئا ته هو (يا سندن وڏا) ڪلڪتي مان آگبوٽ ۾ چڙهي پينانگ ۽ سنگاپور پهتا.
ڪئناڊا وارن جي مٿين قانونن ڪري انڊيا لاءِ ڪئناڊا پهچڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو. نه فقط نون ماڻهن کي پر ڪيترن انهن سکن لاءِ جن جا مائٽ ڪئناڊا ۾ سالن کان Settle ٿي گهر گهاٽ ٺاهي رهيا پيا هئا ۽ هاڻ پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي گهرائي رهيا هئا، جيئن اڄ ڪلهه ٿئي ٿو ته آمريڪا ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد جڏهن ڪنهن کي اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ ملي ٿو ته هو Immigrant Visa تي پنهنجي زال، ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀينرون گهرائي ٿو. پر ڪئناڊا وارن جي انهن ظالم قانونن ڪري ٻين جي وڃڻ کي ٻنجو اچي ويو ۽ اهو سلسلو ڇهه سال کن رهيو.