الطاف شيخ ڪارنر

بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

الطاف شيخ جي بهترين سفرنامن مان هڪ سفرنامو بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ آمريڪا بابت دلچسپ ڳالهيون ۽ تمام گهڻي معلومات به ڏنل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 3432
  • 810
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين

واشنگٽن ڇڏيندي ڇڏيندي

واشنگٽن (آمريڪا جي گادي واري شهر) ۾ منهنجو ٽي چار دفعا (هر ڀيري هفتو يا ڏهه ڏينهن کن) منور جي فلئٽ ۾ رهڻ ٿيو پر ساڻس ملاقات هفتي ۾ ڪو هڪ ڏينهن مس ٿي ٿي سو به صبح جي وقت نيرن تي. هن جو گهڻو وقت آفيس ۾ يا وائيٽ هائوس اڳيان مظاهرن ۾ يا ڪئپيٽل بلڊنگ ۾ ڪانگريس مين ۽ سينيٽرن سان ملندي ٿيو ٿي يا وري يڪو هفي ٻن لاءِ ڪئناڊا گم هوندو هو. جتي سندس انسٽيٽيوٽ جي برانچ آفيس کلي آهي. منور هر دفعي معافين جا ڍڳ وٺندو هو ته هو مون کي ڪيڏانهن نه گهمائڻ وٺي ويو آهي ۽ نه وري مون کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي سگهيو آهي. پر سچ اهو آهي ته منور جو ڪمرو منهنجي لکڻ پڙهڻ لاءِ ideal هو جتي جهاز جي ڪئبن وانگر مون کي ڪنهن به ڊسٽرب نٿي ڪيو ۽ آمريڪا جي سفرنامي جو وڏو حصو اتي لکي ورتم.
آخري دفعو واشنگٽن آيس ته هڪ ڏينهن صبح ساڻ منور مون کي گهمائڻ لاءِ وٺي هلڻ جو اعلان ڪيو. ”سائين معاف ڪجو. توهان به ڇا سوچيندا ته آئون توهان کي هڪ ڏينهن به واشنگٽن کان ٻاهر وٺي نه هليو آهيان.“
”اها توهان جي مهرباني آهي جو مونکي آزاد ڇڏيو اَٿوَ ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلايو نٿا.“ مون کلندي چيومانس.
”تڏهن به توهان کي بالٽيمور يا فلڊلفيا گهمائي اچان.“ منور چيو.
”توهان تڪلف نه ڪريو ۽ پنهنجي ڪم سان رهو. مون لاءِ گهمڻ کان وڌيڪ لکڻ آهي جنهن لاءِ هتي سڪون وارو ماحول آهي.“
”نه. اڄ توهان کي هر صوت ۾ گهمائڻ وٺي ٿو هلان. آفيس مان به موڪل ڪئي اٿم. ڪئناڊا کان حميرا رحمان آيل آهي. ان کي به سڏايو اٿم. اجهو ته آئي. گهڻو پري نٿا هلون هتي ڀرواري رياست ورجينيا ۾ هلون ٿا.“ منور چيو ۽ آئون ڪجهه جواب ڏيان ان کان اڳ هن پڇيوِ: ”توهان ڪڏهن غارون ڏٺيون آهن؟“
”ها يار.“ مون وراڻيومانس، ”ملائشيا ۾ ته جيڪو به مهمان ايندو هو ان کي اتي جي باتو غار ۾ وٺي ويندو هوس. جپان ۾ فڪوشيمان جون ابوڪومان غارون، انگلنڊ جون ووڪي هول غارون. . . . هر غار ۾ مون کي ٻه شيون نظر آين. هڪ آمريڪن ۽ ٻيو چمڙا ۽ انهن جون پولڙيون ۽ مُٽ جي ڌپ!“
”پر هي جيڪي غارون ڏيکارڻ لاءِ هلان ٿو انهن ۾ آمريڪن ته جام نظر ايندا پر نه چمڙا هوندا ۽ نه انهن جي ڌپ.“ منور چيو.
