ڪالم / مضمون

ڪرونا وائرس ۽ سياسي معيشت

هن ڪتاب جا مکيہ موضوع، سياسي معاشيات، ڪرونا جي وبا جا سماجي نظامن خاص ڪري سرمائيداري نظامن تي ۽ سماج جي مختلف شعبن خاص طرح صحت، تعليم ۽ سياسي سرشتن تي پوندڙ اثرن جو تجزيو ڪيل آھي۔ ھن ڪتاب ۾ شامل مضمون ٽن حصن ۾ ورھايل آھن. پھرين ۽ ٻئي حصي ۾ 2020/2019 دور جي سياسي ۽ معاشي مسئلن متعلق مضمون آھن. ٽئين حصي ۾ خاص ڪري ڪورونا جي صورتحال ۽ ان مان جنم وٺندڙ صحت، معاشيت سماجي ۽ سياسي مئسلن تي مشتمل مضمون آھن. اھي مضمون مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙھيل ۽ اخبارن ۾ ٿوري فرقن سان ڇپيل آھن. ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ مضمون اندازن 20 کان 22 سال پراڻا آھن. اھي  مضمون ان وقت جي معاشي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي نظر ۾ رکندي لکيا ويا ھئا.

Title Cover of book ڪرونا وائرس  ۽  سياسي معيشت

ڪرونا وائرس ۽ ناڻي جي ڪن ۾ ڦاسندڙ عالمي معيشت

ڪرونا وائرس جو لقاءُ ڇا آهي؟ ان لقاءَ سڄي دنيا جي چالو معاشي، مالياتي نظام کي ڪيئن لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو آهي؟ ڪرونا وائرس جي وبا، عالمي طاقت جي توازن، معاشي درجي بندين ۽ حڪومتي نظامن جا چرخا بيهاري ڇڏيا آهن، ڪرونا وبا، جيڪڏهن رات وچ ۾ ختم به ٿي وڃي ته به معاشي ۽ مالياتي نظامن ۾ جيڪو لاٿ يا جمود آيو آهي يا اچڻو آهي، اهو عالمي سياسي، معاشي توازن، سوچ ۽ فڪر کي وسيع پس منظر ۾ متاثر ڪندو.
هن مضمون ۾ اسين اهڙين ئي تبديلين جو ڇيد ڪري، ڪجهه اهم نتيجا ڪڍنداسين.

ڪارين بدڪن وارو نظريو:
سائنسي ٻوليءَ ۾، ڪرونا وائرس جهڙن لقائن ۽ واقعن متعلق هڪ نظريو آهي، جنهن کي پاڻ اهڙا لقاءُ ۽ واقعا سڏيون ٿا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن، غير يقيني طور، اوچتو، دماغ چرخ ڪندڙ واقعا يا لقاءَ هجن ٿا، جن جي رونما ٿيڻ جا امڪان نه هئڻ برابر يا تمام گهٽ هجن ٿا، ان نظريي کي سائنسي ٻوليءَ ۾ “ڪارين بدڪن وارو نظريو” يا ‘بليڪ سوائن’ نظريو سڏجي ٿو. ظاهر آ، بدڪون ڪاريون نه ٿينديون آهن ۽ ڪارين بدڪن جو پيدا ٿيڻ، اصطلاحي معنى ۾، امڪان تمام ٿورو ٿئي ٿو. اهڙو نظريو هاروڊ يونيورسٽيءَ ۾ لبناني پروفيسر، نسيم نڪولس طالب ڏنو آهي. هن جي چواڻي ته اهڙي قسم جا لقاءَ يا واقعا، جيڪي تقريباً ناممڪن هجن ٿا، تمام اهم ۽ اثر وجهندڙ هجن ٿا، جن جي اڳڪٿيءَ جو ذري جو به امڪان نه هجي، جن جي اچڻ، نازل ٿيڻ جو امڪان عام رواجي اُميدن جي ابتڙ هجي ٿو. اهڙا لقاءَ ۽ واقعا تاريخ، سائنس، ماليات يا ٽيڪنالاجيءَ جي اميدن ۽ امڪانن جي ابتڙ متوقع ٿين ٿا. پروفيسر نسيم نڪولس طالب جي ڪارين بدڪن واري نظرئي موجب اهڙا اڻ ٿيڻا لقاءَ ۽ واقعا، جيڪي زبردست ۽ وڏي پئماني تي تاريخ ۾ وڏو ۽ اهم اثر ڇڏين، اهڙا غير معمولي واقعا ۽ لقاءَ عام رواجي واقعن ۽ لقائن جي ڀيٽ ۾ وڏو اثر پيدا ڪن ٿا. انهن جي اچڻ يا رونما ٿيڻ جو امڪان ڄڻ ته ڪائي خبر نه هجي يا خاموشيءَ سان اوچتو رونما ٿين.
