ڪالم / مضمون

ڪرونا وائرس ۽ سياسي معيشت

هن ڪتاب جا مکيہ موضوع، سياسي معاشيات، ڪرونا جي وبا جا سماجي نظامن خاص ڪري سرمائيداري نظامن تي ۽ سماج جي مختلف شعبن خاص طرح صحت، تعليم ۽ سياسي سرشتن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيل آھي۔ ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ٽن حصن ۾ ورھايل آھن. پھرين ۽ ٻئي حصي ۾ 2020/2019 دور جي سياسي ۽ معاشي مسئلن متعلق مضمون آھن. ٽئين حصي ۾ خاص ڪري ڪورونا جي صورتحال ۽ ان مان جنم وٺندڙ صحت، معاشيت سماجي ۽ سياسي مئسلن تي مشتمل مضمون آھن. اھي مضمون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙھيل ۽ اخبارن ۾ ٿوري فرقن سان ڇپيل آھن. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ مضمون اندازن 20 کان 22 سال پراڻا آھن. اھي  مضمون ان وقت جي معاشي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا ھئا.

Title Cover of book ڪرونا وائرس  ۽  سياسي معيشت

سنڌ جون مادرعلميون ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين جو مقدر

سنڌ ۾ اعلى تعليم کي ان جي سياسي، سماجي، معاشي، تعليمي سرشتي جي پسمنظر ۾ سمجهڻو پوندو.
توڙي جو گذريل 70 سالن جي اعلى تعليم جي تاريخ مجموعي نقطئه نظر کان ڪا چڱي نه رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو ملڪ ۽ سنڌ جي مجموعي ترقيءَ ۽ ان جي حاصلات ۾ ڪو تعريف جوڳو حصو يا ڪردار بحث طلب آهي. جيڪڏهن عام طور ڏٺو وڃي ته اسان وٽ هينئر به ملڪي ۽ بين الاقوامي معيار جون يونيورسٽيون يا ته اڻ لڀ آهن يا وري ڄڻ ته قائم ئي نه ٿيون آهن.
يونيورسٽين جي تعليمي پروگرامن، تحقيق ۽ سماج ۽ صنعت سان لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو ڪافي ڪمزور آهي. تعليمي پروگرامن جو معيار، تحقيق، خدمتن ۽ سهولتن جي اڻاٺ، ملڪي ۽ صوبائي گهرجن ۽ درپيش مشڪلاتن ۽ اوليتن جي باري ۾ سنجيده مقصد لاءِ پاڻ پتوڙڻ يونيورسٽين جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي صلاحيت ۽ اڳواڻي ۽ ٻيا انيڪ مسئلا ۽ مونجهارا آهن.
ٿيڻ ته هينئن گهربو هو ته اعلى تعليم جي منزلِ مقصود لاءِ گهربل بحث ۽ سماج سان لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مصلحت ۽ شموليت سان جڙيل هئڻ گهرجي ها، جيڪو ڳانڍاپو ٽٽل نظر اچي ٿو.
اعلى تعليم ۽ خاص ڪري درسگاهن جو سماج جي معاشي، سماجي ۽ سياسي ڍانچي جي عڪاسي ڪن ٿيون. سماجي طاقت جا ڍانچا جاگيرداري سماج جي ڍانچي ۽ نوعيت جا آهن ته اتي يونيورسٽيون به ان سماجي ۽ طاقت جي ڍانچي جو حقيقي عڪس آهن. رڳو سندن شڪليون، ماهيتون ۽ منظر، ڍانچا ۽ علائقا ۽ اثر مختلف آهن. خود يونيورسٽين جي اندر به ادارن جا ڍانچا، اختيار ۽ وسيلا جاگيرداري سماج جي ڍانچي وانگر مٿان کان هيٺ سرشتي ۾ ڪم ڪن ٿا. يونيورسٽين جا انتظامي ڍانچا جاگيرداري طرزِ عمل وانگر آهن، جنهن جي مٿان هڪ وڏو جاگيردار ويٺل آهي. کيس جديد زماني ۾ چانسلر سڏجي ٿو، جيڪو پنهنجي ماتحت هڪڙا ننڍا وائيس چانسلر/جاگيردار/ڪمدار پنهنجي پنهنجي جاگيري علائقي ۾ سندن لياقت، وفاداري، خدمت ۽ غلاميءَ جي تجربي آهر ڀرتي ڪري ٿو.
