ڪالم / مضمون

ڪرونا وائرس ۽ سياسي معيشت

هن ڪتاب جا مکيہ موضوع، سياسي معاشيات، ڪرونا جي وبا جا سماجي نظامن خاص ڪري سرمائيداري نظامن تي ۽ سماج جي مختلف شعبن خاص طرح صحت، تعليم ۽ سياسي سرشتن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيل آھي۔ ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ٽن حصن ۾ ورھايل آھن. پھرين ۽ ٻئي حصي ۾ 2020/2019 دور جي سياسي ۽ معاشي مسئلن متعلق مضمون آھن. ٽئين حصي ۾ خاص ڪري ڪورونا جي صورتحال ۽ ان مان جنم وٺندڙ صحت، معاشيت سماجي ۽ سياسي مئسلن تي مشتمل مضمون آھن. اھي مضمون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙھيل ۽ اخبارن ۾ ٿوري فرقن سان ڇپيل آھن. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ مضمون اندازن 20 کان 22 سال پراڻا آھن. اھي  مضمون ان وقت جي معاشي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا ھئا.

Title Cover of book ڪرونا وائرس  ۽  سياسي معيشت

پاڪستان ۽ ايشيائي معيشتون

سڄي دنيا ۾ (سواءِ چند ايشيائي ملڪن جي) گذريل چند سالن ۾ ۽ خاص ڪري 90ع کان پوءِ معاشي سرگرميءَ جي رفتار سست رهندي آئي آهي. بين الاقوامي معاشي لاڙا نوان رخ اختيار ڪري چڪا آهن، توڻي جو مواصلات جا جديد ذريعا ايجاد ڪيا ويا آهن، سائنسي ترقيءَ جي رفتار به تيز ٿي وئي آهي، سموري دنيا جي ملڪن جو هڪٻئي تي معاشي دارومدار وڌي ويو آهي، پر انهن سمورن سببن هوندي به مختلف علائقن ۽ ملڪن تي معاشي ترقيءَ لاءِ اثر ڪندڙ فيڪٽر ڌار ڌار ۽ پيچيده نوعيت جا آهن، جن کي سمجهڻ ضروري آهي.
گذريل ڏهاڪي ۾ خاص ڪري سياسي ۽ فوجي تبديليون، نار واري جنگ، بوسينا جي جنگ، روسي گهرو ويڙهه، فلسطين جو معاملو، بين الاقوامي سياسي ۽ معاشي حڪمت عمليون، جيئن ايسٽ ايشيا جي ملڪن ۾ معاشي رٿابندي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ حيرت انگيز تبديليون، اهي سڀ فيڪٽر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ پيداوار تي خاص اثر ڇڏين ٿا. 1975ع جي “آئل شاڪ” وانگر نار جي جنگ جي ڪري سڄي دنيا جي تمام گهڻن ملڪن تي قيمتن جو اثر سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح پيو. تيل درآمد ڪندڙ ملڪن جي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي واڌ يعني افراطِ زر درآمد ۾ اضافو ۽ نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ (سواءِ چند ايشيائي ملڪن جي) معاشي سرگرمي سست رهندي آئي آهي.
پر سڄي دنيا ۾ معاشي سستي هوندي به ايشيائي ملڪن ۾ ترقيءَ جي واڌاري جي رفتار زبردست رهي آهي. سالياني سراسري ترقيءَ جي رفتار 8 (Growth Rate) سيڪڙو آهي. ان ۾ به خاص ڪري چين ۽ جاپان جي معيشت ۾ حيرت انگيز ۽ زبردست ترقيءَ جو وڏو هٿ آهي.
