تعليم لاءِ تڙپ کان محروم ماڻهو ۽ ذهني بغاوت ذريعي سماج بدلائڻ جي ضرورت
ان فڪري بحث جو ٻيو نُڪتو اهو آهي ته تعليم جو سماجي ڪردار ڇا آهي؟ ان جو جواب اهو به ٿي سگهي ٿو ته تعليم عملي سکيا، ڪيل هدايتن ۽ حڪمن جي پوئيواري ڪرڻ ۽ هڪ ٽولي يا Team جي شڪل ۾ ڪم ڪرڻ سيکاري ٿي. تعليمي صلاحيت سماجي عمل وسيلي هر شخص کي بااعتماد ۽ قيمتي بڻائي ٿي.
تعليم جو هڪ ٻيو نظريو اسڪريننگ (جانچ پڙتال ڪرڻ) آهي. تعليمي سرشتو اسڪريننگ مشين وانگر درجي بندي ڪري ٿو، جنهن سان گهڻا قابل ۽ انتهائي سرگرم، گهٽ قابل ۽ گهٽ متحرڪ کان ڌار ڪيا وڃن ٿا. جڳ مشهور تعليمي نظرئي دان پائولو فريئر 1973ع ۾ چيو هو ته تعليم لاءِ هڪڙو خيال بئنڪنگ جي ڌنڌي وارو به آهي، جنهن ۾ جيڪي ڄاڻ رکن ٿا، سي پاڻ کي ڄاڻو سمجهي انهن کي ڄاڻ ڏين ٿا، جيڪي (انهن جي خيال ۾) خالي دماغ ۽ بنا ڄاڻ جي آهن.
اسان وٽ تعليم جو قسم ۽ ان بابت فڪري بحث ڪهڙو آهي؟ اصل ۾ پاڪستان ۾ ملڪ جي اشرافيه لاءِ لبرل تعليمي نظام، غريب غربي لاءِ سرڪاري اسڪول ۽ چچُ غريب لاءِ مدرسائي غير رسمي تعليم موجود آهي. لبرل تعليمي نظام معاشري ۾ ماڻهن جي سماجي فرقن کي نظرانداز ڪري اولهه (West) جي تهذيب ۽ ان جي حاصل ڪيل نتيجن تي ڌيان ڏئي ٿو.
پاڪستان ۾ تعليم جا ڪيئي ۽ پوروڇوٽ نظام پڻ موجود آهن، جيڪي انگريزي ۽ غير انگريزي، اردو (سرڪاري ۽ غير سرڪاري(، پرائيويٽ )فوجي ۽ غير فوجي(، رسمي ۽ غير رسمي، مدرسائي ۽ غير مدرسائي، اشرافيا ۽ غير اشرافيا، ڳوٺاڻن ۽ شهري تعليمي نظامن۾ ورهايل آهن. تعليم ۽ سکيا جا عمل پڻ مختلف آهن. ملڪ ۾ تعليمي نظام سماجي ۽ معاشي گروهن ۾ غير مناسب طور تي ورهايل آهن. ملڪ جو تعليمي نظام ۽ ان جي جوڙجڪ معاشي اڻبرابريءَ کي وڌائڻ جو سبب آهي. هڪ پاسي اسان جو تعليمي نظام پنهنجي خلاف، ٻئي پاسي نسلن جي خلاف ۽ ٽئين پاسي ڌرمن ۽ طبقن کي ورهائڻ وارو آهي. اميرن لاءِ هڪڙو آهي ته غريبن لاءِ ٻيو. اسان وٽ يونيسڪو طرفان تجويز ڪيل بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جو به ڪو احترام ڪونهي، نه ئي اسان کي اعلى تعليم ڏيڻ لاءِ سائنس، رياضي ۽ انگريزي ٻوليءَ جون گهربل صلاحيتون آهن.
اسان جو تعليمي نظام ان ڳالهه سان واسطو ئي نه ٿو رکي ته ملڪي آزادي ڇا ٿيندي آهي. طبقاتي ۽ صنفي فرقن کان اهو نظام نه رڳو لاتعلق آهي پر نصاب جي حوالي سان ته بنهه نابين آهي. ان نصاب جو ڪم ئي نه وڃي ته ڪنهن طبقي جي استحصال ۽ مسلسل ڦرلٽ تي هڪ به ڳالهه چوري وڃي. اهو نصاب زمين تي پڙهايو ويندڙ اهڙو نصاب آهي جنهن جو هتان جي رهندڙ مخلوق سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جنهن ڪري سکيل علم ۾ متاثر ڪرڻ جي ڪشش به ڏينهون ڏينهن گهٽبي وڃي ٿي.