جاگيرداري بادشاهت جي اندر به جاگيرداري نوعيت ۽ ماهيت ادارن جي اندر به ساڳي صورتحال آهي. ادارن جي اندر به جاگيرون ننڍن ٽڪرن ۾ طاقت ۽ اختيارن ۾ ورهايل آهن. يونيورسٽين جي اندر به ننڍا ننڍا ڪمدار پنهنجي من پسند علائقن ۾ ورهائي ڏنا ويا آهن. انهن کي موجوده زمانن ۾ اوهان ڊپارٽمينٽ يا فيڪلٽيون چئي سگهو ٿا جن تي جاگير جي ڪمدارن جو قبضو آهي. سندن جاگير ۾ طاقت ۽ اختيارن جو استعمال جاگير جي عالمي اصولن، جهڙوڪ: صاحب بهادر جي نوڪري ۽ چاپلوسي ڪرڻ، وفاداري ۽ جفا جا پئمانا عهدا ائين ڪم ڪن ٿا ته جيئن پنهنجن مالڪن ۽ آقائن کي خوش ڪري سگهجي. جاگيرداريءَ جي اها شڪل پنهنجي علائقي ۾ علائقائي نوعيت جي هيٺين سطح جي آهي، ڇاڪاڻ ته اصل طاقت جا سرچشما اختيار جاگير جي اصل نمائندن وٽ يا حد جي سياستدانن وٽ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته آقا جو حڪم ۽ طاقت خاص طور هيٺانهين سطح تي ننڍين ننڍين جاگيرن ۽ سندن رکيل ڪمدارن ۽ خاص ماڻهن جي هٿ هيٺ هوندو آهي، انڪري ان جي دلچسپي ايتري ته هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته آقائن کي خبر هوندي آهي ته جاگير جي انتظامي معاملن کي هلائڻ لاءِ ڇهن ڪمدارن ۽ واٺن جي هڪ وڏي فوج تيار ٿيل آهي، جيڪا ڪمال مهارت سان جاگير جي علائقي جو انتظام ۽ جاگير جو تحفظ ڪرڻ ۽ هلائڻ جي بنيادي ڄاڻ رکي ٿي.
يونيورسٽين جي اندر رکيل ننڍا جاگيردار پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اختيار جو ناجائز استعمال ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پسند جا ملازم، آفيسر، استاد ۽ ٻيو عملو رکڻ ۾ ڪمال جي مهارت سان ڀرتي ڪندا آهن ۽ ان ڳالهه جو يقين ڪندا آهن ته موجود ۽ نوان ڀرتي ٿيندڙ آفيسر، استاد ۽ ملازم پنهنجي اجوري جي موٽ ۾ وقت بوقت نه رڳو جاگير جي آقائن جي خوشامد ۽ وفاداريءَ جي فن ۾ ڀڙ هجن، پر وقت بوقت آقائن جي شان ۾ قصيدا به ڳائيندا هجن. ظاهر آهي ته کين اجرت ئي ان ڪم جي مليل آهي. يونيورسٽين ۾ رکيل ڪمدارن کي جاگير جي مڪمل ڄاڻ، جاگيري اخلاقيات ۽ قدرن جي چڱي خاصي ڄاڻ هوندي آهي ته جاگير تي ڪنٽرول ڪيئن قائم رکجي، غلامن، ڪمدارن ۽ وهائو مزدورن کان انتظامي ڪم ڪيئن وٺجي. تقريباً سمورن ڪمدارن کي پنهنجن وسيلن، ڍانچن، اختيارن جي مڪمل ڄاڻ هجي ٿي.
