هيءَ وبا مستقبل جي معاشي شڪل کي ڪيترو تبديل ڪندي؟
سرمائيدارحڪمران رات وچ ۾ بلين ۽ ٽرلين اربن ۽ کربن جا “بچاءَ جا پيڪيج” اعلان ڪري رهيا آهن. اسپين جهڙي ملڪ صحت کي نيشنلائيزيشن يا سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي حڪومت ٻه کربن ڊالرز جو پيڪيج اعلان ڪيو آهي. جيڪي ماڻهو ۽ حڪمران ماحوليات جي تباهيءَ تي چٿرون ڪندا هئا، انهن کي هينئر ڪارخانا بند، روڊ رستا ۽ زندگي، بارڊر سڀ بند، سڀ ڪجهه بند، حڪومتن جون بحثون، اوليتون سڀ ابتي منهن پٽ اچي پيون آهن. جيڪي معاشي ماهر يا سرمائيدار معيشت جا ٻولڙيا / ڀولڙا منڊين کي سماجي مفادن تي ترجيح ڏيندا هئا، اهي سڀ ڳئون جي مٿين ڏندن وانگر غائب ٿي ويا آهن. هي سڀ پيڪيج، ظاهر آهي ته لاڪ ڊائون يا هنگامي حالتن جي ڪري ڏنا ويا آهن، پر سڀني کي خبر آهي ته جيئن ئي هنگامي حالتون ختم ٿينديون، سڀ حڪمران وري ساڳيو ورد ڪندا ته “سرمائيداريءَ کان سواءِ ڪو ٻيو حل آهي ئي ڪونه.”
هينئر وبا ۽ هنگامي حالتن ان هڪ ڳالهه کي صاف ۽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته گذريل چاليهن - پنجاهن سالن جي لبرل معيشت، منڊين جي عالمي نظام ۽ رياستن جي ڍانچن جي پاليسين جي ابتڙ، گڏيل سهڪار ۽ عوامي ڀلائي ئي حقيقي رياست جو اهم مقصد هجڻ آهي ۽ ان طاقت کي ڪيئن عوام جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻجي. ڪرونا وائرس حڪمراني ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود کي اولين شرط ڪري واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن بحران سڄي دنيا جي معاشي، نظرياتي ۽ ثقافتي لڪيرن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. هينئر امڪان آهي ته معاشي طور نئين صف بندي ٿيڻ شروع ٿيندي. اسان دنيا جي عوام دوست ۽ عوام دشمن ملڪن ۾ واضح تقسيم ٿيندي ڏسي رهيا آهيون. سڄي دنيا جو عالمي مالياتي ۽ سرمائيداراڻو نظام نئين شڪل ۾ ظاهر ٿيندو. نظام جون واڳون واضح طور تي آمريڪي هٿن مان کسجي چيني هٿن ڏانهن ويندي نظر اچن ٿيون.
دنيا هڪ طاقت مان گهڻ طاقتي حڪومتن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. دنيا جي طاقتن جا محور تبديل ٿين يا نه ٿين. پر هڪ ڳالهه واضع آهي، ته سڄي دنيا ۾ سياسي دز/ڌوڙ هيٺان لڪيل تهه نڪري نروار ٿيندا ۽ گهڻ رخي رفتار سان هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا. وبا تي ڪنٽرول ٿئي نه ٿئي، پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته ايندڙ وقتن ۾ معاشي زلزلو ۽ بحران وڌيڪ شديد ايندو. وبا ته هڪ فيوز يا سرڪٽ بريڪر آهي، پر عالمي نظام جي سڄي مکيه سوچ/بٽڻ کي ئي ساڙي ڀسم نه ڪري ڇڏي.
مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي؟
وبا ته رڳو هڪ اشارو آهي. ايندڙ وقتن ۾ ممڪن نيون صف بنديون ٿينديون، نوان سياسي معاشي بلاڪ ٺهندا، زندگيءَ کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ترتيب ڏيڻ جا نوان خيال پيش ٿيندا. واپار ۽ ڪاروبار نون طريقن سان ٿيندا. سير سفر جا ماپا ۽ معيار ٻيا هوندا، يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ جا طريقا بدلبا. گهر يا آفيس مان ويهي ڪم ڪجي يا ٽريفڪ تي بار نه وجهجي. گهڻن ماڻهن کي هينئر ئي خبر پئجي ويئي آهي ته گهر ۾ ويهڻ، خاندان سان ۽ ٻارن سان وقت گذارڻ، گهران ڪم ڪرڻ، ماحول ۽ فطرت لاءِ فائديمند آهي. انسان ذات کي هينئر سوچڻ جو سٺو موقعو مليو آهي ته ٻن صدين ۾ انسانن جي عملن جي ڪري، سرمائيدارن جي منافعن ۽ جنگين جي ڪري انسانن ۽ فطرت جو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي. هينئر هنن بحرانن جي ڪري، اها اميد پيدا ٿي آهي ته فطرت جي تباهيءَ کي ٿورڙو محتاط ٿي، پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻي، هڪٻئي سان سهڪار ڪري، ماحوليات جو پڻ تحفظ ڪري سگهجي ٿو.