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪي پرائيويٽ ادارن ۾ ٿورو ٿڪو صنفي ظلمن، مرداڻي وحشيت ۽ انهن ظلمن تي ماٺ بابت پڙهايو وڃي ٿو، ان جو اثر به گهڻو ڪري نه پڙهي سگهندڙ غريبن تي نه پوڻ فطري آهي. اسان جي نصاب تي ڌرمي اثرن ۽ انهن اثرن ۾ طئي ٿيل بندشن خلاف ڪابه ڳالهه ان ڪري به نه ٿي ڪري سگهجي، ڇوته اسان جا پاليسي ساز ادارا انهن سمورن ظلمن ۽ ڏاڍ کي اولهه جي پروپئگنڊا سمجهي پهريان درگذر ڪندا رهن ٿا ۽ ان وقت اهي سمورا ڪم پاليسيءَ جو حصو بڻجن ٿا، جنهن وقت يا ته وقت جي سرڪار کان ڳالهه چڙهي وڃي يا وري عوامي دٻاءُ انهن جي سوچ کان گهڻو وڌي وڃي.
تعليمي نظام بيٺڪي سماج جي باقيات آهي، مثال طور: هندستان ۾ ڪم ڪندڙ ٿامس بابنگٽن ميڪالي 1835ع ۾ چيو هو ته، “ماڻهن جو هڪ اهڙو طبقو تيار ڪجي جيڪي ڏسڻ ۾ هندستاني هجن پر ڳالهه، راءِ، اخلاق ۽ عقل ۾ انگريز هجن.” انگريز جو ڇڏيل تعليمي ۽ معاشي نظام اڃان تائين جاري آهي. تعليم مارڪيٽ ۽ منڊين جو وکر آهي، جنهن ۾ آزادي يا طبقاتي ۽ صنفي برابريءَ لاءِ ڪابه تڙپ موجود ڪانهي، تنهنڪري ان تعليمي نظام مان پڙهيل ۽ بيوروڪريٽ پڻ بيٺڪيتي دور جي باقيات آهي، جنهن جا طور طريقا ساڳيا آهن. ساڳي غلامي، ساڳي فرمانبرداري ۽ ساڳيو سرشتو. اسان جا گريجوئيٽ پاڻ آقائن جا بابو بڻجي ڪم ڪرڻ ۾ خوش آهن. غلام تعليم صرف غلام ذهن پيدا ڪري سگهي ٿي، ان تي حيرت به اجائي آهي.
اسان اهو ڏٺو آهي ته لبرل تعليمي نظام ذهني آزاديءَ جي خلاف آهي، اتان پاس ٿيل حڪمران طبقن لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، بلڪل ايئن جيئن ڪو يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪندڙ نوڪريءَ لاءِ وڏيري جي نوڪري ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. ٻئي پاسي، وڏيرا جن جا ٻار دنيا جي وڏن ادارن مان تعليم حاصل ڪن ٿا، اهي حڪمران طبقي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪن ٿا. مطلب ته غلامن جو واپار بنا ساهيءَ جي نسلن کان جاري آهي.
يونيورسٽيون يا اعلى تعليم جو نظام پڻ مٿئين صورتحال جو مظهر آهي. يونيورسٽين ۾ نئين علم جي تخليق ۽ تحقيق ناهي ۽ نه ئي وري ڪي مارڪيٽ لائق صلاحيتون موجود آهن. ڊگرين ۾ جيڪي به مهارتون حاصل ڪيل آهن، اهي يا ته بي ترتيب يا ته اڻ پوريون مهارتون آهن، يا ته مارڪيٽ ۾ انهن جي مهارتن جي ضرورت ئي نه آهي. ورهين کان پراڻو نصاب، ليبارٽريون اڻلڀ. عملي ميدان ۾ ڪابه تربيت نه. نه ته ڪو درس ۽ تدريس جي علم ۾ جديد طريقن جواستعمال، نه ڪا نواڻ، نه ئي تعليم ۽ تدريس ۾ ٽيڪنالاجيءَ ۽ جديد عملن سان هڪجهڙائي آهي. پاڪستان ۾ شايد ئي ڪجهه يا نه هئڻ برابر يونيورسٽيءَ جا استاد هوندا، جيڪي بين الاقوامي سطح تي تدريس جي علم ۾ قابليت رکندڙ هجن، نه ئي اعلى تعليم جي ڪميشن وٽ تدريس جي علم جا اهڙا پروگرام آهن. هينئر ته دنيا ۾ اعلى تعليم جو تصور ئي يونيورسٽين جي قابليت ۽ صلاحيت کي ان آڌار تي پرکيو وڃي ٿو ته يونيورسٽيون روزگار لائق گريجوئيٽ پيدا ڪري سگهن ٿيون يا نه. يونيورسٽين تي يا ته جاگيردارن جو قبضو ۽ ڪنٽرول آهي يا غير موثر قيادت جو قبضو آهي. اهي اهڙا علمي ادارا آهن جيڪي بيروزگارن جي ڊگري يافته فوج پيدا ڪن ٿا يا وري ائين چئجي ته تعليم يافته ۽ نيم مهارت رکندڙ نوجوانن جو وڌندڙ تعداد، جن لاءِ نه مارڪيٽ موجود آهي، نه وري انهن جي اهليت آهر ڪي رستا موجود آهن. جيڪي پڙهائين ٿا، اهي انهن جي فيڪلٽي جا عهدا ۽ انهن جا علمي پروگرام، تعليمي ڊگريون مشڪل سان ملڪي يا عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن.