”بهرحال ڊرائيونگ دوران توسان ۽ حميرا سان به خبر چار ٿي ويندي هتي تنهنجي فلئٽ ۾ رهندي به تنهنجو نه منهن ٿو ڏسجي نه خبر چار ٿي ٿئي.“ مون چيومانس.
ايتري ۾ حميرا در جو بيل وڄايو ۽ اسان پنهنجا سفري ٿيلها کڻي ٻاهر نڪتاسين. هونءَ ته هي غارون ڏسڻ لاءِ آئون ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو نڪتس ته اونداهيون ۽ چمڙن جي بدبوءِ واريون غارون ڏسي بور هڪ طرف ٿبو ته وقت ۽ پيٽرول جو زيان ٻئي طرف ٿيندو پر اتي پهچي خبر پئي ته منور اسان کي هڪ عام غارون نه پر دنيا جون قديمي ۽ بيحد مشهور Luray غارون ڏيکارڻ آيو آهي جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو آمريڪا جي هن رياست ورجينيا ۾ هلي اچن ٿا. مون به هنن غارن بابت ڳالهيون ۽ تصويرون اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ کان ٻڌيون ۽ ڏٺيون جڏهن هو 1955ع ڌاري ائگريڪلچر سائنس ۾ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد واشنگٽن، ورجينيا ۽ ٽيڪساز ۾ ڪجهه عرصو رهي وطن وريا هئا ۽ آئون پنجين ڪلاس ۾ هوس. مون کي اڄ به ياد آهي ته آئون ڪيڏي غور ۽ حيرت مان پنهنجي پيءُ جي واتان هنن زمين دوز (Under ground) غارن جي قدرتي ٿنڀن stalactites ۽ Stalagmites جي ٺهڻ (formation) بابت ٻڌندو هوس. اڳتي هلي نه فقط مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ جاگرافي کنيم پر مئرين اڪيڊمي ۾ پڻ جاگرافي منهنجو دلپسند سبجيڪٽ رهيو. ان دوران هڪ دفعي نئشنل جاگرافڪ مئگزين ۾ پڻ هنن غارن Luray Cavern تي ڪيترن ئي رنگين تصويرن سميت مضمون ڇپيو هو.
ان ڏينهن اسين صبح ساڻ منور جي واشنگٽن جي ڏکڻ اولهه SW جي ستين گهٽي واري فليٽ مان L’Enfant Plaza وٽان نڪتاسين. سفر جي سلامتي جي دعا بعد اها به دعا گهريسين ته هيءَ گريس پيرڊ ۾ هلندڙ منور جي جهوني جڳ جي ڪار جنهن جي انجڻ جي آواز مان لڳندو آهي ته آخري پساهن ۾ آهي ۽ باقي سندس ڍانچي_ چيسز، مڊگارڊ، بمپر، دروازن ۽ ٻين عضون جي ڪنجهڪي مان ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاهه جي شعر جي سٽ ”جانب منهنجي جيءَ کي آزار جا انواع“ پئي ورجائي، اسان کي اڳتي وٺي ته وڃي پئي پر شل اهڙي ئي سلامتيءَ سان واپس به پهچائي. انجنير يعني انجڻين جي واقفيت هجڻ ناتي اهو وڏو ذهني عذاب رهي ٿو ۽ جتي عام ماڻهو ڀڳل ۽ گئرنٽي ختم ڪارن ۽ بسين ۾ به سڪون سان سفر ڪري وڃن ٿا اتي مشينن جي سرسراهٽ ۽ اڻ پسند آوازن جي ڄاڻو مستري، مڪينڪ توڙي انجنيئر کي اهو سفر موت جي گولي جو سفر لڳي ٿو. ۽ اهڙي ڪار ۾ ويهي اسان کي منور اڃان