ڪجهه ماڻهو ته اڃان تائين سرمائيداراڻي بيمار سوچ مان جان آجي نه ڪرائي سگهيا آهن. برطانيه جي هڪ صحافيءَ ته چئي ڏنو ته، “هن بحران اسان لاءِ هڪ موقعو پيدا ڪيو آهي ته پوڙهن جي آباديءَ مان جان ڇڏائجي.”
سڄي دنيا جي عوامي، حڪومتن ان جي اُبتڙ، سالميت جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي. ڪيوبا، چيني، روسي ۽ ٻين غريب عوام نه رڳو پنهنجن پاڙيسرين، آفيسن ۾ گڏ ڪم ڪندڙن ۽ دوستن جي هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي پر ساٿ به ڏنو آهي. سرمائيداريءَ جي 250 سالن جي تاريخ ۾ ڪٿي هڪڙو به مثال موجود نه آهي، جنهن ۾ هن ڪن ڪمزورن، محڪومن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن جي ائين خدمت ڪئي هجي جهڙي چيني ۽ ڪيوبا جي عوام هينئر سماجي طور اهو ڪري ڏيکاريو آهي ته اسين هڪ ٻئي جي سهڪار ۽ سالميت سان اهڙو معاشرو قائم ڪريون جيڪو گڏيل، سهڪاري ۽ هڪٻئي جو مددگار هجي ۽ هينئر اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته گڏپ ۽ سهڪار ۽ سالميت سان ئي مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
سرمائيدار دنيا بارڊرن کي بند ڪري ڇڏيو، ويزائون رد ڪري ڇڏيون، پنهنجي ۽ ٻاهرين ملڪن جي شهرين کي داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، اهڙين حالتن ۾ به ڪيوبا جي عوام برطانيه جي ڪروز شپ کي انساني همدرديءَ تحت ڪرونا وبا ۾ جڪڙيل مريضن کي پنهنجي ملڪ جي پورٽ تي لهڻ جي اجازت ڏني، چيني عوام سڄي دنيا کي طبي سازو سامان موڪليو. عام طرح اهو ممڪن نه آهي، پر اهو چين ڪري ڏيکاريو. جيڪي ملڪ نجي شعبي ۽ منڊين تي ڀاڙيندا هئا، انهن ملڪن ۾ ته ٽشو پيپر، طب جو سامان، سينيٽائيزر ۽ ماسڪ به اڻلڀ ٿي پيا.
ڪرونا وائرس جي نتيجي ۾ هينئر دنيا ۾ ممڪن آهي ته بيروزگاري وڌي. ڪارپوريشنن ۽ ڪمپنين ماڻهن کي اڳ ۾ ئي بيروزگار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. حقيقي اجرتون هونئن ئي گهٽ هيون، پر بحران جي ڪري معاشي اڻ تڻ ۾ اضافو ٿيندو ۽ ممڪن آهي ته حڪمرانن کي مستقبل ۾ عوام جي ڪاوڙ ۽ نفرت کي منهن ڏيڻو پوندو، اها ڳالهه امڪان کان ٻاهر نه آهي ته ڪن ملڪن ۾ سياسي انقلاب به اچن. وائرس، ٻئي طرف حڪمران طبقن لاءِ هڪ موقعو به پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جا غدار طبقا پنهنجي صدين جي رت چوس عادت ۽ استحصال کي ڦٽو ڪرڻ بدران نوان عوام دوستي، وطن دوستي ۽ قوم دوستيءَ جي روپ ۾ رات وچ ۾ عوام جا رکوالا ٿي اڀرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ نون طريقن سان عوام کي ڊيڄاريندا.
سنڌ حڪومت ۽ فيڊرل حڪومت اهڙا ڊراما ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته بحرانن ۾ سندن قرض معاف ڪيا وڃن يا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ رات وچ ۾ ڪرپٽ حڪمران عوام کي صابڻ مهيا ڪري ڏيندا.