ڪرونا وائرس به اهڙين ڪارين بدڪن جهڙو هڪ وڏو ۽ تمام اهم تاريخي لقاءُ آهي، جنهن کي هڪ وبا طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اها وبا ڪيئن ڦهلبي ۽ ڪٿي وڃي دنگ ڪندي؟ هيءَ وبا ڪيتري وقت کان پوءِ ختم ٿيندي؟ ويندي به يا نه؟ ڪوبه سائنسي، غير سائنسي ماڻهو اڳڪٿي ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو. ان وبا ۾ ڪيترا ماڻهو بيمار ٿيندا ۽ ڪرونا وائرس ڪيترا انسان ڳڙڪائيندو. هينئر تائين هڪ اندازي موجب هڪ لک 70 هزار ماڻهو موت جي ننڊ سمهي چڪا آهن. (اهي روزانو اڃان وڌندا ئي رهن ٿا) ۽ تقريباً 52 لک کان به وڌيڪ ماڻهو ان وبا ۾ وڪوڙجي چڪا آهن.
ڪرونا وائرس نه رڳو عالمي صحت جي نظام جا بحران پيدا ڪيا آهن، پر گڏوگڏ معاشي ۽ سياسي اثر به ڇڏيا آهن. هن وبا سڄي دنيا جي عوامي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي. سڄي دنيا جي معاشي پيداوار هڪ هنڌ بيهجي ويئي آهي. ڪارخانا، ملون، سرڪاري توڙي غير سرڪاري، ڪاروبار، هوائي سفر، بئنڪون ۽ واپار جا ٻيا وسيلا سڀ بند ٿي يا سڪڙجي چڪا آهن. سڄي دنيا جي آمدورفت بند ٿي چڪي آهي. ان ڳالهه ۾ هاڻي ڪنهن وڌاءَ جي گنجائش ئي نه رهي آهي ته بظاهر چين مان شروع ٿيل ڪرونا وائرس سڄي دنيا جي صحت ۽ واپار کي متاثر ڪندي، طبي ۽ معاشي تباهيون آڻيندي، وڏين وڏين ڪمپنين، واپارين، ڪارپوريشنن ۽ صنعتن کي خساري ۾ وجهندي، وڏي تباهيءَ هيٺ آڻي بيهاري ڇڏيندو. اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪسون ۽ عالمي تيل جون قيمتون منهن ڀر ڪري چڪيون آهن. ڪيترن هوائي جهازن، سير سفر جي ڪمپنين جا منصوبا ٻڏتر جو شڪار آهن. جهاز ايئرپورٽن تي پارڪ ٿي چڪا آهن، هوٽلون خالي ٿي چڪيون آهن، ٽوئرسٽ ملڪن مان سياحن جي واپسي شروع ٿي چڪي آهي. خريدارن وڏا وڏا آرڊر ڪينسل يا واپس ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن طلب هڪدم گهٽجي وڃي ته رسد جي به اسپيڊ بريڪر تي بريڪ لڳائڻو پئجي وڃي ٿو. هن وبا جي ڪري سڄي دنيا جي معاشي ماهرن جو خيال آهي ته سڄي دنيا ۾ معاشي لاٿ ته اڳ ۾ ئي هئي، پر هاڻوڪي ڪرونا وائرس جي وبا، يورپ، آمريڪا، جپان ۽ ٻي دنيا جي معيشت ۾ هڪ وڏي عالمي ڪساد بازاري يا معاشي لاٿ کي جنم ڏنو آهي، جنهن جا معاشي نقصان تمام گهڻ طرفا ٿيندا.
