آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ۽ سهڻيءَ جي ڪهاڻي
آمريڪا ۾ ٻيا کڻي مزا هجن پر هر هڪ کي نوڪري ۽ گهر جو پورهيو پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ايشيائي ملڪن وارا ”نوڪر چاڪر رکڻ وارا مزا“ نه آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته ماڻهن جو هيڪاندو دماغ خراب ٿيل آهي. هڪ ٻار کي به نوڪر بوٽ کڻي پيو ڏيندو بلڪه پارائيندو. ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لاءِ ماسي هوندي. ڪار جي صفائي ۽ هلائڻ لاءِ ڊرائيور هوندو پر يورپ، جپان توڙي هيڏانهن آمريڪا ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ امير گهرن ۾ به هر ڪو پنهنجو ڪم پاڻ ٿو ڪري. رڌ پچاءَ کان ٿانو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ، گهر جي صفائي، ٻارن کي تيار ڪرڻ وغيره وغيره. پوءِ ڪنهن ڪم ۾ عورت کي مرد مدد ڪرائيندو نظر ايندو ته ڪنهن ۾ مرد کي عورت. ڪيترن گهرن ۾ ته نوڪري به نه فقط مرد پر زال به ڪري ۽ ڪيترا مرد (هتي جا آمريڪن يا ڪيترا اسان جا ديسي پڻ) گهر جي وڌندڙ خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ٻه نوڪريون به ڪن.
ٻي ڳالهه ته هتي آمريڪا ۾ اسلام آباد وانگر سخت موسم ٿئي يعني تمام گهڻي سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي. ان ڪري هر گهر ۾ Heating System ۽ ايئر ڪنڊيشنر ضروري ٿي پيو آهي.
هتي جي گهرن جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي آمريڪا جي گهرن ۾ اسان وانگر (يا يورپ جي ملڪن وانگر) هر ڪمري سان گڏ اٽيچڊ باٿ روم نه ٿئي. ڪيترن ٻن يا ٽن ڪمرن وارن گهرن ۾ به فقط هڪ باٿ روم آهن. جپان ۾ به ائين آهي پر اتي ته زمين جي کوٽ ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.
اعجاز شيخ جو گهر شهري گهرن جيان ڳتيل علائقي ۾ نه آهي پر ٻهراڙي Country Side واري نموني جو کليل گهر آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيتري ئي Space ڇڏيل آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آمريڪا ۾ ڪي ڪي هنڌ قدرتي سونهن ۾ ايڏو ته خوشحال آهن جو ڇا ڳالهه ڪجي. هي گهر به اهڙي ئي سهڻي نظاري واري علائقي ۾ آهي. گهر جي اڳئين پاسي توڙي پٺئين پاسي بيهي نظر ٿي ڪيم ته حد نگاهه تائين ساوڪ ئي ساوڪ نظرآئي ٿي. چوڌاري خوبصورت پنن وارا وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا ۽ پري پري تائين جيڪي جبل نظر اچن ٿا سي به ملائيشيا وانگر ساوڪ سان ڀريل آهن. هر گهر جي پويان وڏو ڪورٽ يارڊ آهي جتي ڪجهه گهر وارن پينگهون هڻي ڇڏيون آهن، جن ۾ سندن ٻار لڏي رهيا هئا. ڪن گهرن جا ٻار سائيڪلون هلائي رهيا هئا ته ڪي بئڊمنٽن کيڏي رهيا هئا. اعجاز کي ٽي نياڻيون آهن، جن مان وڏي اقراءَ ڪلاس ون ۾ وڃي ٿي. ٻي مرڪ نالي هاڻ ڪي جي ٽائيپ اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٽين اريبا اڃا ننڍي آهي ۽ سڄو ڏينهن ماءُ سهڻي سان گڏ رهي ٿي. سهڻيءَ ٻڌايو ته اقراءَ ۽ مرڪ جا جدا جدا اسڪول آهن، جن کي صبح جو ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن اعجاز اسڪول ڇڏي ايندو آهي. ”باقي موڪل مهل کين آئون وٺي اچان.“ سهڻيءَ ٻڌايو، ”ويندي وقت يا واپسي تي گهر جي لاءِ گهربل سامان جي خريداري به آئون ڪريان جو اعجاز صبح جو پنهنجي بزنيس پويان نڪري ٿو ته شام جو ٿڪجي موٽي ٿو.“
”پوءِ ڀلا گاڏي هلايو وڃين؟“ مون پڇيو.