به وڌيڪ ڊيڄاري ڇڏيو جڏهن هن اعلان ڪيو ته هو نه فقط اسانکي لوري غارون ڏيکاريندو پر شينندوح (Shenandoah) نئشنل پارڪ به وٺي هلندو جيڪو سطح سمنڊ کان خبر ناهي ڪيترا هزار فوٽ مٿي آهي. مون ٽيڏي اک سان حميرا ڏي ڏٺو، جنهن جي چهري تي پڻ منور جي ان ٽارزن ٽائيپ جملي ٻڌڻ بعد ٽينشن جون ريکائون اڀري آيون. آئون چپ ٿي ويس ۽ خاطري سمجهيم ته منور جيڪڏهن ان قسم جو هرڪيولس واري ڪم جي شروعات ڪئي ته مون کان اڳ حميرا هن کي ان کي منع ڪندي ۽ کيس خودڪشي ڪرڻ جو ڪو ٻيو سولو طريقو ٻڌائيندي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان مسافرن ۽ عزت ماب مهمانن کي سر جو سانگو لاهڻو نه پوي. مون انهن ڳالهين تان ڌيان هٽائڻ خاطر دريءَ مان واشنگٽن جون عمارتون ۽ رستا ڏسڻ سان گڏ انهن جا نالا به لکڻ لڳس:
_ جيفر سن ميموريل
_ هولوڪاسٽ ميوزيم
_ آمريڪا جو ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ
_ ڪانسٽيٽيوشنل ايونيو
_ پينسلوانيا ايوينيو
_ هوٽل ولرڊ (حميرا ٻڌايو ته هن هوٽل جي لابيءَ مان لفظ Lobbyst جڙيو آهي.)
_ هوٽل واشنگٽن. . .
ٻه لفظ جيفرسن ميموريل تي لکڻ بي محل نه ٿيندو. واشنگٽن جي جيفرسن ميموريل عمارت آمريڪا جي ٽئين صدر ٿامس جيفرسن جي نالي منسوب ٿيل آهي. هيءَ عمارت واشنگٽن وٽان لنگهندڙ پوٽومئڪ نديءَ جي ڪناري تي اولهه پوٽو مئڪ پارڪ ۾ ٺهيل آهي. 1930ع تائين واشنگٽن ۾ فقط ٻن آمريڪي صدرن ابراهام لنڪن ۽ جارج واشنگٽن جا يادگار ٺهيل هئا. پوءِ ان وقت جي صدر فرئنڪلن روزويلٽ سوچيو ته هڪ ٻيو يادگار ٿامس جيفرسن نالي به هجڻ کپي سو 1934ع ۾ ڪانگريس مان ان جي منظوري حاصل ڪيائين ۽ 13 اپريل 1943ع تي جيفرسن جي 200 يوم پيدائش جي موقعي تي عوام لاءِ کوليو ويو. هيءَ يادگار عمارت جنهن پارڪ ۾ ٺهيل آهي اهو جپان جي ”چيري“ وڻن کان به مشهور آهي. جيڪي 1912ع ۾ پوکيا ويا هئا، جيڪي جپان جي بادشاهه آمريڪا جي عوام کي تحفي طور موڪليا هئا.
يورپ جي يهودين سان جيڪي 1933ع کان (جڏهن جرمني جي نازي پارٽي جو ليڊر اڊولف هٽلر حڪومت ۾ آيو) اسرائيل جي کلڻ تائين، ظلم ٿيا انهن جي ڀوائتي يادگيرين لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ Holocaust ميوزيم ٺهيل آهن جيئن ته هالينڊ جي شهر ائمسٽرڊام ۾ ”دي ائني فرئنڪ هائوس“، برلن جرمني ۾ “The Memorial to the Murdered Jews of Europe” بيلجم ۾ ”دي جيوز ميوزيم آف ڊپورٽينشن“، وغيره. اهڙِي طرح واشنگٽن شهر ۾ نئشنل مال وٽ 14 ۽ 15 گهٽي SW جي وچ ۾ ”هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم“ آهي.
