ڪالم / مضمون

ڪرونا وائرس ۽ سياسي معيشت

هن ڪتاب جا مکيہ موضوع، سياسي معاشيات، ڪرونا جي وبا جا سماجي نظامن خاص ڪري سرمائيداري نظامن تي ۽ سماج جي مختلف شعبن خاص طرح صحت، تعليم ۽ سياسي سرشتن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيل آھي۔ ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ٽن حصن ۾ ورھايل آھن. پھرين ۽ ٻئي حصي ۾ 2020/2019 دور جي سياسي ۽ معاشي مسئلن متعلق مضمون آھن. ٽئين حصي ۾ خاص ڪري ڪورونا جي صورتحال ۽ ان مان جنم وٺندڙ صحت، معاشيت سماجي ۽ سياسي مئسلن تي مشتمل مضمون آھن. اھي مضمون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙھيل ۽ اخبارن ۾ ٿوري فرقن سان ڇپيل آھن. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ مضمون اندازن 20 کان 22 سال پراڻا آھن. اھي  مضمون ان وقت جي معاشي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا ھئا.

Title Cover of book ڪرونا وائرس  ۽  سياسي معيشت

مهاڳ

هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙي جي اخباري ڇپيل مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي هن مختلف وقتن تي تحرير ڪيا آهن. ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو هڪ معاشي ماهر ۽ معاشيات جو استاد آهي. جيتوڻيڪ پاڻ ڪافي وقت کان سنڌ کان ٻاهر آهن پر سندس ناتو سنڌ ۽ عوام کان ڪڏهن به ڪٽيل نه رهيو آهي. سندن بنيادي علمي، سياسي ۽ نظرياتي تربيت عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم کان ٿي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ عالمي وبائي بيماري ¬_ ڪرونا وائرس بيماريءَ جي عالمي معيشت، خاص طور تي ترقي يافته سرمائيدار ملڪن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيو آهي. هن مضمونن ۾ نه رڳو سرمائيداري نظام، ڪرونا وبا جي حوالي سان پتا پڌرا ڪيا آهن پر مستقبل ۾ اهڙن وبائن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حل به “گڏيل عالمي سهڪار” جي صورت ۾ ڏسيو آهي.
ڊاڪٽر هڪڙي جي تحقيق ۽ قلم جا موضوع تمام گهڻا مختلف ۽ گوناگون آهن. سندس دانشواراڻه ڪينواس تي معاشيات، سياست، عورتن جي آزادي، ڪردن جي تحريڪ، امريڪي الڪيشن ۽ سياست، تعليم، سنڌ جون مادر علميون، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جا، سوين رنگ چٽيل آهن. هو جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو، ان جي ثبوت طور هو ڪئين انگ اکر پيش ڪري ٿو. ان ڪري سندس لکيل ڳالهه کان انڪار ڪرڻ ڪنهن به ماڻهو لاءِ تمام گهڻو مشڪل هجي ٿو. هو پنهنجن مضمونن ۾ جيڪي تشبيهون ۽ فقرا استعمال ڪري ٿو، اهي به پنهنجو مثال پاڻ آهن، جيئن آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کي “واڻيو چوڻ”، پاڪستان جي معيشيت کي هڪ “هيروئني” سان ڀيٽ ڏيڻ، جيڪو هيروئن جي پڙي هٿ ڪرڻ لاءِ گهر جا ٽپڙ به وڪڻندو ويندو آهي. ملڪ جي معيشت کي “قرض جو عادي” يا “ناسوري معيشت”، بنيادي انساني حقن تي لکندي هو چوي ٿو، “ماڻهو ماڻهو نه پر مِرُون آهي.”