”اها اچڻ سان سکيس جو آمريڪا ۾ ان بنا گذارو ناهي.“ سهڻي ٻڌايو، ”ڇو جو هتي پنهنجي ملڪن وانگر بس جو سسٽم ناهي. ٽئڪسي فقط مجبوريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي. هتي هر ڪم لاءِ پنهنجي ڪار ڪڍڻي پوي ٿي. هر ڀاتيءَ لاءِ پنهنجي ڪار هجڻ ضروري آهي.“
سهڻي جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ آمريڪا ڏي ويندڙن جي معلومات لاءِ مون ڄاڻي واڻي ورجائي آهي ته هنن ملڪن ۾ هڪ ته انگريزي زبان جو اچڻ ضروري آهي ۽ آمريڪا پهچڻ کان اڳ هو پنهنجي ملڪ مان جيتري قدر ٿي سگهيس ته ڳالهائڻ جي به پرئڪٽس ڪري اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ڪنهن کي نٿي اچي ته هتي اچي آخر ته هو سکي وڃي ٿو پر جيترو جلد هو سکي وٺندو يا جيترو پهرين کان واقف هوندو اوترو هن لاءِ بهتر آهي. اهڙي طرح گاڏي هلائڻ آهي. ڪيترا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان سکي اچن ٿا ۽ پوءِ هتي معمولي ڪلاسز اٽينڊ ڪري ڊرائيونگ جو ٽيسٽ ڏيئي ڊرائيونگ جو لائسنس وٺن ٿا. ڪي ماڻهو پنهنجي ملڪ مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ پهچڻ سان ان لائسنس تي في الحال ڊرائيونگ ڪندا رهن ٿا، جيسين هتي جو امتحان ڏيئي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن. پر اهڙن ماڻهن جي چتاءَ لاءِ هتي اهو پڻ لکندس ته هو آمريڪا جي ان رياست، جنهن ۾ هو رهڻ جو ارادو رکن ٿا، اتي رهندڙ پنهنجي دوست يا آفيس يا يونيورسٽي وارن کان خط ذريعي ضرور پڇي وٺن ته اتي پاڪستان مان ٺهرايل انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس کي قبول ڪن ٿا يا نه. ڇو جو ڪي ڪي قانون آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ مختلف آهن. اهو ئي حال ٻين ملڪن جو آهي. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي انڊيا جا ماڻهو انڊيا مان ٺهرايل انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس استعمال ڪندا هئا پر اسان جي ملڪ جو قبول نه ڪيو ويندو هو، جنهن لاءِ هومختلف سبب ٻڌائيندا هئا ته پاڪستان حڪومت سان ميوچل ائگريمينٽ ناهي ۽ ٻيو ته پاڪستان ۾ ڊرائيونگ جو صحيح طرح لکت ۾ ۽ پريڪٽيڪل امتحان وٺڻ بنا ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي ٿو....... وغيره
بهرحال آمريڪا ۾ ايندڙ ڪيترائي پاڪستاني پاڻ سان پاڪستان مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا.
پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهي ملڻ جي سهوليت موجود آهي. ڪراچي ۾ انهن جي مين آفيس ڪلفٽن تي آهي ۽ انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ هيٺيان ڪاغذ هجڻ ضروري آهن.
1. پاڪستان جي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس جي ڪاپي
2. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ- جو مقرر في (هڪ سئو رپيا کن) ڏئي، اتي جي ڊاڪٽر کان ٺهرائي سگهجي ٿو.
3. شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي.
4. پاسپورٽ جي ڪاپي، ويزا سميت (ويزا بنا ڊرائيونگ لائسنس نٿو ملي سگهي).
5. لائسنس جي مقرر في.
جن کي ڊرائيونگ نٿي اچي، اهي هتي آمريڪا ۾ اچي ڊرائيونگ سکڻ جا ڪلاس اٽينڊ ڪن ۽ پوءِ لکت جو ۽ گاڏي هلائڻ جو امتحان ڏين. جتي جتي پاڪستاني رهن ٿا، اتي پاڪستانين جا به ڪيترائي ڊرائيونگ اسڪول آهن، جن جا اشتهار هتان آمريڪا مان نڪرندڙ (۽ مفت ۾ ورهائجندڙ) اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. جيئن ڪو ڳوٺ جو ماڻهو ڪراچي جهڙي شهر جي ٽريفڪ ڏسي هراسجي وڃي ٿوو، تيئن اسان جو حال هتي آمريڪا ۾ پهچي ٿئي ٿو، جنهن جو احوال هن کان اڳ واري سفرنامي (نيو هالا کان نيويارڪ) ۾ لکي چڪو آهيان ته، هتي جي نيويارڪ جهڙن شهرن جي ٽرئفڪ، هيٺ مٿي وهندڙ رستا، پليون ۽ سمنڊ هيٺان سرنگهون ڏسي، ڪجهه ڏينهن لاءِ دماغ چڪرائجيو وڃي ته هتي ماڻهو ڪيئن ٿا گاڏي هلائين، پر آخر هتي انڙپور، ٻڍاپور جو رهاڪو ڊاڪٽر رمضان ۽ هالا جي سندس زال ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو به ته ڪار هلائي پيئي. پيالوءِ جو عاشق علي لاکو، گهوٽڪي جو رميش ٿارواڻي ۽ محرابپور بيءَ پارا نور النساءَ گهانگهرو به ته گاڏي هلائين پيون.
