اسان جي پاسي جا ماڻهو آمريڪا ۾.
جيڪي ماڻهو ننڍي کنڊ (انڊيا) کان لڏي آمريڪا اچي رهيا آهن، اهي هونءَ ته کڻي ”ديسي“، ”انڊين“ يا ”ايشين“ سڏجن ٿا پر Officially اهي “Indian American” (انڊين آمريڪن) سڏجن ٿا. يعني انڊيا جا ماڻهو جيڪي هاڻ آمريڪن قوميت رکن ٿا.انهن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ اهي. آهي سڀ اهي سهولتون ماڻين ٿا، جيڪي هتي جي گوري آمريڪن کي آهن.
انڊيا کان لڏي آيل انڊين کان علاوه هڪڙا ٻيا به ته هتي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي يورپين کان اڳ آمريڪا جي هن ڌرتيءَ تي موجود هئا. بلڪه يورپ کان آيل قومن: پورچوگالين، انگريزن، اسپينين، اطالوين، المانين (جرمن) وغيره، هنن ماڻهن کي ماري ڪٽي، ڊيڄاري ڌمڪائي يا لالچون ڏيئي هنن جي زمينن تي قبضو ڪري مالڪ ٿي ويٺيون. اهي ماڻهو Red Indians سڏجن ٿا ۽ عام طرح فقط انڊين به سڏجن ٿا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن فقط انڊين چوڻ سان مونجهارو به پيدا ٿئي ٿو ته اڳلو هتي جو ريڊ انڊين آهي يا ايشيا کان آيل انڊين . انڊين چيف مان مراد هتي جي اصلوڪي ماڻهن جو سردار آهي، جيڪو مٿي تي کنڀن واري ٽوپي پايو پيو هلي يا هندستان جي ڪنهن رياست جو راجا، مهاراجا يا نواب پوتار آهي جيڪو فصل لهڻ تي يا قبيلائي جهيڙا ڪرائي غريبن مان ڪڍيل پئسو ۽ پنهنجو پيٽ ڪڍي هتي عيش ڪرڻ آيو آهي. جيئن ته هتي جي اصلوڪي رهاڪن کي ريڊ انڊين سڏڻ سان ڪڏهن ڪڏهن برو ٿو لڳي جو ڪيترا ماڻهو اهو لفظ کين هيٺاهون درجو ڏيڻ لاءِ استعمال ٿاڪن، ان ڪري Officially هنن کي American Indian سڏيو وڃي ٿو. هونءَ به اڄ جي جمهوري دور ۾ هو به هن ملڪ جا اهڙا ئي شهري ۽ پاسپورٽ رکندڙ آهن، جهڙا هتي جا يورپي گورا. بلڪه ڏٺو وڃي ته هو وڌيڪ عزت جا لائق آهن جو هو هتي جا اصلي باشندا آهن، هيءِ سندن ڌرتي آهي. يورپي گورا ته پوءِ لڏي هتي اچي رهيا. جيئن اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اصل باشندا ته باگڙي، ڀيل، مينگهواڙ، ڪولهي يا برهمڻن جي ذاتين مان لوهاڻا، ڀاٽيا وغيره آهن يا کڻي چئجي ته اوڏ به هتي جا اصل سنڌي آهن. سما، سومرا ۽ ڪلهوڙا وغيره به پنجاب کان سنڌ ۾ آيا پر هل کڻي چئجي ته اهي ۽ ٻيا سماٽ قومن جا ماڻهو به کڻي ڪجهه ڪجهه جهونا سنڌي سڏجن. ٻين جي مقابلي ۾ کڻي نه ته به بلوچ قومن کان، جيڪي بلوچستان کان آيون، دراني، پٺاڻ، لوڌي وغيره جيڪي افغانستان کان آيون، قريشي، صديقي، شاهه، سيد جيڪي ذاتيون وچ ايشيا، عرب ملڪن ۽ ايران پاسي کان آيون يا ڀٽي، ڀٽا، سيال، کرل، ملڪ وغيره جيڪي پنجاب کان آيون. آمريڪا ۾ سالن کان جمهوري حڪومت، پريس ۽ خيالن جي آزادي ۽ حقن جي بحالي هجڻ ڪري هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين پڙهي