ڪالم / مضمون

ڪرونا وائرس ۽ سياسي معيشت

هن ڪتاب جا مکيہ موضوع، سياسي معاشيات، ڪرونا جي وبا جا سماجي نظامن خاص ڪري سرمائيداري نظامن تي ۽ سماج جي مختلف شعبن خاص طرح صحت، تعليم ۽ سياسي سرشتن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيل آھي۔ ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ٽن حصن ۾ ورھايل آھن. پھرين ۽ ٻئي حصي ۾ 2020/2019 دور جي سياسي ۽ معاشي مسئلن متعلق مضمون آھن. ٽئين حصي ۾ خاص ڪري ڪورونا جي صورتحال ۽ ان مان جنم وٺندڙ صحت، معاشيت سماجي ۽ سياسي مئسلن تي مشتمل مضمون آھن. اھي مضمون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙھيل ۽ اخبارن ۾ ٿوري فرقن سان ڇپيل آھن. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ مضمون اندازن 20 کان 22 سال پراڻا آھن. اھي  مضمون ان وقت جي معاشي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا ھئا.

Title Cover of book ڪرونا وائرس  ۽  سياسي معيشت

عالمي مالياتي بحران ڏانهن شروع ٿيل سفر ۾ اسان ڪھڙي تياري ڪئي آھي؟

ڪرونا وبا هڪ طرف دنيا جي صحت جي نظامن کي لوڏي ڇڏيو آهي، ته ٻئي پاسي معاشي، ۽ مالياتي بحرانن جا خطرا وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي ايندڙ هفتن ۾ واضح نظر اچن ٿا. توڙي جو معاشي بحرانن جي اڳڪٿي اڳ ۾ ئي ڪئي ويئي هئي، وبا ته مڙيوئي هڪ بهانو پيدا ڪيو آهي. عالمي رسد جو نظام متاثر ٿيو آهي. وڏيون ڪارپوريشنون اڳ ۾ ئي قرضن ۾ ورتل ۽ قرضن جي ادائيگين جي لائق نه هيون، اُهي هينئر وڌيڪ خساري ۾ آهن. مٿان وري اسٽاڪ مارڪيٽن جون انڊيڪسون، اثاثن/ملڪيتن جون قيمتون، ڪرنسيءَ ۽ تيل جون عالمي قيمتون ڪري پيون آهن. ان جي مقابلي ۾ لوهه، چاندي، اسٽيل ۽ سون جي قيمتن ۾ چاڙهه واضح نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عام طلب ۾ گهٽتائي آئي آهي. ماڻهو تيزيءَ سان بيروزگار ٿي رهيا آهن، نجي دولت گهٽجي رهي آهي، آمدنين ۾ عدم توازن شديد ٿي رهيو آهي. سرمائيدار دنيا جي حڪومتن، عالمي ادارن ۽ عالمي بئنڪن جو خيال هو ته ڪرونا وبا جي ڪجه هفتن اندر عالمي معيشت جلد ئي واپس، اڳوڻي حالت ۾ اچي ويندي، پر اهڙين سمورين اڳڪٿين تي پاڻي ڦري چڪو آهي. لڳي ائين ٿو ته وبا عالمي معيشت جي جان آسانيءَ سان ڇڏڻ واري نه آهي. عالمي معاشي بحران يقيناً سخت دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن. گهڻو امڪان آهي ته هي بحران دنيا جي عالمي مالياتي ادارن، بئنڪن، ڪرنسين جي نظام ۽ اثاثن جي قيمتن کي لوڙهيندو، هڪ وڏي عالمي معاشي سرد بازاريءَ سان گڏ ۽ اڻٽر مالياتي بحرانن جي نظر نه چڙهي وڃي. اهڙي غير يقينيءَ جي صورتحال عالمي معيشت جي ڪرنگهي واري هڏيءَ ۾ هڪ خوف ۽ هراس آهي.