“نئين صنعتي معيشت”(Newly Industrialized Economies) وارن ملڪن، يعني ڪوريا، تائيوان، سنگاپور، هانگ ڪانگ، فلپائين، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا زبردست معاشي منصوبه بنديءَ ۽ بهتر معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ جيڪي معاشي ڇال ڏنا آهن، انهن جو مثال سڄي دنيا جي معاشي ترقيءَ لاءِ هڪ ماڊل آهي. انهن علائقن ۾ خاص ڪري طلب کي قابو ڪري، عام ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ اضافو ڪري، سيڙپڪاريءَ کي همٿائي، پرائيوٽ سيڪٽر کي هٿي ڏياري ۽ ان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ ڪشش پيدا ڪري، سرڪاري ترقياتي خرچن ۾ اضافو ڪري، بنيادي انفرا_اسٽرڪچر ۽ مواصلات جون سهولتون پيدا ڪري، زميني سڌارا آڻي، تعليم ۽ صحت تي خرچ وڌائي، بين الاقوامي واپاري رخن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪري، ادائيگين جي توازن ۽ ڪرنسيءَ جي طاقت کي مضبوط رکي، انهن ملڪن حيرت انگيز حد تائين معاشي ترقي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري اُهي ايشيائي ديو يا ايشيائي ٽائيگر سڏجن ٿا.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اُهي ڪهڙيون محرڪ پاليسيون آهن، جيڪي انهن ملڪن جي ترقيءَ کي اسان کان جدا ڪري بيهارين ٿيون؟ جواب آسان آهي ته اسان جون معاشي پاليسيون “اندرون مائل” (Inward Orientated)رهيون آهن، جنهن ۾ معاشي ترقيءَ لاءِ پنهنجن سرمائيدارن کي فائدو ڏئي، کين مضبوط بڻائي، وڏا فائدا حاصل ڪرائي ۽ انهن پئسن ۽ سرمائي کي ٻيهر سيڙپڪاريءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. 1950ع کان وٺي اها پاليسي هئي، پر بدقسمتيءَ سان ٿيو ڇا؟ بنيادي طرح اها پاليسي ئي غلط هئي ته ڪو ترقي ائين سرمائيدارن کي فائدا ڏيڻ سان ٿيندي. فائدا ڪهڙا هئا، هر طرف هر انڊسٽري/صنعت کي هر قسم جو بچاءُ هو، ٽئڪسن ۾ ڇوٽ هئي، اوڀر پاڪستان جو واپاري واڌو سرمايو به هنن کي ڏنو ويو، اڃا نه رڳو هڪ مثال ته صنعتڪاريءَ لاءِ سهولتون ڏنيون ويون. اوڀر ايشيا جي ملڪن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته انهن جون پاليسيون “ٻاهر مائل برآمدات” (Out Ward Orientated) ۾ اضافو ڪرڻ واريون پاليسيون رهيون آهن. انهن پنهنجن سرمائيدارن کي بين الاقوامي معيشت ۾ مقابلي لاءِ تيار ڪيو، کانئن آهستي آهستي رعايتون واپس ورتيون ويون، ناڻي جي واڌ کي ڪنٽرول ڪيو ويو، ايڪسچينج ريٽ کي گرفت ۾ رکيو ويو، ٻئي طرف اسان جي معيشت ۾ سرڪاري ڪردار جاري رهيو. سرڪار پنهنجن من پسند ماڻهن کي نوازيندي رهي، انهن کي پرمٽون، قرض ۽ صنعتون هڻڻ لاءِ فائدا ڏيندي رهي، سرڪاري تحويل ۾ ورتل صنعتن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي رهي، انهن ۾ اوور امپلائيمينٽ ۽ حڪومتي عمل دخل گهڻو رهندو آيو، جڏهن ته ايسٽ ايشين ملڪن جي معيشت ۾ نجي شعبي کي هٿي ڏني وئي، اتي مقابلي بازيءَ جو رجحان وڌندو رهيو، سرڪاري عمل دخل کي بلڪل ختم ڪيو ويو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ ٻاهرئين سيڙپڪاريءَ کي Attract ڪرڻ لاءِ ايڪسچينج ريٽ پاليسيءَ کي مضبوط بڻائي، انفرا_اسٽرڪچر، مواصلات ۽ ماهر ليبر فورس پيدا ڪري، ٻاهرئين سرمائيدار کي آئيڊيل گهربل سهولتون پيدا ڪري ڏنيون ويون ۽ مشينري به گهڻ ليبر کپائيندڙ لڳائي وئي ته جيئن روزگار ۾ به اضافو ٿي سگهي ۽ ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ به اضافو ٿئي. ساڳئي وقت زراعت ۾ زميني سڌارن زمينداري ۽ جاگيرداريءَ جو رات وچ ۾ خاتمو ڪري ڇڏيو.
