اچو ته وطن دوستيءَ جا معيار مقرر ڪريون
بني جس ڪي تم دوست،
اس ڪا دشمن آسمان ڪيون هو؟
جڏهن به ڪنهن نئين اتحاد جو چوٻول ٿيندو آهي، اخبارن جا ڪالم ئي اهڙن مقابلن جو ميدانِ جنگ هوندا آهن ۽ ساڳئي ميدان تي اسان جا پسنديءَ ۽ ٻين لقبن جا ترا ٻڌي يا ٻڌرايو ميدان ۾ لهي پوندا آهن ۽ پوءِ ملاکڙو شروع.... ڪارڪنن جي “واهه واهه”، “ارشاد ارشاد” کان ٿيندو سندن ڄاڙي باز ڪارڪنن تائين پهچندو آهي. پوءِ ته هر گهٽيءَ، چوڪ ۽ هوٽل تي پنهنجن پنهنجن اصيلن ۽ ٽرڙن جي کڙهن ۽ ميلن جو ذڪر وڏي شان مان سان ٿيندي نظر ايندو.
هينئر به موسم وري ڦيرو کاڌو آهي. شايد سنڌ کان هڪ خطا وڌيڪ ٿي وئي آهي جو سنڌ غدارن سان گڏ هنن مها قومپرستن، مها جمهوريت پسندن، مها انقلابي اڳواڻن جون جهلون ۽ هڪلون به برداشت ڪري ٿي. هي جو مورڳو جهلجي نٿا جهلجهن، هڪٻئي تي جهلون، هوءِ هوءِ، ڄڻ ته سنڌ جي درد ۽ فراق ۾ هنن جا رت ڳوڙها سڪن ئي نٿا، سنڌ جي سور ۾ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن، مانيءَ ڳڀو به ڄڻ زهر ٿو لڳين، سڄي سنڌ کڻي مٿي تي کنئي اٿن، تهمتون، الزام، فتوائون، فلاڻو غدار، فلاڻو شيطان، فلاڻي کي پجيرو، فلاڻو رهبر، فلاڻو رهزن، فلاڻو غدار، فلاڻو ڇاڙتو، فلاڻو پگهاردار.....
ان بحث جي آجيان ڪندي ڪجهه نماڻا عرض ڪندس ته اچو ته وفاداريءَ ۽ غداريءَ جا معيار مقرر ڪريون، ته اسان وٽ ڪير قومپرست ۽ ڪير جمهوريت پسند آهي. ڪير دودو ۽ ڪير چنيسر آهي، ان پرک جو معيار ڪهڙو آهي؟ هڪ وطن دوست ۽ قومپرست ماڻهوءَ جو اسان سنڌي ماڻهن جي نظر ۾ معيار ڪهڙو آهي؟ ڪير ڪيترو برو يا چڱو آهي؟ وطن دوستيءَ جا ڪيترا ڪم ڪيا اٿائين؟ ڪٿي قوم کي ڏکيءَ مهل ۾ ڇڏي ڀاڄ ته نه کاڌي اٿائين ۽ پيش ته نه پيو آهي؟
اسان جي تاريخ جي بدنصيبي اها آهي ته اسين تاريخ ۾ ڪو حساب ڪتاب رکڻ ڄاڻون ئي ڪونه. آئون کڻي قوم ڪهائي ڇڏيان، دشمن جو ڇاڙتو ٿي، وطن دوستيءَ جا چوغا پهري، اندران ئي اندران کاٽ هڻي، ٺهيل ڪم ڊاهي ڇڏيان، ڪو حساب ڪتاب ڪونه ٿيندو. چڱي ۽ بري ڪم جي ڪا جزا ۽ سزا ئي ڪانهي! جيڪڏهن ڪنهن چڱي ڪم جي شاباس ئي نه هجي ۽ بري ڪم لاءِ ڪو حساب ڪتاب ئي نه هجي ته آخر ماڻهو چڱو ڪم ڪري ڇو؟ يا بري ڪم کان پاسو ڇو ڪري؟
ماشاءَ الله! سنڌ ۾ رهبرِ اعظم، ڏهيسرن، جوڌن ۽ دودن جي ڪا کوٽ نه آهي. هن قوم تي رهبريءَ جا ڪيڏا نه وڏا احسان آهن پر قوم اچي مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتي آهي، سون به مٽي ٿي ويا آهن، ٺهيل ڪم به خراب ٿيو وڃن، سوڀارا قافلا به راتاهن جو شڪار! ماراماري، ڀاڄ، مايوسي، مرڪندڙ چهرا به اوڇنگارون ڏين، علم، روشنيءَ ۽ تعليم جو ڪارو منهن، رهيل کهيل قوت تي به تئو ۽ تيل مکيل، غداريءَ ۽ وطن دشمنيءَ کي انعامن جا تمغا سمجهيل، هر سياسي ڪارڪن جي چهري جي حالت سروم دکم دکم جهڙي آهي.