ظاهر آهي ته مالي بحران ايندا ئي اهڙين خوف جي حالتن ۾ آهن، جڏهن مالي اثاثن جي قيمت ۽ قدر ۾ اوچتو ئي اوچتو گهٽتائي اچي، ڪاروباري ۽ عام صارف (کاپو ڪندڙ) قرض واپس ڪرڻ لائق نه رهن، مالياتي ادارا وڌيڪ قرض ڏيڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي وڃن، سيڙپڪار تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي بچتِ ۽ اثاثا گهٽ قيمت تي وڪرو ڪندا هجن، پنهنجو ناڻو خوف ۾ بئنڪن ۽ مالياتي ادارن مان ٻاهر ڪڍندا هجن يا ڪنهن معاشي شعبي ۾ اوچتوئي اوچتو تمام وڏي سرگرمي ڏسڻ ۾ اچي، شيئرس جي ڪاروبار ۾ مصنوعي چاڙهه هجي، اسٽاڪ مارڪيٽن جي انڊيڪسن ۾ هيٺ مٿانهين، رياستن جي خود مختيار قرض جي ادائيگين ۾ ناڪامي يا ڪنهن ڪرنسيءَ جي قيمتن ۾ ڏسندي ڏسندي گهٽتائي اچي، اهڙا لقاءَ مالي بحرانن کي جنم ڏيندا آهن. اهڙي نوعيت جا بحران شروعات ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن بئنڪن کان شروع ٿي يا ڪنهن هڪ ٻن شعبن ۾ يا هڪ معيشت يا هڪ ملڪ کان ٿيندا مختلف خطن ۾ پکڙجي ويندا آهن. بعد ۾ گهڻين معيشت کي لپيٽ ۾ آڻي، سڄي دنيا جي معيشتن کي بحرانن جي نظر ڪري ڇڏيندا آهن.
هينئر، دنيا ۾ معاشي ۽ مالياتي بحرانن جي جيڪا شڪل ٺهي رهي آهي، اها عالمي مالياتي ادارن جي اميدن جي اُبتڙ، ڊالر ڪرنسيءَ جي عالمي مضبوطي، پائيداري ۽ ان جي مٽاسٽا واري عالمي حيثيت ڪمزور ٿيڻ جا واضح اهڃاڻ نظر اچي رهيا آهن. دنيا جون حڪومتون ۽ مرڪزي بئنڪون وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻيءَ وانگر پئسي کي وهائي رهيون آهن. 1971ع کان ڪاغذي ناڻو مروج آهي. اهڙي ناڻي جي مسلسل واڌ ۾ هٿراڌو طور اضافي، ڏينهون ڏينهن نوان نوٽ ڇاپڻ ۽ بئنڪن جي ذريعي واڌو قرض ڏيڻ جي نتيجي ۾، قيمتن ۾ چاڙهه پيدا ٿئي ٿو. ايئن مالياتي اثاثن جي نسبتي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي پيدا ٿئي ٿي. نتيجي ۾ بئنڪون هڪ حد تائين قرض مهيا ڪري سگهن ٿيون. حڪومتن ۽ مرڪزي بئنڪن لاءِ ناڻي جي اهڙي واڌ مالي گهرجن جو حل نه آهي. اهڙو ناڻو يا هيلي ڪاپٽر- فياٽ ناڻو پيدا ڪرڻ جو ملڪي ناڻي جو قدر ۽ ملهه ٻين ڪرنسين جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿيندو ويندو آهي. سڄي دنيا جون مرڪزي بئنڪون اهڙي ناڻي جي واڌ ۽ اهڙين پاليسن جي ڪري معاشي تباهين کي منهن ڏيئي رهيون آهن. ٽرلين ڊالرن جو مصنوعي پئسو گذريل ٽن- چئن ڏهاڪن ۾ ٺاهيو ويو آهي. ظاهر آهي ته ان جا سياسي ۽ معاشي نتيجا پڻ نڪرڻا آهن. مستقبل ۾ اهڙن پيپر يا ڪاغذ وارين ڪرنسين تان عام اعتماد کڄندو ويندو. امڪان آهي ته مٽاسٽا جو موجوده عالمي نظام ناڪام ٿئي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي واقعا ٿي چڪا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ ميڪسيڪو، ارجنٽائن ۽ ٿائيلينڊ کي ڪرنسي بحرانن جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هاڻي لبنان پڻ ان جو مثال آهي. ممڪن آهي ته پيپر يا ڪاغذ وارين ڪرنسين جي جڳهه تي وري اڳي وانگر سون يا چانديءَ جي برابر جا سڪا واپس گردش ڪن. اهڙن ميٽلڪ سڪن جو وجود ۾ اچڻ هٿرادو ناڻي جي ڪرنسيءَ جو خاتمو آڻيندو. هينئر، اندازو هڻو ته سڄي دنيا ۾ گردش ڪندڙ هٿرادو ناڻو سڄي دنيا ۾ 253 ٽرلين ڊالر جو رڳو ڊالر ڪرنسيءَ ۾ بين الاقوامي