”ڀلا آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ ڪيئن ٿي لڳي؟“ مون شائسته (سهڻيءَ) کان پڇيو.
”پهرين، ڏينهن گهٻراهٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ پوءِ احساس ٿئي ٿو ته هتي گاڏي هلائڻ سڀ ۾ سولو ڪم آهي، جو هتي هر ڪو قاعدي قانون مطابق هلي ٿو. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تي وڏا ڏنڊ آهن ۽ ڏوهارين کي جهلڻ لاءِ پوليس ۽ ڳجهن هنڌن تي ڪئميرائون لڳل آهن ان ڪري هرڪو ڊپ ۾ رهي ٿو ۽ قانون طرفان مقرر حد تائين تيز رفتار گاڏي هلائي ٿو پر فضيلت سان هلائي ٿو ۽ پنهنجي Lane ۾ هلائي ٿو ۽ ٻئي کي ڊسٽرب نٿو ڪري.“
سهڻيءَ اسان لاءِ ۽ الباني (نيويارڪ) کان ايندڙ اعجاز جي ڀيڻ انيلا، ڀيڻوئي ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ ان جي ٻارن لاءِ ٻه ٻوڙ، چانور ۽ ماني پچائي ورتي هئي،جيڪا هتي اڪيلي سر رهندڙ عورت لاءِ وڏي ڳالهه آهي، جو هن کي گهر جي صفائي به پاڻ ٿي ڪرڻي پوي، ٻارن جي ديک ڀال به کيس ڪرڻي ٿي پوي ۽ نوڪرياڻي، ڊرائيور يا ڪم واري ڇوڪري جي نه هجڻ ڪري مارڪيٽ مان سيڌو سامان، رڌ پچاءُ ۽ ٿانو به کيس ڌوئڻا پون ٿا. ان کان علاوه ٻارن کي هوم ورڪ ڪرائڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جهڙا ڪم به هن کي ئي اڪيلي سر ڪرڻا پون ٿا ۽ هيءَ نه فقط ”سهڻيءَ“ جي ڪهاڻي آهي پر آمريڪا ۾ رهندڙ هر عورت جي ڪهاڻي آهي. پر هي گهرو ڪمن جون ڳالهيون سهڻيءَ جي حوالي سان ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو هتي آمريڪا ۾ جن به عورتن سان ملاقات ٿي. خاص ڪري پنهنجي وطن جي عورتن سان، انهن ۾ سهڻي سڀ ۾ ننڍي آهي. ان عمر جي حساب سان ٻار به گهڻا اٿس ۽ ٻهراڙي جي علائقي ۾ رهڻ ڪري کيس ڀڄ ڍڪ به گهڻي ڪرڻي پوي ٿي. سو اسان جي ملڪ کان هيڏانهن آمريڪا ايندڙ اهي عورتون جيڪي گهڻي ڪم ۽ محنت جون عادي نه آهن اهي ههڙن مثالن مان Inspiration حاصل ڪري سگهن ۽ هنن لاءِ هتي مردن وانگر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. بلڪه غور سان تجزيو ڪيو وڃي ته آمريڪا ۾ نوڪري ڪندڙ مرد کان وڌيڪ گهريلو عورت ڪم ڪري ٿي. مرد ته ڇنڇر ۽ آچر موڪل ڪري ٿو عورت ته اهي ڏينهن به رڌ پچاءُ ڪري ٿي، ٻارن جو خيال ڪري ٿي ۽ گهر جي صفائي ڪري ٿي، تڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي عورتون اهو آواز بلند ڪري رهيون آهن ته هر مرد کي پنهنجي پگهار جو اڌ زال کي ڏيڻ کپي. بهرحال عورت جي وڌندڙ ڪم ۽ جوابداريءَ کي ڏسي هتي رهندڙ اسان جا ديسي مرد پنهنجو پاڻ کي پتي ديوتا سمجهڻ جو ڀوت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار ئي ڇڏي اچن ٿا ۽ هتي سڌا ٿي پنهنجين زالن کي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ به مدد ڪن ٿا ته ٿانو به ڌوئن ٿا ته ٻارن کي تيار ڪري اسڪول به وٺي هلن ٿا، ڇو جو سندن گهر واريون هندو ڌرم جون گهڻن هٿن واريون ديويون نه آهن جو صبح جو اٿي هڪ هٿ سان پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن لاءِ نيرن تيار ڪري ڏين ته ٻئي هٿ سان استري ڪن، ٽئي سان ٻارن کي تيار ڪن ۽ چوٿين سان گاڏي اسٽارٽ ڪري رکن جيئن اها سياري جي ٿڌ ۾ هلي سگهي.