لکي وڏين نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين ۾ اچي ويا آهن ۽ هاڻ ڏندين ڏاند آهن. هاڻ ڪو سندن نالو ته وٺي ڏيکاري، اکيون ٿا ڏيکارين. اسان وٽ سنڌ جا اصلي ماڻهو باگڙي، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، تعليم يا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ ايترو نه وڌي سگهيا آهن، جيتوڻيڪ پئسي ڏوڪڙ ۽ Savings ۽ انويسٽمينٽ ۾ گهڻن کان اڳيان آهن. ڪيترا اڇن ڪپڙن وارا سندن قرضي آهن. بهرحال انهن جي ته ڇا ان بعد ٻيا جيڪي سنڌ جا شاهه حاڪم ٿيا اهي به پنهنجي ملڪ ۾ پٺتي پئجي ويا آهن نه تعليم نوڪري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن ۽ نه صحت ۽ بزنس ۾. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ نه فقط سرڪار طرفان ٺهرايل اسڪول قائم ڪيا وڃن ٿا پر هي So called جنگلي ماڻهو ريڊ انڊين انهن اسڪولن ۽ اسپتالن کي پنهنجي طرفان به وڌائين ويجهائين ٿا ۽ انهن جو معيار اعليٰ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هتي جا ريڊ انڊين ۽ انهن جو اولاد ٻهراڙين ۽ شهر کان ڏورانهن علائقن ۽ ٻيلن جنگلن ۾ رهي به تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هو پاڻ کي ڪنهن به طرح نون آيل يورپي گورن کان گهٽ ٿيڻ نٿا چاهين. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته هتي جا گورا کانئن ڪن هڻن ٿا ۽ اجايو ککر ۾ کڙو نٿا هڻڻ چاهين. اسان جي پيٽارو جو چرچائي دوست قاضي احمد جو محمد سميع جادران جيڪو ويهارو کن سالن کان هتي آمريڪا ۾ آهي، کان هڪ گوري آمريڪن پڇيو:
Are You Immigrant?
يعني تون لڳي ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کان هاڻ هتي آمريڪا ۾ آيو آهين. جيڪا ڳالهه هئي ته صحيح پر اسان وارو سميع به ننڍپڻ کان حاضر جواب ۽ جيسوءَ کي تيسو چوڻ وارو آهي، تنهن ڪاوڙ واري شڪل ٺاهي هن کي چيو:
”ڇا مطلب؟ ڀيڻان تون هوندين Immigrant آئون اوريجنل انڊين آهيان. سنڀالي ڳالهاءِ“. سميع جي اهو چوڻ تي هو چلتو ٿي ويو. بعد ۾ سميع ٽهڪ ڏيئي چيو: ڏس رڍ جو پٽ گورو پاڻ کي هن ملڪ جو مالڪ ٿو سمجهي. ڀيڻان اسان ويهه سال اڳ آيا آهيون ته توهان وري هن ملڪ ۾ ڪهڙو صديون اڳ آيا آهيو. توهان به اسان وانگر هن ملڪ ۾ پناهگير آهيو. توهان کڻي چاليهه سال اڳ آيا آهيو. يا توهان جا ابا ڏاڏا سؤ سال اڳ آيا پر هي ملڪ توهان جي بابي جو ته نه هو.
”خبر اٿئي هو ويچارو اهو سمجهي ڊڄي ويو ته تون ڪو Red Indian آهين.“ مون سميع کي چيو. ”بلڪل. منهنجو مطلب به اهو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇي ها ته قسم کڻي به چوانس ها ته آءِ ايم انڊين، ڇو اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جو انڊيا سان تعلق ڪو نه هو ڇا؟!“