عالمي قرض آهي. ٻن پارٽين جي وچ ۾ هڪ قسم جو مالياتي ناڻو- اثاثا (اوور ڪائونٽر ڊيريويٽو ناڻو) 596 ٽرلين ڊالر آهن. عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن جو گردشي ناڻو 90 ٽرلين ڊالر جي ويجهو آهي. فيوچر آپشن (ناڻو) 63 ٽرلين ڊالر آهي، دنيا ۾ اهڙي ناڻي جو ڪل ڪاٿو 900 ٽرلين ڊالر آهي، اهو به دنيا جي هٿرادو ناڻي جي مقابلي ۾ صرف هڪ حصو آهي. دنيا جي بئنڪن ۾ 60 ٽرلين ڊالر اهڙو ناڻو آهي،جيڪو اڄ يا سڀاڻي وبائن يا مختلف خسارن جي ڪري پورو ٿيڻو آهي، ڪارپوريشنن جي ايڪيوئٽي (مالڪي) وارو ناڻو 70 ٽرلين ڊالر ڌار آهي. اهڙو ڪوبه ناڻو، جيڪو هٿرادو ناڻي جي قيمت جي نسبت ۾ هوندو، مالي بحرانن جي ڪيفيت ۾ نه وڪامبو، اهو گم ٿي ويندو. ڀلي کڻي ان جو گهڻو حصو ايڪسچينج ٽريڊ فنڊ (ETF) جي صورت ۾ هجي يا ڀلي کڻي اهو آف شور هيج فنڊ ڇو نه هجي جيڪو تقريباً 5 کان 6 ٽرلين ڊالر آهي، آف شور مالياتي مرڪزن ۽ اهڙن سمورن هٿرادو ناڻن جو خاتمو اچڻو آهي.
هينئر وبا کان پوءِ دنيا ٻي آهي، گهڻا ملڪ ان لاءِ اڳواٽ تيار ئي نه هئا، ۽ گهڻن ملڪن اهڙن هٿرادو ناڻن جي مقابلي ۾ ڪي ٻيا غير هٿرادو ناڻا پنهنجن خزانن ۾ محفوظ ڪري رکيا ئي ڪونه، جيئن ڪي سون ۽ چانديءَ جا ذخيرا. جيڪڏهن سڀاڻي ڪو هٿرادو ناڻي يا مٽاسٽا جي ڪرنسين جي نظام ۾ ڪو ممڪن خاتمو اچي ته ان جي مقابلي ۾ ڪو زبردست ۽ ڀروسي جوڳو متبادل هجي، ۽ نه هئڻ جي صورت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هٿرادو ناڻي جي مقابلي ۾ سون ۽ چانديءَ جهڙن اثاثن جي صحيح قدر جي اڳڪٿي ڪجي ته اهڙا اثاثا غير معمولي حالتن ۾ وڪڻڻا پون ته انهن جي قيمتن ۾ لڳاتار رڪارڊ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سندن قيمت اهڙي هٿرادو ناڻي جي نسبت سان جڙيل آهي. 1920ع جي جرمنيءَ ۽ آسٽريا ۾ افراطِ زر جي وڌي وڃڻ جي نتيجي ۾ پوري جي پوري رياستن ۾ سون جي قيمت سان جڙيل ناڻي جو قدر ۾ 100 ڊالر ۾ پوري جو پورو محل خريد ڪري سگهجي پيو. هينئر اهڙي قسم جو ڪو تڪڙو امڪان نه آهي، پر وبا کان پوءِ اهڙو امڪان وڌي ويو آهي. رڳو ائين نه آهي ته ڪو مالياتي بحران ۾ رڳو بئنڪون ۽ ڪارپوريشنون متاثر ٿينديون، پر ان سان ننڍا ڪاروبار، عام کپائيندڙ ۽ کپت ڪندڙ به متاثر ٿيندا. جيتوڻيڪ معيشت دانن کي خبر آهي ته اهڙن مالياتي يا ناڻي جي واڌ جا ڳرا نتيجا نڪرڻا آهن، وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙيون ناڻي جي واڌ جهڙيون مداخلتون اڻٽر آهن. اهڙين پاليسن جي نتيجي ۾ مالياتي تباهي پڻ اڻٽر ٿيڻ ظاهري لقاءُ آهي. آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي 170 ملڪن اهڙي قسم جو هٿرادو ناڻو پيدا ڪري، ڪرونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ 1929ع جهڙين عالمي سرد بازارين کي روڪڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر اهڙن بحرانن کي رد ڪندي آمريڪي - يورپي حڪمرانن ۽ بئنڪن ٽرلين ڊالرس جا هٿرادو ناڻي جا امدادي پيڪيج ڏيئي عام صارفين ۽ ڪارپوريشنن کي خرچ ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر نيٿ روگوف لکيو ته، “هاڻوڪي معاشي تباهي پٺين 150 سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خراب معاشي لاٿ هوندي.” عالمي معاشي لاٿ يا سرد بازاري اڻٽر آهي.