سندن مڪمل ڪم هي آهي ته پنهنجي چاهيندڙن، خوشامد پسند لاٺڙين ۽ واٺن جي اڳواڻي ڪيئن ڪرڻي آهي. کين پنهنجي آقائن جي عظمتن، وفادارين جي کنيل قسمن جو ڀرم ڪيئن رکڻو آهي، ته جيئن آقائن جي روحاني تسڪين لاءِ وقت اچڻ تي پنهنجين جانين ۽ رت جي قربانين ڏيڻ کان به نه ڪيٻائين.
ڪمدارن کي پنهنجن آقائن لاءِ جاگير جي فني حساب ڪتاب، مالي ۽ انتظامي معاملن تي نظر رکڻ لاءِ اهڙي انتظامي مشينري تمام ضروري آهي، جيڪا وقت سر پنهنجن آقائن جي عظمت جو بار بار ورجاءُ به ڪندي رهي.
سنڌ ۾ يونيورسٽيون مٿين طاقت جي ڍانچي جو حقيقي عڪس آهن. سنڌ ۾ يونيورسٽيون بيٺڪي ۽ جاگيري نظام جون سچ پچ حقيقي مظهر آهن، جن کي وقت جا سياسي بادشاهه ۽ آقا وقت جي وهڪري جي ابتڙ پنهنجين خواهشن، جاگيري اختيارن، ذاتي پسند ۽ ناپسند، گهڻي ڀاڱي علم ۽ اخلاق کان وانجهيل، غير تعليم يافته ڪرپٽ ڪمدار يونيورسٽين تي مڙهيل آهن، جن جو تعليمي لياقت، اڳواڻي، ڏاهپ، سوچ ۽ علمي لياقت سان گهڻي ڀاڱي واسطو ئي نه آهي.
اهڙا ڪمدار عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، بظاهر عوامي اشتهارن جي ذريعي پر پنهنجين اوطاقن جي اندر فيصلا ڪري ۽ پاڻ کان مٿانهن آقائن جي راضپي ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر ڀرتي ٿيل آهن. توڻي جو ادارن جي اندر به ڪم ڪندڙ تعليمي ۽ تحقيقي ڪائونسلرن ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي ڀرتي به آقائن جي پنهنجي پسند ۽ ناپسند تحت ٿيل آهي. دنيا جي عالمي اصولن مطابق يونيورسٽيون استادن، شاگردن ۽ ملازمن جو خود اختيار، طاقت ۽ اختيارن جي ذريعي هلائڻ جون روايتون آهن. اهڙن معتبر ادارن ۾ ڀرتي ٿيلن جون جيڪڏهن اخلاقي تعليمي قابليتون ۽ تجربا جاچي ڏسجن ته خبر پوندي ته گهڻن جا هٿ مالي ۽ انتظامي بدعنوانين ۽ ڪرپشن ۾ ڪارا نظر ايندا.
سچي ڳالهه هيءَ آهي ته اعلى تعليم ڪڏهن به حڪمرانن/پاليسي ساز ادارن جي ترجيحن ۾ نه رهي آهي. هميشه ملڪ جي سيڪيورٽي، دفاع ۽ ٻين خطرن جي پيشِ نظر وسيلن جي اڻاٺ جو سبب ڄاڻائي سياست جي نظر ڪيو ويو آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اعلى تعليم ملڪ جي ترقيءَ ۽ واڌاري واري حڪمت عمليءَ کان ڪٽيل ۽ ڌار ڪيل آهي. ملڪ جي وسيع ترين قومي مفادن وٽان به نه آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوئتي پيل سماج ۾ پوئتي پيل يونيورسٽين ۾ تعليمي پروگرام، تحقيق جا معيار، سهولتون ۽ نصاب به پوئتي پيل، غير معياري ۽ مدي خارج آهن. انهن جو وقت جي مطابقت سان ڪو تعلق ئي نه آهي. يونيورسٽين جي بجيٽ پهريان ئي نه هئڻ جي برابر آهي، ويتر انهن جي ڪرپٽ ۽ غير معياري اڳواڻين، استادن جي پگهارن، انتظام هلائڻ ۽ واڌو روزگار تحت ڀرتين رهيل سهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي آهي. هينئر ته يونيورسٽين کي پنهنجي عملي ۽ استادن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پگهارون ۽ پينشنون ڏيڻ جا به پئسا ڪونه آهن. يونيورسٽين کي اعلى تعليمي ادارا ٺاهڻ ته ٺهيو، انهن کي بين الاقوامي معياري ادارن جي ماپن ۽ تورن تي بيهارڻ اڃان به پري جي ڳالهه آهي. سنڌ جون يونيورسٽيون ته قومي ادارن جي لسٽ ۾ به پوئتي پيل آهن.