سڄي دنيا ۾ ۽ خاص ڪري چين ۾ وڌندڙ بي چيني، عام جنسن ۽ شين جي طلب کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. روسي ۽ چيني ملڪن تيل جي تعاون واري تنظيم ۾ تيل جي عالمي رسد ۽ قيمت تي متفق نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ روس تيل جي پيداوار گهٽ ڪرڻ واري سعودي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. روس جي اهڙي راضپي سان عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ استحڪام/ مضبوطي اچي ها. روس جي انڪار/ متفق نه ٿيڻ جي نتيجي ۾، سعودي عرب جي حڪمت عمليءَ تحت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي عالمي قيمتن، پنهنجي تاريخي لاٿ ۾ وڃي ترو ورتو آهي. ٿوري عرصي لاءِ قيمتن جي اهڙي گهٽتائي خريدارن ۽ صنعتن کي فائدو ته ڏيندي، پر ان نفسياتي خوف، معاشي لاٿ ۽ ڪرونا وبا عالمي مالياتي نظام ۾ اهڙي ته ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي آهي، جو نه صرف اسٽاڪ مارڪيٽون ۽ منڊي ڌڙام سان پٽ اچي پيون آهن، پر معيشتون به ويهجي ويون آهن. هينئر ته اهو امڪان به وڌي ويو آهي، ته ڪٿي عالمي معاشي نظام نه منهن ڀر ڪري پوي. سڄي دنيا جا ملڪ ۽ مرڪزي بئنڪون، پارليامينٽون ۽ حڪومتون، بچاءَ جا معاشي پيڪيج تيار ڪري رهيون آهن. ظاهر آهي ته معاشي بچاءَ جا پيڪيج اتان جي حڪمران طبقن، وڏين ڪارپوريشنن ۽ بئنڪن جو بچاءُ ڪندا، نه ڪي محروم ۽ غريب طبقن جو. آمريڪي سينيٽ ٻه کرب ڊالرن (ٻه هزار ارب ڊالرن) جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، جيڪو ڪمپنين، ڪارپوريشنن ۽ عوام کي هن موقعي تي رليف/بچاءُ فراهم ڪندو.
پاڪستان به 1200 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. ان کي معاشي ٻوليءَ ۾ اسٽيمولس پيڪيج يا “زور وٺرائڻ”وارو پيڪيج سڏبو آهي. ان کي معاشي زبان ۾ “هيلي ڪاپٽر ناڻو” سڏي سگهجي ٿو. اهڙو هيلي ڪاپٽر ناڻو، هيلي ڪاپٽر وانگر اڏاري ماڻهن جي کيسن ۾ وجهجي، ته جيئن هو خرچ ڪن ۽ معيشيت جو ڦيٿو هلڻ لائق ٿئي. سوال آهي ته هاڻي اهڙو ناڻو بيٺل معيشت کي زور وٺرائيندو به يا نه؟ ان ڳالهه جو دارومدار ان تي آهي ته معيشت ۾ لاٿ ڪيتري قدر سخت آهي ۽ بحران ۽ وبا سرشتي کي ڪيتري قدر وڪوڙيل آهن. اهڙن پراڻن بحرانن جي نوعيت سادي هئي، ٿوري عرصي لاءِ معاشي لاٿ ٿيندي هئي، معيشتون وري واڌاري جي دڳ تي جلد واپس چڙهي وينديون هيون. هينئر ڪرونا وائرس جي وبا جي شدت تيز آهي، انهيءَ ڪري بحرانن جي نوعيت به ٻي هوندي. ان تي اثرانداز ٿيندڙ عنصر به مختلف هوندا. ان سڄي ڳالهه جو دارومدار ان تي آهي ته وبا جي شدت جو عرصو ڪيترو ڊگهو يا مختصر آهي.