پنهنجي مضمون “ايڪيهين صديءَ جون ممڪن واٽون” ۾ ڊاڪٽر هڪڙي، روس جي ٽٽڻ کانپوءِ سياسي ۽ معاشي نظام جو بهترين تجزيو ڪيو آهي. هو لکي ٿو، “سرمائيداريءَ کي منافعي کان سواءِ کليل لفظن ۾ ٻي ڪا واٽ ئي ناهي، جنهن جو مطلب سڌيءَ طرح استحصال کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه آهي، اهو نظام پاڻ کي نفعي کانسواءِ محدود ڪري ئي نه ٿو سگهي. اهو مسلسل منافعي جي اصول تي ئي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن سست رفتاري ڪندو ته بيروزگاريون پئدا ڪندو، جي تيز رفتاري وٺندو ته اڻبرابريون ۽ ناهمواريون پيدا ڪندو”. اڻبربرابين ۽ ناهموارين جي هڪ جهلڪ آڪسفيم جي هن رپورٽ ۾ ڏسو ته دنيا جي 99 سيڪڙو آباديءَ وٽ دنيا جي 99 سيڪڙو دولت آهي. هڪ سيڪڙو امير ترين آباديءَ وٽ دنيا جي 50 سيڪڙو دولت آهي ۽ دنيا جي 62 امير ترين ماڻهن وٽ جيتري دولت آهي، دنيا جي اڌ آبادي يعني 3.6 ارب آبادي وٽ نه آهي”. ته پوءِ ڇا اهڙي انسان ـ دشمن (سرمائيداري) نظرئي/نظام کي “حتمي” چئي سگهجي ٿو، جيئن سرمائيداري نظام جا حامي دانشور اهڙي دعوي ڪن ٿا؟. ڇا سوشلزم جي خاتمي کي تاريخ جو انت قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟ يا ڪو نئون عالمي سياسي معاشي مستقبل ۾ سرمائيداري نظام جي جڳهه والاري سگهي ٿو؟ ڇا انسان ذات جي مقدر ۾ اهوئي ڦرلٽ تي ٻڌل سرمائيداراڻو نظام لکيل آهي؟ هرگز نه. انسان ذات جي اڪثريت هڪ ڏينهن ضرور هن اڻبرابريءَ واري نظام جو خاتمو ڪندي.
ڪمپيوٽر، ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ، ٿري.ڊي پرنٽنگ، بائيوٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل انٽيليجنس، بگ ڊيٽا الگوردمس ۽ صنعتي آٽوميشن ڇا اهي نيون ٽيڪنالاجيون سرمائيداري نظام کي ختم ڪنديون يا ان جي ڦرلٽ جا نوان هٿيار بڻجنديون؟ يووال نوح حراري، ايڪيهين صدي جي دانشور مطابق مصنوعي ذهانت، انسان جي معاشي اهميت ۽ سياسي طاقت کي ختم ڪري سگهي ٿي (پڙهو ڪتاب، “ٽوينٽي ون ليسنس فار ٽئنٽي فرسٽ سينچري” يووال نوح حراري). هن جي چوڻ مطابق بايوٽيڪنالاجي اقتصادي اڻبراريءَ کي حياتياتي اڻبرابريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. اهڙي طرح انسان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مختلف حياتياتي ذاتين (Biological caste) ۾ ورهائجي ويندا. بايو انجنيئرنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي گڏجي وڃڻ سان مستقبل ۾ انسان ذات اعلي انسانن (Super Humans) جي هڪ ننڍڙي طبقي ۽ بيڪار انسانن (Homo_sapiens) جي هڪ تمام وڏي طبقي ۾ ورهائجي وڃي سگهي ٿي.
ڊاڪٽر هڪڙي گهڻي ڀاڱي معاشيات جي موضوعن تي لکيو آهي. معاشيات هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو عام ماڻهو جي سمجهه کان مٿي آهي پر اسان کي خبر آهي ته سماج کي معاشيات ئي هلائي ٿي. مارڪس جي تحقيقي ڪتاب “داس ڪيپيٽل” جي اڄ به اهميت آهي. هڪ معاشي ماهر هجڻ جي ڪري، ڊاڪٽر هڪڙو، ڪوويت ملڪ جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ واري وزير جو مشير به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر هڪڙي جي مضمونن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جا پاليسي ساز ادارا هن جي ڏسيل تجويزن ۽ تجزيي مان رهنمائي حاصل ڪري سگهن. نه رڳو ايترو پر حڪومت کي کپي ته ته اهڙم معاشي ماهرن کي پنهنجو صلاحڪار ڪري کڻي، جيئن هي ملڪ ۽ ان جو غريب عوام غربت مان ٻاهر نڪري سگهي.


ڊاڪٽر سڪندر علي مغل
30.11.2020