هئڻ ته هينئن کپندو هو ته يونيورسٽيون ڄاڻ، تحقيق ۽ نئين علم پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون هجن ها، جتي بحث مباحثو ڪرڻ، اختلاف ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جي تقدير سنوارڻ سان گڏ علم، فڪر ۽ روشنيءَ جا درياهه وهڻ گهرجن ها، جتي شاگرد ۽ استاد بي خوف ٿي پنهنجن ۽ پراون، دشمنن ۽ دوستن، هم خيالن ۽ فڪرن کي پکيڙين ها، ڇپائين ها ۽ ان جي تشهير ڪري سگهن ها.
پر ان جي جڳهه تي يونيورسٽي علمي طرح پوئتي پيل، فڪري پستي، تعليمي آزاديءَ جو نه هجڻ، شاگرد يونين تي اڻ اعلانيل بندش، استادن ۽ شاگردن جي حراسمينٽ، قتل ۽ خودڪشين جا واقعا، بدعنواني، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، بي قائدگيونان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته يونيورسٽيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو صحيح نه آهي.
يونيورسٽين کي پرائمري اسڪول ۽ ضابطي وارا جيل ڪري هلايو وڃي ٿو، جتي سيکاريندڙ ۽ سکندڙ جي وچ ۾ سکڻ جو عمل سندن ضابطي ۽ ڪنٽرول هيٺ نه آهي.
بدقسمتي چئجي يا ڏک ڪجي ته 72 سالن ۾ بيپناهه ٽيڪنالاجين ۽ فني ترقين جي باوجود اسان جي حڪمرانن نه ته تاريخ مان سکيو آهي ۽ نه ئي وطن، قوم ۽ عوام جي باري ۾ سنجيده رويو رکيو آهي. حڪمرانن جو يونيورسٽين ڏانهن رويو ڏسي ۽ استادن ۽ پروفيسرن جي حالت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪمران اڄ به يونيورسٽين جو اڳواڻ/وائيس چانسلر انهن کي مقرر ڪندا آهن جيڪي خاص ڪري رٽائرڊ ڪامورا هوندا آهن. رڳو ان مان ئي حڪمرانن جي اعلى تعليم ڏانهن رويي ۽ سوچ جي آسانيءَ سان نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
حل ڇا آهي؟
سنڌ ۾ اعلى تعليم جي پوئتي پيل صورتحال کي غور سان جاچجي. پوري نظام ۽ سرشتي جو قبلو درست ڪري ۽ صحيح رخ ۾ هلائڻ لاءِ:
• ان کي وطن ۽ قوم جي اهم منزلن ۽ مقصدن سان ڳنڍجي.
• ان جي گورننس جي انتظام، ادارن ۽ اڳواڻيءَ جي لياقتن کي بهتر بڻائجي.
• يونيورسٽين جي مدي خارج انتظامي ڍانچن ۽ ان جي ڳانڍاپن کي ٽيڪنالاجي، نصاب، پڙهائڻ جي فلسفن، سهولتن ۽ بين الاقوامي معيار تي لاهڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙجي ۽ رٿابندي ڪجي.
• هڪ طئي ٿيل ڍانچو ۽ منزل ۽ مقصدن جو تعين ڪري هن سسٽم/نظام کي بدلائي 21هين صديءَ جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ وارين يونيورسٽين ۾ تبديل ڪجي، جيڪي وطن ۽ قوم جي وسيع مفادن جي ويجهو هجن، ان لاءِ ٿوري ۽ ڊگهي عرصي جي رٿابندي ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ وري سياسي ارادي جي ضرورت آهي. بدقسمتي آهي ته اسان جي حڪمرانن ۾ “سياسي ارادي” جي سخت کوٽ آهي.

ڪاوش اخبار 16 ڊسمبر 2019ع