اسلام آباد جي Constitution ايوينيو وانگر آمريڪا جي هن گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي جو ساڳي نالي وارو ايوينيو پڻ اهم روڊ آهي جيڪو U.S. Capital واري عمارت جي اتر ۾ اوڀر کان اولهه طرف وهي ٿو. هن روڊ تي هفتي جا سمورا ڏينهن گهڻي ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي. قومي ڏينهن تي هن روڊ تي پريڊ ٿئي ٿي.
منور ٻڌايو ته واشنگٽن جي هن روڊ يعني ڪانسٽيٽيوشن ايونيو جو اصل نالو ”نارٿ B اسٽريٽ“ هو. ڪيترن اهم ماڻهن جا جنازا پڻ هن روڊ تان کنيا ويندا آهن. آمريڪا جي صدر رونالڊ ريگن جو جنازو پڻ دفن ڪرڻ کان اڳ هن روڊ تان جلوس جي صورت ۾ گذريو هو. توهان واشنگٽن ۾ گهمڻ جي لاءِ آيا آهيو ته اکيون پوري هن روڊ Constitution Avenue تي هليا اچو. توهان کي گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون ملنديون. جن مان ڪجهه هن ريت آهن: نئشنل گئلري آف آرٽس، ويٽنام Veterans ميموريل، ڪيترائي سمٿسونين ميوزيم، لنڪن ميموريل، نئشنل اڪيڊمي آف سائنس، ڪانسٽيٽيوشن گارڊنس وغيره وغيره. مزي جي ڳالهه اها آهي ته واشنگٽن جا ڪيترائي ميوزيم، پارڪ، ميموريل، آرٽ گئلريون عوام لاءِ مفت آهن يعني ڪابه ٽڪيٽ ناهي ۽ توهان فوٽا به ڪڍي سگهو ٿا.
Constitution ايوينيو وانگر واشنگٽن جو پينسلوانيا ايوينيو پڻ هڪ اهم روڊ آهي جيڪو وائيٽ هائوس ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪئپيٽال کي ملائي ٿو. وائيٽ هائوس آمريڪا جي صدر جو 1800 کان سرڪاري رهائش گاهه آهي. آمريڪا جو هر صدر هن گهر ۾ رهي ٿو. يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪئپيٽال يا فقط The Capitol واشنگٽن جي اها عمارت آهي جتي آمريڪا جي چونڊيل نمائندن (ڪانگريس مين) ۽ سينيٽرن جي گڏجاڻي جا هال آهن هن عمارت جو سنگ بنياد 1793ع ۾ رکيو ويو هو. ياد رهي ته برطانيا وارن جڏهن آمريڪن سان 1812ع ۾ جنگ جوٽي هئي ته ان ۾ برطانيا وارن هن عمارت کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
Pennsylvania ايونيو کي آمريڪا جي Main Street به سڏجي ٿو ۽ اهم ڏينهن تي هن روڊ تان پڻ جلسا جلوس ۽ پريڊون گذرن ٿيون. ٽرئفڪ جي لحاظ کان پڻ هي رستو اهم آهي. جتان ڪيتريون ئي بسون ۽ ريل گاڏيون لنگهن ٿيون. هي رستو ست ميل کن ڊگهو ٿيندو ۽ واشنگٽن کان اڳتي مئري لئنڊ رياست ۾ به هليو وڃي ۽ هاءِ وي Maryland Route 4 ٿيو وڃي. پينسلوانيا ايونيو واشنگٽن جي شروع وارن چند رستن مان هڪ آهي. 1862 کان 1962ع تائين هن روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون جيئن ڪراچيءَ ۾ 1960ع تائين سعيد منزل کان بولٽن مارڪيٽ تائين ٽرامون هلنديون هيون. اهي ٽرامون بعد ۾ جيتوڻيڪ انجڻ تي هلڻ لڳيون پر ان کان اڳ انهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا.