عالمي بحرانن کي ڪڏهن به قومي ۽ محدود خود غرضيءَ جي سوچ ۾ ڏسڻ بيوقوفي هوندي، اهڙي وقت ۾ سڄي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سالميت ۽ بين الاقوامي سهڪار کي هٿي ڏجي. حڪمرانن جا مفاد تمام ننڍڙا ٿين ٿا. پنهنجي حڪمرانن جو حال پورو آهي. 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ يا ڪنهن سياسي بحران جي ڪيفيت ۾ سندن ڪردار ۽ صلاحيت ظاهر ٿي پئي ۽ سڀني ڏٺو ته اهڙين حالتن ۾ سندن ڪمزور دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. دنيا جي روشن خيال ۽ ترقي پسند سالميت ۾ يقين رکندڙن کي خبر آهي، ته هي وقت بحرانن جي ڪيفيت کي سمجهڻ بدران عمل جو آهي ۽ عمل به ائين، جيئن چيني عوام ڪري ڏيکاريو. اسان کي اِها خبر هئڻ گهرجي ته ايندڙ وقتن ۾ دنيا ساڳي نه رهندي، دنيا کي بدلجڻو آهي _ تبديلي اڻٽر آهي. اسين رڳو هڪ ڪم ڪريون ته ايندڙ ٺهندڙ دنيا ۾ اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيئن ٿا ڪريون، ان سڄي بحث ۾ اسان ڪيترا لاڳاپيل آهيون ۽ پاڻ کي تبديل ڪريون ٿا يا نه. اهو سوال اهم آهي.
دنيا ساڳي رهندي يا نه؟
اهڙين هنگامي ۽ بحرانن جي حالتن ۾ اسان کي خبر آهي ته حڪومتون عوام جي آزادين حرڪت، سياسي چرپر ۽ هلچلن تي راتاها هڻنديون. اسان کي اها به خبر هئڻ گهرجي ته دهشتگرديءَ جي دور ۾ به تحفظ ۽ سيڪيورٽيءَ جي نالي ۾ ٽيڪنالاجين وسيلي اسان جي هر سياسي عمل جي نگراني ڪئي ويندي هئي. اهڙو ڪوبه عمل، جيڪو حڪومتن لاءِ خطرناڪ هجي، ان جي ردعمل ۾ اسان کي زبردستيءَ خاموش ڪرايو ويندو، رات وچ ۾ کنڀيو ويندو يا سياسي طور خريديو ويندو. حڪمران عوام جون آزاديون ننگي نموني بحرانن جي نالي ۾ کسيندا ۽ ائين هنگامي حالتون ختم ٿينديون ته به نه هٽائيندا، ڇاڪاڻ ته اهائي سرمائيدار، لبرل معيشت ۽ رياست جي اولين ضرورت آهي ته رياست کي ڪمزور، ڊڄندڙ ۽ گيدي شهري گهرجن، جيڪي حڪمرانن جي تعبيداري ڪندڙ هجن، پر اسان کي سياسي ۽ شهري حقن تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي.
يورپ جي هڪ سياسي فلاسافر ته حڪمرانن کي ماڳهين چئلينج ڪري ڇڏيو. حڪمرانن کي چيائين ته، “جيڪڏهن اوهان طاقتور آهيو ته ڏيکاريو ته اوهان ڇا ٿا ڪري سگهو، ڇا اوهان اهو ڪجهه صاف ۽ شفاف نموني جمهوري طور ڪري سگهو ٿا، جيڪو ڪجهه چين ڪري ڏيکاريو آهي.” سڄي دنيا جي محب وطن ۽ عوام دوست حڪمرانن عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي. هي اهوئي وقت آهي جڏهن عوام حقيقي معنى ۾ باصلاحيت، ذميوار، سخت پورهيو ڪندڙ حڪومت ۽ حڪمرانن جي عزت ڪندا آهن.
پاڻ جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ جتي هر اداري ۽ حڪومت تي چند آمرن جو ڪنٽرول هجي، حڪمران سالن کان تعبيدار بڻيل هجن، اتي وري صحت جي نظام جي ڇا صورتحال هوندي؟ پنهنجي ملڪ ۾ صحت ته ڇڏيو، صحتمند ماڻهن لاءِ زندگيءَ جون بنيادي سهوليتون ئي اڻلڀ آهن.
