Water فلم جي تياري انڊيا بدران سري لنڪا ۾ ٿي
۽ هاڻ فلم Water ۾ 1930ع جي بيواهه (Widow) عورتن جي ڪهاڻي آهي. انهن ڏينهن ۾ ۽ اڄ به، ڪيتريون ئي هندو وڌوا عورتون، جن جا مڙس مريو وڃن ٿا، انهن کي رن زالن جي گهرن (Widow Houses) ۾ زبردستي اماڻيو وڃي ٿو. مڙس بنا هو بيڪار سمجهيون وڃن ٿيون. پوءِ اتي ڪي خيرات جي ماني تي گذر ڪن ٿيون ته ڪي لڪچوريءَ رنڊيون ٿي گذر سفر ڪن. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ديپا هيءَ فلم “Water” ٺاهڻ شروع ڪئي جنهن جي Location انڊيا جي پاڪ شهر بنارس (جنهن جو نئون نالو واراناسي آهي) ۾ رکي ويئي جتي اڄ به گنگا جي ڪناري تي ڪجهه آشرم (Widow Houses) آهن، جن مان هڪ ”مير گهاٽ“ تي ڳنپٿي نالي آهي، جيڪو هن فلم جي شوٽنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
واٽر فلم جي شوٽنگ لاءِ سن 2000ع ۾ سڀ اداڪار ۽ ٽيڪنيشن عملو بنارس (واراناسي) پهچي ويو، حڪومت کان به اجازت ملي ويئي هئي پر پوءِ شوٽنگ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 2000 کن Protestors وڏو هنگامو مچايو ۽ پٿراءُ ڪيو. فلم جا سمورا سيٽ ڀڃي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيا. ڏينهن ٻن بعد وري شوٽنگ جي تياري ڪئي ويئي ته وري مظاهرا شروع ٿي ويا. ٻاون پنڊتن سان گڏ ملڪ جي ڪجهه سياسي پارٽين به، خاص ڪري BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) ۽ VHU (وشوا هندو پرشاد) وارن وڏو ٻائيتال مچايو. ايتريقدر جو هڪ همراهه ٻيڙيءَ کي وچ درياهه (گنگا) ۾ آڻي پاڻ کي وڏي بار واري پٿر سان ٻڌي درياهه ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪرڻ کان اڳ اهو اعلان ڪيو ته هو ديپا مهتا جي هن فلم Water جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. هن فلم جي آسٽريلين ڪئميرا اسسٽنٽ جئسمين (Jasmine Yuen Carrucan) جنهن سان هتي آمريڪا ۾ واٽر فلم جي شو تي ملاقات ٿي، ان ٻڌايو ته بعد ۾ هنن کي خبر پيئي ته اها خودڪشي به هڪ ڊرامو هو، جنهن ۾ هن کي بچايو ويو. بلڪه درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ بعد پاڻ کي ٻڌل رسو کولي ٻئي پاسي کان نڪري ويو ۽ اهو همراهه اهڙي موقعن تي پئسا وٺي ان قسم جا اسسٽنٽ ڪندو آهي ۽ اهو هن جو خودڪشيءَ جو ڇهون ڀيرو هو.