هن قسم جي جهٽڪي، سڄي دنيا جي بيمار مالياتي نظام جي رڳن ۽ عضون ۾ خوف ڊوڙائي ڇڏيو آهي. بيمار عالمي مالياتي نظام جيڪو 2008ع جي بحرانن ۾ اڳ ۾ ئي جمود جو شڪار هو، پر کيس ڀلي ڀت خبر هئي ته عام آمريڪي، يورپي آبادي، ڪارپوريشنون ۽ حڪومتون اڳ ۾ ئي قرضن ۾ ورتل آهن. چين جون بئنڪون، ريئل اسٽيٽ ڪمپنيون، نجي ۽ سرڪاري ڪارپوريشنون، صوبا، سڀ جا سڀ قرضن ۾ وڪوڙيل آهن. ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني ملڪن جون حڪومتون ۽ نجي شعبا پڻ قرضن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. يورپي بئنڪون به 2008ع جي بحران مان اڃان ڪر کڻي سڌيون ٿيون ئي ناهن. يونان، اٽلي، اسپين، پورتگال جي قرضن ۾ ٻڏل معيشتن اڃان پراڻن بحرانن مان ساهه ئي نه پٽيو آهي ته وبائي وهڪري ۾ سندن معيشتون هڪدم ويهجي ويون آهن. سيڙپڪار جهڙي نموني مارڪيٽن مان پنهنجيون سيڙپڪاريون ڪڍي رهيا آهن، ان مان ته لڳي ائين ٿو ته حڪومتن کي جيڪڏهن سڀاڻي خساري يا گهاٽي عيوض پنهنجا سرڪاري بانڊ وڪرو ڪرڻا پون ته سندن بانڊن جو خريدار به ملڻ مشڪل ٿي پوندو. سڄي دنيا جي مرڪزي بئنڪن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي ته هي تاش جي پتن وانگر ٺهيل مالياتي گهر ڊهي پٽ نه پئجي وڃن. ڪرونا وائرس عالمي مالياتي بحرانن کي ڄڻ هڪ چين/زنجير جي لڙهي ۾ پوئي عالمي مالياتي ۽ معاشي بحرانن جي حرڪتن کي ڄڻ تيز ڪري ڇڏيو آهي.
2008ع جي بحرانن کي حڪومتن، بئنڪن ۽ عوام جي ٽيڪس جي سهاري کڻي منهن ڏنو هو، پر هن دفعي عالمي مرڪزي ڍانچي ۾ بئنڪون هن وبائي طوفان مان جنم وٺندڙ معاشي ۽ مالياتي بحرانن کي منهن ڪيئن ڏيئي سگهنديون؟ سڄي دنيا ۽ خاص ڪري سرمائيدار ملڪن ۾ وياج جا اگهه اڳ ۾ ئي ٻڙيءَ جي برابر هئا. بئنڪن ۾ اڻ کٽ ناڻو موجود هو، تڏهن به معيشتون پاڻ ڀريون ڪونه ٿيون، هينئر ته نه صرف بحران آهي پر خوف به آهي، منڊيون بند آهن، کپت ٻڙيءَ تي آهي، اتي اهڙي خوف کي مرڪزي بئنڪون ڪيئن منهن ڏينديون؟ سڄي دنيا جي ناڻي وارين پاليسين، جن کي مانيٽري پاليسون سڏجي ٿو، وائڙيون ۽ بتال آهن ته هن صورتحال ۾ ڪجي ته ڇا ڪجي؟ ان جو سبب آهي ته بحران هينئر رڳو معاشي نوعيت جا نه آهن، طبي ۽ مالياتي به آهن. حڪومتن لاءِ سڀ کان وڏا درپيش چئلنيجز/مقابلا يا مشڪلاتون هي آهن ته ڪيئن انسانن کي هن وبا مان بچائجي؟ ظاهر آهي ته تمام گهڻين حڪومتن جا خول، پول ئي کلي پيا آهن ته ڇا واقعي اهڙي وبا کي منهن ڏيڻ جي حقيقي معنى ۾ منجهن لياقت ۽ صلاحيت به آهي؟ سڄي دنيا جي عوام هينئر سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته خاص ڪري هن وبا جي صورتحال ۾ حڪومتن جي اجگر، وڏين فوجين، هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ طاقتن هجڻ باوجود، جيڪڏهن وبا کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به نه اٿن ته پوءِ حڪومتن جي هئڻ يا نه هئڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