هاڻي جڏهن اسين ڀيٽ ڪنداسين ته اسان جو ليبر جو مناسب سرمايو جاپان کان به وڌيڪ آهي، يعني اسان جون صنعتون سرمائي مائل گهڻيون آهن، ليبر فورس کي هضم ڪرڻ کان قاصر آهن، اهي روزگار جا وسيلا مهيا نٿيون ڪري سگهن ۽ هڪ تحقيق (پاشا، اڪبر) مطابق کين ليبر مائل ڪرڻ به ممڪن ئي نه آهي. اسان وٽ سماجي نابرابري وڏي آهي، هڪ طبقي کي روزگار ته ڇا کيس زنده رهڻ لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق به سهولت ڪانه آهي. اهڙي آباديءَ جو تعداد 45 سيڪڙو آهي. اها گذريل سال ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ آهي. شرمندگيءَ جي حد تائين غربت آهي ۽ ٻئي طرف پاڪستان جو امير ڪلاس آهي جيڪو مڪمل طرح معاشي ۽ سياسي گرفت رکي ٿو. سندن تعلق هڪ نه ٻئي فارم ۾ حڪمران ڌر سان ئي آهي، چاهي اها مارشلا هجي، مسلم ليگ هجي يا پيپلز پارٽي هجي. اهوئي سبب آهي جو زميني سڌارا به بار بار ناڪاميءَ جو شڪار ٿيا آهن. بنيادي سهولتن جي وڏي کوٽ آهي. هڪ وڏي آباديءَ کي، تقريباً 78 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻيءَ جي سهوليت نه آهي. 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي بجليءَ جي سهوليت ڪانهي. تعليم ۽ صحت جي صورتحال سڀ ڪنهن کي خبر آهي، پر انهيءَ کان به وڌيڪ معاشي ترقيءَ لاءِ جنهن سرمائي ۽ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۾ ان جي کوٽ آهي. ٻاهريان سرمائيدار چريا ڪونه آهن، اهي هڪ هڪ شيءِ جي تحقيق ڪن ٿا ۽ سوچي سمجهي سيڙپڪاري ڪن ٿا. ڀلا سوچجي ته جنهن ملڪ ۾ افراطِ زر (Inflation) 15 سيڪڙو کان وڌيڪ هجي، قرض کڻڻ لاءِ Interest Rate يا وياج جو اگهه لڳ ڀڳ 18 يا 20 سيڪڙو هجي، بجيٽ ۾ خسارو 120 ارب روپيا هجي، اسٽاڪ مارڪيٽ جي صورتحال اها هجي جيڪا اڄڪلهه آهي، پرائيويٽائيزيشن جي پروسيس ۾ ايڏيون ڌانڌليون هجن، روز قيمتن تي ايڏو وڏو واپار هجي، سال ۾ چار- چار دفعا ڊي ويليوئيشن ۽ تيل جا اگهه وڌندا رهن ۽ حڪومت جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي ڪا سڌ نه هجي، اتي ڪي پاڳل سرمائيدار ئي سيڙپ ڪري سگهن ٿا.