جئسمين ٻڌايو ته ”مٿين سياسي پارٽين کي حڪومت کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ خاطر ان فلم جي شوٽنگ بند ڪرائڻي هئي. هنن ديپا ۽ اسان ڪم ڪرڻ وارن کي به مارڻ جا دڙڪا ڏنا. حڪومت به مجبور ٿي پيئي ۽ اسان کي چيو ته چپڙي ڪري جتان آيا آهيو، اوڏانهن هليا وڃو. ديپا ته بس ٿي ويئي جو هوءَ ان فلم لاءِ الهه تلهه گروي رکي وڏي اٽالي سان هتي پهتي هئي، بهرحال اسان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن فلم ۾ شبانا عاظمي ۽ ننديتا داس بيواه عورتن جا اهم رول ادا ڪري رهيون هيون. ايتري قدر جو شبانا مٿي تي پاڪي به ڏياري ڇڏي جو مڙس مري ويل عورتون ٺوڙهه ڪرائي هنن لاوارث گهرن Widow Houses) ۾ رهن ٿيون. بهرحال فلم نه ٺهي اسين ڪئناڊا واپس موٽي آياسين.“
هاڻ جيڪا واٽر فلم هلي رهي آهي ۽ جنهن جي هلڻ جي شروعات هتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سئنيما هالن ۾ ڪئي ويئي آهي، ان جي شوٽنگ انڊيا ۾ نه پر سري لنڪا ۾ ٿي. ٽي سال کن فند گڏ ڪرڻ بعد ديپا ماٺ مٺوڙيءَ ۾ هيءَ فلم 2003ع ۾ سري لنڪا ۾ شروع ڪئي. ايتري قدر جو متان ڪنهن کي شڪ ٿئي ۽ وري گوڙ مچي، ديپا هن فلم (Water) جي شوٽنگ River Moon جي نالي سان شروع ڪئي ۽ پهريان وارن اداڪارن: ٺوڙهي شبانا عاظمي، ننديتا داس ۽ اڪشي ڪمار بدران نوان رکيا. انهن ۾ هڪ ته اٺ سالن جي سارالا نالي ڪنوار آهي، جنهن جي پوڙهي مڙس مرڻ تي کيس نڀاڳو سمجهي، ٺوڙهو ڪري آشرم ۾ آندو ويو آهي، جتي بيواه زالن کي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻا پون ٿا. سارالا سري لنڪا جي ڇوڪري آهي، فلم ۾ اردو (هندي) ڊائلاگ هن پاران ٻئي ڳالهايا آهن، جو هوءَ هنديءَ کان اڻ واقف آهي. هن کان علاوه چوڏهن ٻيون زالون جيڪي هن جهوني، ڊٺل ۽ ننڍي آشرم ۾ رهن ٿيون. آشرم هلائڻ واري مڌومتي(مانوراما) نالي ٿلهي، ڦيڦي ۽ ستر سالن جي هڪ پوڙهي آهي، جنهن جو ساٿي گلابي نالي هڪ کدڙو آهي، جيڪو عورتن جي دلالي به ڪري ٿو. ان سان گڏ هو مڌومتيءَ کي نشي پتيءَ لاءِ روزانو گانجو ۽ اوڙي پاڙي جي گلا مهيا ڪري ٿو. ٻئي ڄڻا گڏجي ڪلياني (ليزا راءِ) کي رنڊيءَ طور هلائين ٿا، جنهن مان آشرم جو خرچ پکو پڻ نڪري ٿو. ڪلياني سڀ ۾ سهڻي آهي ۽ هن جا وار ڪوڙي کيس ٺوڙهو پڻ نه ڪيو ويو آهي. هوءَ سارالا وانگر ننڍي آئي هئي ته هن کي ان وقت کان زوريءَ ان ڳالهه تي آندو ويو هو. ليزا راءِ پڻ ديپا وانگر ڪئناڊين آهي، جيڪا پهرين فئشن ماڊل هئي ۽ پوءِ انڊين جي فلمي دنيا بالي وڊ ۾ آئي. پاڻ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. سندس پيءُ ڪلڪتي جو بنگالي آهي ۽ ماءُ پولنڊ جي آهي. ليزاراءِ انڊين چئنل Zee Tv تان هڪ شو Beauty Mantra پڻ ڪري ٿي. نصرت فتح علي خان جي ”آفرين“ واري وڊيو ۾ پڻ ليزا آهي.