1995ع ۾ جڏهن اوڪلاهوما سٽي بمبارمينٽ ٿي هئي ته هن رستي جو ڪجهه حصو جيڪو وائيٽ هائوس اڳيان لنگهي ٿو ان تان سوارين جو گذر بند ڪيو ويو هو. بهرحال پيدل ۽ سائيڪل سوار لنگهي سگهيا ٿي. يارهين سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ ته اهو ٽڪرو هميشھ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ ٽرئفڪ کي H اسٽريٽ ۽ ڪانسٽيٽيوشن ايونيو ڏي موڙيو وڃي ٿو.
مٿئين پينسلوانيا ايوينيو تي جيڪا ميٽرو سينٽر اسٽيشن آهي ان کان ٻه ڪلاڪ اڳتي هتي جي تاريخي ۽ آرامده هوٽل ولرڊ انٽرڪانٽيننٽل هوٽل آهي. بس سمجهو ته وائيٽ هائوس ۽ نئشنل مال کان برابر جي فاصلي تي آهي. هيءَ هوٽل هينري ولرڊ 1850ع ۾ ٺهرائي جنهن جو پهرين فقط ولرڊ هوٽل Willard Hotel نالو هو. بعد ۾ مالڪن هن هوٽل جا شيئر 1946ع ۾ وڪيا ۽ صحيح انتظام نه رکڻ ڪري 1968ع ۾ بند ڪئي وئي ۽ ويهن سالن بعد ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل نون ڀائيوارن جي انتظام هيٺ هيءَ هوٽل وري شروع ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ هن جي نالي سان گڏ انٽرڪانٽيننٽل به ڳنڍيو ويو آهي. هن هوٽل ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون رهيون. جپان جا آمريڪا ڏي ايندڙ پهريان ٽي سفير پنهنجن ستر کن ساٿين سان گڏ هن هوٽل ۾ رهيا هئا ۽ هنن جو اهو چوڻ هو ته هن هوٽل جا ڪمرا آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري جي گهر کان به وڌيڪ سهڻا ۽ آرام وارا آهن. اها 1860ع جي ڳالهه آهي. جڏهن جپان کان پهريون دفعو سرڪاري عملدار آمريڪا ۾ آيا هئا. هو انهن ڏانهن ۾ پنهنجي قومي لباس مطابق پاڻ سان سکن وانگر خنجر کڻي هلندا هئا. هنن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي آمريڪن شام جي وقت هن هوٽل اڳيان اچي بيهندا هئا.
واشنگٽن جي هن پراڻي هوٽل Willard لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ۾ آمريڪا جو هر هڪ صدر رهيو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪا ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي آهي. ان ڪري هن هوٽل کي “The residence of Presidents” به سڏجي ٿو. هن هوٽل جي 16 کن فنڪشن هالن کان علاوه ”رائونڊ رابن بار“ ۽ لابي تمام مشهور رهي آهي. حميرا رحمان وانگر ڪيترن ئي جو چوڻ آهي ته انگريزي جو لفظ Lobbying هن هوٽل جي لابيءَ مان جڙيو آهي جتي ملڪ جا هوشيار ماڻهو پنهنجا ڪم منظور ڪرائڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت جي صدر يوليسز گرانٽ سان هن هوٽل جي لابيءَ ۾ اچي ملندا هئا. بهرحال ان ۾ ڪا گهڻي سچائي نظر نٿي اچي. ٿي سگهي ٿو اهو لفظ هن هوٽل بعد مشهور ٿيو هجي پر انگريزي زبان جو فعل To lobby هن هوٽل ٺهڻ کان اڳ جي ڪتابن ۾ نظر اچي ٿو.
مارٽن لٿر جي مشهور تقرير I have a Dream هن ولرڊ هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ دوران 1963ع ۾ لکي. هن هوٽل ۾ مارڪ ٽوئن، چارلس ڊڪنس، والٽ وٽمن، ايملي ڊڪنس، جنرل ٽام ٿمب، سئموئل مورس، هئري هودني ۽ ڊيوڪ آف ونڊسر جهڙا ماڻهو به رهي ويا آهن.