عورتن جي واسطي تعليمي نظام ورهايل آهي، لڳ ڀڳ 79 سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون اڻپڙهيل آهن، لڳ ڀڳ ستر کان اسي لک کان وڌيڪ ٻار رڳو سنڌ صوبي ۾ اسڪولن کان ٻاهر آهن. ان جو مطلب ڇاآهي؟ تعليمي نظام اوهان لاءِ آهي ئي ڪونه.
شاگرد يونين تي ڊگهي عرصي کان منظم پابندي آهي. مستقبل جي سياسي قيادت صرف جاگيردار ۽ ملڪيت يافته طبقن يا طاقتور جنرلن لاءِ محفوظ آهي. تعليمي ادارا سرڪاري ڪلارڪ پيدا ڪري سگهن ٿا يا غير رسمي معيشت لاءِ غير رسمي پورهيت.
هتي معاشي اڻبرابريءَ جي انتها آهي. 63 سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي بي زمين آهي، 42 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهن. وڏي اڪثريت جي گهڻائيءَ وٽ ڪا ملڪيت ڪانهي. حڪمراني وڏيري ڪلاس وٽ آهي. يونيورسٽيون حڪمران طبقو پيدا ڪرڻ جي سگهه نه ٿيون رکن. تعليمي پاليسي سازيءَ جي تاريخ ۾ سمورين 25 تعليمي پاليسين، رٿائن ۽ اسڪيمن عالمي خواندگيءَ جي شرح حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي حاصل ڪئي آهي. نه غريب عوام کي معياري تعليم تائين پهچ آهي ۽ نه ئي آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت، “رياست قانوني طور پنجن کان ڇهن سالن جي عمر جي سڀني ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم مهيا ڪندي.” ان تعليم جي بنيادي حق جو ڪو تحفظ ڪيو آهي.
سڄي ملڪ ۾ 44 سيڪڙو يا 22.5 ملين شاگرد اسڪولن کان ٻاهر آهن. پاڪستان ۾ مجموعي طور تي، 73 سيڪڙو ٻارن جي 5–16 سالن جي عمر (ڪلاس 1 کان 10) سيڪنڊري اسڪول جي آخري درجي ۾ پهچڻ کان پهريان خارج ٿي وڃن ٿا.
هندستان کان ڌار ٿيڻ وقت اسان جي خواندگيءَ جي شرح صرف 16 سيڪڙو هئي ۽ هاڻي 2020ع ۾ اسان جي سنڌ ۾ خواندگي مجموعي طور تي 57 سيڪڙو آهي. مرد 68 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 44 سيڪڙو خواندگي آهي. سنڌ ۾ ڳوٺاڻين عورتن ۾ خواندگي 21 سيڪڙو آهي. شرم جي ڳالهه آهي ته ايڪويهين صديءَ ۾ اسان جون 79 سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون اڻ پڙهيل آهن. اهو شرمناڪ معاملو آهي. هن ناڪاميءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو آهي ته تعليمي نظام اسان جون سماجي ۽ معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان قاصر آهي.
هاڻي ڇا ڪجي؟
“هڪ طرف سماجي ۽ معاشي اڻ برابريءَ کي تبديل ڪرڻ جي گهرج آهي، ته ٻئي پاسي سماجي حالتن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ درست تعليمي نظام جي گهرج آهي. اسان کي پاڻ بابت سمجهڻ گهرجي ته اسين ڇا آهيون ۽ هاڻي ڪٿي بيٺا آهيون؟ اسان صدين کان ذهني، جسماني ۽ معاشي طور غلام بڻيل آهيون، ان ڪري اسان کي لازمي طور محنت شروع ڪرڻ گهرجي.” هينئر اسان کي تعليم جي وڏي ڳڻتي هئڻ گهرجي. سڀ کان اڳ پنهنجو تعليم لاءِ لهجو هاڪاري پيدا ڪرڻ گهرجي. ذهني بغاوت پاڻ کي ۽ سڄي سماج کي بدلائڻ جي هڪ وڏي وٿ آهي.
تعليم جي آزادي ڄاڻ منتقل ڪرڻ کي نه ٿو ڪوٺي سگهجي. سمورن سماجي ۽ معاشي مامرن کي منهن ڏيڻ واري تعليم، جيڪا موجوده طبقي يا جبر واري حڪم کي چئلينج ڪري، ٽوڙي ۽ تخليق ۽ تحقيق جا رستا کولي ۽ وڌائي. استاد ۽ شاگرد گڏيل پورهيو ۽ ذميداري ادا ڪري اڳتي اچن. عوام کي تعليم جي ضرورت آهي، جيڪا تعليم صدين کان مردن توڙي عورتن جي غلامي ۽ عورتن جي مردن هٿان غلاميءَ کان نجات ڏياري، جيڪا پنهنجو پاڻ کي سماجي ۽ اقتصادي استحصال کان آزاد ڪري، ان تعليم جي ضرورت آهي.
Daily Kawish, July 17, 2020