ٻين بيواه عورتن سان گڏ فلم ائڪٽريس سيما بسواس پڻ آهي، جنهن جو نالو شڪنتلا آهي. شڪنتلا ڏسڻ ۾ سهڻي آهي پر سندس سخت طبيعت ڪري مڌو متي هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ٿي ڏئي. هوءَ هندو ڌرم تي سخت پابند ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا ٻائي جون ئي ڳالهيون ٻڌندي رهي ٿي. ڪلڀوشن خربندا هن فلم ۾ ٻائو ٿيو آهي. هڪ ڏينهن ڪليانيءَ جي ملاقات هڪ خوبصورت ۽ امير گهر جي جوان نارائڻ (جان ابراهام) سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي پهرين ملاقات ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار جي ڇڪ ٿئي ٿي. پر ڪلياني هن کي سمجهائي ٿي ته هوءَ وڌوا (Widow) آهي، جنهن سان ڳالهائڻ سان به اڳلو گنهگار ٿيو پوي پر نارائڻ هر صورت ۾ ڪليانيءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو جو هو هن کي سچي دل سان چاهي ٿو. ڪلياني به پنهنجي وس کان ٻاهر آهي، جو هن جي دل ۾ به نارائڻ لاءِ بي پناهه پيار آهي. هوءَ ان راز جي ڳالهه سڀ کان ننڍي ۽ ٺوڙهي ٿيل وڌوا سارالا سان ڪري ٿي، جنهن جو فلم ۾ ”چوئيا“ نالو آهي. هوءَ اهو راز دل ۾ رکڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪريٿي پر هڪ رات آشرم هلائيندڙ ٿلهي عورت مڌو متي جي اسپنج جهڙين ٽنگن کي زور ڏيندي هوءَ اها ڳالهه هن سان ڪري ويهي ٿي.
مڌومتيءَ جي هٿن جا ڄڻ ته طوطا اڏامي وڃن ٿا. ڪلياني جو شادي ڪري آشرم ڇڏي وڃڻ سان ڪمائي هڪ طرف بند ٿي ويندي ته ڌرم جي خواري الڳ ٿيندي ته هڪ وڌوا آشرم مان ڀڄي وڃي شادي ڪئي. هوءَ ڪاوڙ مان ڪئنچي کڻي ڪليانيءَ وٽ پهچي ٿي ۽ سندس ڊگهن وارن جون چڳون ڪٽيو ڇڏي. جيئن هوءَ سهڻي نه لڳي.
ڪلياني ڪٽيل وارن سان نارائڻ سان ملي ٿي. نارائڻ سندس وارن ڪتريل مٿي تي آڱريون ڦيري هن جي ڪنن ۾ ڀڻڪي ٿو ته هو هن صورت ۾ به هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ڪلياني نارائڻ سان گڏ هن جي ماءُ پيءُ جي گهر ڏي رواني ٿئي ٿي. گهر جي ويجهو پهچي دروازي کي ڏسي هوءَ سڃاڻي وڃي ٿي ته اهو گهر ڪنهنجو آهي. پڪ لاءِ هوءَ نارائڻ کان سندس پيءُ جو نالو پڇي ٿي. نالو ٻڌڻ تي هوءَ مايوس ٿي وڃي ٿي. هوءَ اڳتي وڌي گهر ۾ گهڙڻ بدران پٺتي موٽي ٿي.
خبر پيئي ته نارائڻ جو پيءُ ڪليانيءَ کي رنڊيءَ طور استعمال ڪندو رهيو آهي. ڪلياني ڏک ۽ صدمي مان پاڻ کي گنگا ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿي. مايوسيءَ جي صورت ۾ نارائڻ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي مهاتما گانڌيءَ جو وڃي ٻالڪو ٿئي ٿو. جنهن وقت نارائڻ مهاتما وٽ وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙهي رهيو آهي ان وقت شڪنتلا آشرم جي ننڍي عمر جي ڇوڪري ”چوئيا“ وٺي اچي ٿي ۽ نارائڻ کي منٿ ڪري ٿي ته هن کي پاڻ سان مهاتما وٽ وٺي وڃ جيئن هوءَ اتي حفاظت ۾ رهي، ٻي صورت ۾ هتي هن کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائڻ لاءِ رنڊي بڻايو ويندو.
بهرحال هيءَ فلم Water)) اڃا انڊيا ۾ نه هلي آهي پر 2005ع جي شروع وارن مهينن کان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو (جتي انڊيا ۽ پاڪستان جي رهاڪن جي تمام وڏي آدمشماري آهي) ۽ هتي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ڏيکاري پيئي وڃي. آرٽ، اداڪاري ۽ ٿيم جي خيال کان هيءَ فلم تمام مٿڀري سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪيترن جي ته اها راءِ آهي ته بنگالي ڊائريڪٽر ستيجت راءِ جي فلم ”پٿر پانچالي“ بعد ديپا مهتا جي هيءَ فلم “Water” هڪ بهترين آرٽ مووي آهي.