اهڙيءَ صورتحال جي پس منظر ۾ چين پنهنجي اڳواٽ تياري ڪندي پنهنجي پاڻ کي ڊالر جي ڪرنسيءَ جي ادائيگي جي نظام کي چائنيز بئنڪن ۽ ڪارپوريشنن کي روسي ڪرنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. چين ان جي اڳواٽ تياري ڪئي آهي. چين پنهنجو پاڻ کي معيشت ۽ شرح تبادلي جي حفاظت لاءِ تيار ڪيو آهي. انهن ڊجيٽل ڪرنسي بين الاقوامي ادائيگي جو پنهنجو سسٽم ٺاهيو آهي. چين وٽ هينئر به هڪ محتاط غير سرڪاري اندازي مطابق 27 هزار ٽن سون آهي، ۽ آمريڪا وٽ 8 هزارٽن، يورپ وٽ تقريباً ايترو ۽ انڊيا وٽ به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. چين پنهنجو پاڻ کي عالمي ڊالر جي تسلط واري نظام مان امڪاني طور ڇڏڻ جي خلاف تيار ڪيو آهي.
پاڻ جهڙن ملڪن ۾ جتي عالمي وبا جي مقابلي ۾ گهربل تياريءَ جو اندازو ۽ معيشت جي حالت ۽ سرڪاري ردعمل ۽ پاليسن مان اندازو لڳائڻ آسان آهي، اسان جي ناڻي جي واڌ تاريخي طرح هٿرادو ناڻو پيدا ڪرڻ مٽاسٽا جا ذخيرا غير ناڻي وارا اثاثا ڪيترا آهن. جيڪڏهن سڀاڻي عالمي ڪرنسي ڊالر يا بحران پيدا ٿيندا ته پنهنجي غريب معيشت اهڙي لقاءَ ۾ ڪهڙي سٽ جهلي سگهندي؟ دنيا جي معيشت ۾ لاٿ اڻٽر آهي، محفوظ اثاثن جي قيمت ۽ قدر ۾ اضافو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته ڪاغذي ناڻي جو قدر ڪمزور ٿيڻ اڻٽر آهي. وبا جي نتيجي مان جنم وٺندڙ صحت جي بحرانن معاشي بحرانن کي جنم ڏيندي عالمي مالياتي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي رهيو آهي جڏهن ان جي پٺيان عالمي ماحولياتي ۽ جنگين جي بحرانن کي دنيا “عام ڌنڌو” پئي سمجهيو. ٻن-ٽن مهينن جي اندر عالمي وبا دنيا جي ميڊيا ذريعي خوفناڪ منظرن عالمي صحت جي شعبن کي پهرين صفن ۾ بيهاري ڇڏيو. ڪرونا عالمي نظام جي ڍانچي ۾ نقص کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ ناڻي جي مسلسل واڌاري جي ڪري، روپئي جي قدر ۾ گذريل سالن جي مقابلي ۾ واضح ڪمي آئي آهي ناڻي جي اهڙي واڌ، بجيٽ جي خساري، ڪرنسيءَ جي ملهه ۾ واضح ڪمي ڪئي آهي، ان جي قدر کي ٿوري عرصي ۾ وڌيڪ ڪيرائي ڇڏيندو، ان جا نتيجا خراب نڪرندا.
پاڪستان بين الاقوامي ڊالر ڪرنسي جو قرضي ملڪ آهي ۽ پنهنجي بقا لاءِ بين الاقوامي مالياتي نظام تي انحصار ڪري ٿو. عالمي مالي ۽ مالياتي نظام ۾ تيز تبديليون يقيناً اسان جهڙن غريب ملڪن لاءِ زلزلو پيدا ڪنديون. پنهنجي ملڪ جي اهڙن ممڪن لقائن لاءِ تياري ڪهڙي آهي؟ پاڻ ڄاڻون ٿا ته حڪمرانن جا حال ڪهڙا آهن.