هن بحران حڪمرانن جي ميزائلن، ائٽم بمن، ٽينڪن ۽ حڪمرانيءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. صحت جو عملو ناڪافي، دوائن جي کوٽ، ماسڪ ۽ سينٽائيزر اڻلڀ، الٽو صحت جو شعبو ئي منافع خور نجي شعبي حوالي. نجي شعبي پهريان ڪهڙا صحت ۾ ڦاڙها ماريا آهن جو هينئر اسان جي صحت ٺيڪ ڪندا. سڄي دنيا ۾ صحت عوامي شعبو آهي، ڇو جو ان جو زندگيءَ سان واسطو آهي. ان نازڪ زندگيءَ کي نجي يا پرائيويٽ منافع خورن جي حوالي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ صحت بجيٽ جو آخري اسم ۽ نه هئڻ برابر بجيٽ هوندي آهي. حڪومت جي ڪا واضح حڪمت پاليسي ئي نه آهي. ايمبولنسون اڻلڀ، ڪتن جي چڪ جون ويڪسينون اڻلڀ، انهن شين حڪمرانن جي پول کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن صحت جي هنگامي حالت ۾ چاليهه _ پنجاهه هزار ڪرونا جي مريضن تي ڪنهن سڪيورٽي اداري کي گهرائڻو پوي ته ان مان اسان جي حڪمرانيءَ جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. صحت جي شعبي ۽ اسپتالن کي فوراً سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي. صحت جي خدمتن جي نجڪاري ترقي يافته ملڪن ۾ ناقابلِ قبول آهي. فرانس جي صدر ان جي نجي ۽ لبرل پرائيويٽائيزيشن نجڪاريءَ تي سوال اٿاريو ۽ ان کي واپس وٺڻ جو يقين ڏياريو. ميڪسيڪو ۾ ڪجهه عرصو اڳ اتان جي صدر بئنڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو، ان دليل سان، ته جيڪڏهن بئنڪون عام ۽ غريب عوام تائين نٿيون پهچي سگهن ته اها رياست جي ذميواري آهي ته بئنڪن کي عوام تائين پهچائجي. ڀلا عوام جي بهبود ۽ ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ مهل ان ڳالهه کي ٿوروئي ڏسبو ته بجيٽ جا خسارا يا قرض ڪيترا آهن. ههڙين وبائي حالتن ۾ اهم ڳالهه اِها آهي ته ڪيئن هرهڪ زندگيءَ کي بچايو وڃي. ملڪ جا ائٽمي هٿيار، بم، ٽينڪون، ورتل قرض جيڪڏهن عوام جو گهربل تحفظ نه ڪري سگهن ته اهڙي سيڙپڪاري بيڪار آهي. دراصل هنن بحرانن اهڙي راز کي کولي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتن کي هينئر وري سانباها ڪري، قرضن ۽ خسارن جا ڏٽا ڏيئي، ڳريون ٽيڪسون مڙهي، بجلي ۽ تيل جا اگهه مهانگا ڪري، وسيلن کي بچاءَ، دفاع ۽ ورتل قرض لاهڻ جهڙا بهانا هينئر هلي نه سگهندا.
هينئر دنيا ڳنڍيل آهي، قرض ڏيندڙ ملڪ ۽ ادارا پاڻ به بحرانن ۾ ورتل آهن. تنهنڪري محدود “قومي سوچ” عالمي بحرانن جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. عالمي مالياتي منڊيون خود خطري ۾ آهن. اسٽاڪ مارڪيٽون ويهجي ويون آهن. سعودي عرب ۾ سياسي بحران آهن، ته ڇا اسين ان بحران ۾ هڪ طرفا ٿي رڳو پنهنجي گهر جو بچاءُ ڪريون؟ جڏهن وبائون ڦهلجنديون، جنگيون لڳنديون، هجرتون ٿينديون، واپار ۽ ماحولياتي تبديليون اينديون، ته ٻيڙي رڳو اسان جي نه بچندي، پر انهن جي به بچندي جيڪي اهڙين حالتن ۾ بحرانن کي منهن ڏيڻ جهڙا، لائق ۽ باصلاحيت هوندا. ان لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ معيشيت ۽ انسانن ۾ سيڙپڪاري ايتري مضبوط هجي جو اهڙي قسم جي طوفانن ۽ وبائن جو مقابلو ڪري سگهجي.
هنن بحرانن هڪ ڳالهه کي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته وسيع آباديءَ کي جاهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي. هينئر اهو تجسس ۽ اميد پيدا ٿي آهي ته انساني ۽ پيداواري وسيلن ۽ حڪمرانن کي سالميت ۽ گڏيل سهڪار سان منظم ڪرڻو پوندو. حڪمران پنهنجي طاقت ۽ ڪنٽرول برقرار رکڻ لاءِ عوام جي آزادين ۽ وسيلن تي راتاها هڻندا؟ ڇا عوام جي طاقت پنهنجي حاصل ڪيل سياسي حقن تان دستبردار ٿيندي يا حڪمرانن جي طاقت کي نظر ۾ رکندي، نئين جهان اڏڻ جي جدوجهد جاري رکندي؟
قوي امڪان آهي ته سڄي دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم عوام ۽ طبقا هن ڦرلٽ، استحصال ۽ عالمي ٽربو سرمائيداري، ماليتي لبرل معيشت تي سنڌائتو ڌڪ هڻي، هڪ نئون جهان اڏيندا، جيڪو نسبتاً گهٽ ظالماڻو ۽ گهٽ استحصالي هجي.