سرڪار جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ اربين روپين جي “ياداشت نامن” جي صحيح ڪرڻ جي باوجود، تمام وڏين رعايتن جي اعلان ڪرڻ جي باوجود، سيڙپڪاريءَ نالي ڪا شيءِ نظر ڪونه ٿي اچي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ هزار ملين ڊالر جي سيڙپڪاري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ۽ 500 ملين ڊالر جي انرجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٿي آهي. (ڏسو اسٽيٽ بئنڪ جي سالياني رپورٽ) جڏهن ته ياداشت نامن تي ٻه سال اڳ تقريباً 10 ارب ڊالرن جون صحيحون ٿي چڪيون هيون.
اسان جا حڪمران روزانو پيا اعلان ڪندا آهن ته ملڪ ۾ معاشي ترقيءَ جي رفتار تيز آهي، پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ قرض وٺندڙ نه بلڪه قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو، پر حالت هيءَ آهي ته ملڪي وسيلن جو ذري گهٽ اڌ حصو قرض ۽ انهن جي وياج تي پورو ٿي وڃي ٿو. بين الاقوامي ادارا اڳ جيڪو قرض بجيٽ خساري جي 50 سيڪڙو کان به گهٽ ڏيندا هئا، هينئر اسان جي افعالن جي ڪري اسان 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ گهر ڪيون ٿا. ملڪ جي حڪمرانن جو رويو هي آهي ته بجيٽ جيئن ويجهي ايندي ته دفاعي خرچن ۽ ضرورتن لاءِ نعري سازي به وڌي ويندي، روز نعرا: “حڪومت پنهنجي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪري ڄاڻي.” “دفاعي خرچن ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿيندي.” “دفاعي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.” “ملڪ جي ايٽمي پاليسيءَ تان هٿ نه کڻبو.” جنهن جو مطلب هي آهي ته عوام جي ٽئڪس جو 35 سيڪڙو، يعني لڳ ڀڳ 140 ارب روپيا دفاع تي خرچ ڪيا ويندا، جيڪو ملڪ جي 50 سالن جي پرائمري تعليم قربان ڪرڻ جي برابر آهي. اسان جي ملڪ جي فوج جو معيارِ زندگي دنيا جي ڪنهن به سڌريل ملڪ جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه آهي. سندس پيشيوراڻين مهارتن جو مثال بلوچ، بنگالي ۽ سنڌي ماڻهو 70، 74 ۽ 83ع ۾ ڏسي چڪا آهن.
هاڻي ڏسجي ته انهن معاشي پاليسين ۽ حالتن هوندي، اسان جو ملڪ ايشيائي ٽائيگر ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندو؟
هي جيڪي ايشيائي ديو هيڪل معيشتون آهن، انهن ڪو رات وچ ۾ پاڻ کي خوشحال ۽ مضبوط نه ڪيو آهي، پر تمام ٿوري عرصي ۾ مضبوط معاشي منصوبه بندي، ڏاهپ ۽ حڪمت عملين سان پاڻ مڃايو آهي. جاپان ۽ چين جو جيڪڏهن مثال نه وٺجي، تڏهن به ڪوريا، تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور ان ڏس ۾ بهترين مثال آهن، جن Strategic Trade Theory تحت، مختلف شعبن کي رعايتون ڏئي، کين سڄي دنيا سان مقابلي لاءِ تيار ڪيو. بعد ۾ انهن شعبن سڄي دنيا ۾ غير معمولي ڪارناما سرانجام ڏنا، جيئن ڪوريا ۽ جاپان جي آٽو موبائيل انڊسٽريءَ جي شين، آمريڪن ڪارن جي مارڪيٽ کي وڏو ڌڪ هنيو. ڪوريا هيوي انڊسٽري لڳائڻ لاءِ، جتي اُجرتون پهريائين گهٽ هيون، وياج جي اگهه کي گهٽ رکي، ڪچن مالن تي رعايتون ڏئي، صنعتن کي بين الاقوامي مقابلي لاءِ تيار ڪيو. ٻئي پاسي اسان پنهنجين صنعتن کي Infant Industry جي دليلن ۽ رعايتن ھيٺ ھلايو.

روزاني عبرت فيبروري، سيپٽمبر 1996ع