سچ پڇ او سنڌڙي! روز مرون ۽ جيئون پيا!
*
جه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟
هر ماڻهو سوال ڪري ٿو، آخر هي ڇا آهي؟ ڪهڙو لقاءُ آهي؟ ڪهڙو ظلم آهي؟ ڇا سنڌ جو مستقبل غير يقيني آهي؟ اسان جو گڏيل جاگرافيائي، اقتصادي ۽ سياسي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ انهن سوالن تي سوچڻ بدران شير شاهه جا شڪرا بڻجي، گهر جا ڪڪڙ مارڻ ڪٿان جي سياڻپ آهي؟
قومپرست سياست ڇا ٿيندي آهي ۽ وفاق پرست سياست ڇا ٿيندي آهي؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن تي هڪٻئي تي حملا، گاريون.....
وه اُٺـي تـو لاک فـتني اُٺي،
چلي تو قيامت بپا هوگئي.
ائين ويٺي قيامت مٿي تي کنئي اٿن. اچو ته ڀلا ٿورو غور ڪريون ته وفاق پرست سياست ڇا آهي ۽ قومپرست سياست ڇا آهي؟
ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ اڪيلي، جدا ۽ الڳ نه آهي. هرهڪ شيءِ ۽ لقاءُ، ٻي شيءِ ۽ لقاءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ اثر وٺي ٿو. اسين هينئر پنهنجي تاريخ جي جنهن ٻه واٽي تي بيٺا آهيون، اتي اسين پاڻ کي گهڻو وقت بچائي سگهنداسين، ان جي ڪا خبر نه آهي. ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ خاص ٻن قسمن جا: هڪڙا اندريان ۽ ٻيا ٻاهريان. ٻئي هڪٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ اثر وٺن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اندريان تضاد وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن، بلڪ هڪٻئي کي متاثر ڪندا آهن ۽ هڪٻئي ۾ سمايل هوندا آهن، مثال طور: هزارين سالن کان سنڌو نديءَ جي هماليه جبل تي ٿيندڙ موسمي تبديلي (برف جي پگهرجڻ) اسان جي هن خطي جي سرسبزيءَ تي اثر نه ڪيو آهي؟ جيڪڏهن تاريخ ۾ اسان جا تعلقات ڀرپاسي جي قوتن سان سٺا هجن ها ته اسان تي ارغون، عرب ۽ انگريز قابض ٿي سگهن ها؟ جيڪڏهن 70ع جي ورهاڱي وقت ننڍن صوبن جو پاڻ ۾ اتحاد هجي ها ته بنگال تي ائين ننگي جارحيت ممڪن هجي ها؟ جيڪڏهن اسٽالن، هٽلر جي نازي ازم سان مقابلو نه ڪري ها ۽ انگريز ڪمزور نه ٿئي ها ته ڇا اڄ اسين انگريزن کان آزاد هجون ها؟ جيڪڏهن 73ع جي جدوجهد ۾ سنڌي ماڻهن جا ٻين صوبن جي ماڻهن سان سٺا تعلقات هجن ها ته ڇا ائين اڪيلا ماريا وڃن ها؟
ڇا دنيا جي هڪ حصي ۾ ٿيندڙ تبديلين جو دارو مدار ۽ اثر ٻئي خطي، ملڪ ۽ قوم تي نٿو پوي؟ ڇا اسلام آباد ۽ واشنگٽن (وائيٽ هائوس) ۾ ٿيندڙ چرپر سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي؟ رڳو روس جو ٽٽڻ، گلف جنگ ۽ افغانستان جي جنگ دنيا سان گڏ سنڌ ۾ تبديلي جا اثر ڦٽا نه ڪيا آهن؟ ۽ خاص ڪري افغانستان جي جنگ ڪري سنڌي ماڻهن مٿان ۽ هن ملڪ تي ڊگهي عرصي تائين ڊڪٽيٽرشپ رهندي آئي آهي. شيون ۽ واقعا گڏ آهن.