سڄي دنيا جي تاريخ ۾ ۽ خاص ڪري آمريتن ۽ بادشاهتن ۾ مضبوط آمر، حڪومت يا رياست جي هئڻ جو دليل ئي اهو هوندو آهي ته بادشاهه/ رياست، “جان ۽ مال جي حفاظت” ڪري سگهي. پوئتي پيل حڪومتن، سامراجي ۽ سرمائيدار ملڪن جي رياستن، طاقت ۽ حڪومتن جو ڄڻ ته پول ئي ويتر کلي پيو آهي. منجهن بحرانن کي حل ڪرڻ يا منهن ڏيڻ جي بنيادي طرح صلاحيت ئي نه آهي. ان جي ابتڙ چيني صدر شي ۽ چيني عوام ان ڳالهه کي نه صرف سمجهيو پر پنهنجي تاريخي تجربن آهر، “عوامي جنگ” جو اعلان ڪري، هن مصيبت کي ڪنهن به قيمت تي ڪنٽرول ڪرڻ جا نه صرف اپاءَ ورتا پر سڄي دنيا کي واهر ۽ مدد ڪرڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيو. باقي سڄي دنيا ۾ حڪومتن جي غير سنجيده رويي، وبا کي منهن ڏيڻ ۽ اپائن تي عوام پنهنجن حڪمرانن تي سخت ناراض آهي. هڪ اندازو هي به آهي ته جيڪڏهن وقت جي حڪمرانن اهڙين آفتن ۾ پنهنجي عوام جي مالڪي نه ڪئي ته کين عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ خاص طور تي ايندڙ اليڪشن ۾ سندن کٽڻ ۽ نه کٽڻ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته هن وبائي آفت کي منهن ڏيڻ وقت، سندن ڪردار ڇا هو. سڄي دنيا جي محڪوم ۽ مظلوم طبقن ۽ ٻي عوام کي چڱيءَ ريت خبر آهي، ته هر بحران، جنگين، زلزلن ۽ غير معمولي حالتن جو نزلو ۽ بار عوام تي ئي پوڻو آهي. سڄي دنيا جا ملڪ ۽ رياستون 2008ع جي بحرانن ۽ قرض جي بحرانن مان اڃا نڪتا ئي نه هئا ته سرمائيدار مرڪزي ملڪن شام، لبيا، عراق، يمن ۽ افغانستان سان جنگيون ڇيڙي ڇڏيون آهن. جيڪي ٿوريون گهڻيون، نالي ماتر، ڪوڙيون ۽ سرمائيدار ملڪن جون ڳيجهو جمهوريتون آهن، انهن کي پنهنجي وزن ۽ طاقت جي خبر آهي. کين خبر آهي ته بجيٽ جو اڌ قرض ۽ اڌ دفاعي ۽ فوجي خرچ انهن جي حوالي آهي. معاشي پاليسيون سالن کان قرضن جي قسطن، ٻاهرئين قرض ۽ امدادن جي حوالي آهن. ناڻي ۽ مالياتي پاليسين جا فائدا مٿين طبقن جي هٿ ۽ فائدي ۾ آهن. سندن بنيادي صحت ۽ تعليم پوئتي پيل، فرسوده، ناڪاره ۽ گهڻي ڀاڱي عوام دشمن نظامن تي ٻڌل آهن. صحت تي خرچ ٽوٽل قومي بجيٽ جو هڪ اڌ سيڪڙو مس آهي. سندن عوام جي زندگي جانورن جهڙي آهي. عوام کي به خبر آهي ته سندن حڪمران سورما اهڙن بحرانن/ لقائن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري صلاحيتن رکن ٿا. عوام کي خبر آهي ۽ هينئر سخت ڪاوڙ به آهي ته سندن غدار حڪمران، لالچي ۽ عوام دشمن طبقا آهن. اٽلي ۽ اسپين جو عوام، حڪمرانن کان سخت نارض آهي. ان جي باوجود توڙي جو تڙ تڪڙ ۾ حڪمرانن نجي اسپتالن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پر رڳو هڪ هفتي ۾ 50 هزار ماڻهن کي وائرس ظاهر ٿيڻ ۽ هڪ هفتي اندر وبا کان متاثر ماڻهن جو تعداد هينئر تائين چين ۾ موت جي تعداد کان وڌي ويو آهي. آمريڪا ۾ ته اهو سڀني ملڪن کان مٿي سرندو ٿو وڃي. اٽليءَ جو عوام حڪمرانن کان سخت ناراض آهي ته هو سڀ کان پهرين پنهنجي عالمگيريت هيٺ ناڻي ۽ ڪرنسي کي وڃائي ويٺا، شام ۽ لبيا ۾ جنگين جي نتيجي ۾ نه صرف مهاجرن کي منهن ڏيڻو پئجي وين، ملڪ اڳ ۾ ئي قرضي، مٿان معاشي ۽ حڪمرانيءَ جا بحران. هن وبا اٽليءَ جي ڪرپٽ حڪمرانن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. خود حڪومتون عوام لاءِ نه رڳو استحصالي ۽ ڪرپٽ بلڪ زهريليون وبائون ٿي چڪيون آهن. هينئر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ئي نه رهيو آهي ته سرمائيدار ملڪن جون لبرل معيشتون معاشي طرح مڪمل طور ناڪام ٿي چڪيون آهن. انهن ۾ برازيل، برطانيه، انڊيا ۽ پاڪستان جهڙيون رياستون يا حڪومتون ڇونه هجن، جتي وڏا وڏا طاقتور جمهوري ملڪ به وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن ته پوئتي پيل ملڪن ۾ سرمائيدار ملڪن جا تعبيدار، پنهنجي عوام جو رت چوسيندڙ حڪمران طبقا، پنهنجي عوام ۽ انهن جي زندگين کي هن ڏکئي وقت ۾ ڪهڙو بچائيندا؟
هينئر عوام ۽ محڪوم طبقن جون زندگيون ۽ آزاديون “لاڪ ڊائون” جي ور چڙهيل آهن. حڪمران غائب آهن. ڪرفيو ۽ ايمرجنسيون ڪڏهن ختم ٿينديون، ڪا خبر نه آهي. چين ۽ ان جي عوام، پنهنجي عوام ۽ دنيا سان سالميت ۽ گڏيل سهڪار جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي ۽ اولهه ۽ سرمائيدار ملڪن جي شخصي پڻي ۽ ذات تائين محدود دنيا جي ڪِلي کولي ڇڏي آهي. پنهنجو پاڻ کي گهرن ۾ بند ڪري، “سماجي وٿي” برقرار رکي آهي، هن وبا کي منهن ڏنو آهي. اولهه ۽ خاص ڪري آمريڪا ۽ ٻين سرمائيدار ملڪن ۾ وبا جي ڦهلجڻ جو هڪ وڏو سبب اتان جي عوام جي صحت جو نظام آهي، جيڪو بيمار کي اسپتال کان پري ٿو رکي، بيمار خوف وچان اسپتال ئي نٿو وڃي ته سندس وڃڻ ۽ علاج شرط هڪ وڏي رقم واري بل کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. اسپتالون، انشورنس ڪمپنين جي مالڪيءَ هيٺ آهن. پوئتي پيل ملڪن ۽ پاڻ جهڙن ملڪن ۾ جتي سهوليتون ئي اڻ پوريون، آباديءَ جو دٻاءَ، رهڻ لاءِ محدود گهر، اتي “سماجي وٿي” ڪجي ته ڪجي ڪيئن؟ جتي ماڻهن ۽ وڏي آباديءَ جو گذر ئي “آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا” تي هجي. اتي سالميت جيڪڏهن ڪم ڪري ته ڪيئن ڪري؟ ڪرونا وائرس دراصل عوام ۽ حڪومت/رياست جي وٿيءَ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جا ملڪ ۽ قومون محدود سوچ هيٺ رڳو پنهنجا بارڊر بند ڪرڻ، پنهنجو تحفظ ڪرڻ ۽ ان کي ئي ترجيح ڏيڻ جي نتيجي۾ هن وبا کي عالمي طرح گڏيل سهڪار سان منهن ڏيڻ بدران کلڻ هارڪا ٿي پيا آهن.
يورپي ملڪن ۾ سالميت ته کلڻهارڪي ٿي پئي آهي. اٽليءَ ۽ اسپين کي هن ڏکئي وقت ۾ بچائڻ وارو ڪوبه يورپي ملڪ اڳتي نه آيو آهي. ايستائين جو سلوويڪيا جي صدر کُلي عام چئي ڏنو ته، “هن نازڪ وقت ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ اسان جو بچاءُ ڪري سگهي ٿو ته اهو چين آهي. يورپي سالميت ڪاغذن ۾ لکيل هڪ پرين جي ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.” چين 23 ٽن طبي امداد جا جهاز سالميت هيٺ اٽلي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن روانا ڪيا، جڏهن ته آمريڪي حڪومت ته يورپ سان فضائي رابطو ئي ڪٽي ڇڏيو، ٻڌائڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪيائين ۽ جرمنيءَ کان پنهنجي ماڻهن لاءِ، هڪ ارب ڊالرن عيوض ويڪسين جا حق خريد ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪيائين. يورپ جو عوام آمريڪا جي اهڙن عملن تي سخت ناراض آهي.