اها سنڌ دشمنن جي پروپئگنڊا آهي ته سياست صرف سنڌ جي پاڪ ۽ صاف آهي، اها قومي ٿيندي آهي. ڇا ويڙهه رڳو گهر جي ديوارن ۾ ٿيندي آهي؟ ڇا دشمن کي گهر ۾ وائڙو ڪرڻ، پنهنجا اتحادي پيدا ڪرڻ. هر سياسي ۽ نفسياتي جنگ ميدان ۽ ايوانن ۾ نه ٿيندي آهي؟ خالص سنڌ جي سياست مان ڇا مطلب آهي؟ دنيا جا سڀ بدمعاش گڏ هجن، انهن جون مٽيون مائٽيون هجن، هزار سالن تائين بدمعاشيءَ جو تجربو رياستي مشينريءَ کي هجي ۽ اسين هڪ ٻئي کي چئون بابا! تون پجيرو تي ڇو چڙهي آئين؟ تون اتحاد ۾ موقف رکي شيطاني ٿو ڪرين؟ اسان ته بابا سنڌ جي سياست جو ٺيڪو کنيو آهي! جيڪو ٻي دنيا جي مظلومن جي ڳالهه ٿو ڪري، ان کي غدار چئو، وفاق پرست سڏيو، اها ڳالهه ثابت آهي. دنيا جا سمورا مظلوم طبقا، قومون ۽ ڌريون اسان جون دوست آهن. ڇا فلسطين جي جدوجهد اسان جي پنهنجي جدوجهد نه آهي؟
تنهن ڪري اسين هن ڳالهه تي زور ڏينداسون ته ڪنهن کي غدار چوڻ جو اسان وٽ معيار ڪهڙو آهي. اچو ته حساب ڪتاب رکڻ شروع ڪريون. پاڻ ۾ ويٺا آهيون. ڇا جن حيدرآباد ۾ قتلِ عام ڪرايو، حيدرآباد کسائي، تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو، اُهي ڪير؟ ڇا چورن ۽ لوفرن جي لوڌ اسان جي پنهنجن سياستدانن پيدا نه ڪئي آهي؟ ٽيلينٽ جو ڪرائيم ڪنهن ڪيو آهي؟ اچو ته پنهنجون صفون درست ڪريون، هڪٻئي لاءِ عزت ۽ احترام رکون، بري کي برو چوڻ سکون ۽ چڱي ڪم جي آجيان ڪريون. عام ماڻهو ته لطيف جي ٻولي ۾:
ڪنهن کي ائين چُئان، ته مون کي ماريو سڄڻين.
*
جه سي لوڙائو ٿيا، جـنيـن سنـدي ڌير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
روزاني عبرت فيبروري، سيپٽمبر 1996ع